سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :26

لطيف زندگيءَ جو شاعر آهي، سندس بيتن ۾ زندگي ۽ ان جي حقيقتن جي اپٽار آهي. ڪردارن جي حوالي سان به هن سيرت نگاريءَ جو حق ادا ڪيو آهي ۽ انهن جي اندرين ۽ ٻاهرين سونهن کي اجاگر ڪيو آهي. نوري ڄام تماچي جو قصو جيئن عام مروج هو ۽ جيئن شاهه ان کي واپرايو ۽ treat ڪيو آهي اهو مختصر نموني لکڻ کان پوءِ ان تي تنقيدي نگاهه وجهنداسين ۽ ڪجهه اختلافي ڳالهين تي پڻ بحث ڪنداسين.

ڄام تماچي سنڌ جي سمن حاڪمن مان هڪ هئو سندس ڏينهن ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي ڪي مهاڻا رهندا  هئا جيڪي تمام غريب هئا، مرد ماڻهو مڏ مڪڙا موڙي يا ٻانڌين تي ويهي مڇيون ماري رڇن جا رڇ ڪلهن تي ڍوئي آڻي مياڻي تي ڍير ڪندا هئا. مهاڻيون وري مڇين کي کارين ۾ کڻي واٽن تي وڃي وهنديون هيون جتي انهن کي چيري، ٻِيرا ٻيرا ڪري گراهڪن کي وڪڻنديون هيون. سندن ڪم ککين مڇين سان هو ان ڪري گند جا گدام لڳا پيا هوندا هئا. ڪير جو سندن ڀر ۾ ويهي سگهي. جهڙا هئن جسم گدلا تهڙا هئن هڏ هيڻا، مهانڊن ۾ به ڪارا ۽ ڪوجها هئا. مگر وٽن هڪ  نينگر هئي جنهن جي سونهن جي ڪهڙي ساراهه ڪجي! شڪل شبيهه توڙي هلت چلت ۾ مهاڻي مور نه هئي. ويتر انهي ڪِن جي ڪُن ۾ املهه ماڻڪ هئي. منهن مان اهڙو نوراني حسن بکندو هئس جو کيس سڏيندا ئي نوري هئا. ڄام تماچي شيل شڪار جو نهايت شوقين هوندو هو. هڪ لڱا جيئن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪينجهر ڍنڍ جو سير پئي ڪيائين تيئن اوچتو سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي،  نوريءَ جي نيڻن ۾ اهڙو ته ڪو ڪامڻ هو جو کيس ڪي به نٿي اڄهيو. نوريءَ جي ناز اهڙو ته منجهائي وڌو هئس جو ان کان سواءِ آرام نه ٿي آيس. آخر ذات پات جا وهم ڦٽا ڪري، نوريءَ جي مائٽن کي سڏائي کانئن سندس سڱ گهريائين. مهاڻن جي ته الله ٻڌي، سو وڏي خوشي سان قبول ڪيائون. پوءِ ته شادمانا ٿي ويا. خزانن جا دروازا کلي ويا. سون ۽ رپي جون رانديون رچي ويون. هزارن جا هيرا ۽ لکن جون لعلون لٽجي ويون. مهاڻن جو به بخت وري ويو. ڍلون ۽ محصول مڙئي معاف ٿي وين ۽ ساري ڪينجهر مٿن امداد ٿي وئي. آخر ڄام نوري جي ٻانهن ۾ ٻيڙو ٻڌي، آڻي کيس راڻين ۾ راڻي ڪيو. محلات ۾ ساڻس ڏاڍا سهج ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس محبت ۾ اهڙو ته مست ٿي ويندو هو جو مورڇل کڻي بيهي مٿانس هڻندو هو. وقتي ته کس ساڻ ڪري ڪينجهر ۾ مڇي جو شڪار پيو ڪندو هو. نوري کي ايڏي اوج تي ڏي سوين سلامي ٿيندا هئا. خود سميون جي هٺ ۾ پيون ڇڄنديون هيون، تن کي به سندس اڳيان نيچ نوائڻو پوندو هو. پر اهڙي سهاڳ هوندي به نوريءَ جو من نه وڌيو. ناز هئس ته نياز جي به منجهس ڪمي ڪانه هئي. گيرب ۽ گاءُ جي ته بوءِ به ڪانه هئس. ڄام کي هميشه ائين پئي چوندي هئي ته ”آءُ عيبن ڀري مسڪين مهاڻي آهيان، پنهنجا وڙ ڪري مون نيچ کي نوازيو اٿئي، شال ڌڻي ڪندو ته تنهنجو نينهن نت نيبهه ٿيندم“ چون ٿا ته هڪ ڀيري ڄام جي دل ٿي ته نوريءَ جي نياز ۽ نئڙت جي پرک لهان، سو حويليءَ تي چوائي موڪليائين ته اڄ شام جو سڀيئي سهي سنبري ويجهو پوءِ اوهان مان جنهن کي چت چاهيم تنهن کي پاڻ سان گڏ گاڏيءَ چاڙهي گهمائڻ وٺي  هلندس“ هي نياپو سڻي سميون سينڌ سرما ڪري پاڻ کي سينگاري ويٺيون ۽ هر هڪ پئي سمجهيو ته ڄام مون کي نوازيندو. نوري نه ڪو ڪيو هو هار، نه ڪو سينگار، اٽلو پنهنجو اباڻو وڳو اوڍي نماڻي ٿي ويهي رهي هئي. ڄام مقرر وقت تي حويلي اندر آيو، سميون اوچا ڳاٽ ڪري سندس آجيان لاءِ اڳتي وڌيون ۽ ناز نخرا ڪري کيس ريجهائڻ لڳيون پر وريو ئي ڪين. نوريءَ ته ڪنڌ هيٺ ڪري نهٺائيءَ سان پئي نهاريو، ڏسڻ شرط ڄام وٽس ويو. ٻانهن کان وٺي وڃي گاڏي ۾ چاڙهيائينس. رات جو جڏهن گهمي ڦري گهر موٽيا ته سڀن راڻن جي روبرو کيس پنهنجي پٽ راڻي پڌرو ڪيائين.

عام رواجي قصي طور هن ڪهاڻي جي ڪردارن ۽ واقعن تي نظر وجهڻ سان هي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ته ڪينجهر ڪناري رهندڙ غريب مهاڻن جون زالون مڇيءَ جون کاريون کڻي واٽن تي ويهي وڪڻنديون هيون(جيئن اڃا تائين سنڌ جي درياهه ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ڪنديون آهن) نوري انهن ۾ ڪي قدر بهتر شڪل صورت ۽ رنگ روپ واري ڇوڪري هئي، جنهن کي وقت جي حاڪم شيل شڪار ڪندي ڏٺو ۽ وڻي ويس. پهرين ته ذات پات جي فرق ۽ اوچ نيچ جو خيال آس، پر نوريءَ جي اکين ۾ ڪو اهڙو ڪامڻ هو جو اهي خيال اجايا لڳس ۽ ان جي مائٽن کي گهرائي انهن کان سندس سڱ گهريائين.

ايستائين هن ڪهاڻي  ۽ مارئي جي ڪهاڻي ۾ بنهه ٿورو تفاوت آهي. عمر بادشاهه مارئي جي سونهن تي اڻ ڏٺو عاشق ٿيو هو ۽ ڄام تماچيءَ کي نوريءَ جي اکين جي ڪامڻ قتل ڪيو هو. عمر بادشاهه مارئي جو سڱ گهري نه سگهيو جو ڇوڪري اڳ ئي کيت سان لائون لهي چڪي هئي. ان ڪري زوريءَ کڻي وڃي پنهنجي محل ۾ قيد ڪيائينس، پر تماچيءَ جي قسمت چڱي هئي جو ڇوڪري اڃا ڪنواري هئي، سو ان جي سڱ جي ڇڪ ڪري سگهيو. پر جي ائين نه هجي ها ته نوري نه مليس ها، ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟

نوريءَ جي مائٽن خوشي سان سڱ ڏيڻ قبول ڪيو،ٻيو ڪجهه ڪري ٿي سگهيا ڇا؟ مارئيءَ جي مائٽن زبردستي ڇوڪري کڄڻ کان پوءِ ڇا ڪيو هو؟ ڪري به ڇا ٿي سگهيا؟

عمر ۽ تماچي اڳ ئي شاديون ڪيل هئا، پنهنجون هڪ کان وڌيڪ راڻيون ويٺيون هئن، تڏهن به غريبن جون سهڻيون ڇوڪريون ڏسي هرک هاري ويٺا. ڇا سندن پهريون شاديون زوري ڪرايل هيون؟ زوريءَ سان هڪ شادي ٿي سگهي ٿي، ان کان وڌيڪ نه، انهن راڻين سان پيار به ڪيو هوندائون، انهن مان ٻار به  ڄڻيا هوندائون، پوءِ هنن ڇوڪرين کي ڏسي ڪهڙي ”پيار“ يا ”عشق“ امالڪ ڀڙڪو ٿي کاڌو، ڇا اها حوس ڪانه هئي؟ بادشاهن راجائن، نوابن ۽ جاگيردارن جو ان وقت به اهو ڪردار هو ۽ اڄ به اهو ئي ڪردار آهي. تماچيءَ ذات پات جا ڀيد ڀاوَ اوچ نيچ جا وهم وساري نوريءَ سان شادي ڪئي ۽ ائين اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي ته وڏا گهراڻا ڇوڪرا يا مرد نيچ ۽ منذاتين (سندن نظر ۾) مان شاديون ڪندا آهن ۽ ٿوري گهڻي ردڪد کان پوءِ مائٽ به راضي ٿي ويندا آهن، پر ڇا ڪڏهن ائين به ٿيو آهي جو ڪنهن شهزاديءَ يا وڏ گهراڻي ڇوڪريءَ کي به اهڙو عشق ٿيو هجي ته ان کي به ڪنهن ڪمذات ۽ نيچ ماڻهو سان شادي ڪرڻ ڏني وئي هجي؟ اوڏي مهل ذات پات جا ڀيد ڀاوَ وسارڻ ته پري جي ڳالهه ٿي، مرڳو مذهب کي وچ ۾ آڻي ملن ۽ قاضين کان فتوائون وٺي اهو سڀ ڪجهه روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي يا مرڳو ”ڪارو ڪاري“ ڪري کين  موت جي ننڊ سمهاريو ويندو آهي.

ڄام تماچيءَ کي نوريءَ جي نيڻن جي ناز ۽ اکين جي ڪامڻ ماريو هو، ان ڪري ئي هن سر جو نالو”ڪاموڏ“ رکيو ويو آهي. ”ڪاموڏ“ جي معنيٰ آهي”ڪام وهيڻي“ ۽ ڪام  ڇا کي چئبو آهي. اها اسان سڀني کي خبر آهي. عام طرح ”ڪام“ لاءِ ”عشق“ اکر ڪم آڻيندا اهن پر اصل ۾ ”ڪام“  معنيَ جنس (sex) آهي ۽ شاهه تماچيءَ جي اهڙي ڪيفيت جو بيان هڪ کان وڌيڪ بيتن ۾ ڪري ٿو.

ڪو جو ڪامڻ مي آهي اکڙين ۾،
تن تماچي ڄام جو ناڀو پايو ني،
عشق ايءَ ڪري جئن ڄارو ڄام ڪلهي ڪيو.
 

مهاڻيءَ جي اکين ۾ ڪو اهڙو جادو  آهي جو ڄڻ ته تماچي ڄام جو تن (ناڀون =ناخن، ننهن) ننهن سان پٽي کنيو ٿو وڃي. اهو عشق آهي جو ڄام کي ايڏو نيچ (شاهي معيار مطابق) ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ۽ ڄارو ڪلهي تي کڻي بيٺو مڇيون جهلي. ڪهڙو جادو تن کي ننهن سان پٽي سگهي ٿو؟ اهو تن طرفان مجبور ڪرڻ ڏانهن اشارو هڪ ٻئي بيت ۾ به ملي ٿو.

مي مڇيءَ ۾ هٿڙا،  ويٺي  ڪري  ورن،

راءَ  اڳهم  رکيئي،  مهاڻي  منجهه  من،

تماچيءَ جي تن، ڳالهيون چيس ڳجهيون.

اهي تن جون ڳجهيون ڳالهيون ڪهڙيون هيون؟ جن جي لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي هن بيت جي معنيٰ ڪندي لکي ٿو.

”ڄام تماچيءَ جو ”الست“ کان ئي نوريءَ تي ارواح هو جنهن جي ڪري هن جهان ۾ به سندس جسم نوريءَ جي جسم سان ملي رهاڻ ڪئي“ نوريءَ کي تماچي پرڻائي محل ۾ وٺي آيو ۽ کيس تمام گهڻو پيار ڏنائين.

مهاڻيءَ  جي  من  ۾  نه  گيرب نه گاءُ،

نيڻن سين ناز ڪري،  ريجهايائين راءُ،

سمون سڀن ملاءُ، هيريائين حرفت سين.

معنيَ ته مهاڻيءَ کي غرور ۽ وڏائي ڪانه هئي، هن نيڻن سان ناز ڪري ڄام کي ريجهايو ۽ سمي کي سڀني راڻين وچ ۾ پنهنجي حرفت سان پاڻ ڏانهن متوجه ڪيائين.

اهو ڪهڙو نيڻن جو ناز ۽ ڪهڙي حرفت هئي؟ جنهن ڄام تماچيءَ کي ريجهائي وڌو هو ۽ سڀني راڻين کان وڌيڪ مان ڏنائينس؟ غريب هئڻ ڪري غرور ۽ وڏائي لاءِ ڪو سبب ڪونه هئس ۽ سڀني کان وڌيڪ پيار ۽ مان ان ڪري مليس جو گهڻين زالن وارا سڀ کان ننڍي ۽ آخري زال ڏانهن وڌيڪ مائل هوندا آهن ۽ انهي ڪيفيت ۾ مٿان بيهي مورڇل (مور جي کنڀن جو ٺهيل پکو) هڻندو هئس ته اها به ڪا عجيب ڳالهه ڪانه چئبي جو دل جي خوشي سان ان سهڻي زال سان پرڻيو هو.

تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو جهڙي سونهن سندياس،
مڏ مياڻيون مڪڙا، مڙئي معاف ٿياس،
مورڇل مٿاس، اڀو تماچي تي هڻي.
 

ڪينجهر تي شڪار ڪرڻ اڪثر وٺي ويندو هئس، ساڻس گڏجي مڇيون ماريندو هو. سا خوشامند ته نئين ڪنوار سان ڪرڻي هئس، نه ته هڪ آزاد فضا جي پليل ڇوڪريءَ جو من محلن ۾ منجهي پوي ها ۽ اهو نه ڪري ها ته سندس گلن جهڙي سونهن ڪومائي وجهي ها. جڏهن سڀني راڻين کي تيار  ٿي وهڻ جو چيائين ته سڀني سورنهن سينگار ڪري ويٺون ۽ گاڏيءَ ۾ گهمائڻ لاءِ مڙس کي راضي ڪرڻ لاءِ ناز نخرا ڪري کيس ريجهائڻ لڳيون. اها ڪيڏي نه عورت جي تضحيڪ ۽ تذليل آهي جيڪا هن سماج ۾ اڳ به روا هئي ۽ اڄ به روا آهي. نوريءَ عورت جو مان رکيو. پاڻ وڻائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪيائين. مرڳو پنهنجو اباڻو وڳو اوڍي ويهي رهي. هڪ ته هو انهن شاهي آدابن کان اڻ واقف هئي، ٻيو ته انهن وڏ گهراڻين وانگر تربيت ٿيل ڪانه هئس. جيڪي شاهي خاندانن جي مردن جي عادتن مان واقف هونديون. اهي عورتن جي ناز انداز ۽ نخرن يا سورنهن سينگارن تي ريجهي پوندا هوندا. پر نوريءَ ته پنهنجي ماحول ۾ اهي مقابلا ڪونه ڏٺا هوندا ۽ اها ڳالهه نه آئڙي هوندس ته ڪو ٻين راڻين وانگر ويس وڳا پائي هار سينگار ڪري ويهان. ڪجهه احساس، خودداري، ڪجهه پنهنجو پاڻ تي پنهنجي سونهن تي اعتماد(جيڪو تماچيءَ هن سان شادي ڪري هن کي ڏنو  هوندو) سو هوءِ نماڻي ٿي ويهي رهي ۽ سندس اها ئي ادا ڄام کي وڻي وئي ۽ گاڏي ۾ چاڙهي گهمائڻ وٺي ويس. شاهه لطيف اتي عورت سان ٿيل انهي تضحيڪي پهلوءَ کي هن طرح دور ڪيو آهي جو ان واقعي مان به نوري جي عزت افزائي بدران ڄام تماچيءَ جي عزت افزائي ٿيندي ڏيکاري اٿس، جو هڪ غريب ڇوڪريءَ جي نئڙت ۽ نياز جي اعليٰ صفت سببان تماچيءَ ماڻهپو  سکيو ۽ اڄ تماچيءَ جو نالو مشهور ٿيو آهي.

نوريءَ جي نوازيو، ٿيو تماچي تي،
گاڏي چڙهي گندري، ماڙهو ڪئو مي،
ڪينجهر چندا ڪي، ته سچ سڀائي ڳالڙي.
 

معني ته ”جيئن ته تماچيءَ نوريءَ کي نوازيو تنهن ڪري ئي سندس نالو مشهور ٿي ويو“ ڪينجهر تي ٻيا به حاڪم آيا ويا پر مهاڻيءَ تماچيءَ کي ماڻهو ڪيو ۽ مشهور ڪيو.

سهاڳ جا سهج نوريءَ جو من وڌائي نه سگهيا، ان جو ڪهڙو سبب هو؟ هڪڙو ته هن جي طبيعت ۾ اڳ ئي نهٺائي هئي ٻيو وري اڳوڻين راڻين جو حال ڏسيو ويٺي هوندي، آخر ڪنهن وقت انهن سان به چاڳ مان شادي ڪئي وئي هوندي ۽ جڏهن اهي دل تان لهي سگهن ٿيون ته هڪ مهاڻي ڪيئن هو يقين ڪري ته مون سان مستقل اهو سهج رهندو. تڏهن ته چوي ٿي.

آهين ٺار اکين جو،  وٽان  مون  نه  وڃيج،

تماچي! تڳيج ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌئين.

”وٽان مون نه وڃيج“ ”ڇو ٿي چوي؟“، ڪو ڏينهن تڳيج“ مان ڪهڙو مطلب ٿو نڪري؟ اها بي يقيني جي ڪيفيت آهي، اهو انديشو آهي نوريءَ جي دل جو، ته جيئن ٻِين راڻين سان ڪي ڏينهن رهي انهن کي مٽايو ويو هوندو تيئن ڪٿي مون سان نه ٿئي. ان لاءِ کيس ڪي ڏينهن تڳڻ جي ۽ نه وڃڻ جي التجا ٿي ڪري.

شاهه صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ هن ڪهاڻيءَ کي به سڄي جو سڄو پنهنجي رسالي ۾ ڪونه آندو آهي بلڪه ان جا ڪجهه واقعا پنهنجن بيتن ۾ آندا آٿس. سمورو سر ڪاموڏ پڙهڻ سان البت هڪ سلسلي سان واقعا ٿيندا نظر اچن ٿا. شروع کان ئي هو نوريءَ جي غريباڻي اصل کي بيان ڪري ان سبب منجهس پيدا ٿيل نهٺائي کي آڻي ٿو ۽ پوءِ جڏهن هوءَ ٻين راڻين کي ڏسي ٿي ته بي يقيني شروع ٿي وڃي ٿي ۽ سندس واتان انهيءَ گمان کي به ظاهر ڪري ٿو ته متان ڪنهن وقت ٻين راڻين جي ڪري ڄام ڦري نه وڃي.

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،
پسي راڻين روءِ، متان ماڱر مٽين.
 

ڪيڏي نه بي يقيني آهي! عورت ۾ اهو عدم تحفظ (Insecruity) جو احساس اڄ به ساڳئي ريت موجود آهي.

هوءَ وري وري ٿي تماچيءَ کي چوي ته تون سمون، آءُ مهاڻي آهيان گندري آهيان، مون ۾ عيب اپار آهن، عيبن لک آهن، ۽ منهنجي حيثيت ۽ حال جي توکي اڳ ئي پرک آهي، متان انهن کي بهانو بنائي ”ماڱر مٽئين“ ان سلسلي جا پنج لاڳيتا  بيت”تون سمون آئون گندري“ سان شروع ٿين ٿا ۽ ”متان ماڱر مٽئين“ سان ختم ٿين ٿا. ان کان پوءِ جا بيت اڃا به وڌيڪ واضح ڪن ٿا. انهي احساس کي ته مون کي ڏهاڳ نه ڏجان!

”تون   تماچي  تڙ  ڌڻي،  آئون  مهاڻي  مي،

مون ڏهاڳ م ڏي، آئون جا نال سيس تنهنجي.

تنهن کان پوءِ ڪجهه بيتن ۾ نوريءَ کي محل جي ماحول ۾ پاڻ ٺهڪائڻ ۽ adjust ڪرڻ لاءِ جتن ڪندي به ڏيکاريو اٿس.

نه وڍي، نه وڪڻي، نه ماري نه ڌاري،

کارو وڌائين کوهه ۾، نرتون نهاري،

سائي پر پاري، جا گهر سمي سپجي.

ظاهر آهي ته ماحول جي فرق سبب سمي جي گهر جي پر پارڻ ۾ سولائي ڪانه ٿي هوندس. خاص  ڪري جڏهن ساڙ کائيندڙ پهاڄون به موجود هجن، سمين ۽ سومرين ناز نخرا ڪري ڇا پاتو هو. جو هيءَ به ناز نخرا ڪري ها! سندس طبيعت ۾ جا فطري سادگي هئي ۽ نيڻن ۾ جيڪو قدرتي ناز هئس ڄام ته انهيءَ تي ئي موهت ٿيو هو. ان ڪري ان کي ريجهائڻ لاءِ راڻين وارو انداز اختيار ڪرڻ بدران پنهنجي فطري حالت ۾ رهي ۽ ائين تماچي جي توجهه حاصل ٿيس. هڪ ته هئس صورت سهڻي ٻيو وري حليمائي تنهن منجهس هڪ قسم جو شان پيدا ڪيو هوندو. تڏهن ته شاهه سائين چيو آهي.

هٿين پيرين ارکڻين، منهن نه مهاڻي،
جئن سڳو وچ سرندڙي، تئين راڻين ۾ راڻي،
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو وڌس ٻانهن ۾.
 

هڪ طرف ڄام تماچيءَ جو عشق هو ته ٻئي طرف نوريءَ جو حليم حسن انهي وصال وچ جا سڀ ويڇا، ذات، پات، اوچ نيچ جا ڀيد مٽائي ڇڏيا. هن سر ۾ رڳو تماچيءَ طرفان محبت ڪانه ڏيکاري  وئي آهي. پر شاديءَ کان پوءِ نوريءَ طرفان هر طرح سان پنهنجي سهاڳ لاءِ پيار جا جذبا ظاهر ڪيا ويا آهن. هڪ ور سهاڳڻ جي حيثيت ۾ هوءَ مڙس لاءِ پرين، سپرين، اکين ٺار جهڙا اکر استعمال ٿي ڪري، ۽ سندس محبت جو دم ٿي ڀري. سندس سڀ کان ساراهڻ جهڙو جذبو جيڪو هن سر ۾ نظر اچي ٿو سو آهي پنهنجي غريب مهاڻن مائٽن جي مسڪيني  حال جو احساس.

تون  تماچي  تڙ  ڌڻي،  آئون  گندري  غريب،

توسين ڄام قريب، ڪين ڏن ڇڏائي ڏيج مون.

يا

کاڄ جنين جون ککيون، مال جنين جا مڏ،

سمي سيئي سيڻ ڪيا، هيڻ جنين جا هڏ،

ڄام پرتئي لڏ،  سانگين  جي  سيد  چئي.

هوءَ اميد ٿي رکي، بلڪه پارت ٿي ڪري ته سمون سندس سڱ مهابي پنهنجو غريب سيڻن سان سهنج ڪري، کين مان ڏئي ۽ سندن مان پنهنجي سر ڪري، هنن گوڏ ۾ گند وارن ۽ پاٻوڙا پوشاڪ پهرڻ وارن سان وڙ ڪري، کين انعام ۾ محصول معاف ڪندو.

گند جنين جي گوڏ ۾ پاٻوڙا پينام،

انين کي  انعام  مڃر  مڙوئي  ٿيو.

هن داستان ۾ هڪ طرف مهاڻن جي تمام مسڪيني حالت ڏيکاريل آهي. ته ٻئي طرف ڍلن محصولن رستي پرماريت ۽ استحصال ذريعي بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن وٽ ميڙيل بي انداز دولت جو به ذڪر آهي. جيڪا ڪنهن نه ڪم جي خزانن جي بند دروازن ۾ بند پئي آهي. هيرن جواهرن جي صورت ۾ پٿرن جو ڍير ٿي رکي آهي پر انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب نٿي اچي. موتين مڻين جي شڪل ۾ مڻن جي حساب سان پئي آهي. پر مسڪين ماڻهن جي مسڪيني ختم ڪرڻ لاءِ نٿي ڪڍي وڃي. اهي خزانن جا دروازا کلن ٿا ۽ جڏهن بادشاهه خوش ٿئي. سون ۽ رپي جون رانديون رچن ٿيون ۽ هيرا جواهر لٽجن ٿا جڏهن ڄام راضي ٿئي. ان موقعي تي شاهه صاحب جي وائي جن ڪجهه سٽون آهن.

ماڻڪ مياڻين   ۾  ڇلرن  جئن  ڇٽيائين،

  ويهي ساٽين وچ ۾.

ڏيئي سون سوال ۾  رپي  راند   ڪيائين،

  ويهي ساٽين وچ ۾.

پاڻيٺ آڻي پاڻ سين، لعلون سڀ  لٽيائين،

  ويهي ساٽين وچ ۾.

فيروزا فقيرن تان گهوري سڀ گهوريائين.

  ويهي ساٽين وچ ۾.

اتي عبداللطيف چئي  اڇلي  املهه  ڏنائين.

   ويهي ساٽين وچ ۾.

مسڪينن تي مڙهيل محصول ۽ ڍلون معاف ٿين ٿا ۽ جڏهن بادشاهه کي سڱ جي صورت ۾ انهن مان (رعيت مان) ڪا حسين عورت حاصل ٿي ٿئي  نه ته غريبن جي چيلهه ڍلن ۽ محصولن سان ڀڳي پئي هجي ته به پرواهه به ڪانه هوندي.

اهي سڀ ڳالهيون ڄاڻندي سمجهندي ۽ سمجهائيندي شاهه صاحب هن داستان ذريعي ڪجهه پيغام ڏئي ويو آهي. هن عشق جي طاقت کي بيان ڪيو آهي ته جيڪڏهن طلب سچي هجي ته انسان، محبوب ماڻڻ لاءِ ڪهڙو به گهٽ ۾ گهٽ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. اهو تماچيءَ جهڙن ڄامن جي شان وٽان ڪونه سمجهيو ويندو آهي ته ڪو هو مهاڻن سان گڏ گهڻو اٿن ويهن، يا ڄارو ڪلهي ڪري بيهي مڇيون مارين پر ڄام پنهنجي حيثيت وساري نه صرف ڄارو ڪلهي ڪيو بلڪه مهاڻن کي به گهڻو ويجهو ٿيو ۽ ساڻن وڏا وڙ ڪيائين.

ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم،
ننڍي وڏي گندري، مٿي ماڙيءَ ڌوم،
جي ڪينجهر جي روم سي سڀ انعامي ٿيا.
 

ڄام تماچي سنڌ جي تاريخ ۾ عمر بادشاهه ۽ ان جهڙن ٻين حاڪمن جي نسبت نيڪ نام مشهور آهي. سندس ڪردار جي تاريخ ۾ ساراهه ملي ٿي. نه صرف ان ڪري جو هن ڪينجهر جي ماڻهن سان وڏا وڙ ڪيا بلڪه ان کان اڳ به هو سنڌ جي مهاڻن جو پسنديده ماڻهو هو. هن لاءِ روايت آهي ته.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com