سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :15

اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ ويچاري بيبي پاڻ گذاري شاهه صاحب کي آزاد ڪري ويئي. چيو وڃي ٿو ته شاهه صاحب پنهنجي بيبي تاج المخدرات جي وفات کانپوءِ اندر حويليءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويندا هئا نه ته گهڻو ڪري ٻاهر صندل تي ويٺا هوندا هئا. (43)

انهيءَ مان پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب زال جي جيئري اڪثر اندر حويليءَ ۾ گذاريندو هو باقي سندس وفات کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن اندر ويندو هو. اها پڻ سندس بي پناهه محبت جي نشاني آهي جو پوءِ محبوب جي غير موجودگي دل ڪانه سهي سگهندي هوندي.

عورتن جي حوالي سان هڪ ٻئي واقعي جو تعلق به ميان نور محمد ڪلهوڙي سان آهي جنهن هڪ راڳيندڙ عورت گلان سان شادي ڪئي ۽ جنهن جو پٽ ميان غلام شاهه به سنڌ جو حاڪم ٿيو. اهو واقعو نه صرف شاهه صاحب جي ڪردار تي روشني وجهي ٿو بلڪه خود ميان نور محمد ڪلهوڙي جهڙن عيش پرست حاڪمن جي ڪرداري ڪمزورين تان به پردو کڻي ٿو. ان کان سواءِ هڪ عورت جي حيثيت ۾ گلان هڪ راڳيندڙ، بلڪه ڪن محققن جي بقول ڪڃري، ڪيتريقدر سچائي ۽ ڪردار جي پختگي ٿي ڏيکاري جو اهو هڪ ڪڃريءَ جو ڪردار نور محمد ڪلهوڙي جهڙي عياش حاڪمن کان بهرحال بهتر ۽ برتر ٿو محسوس ٿئي. ان سلسلي جون ڪجهه روايتون بيان ڪرڻ ضروري آهي. مولانا دين محمد وفائيءَ انهيءَ واقعي جو بيان هن ريت ڪيو آهي هڪ دفعي گلان نالي هڪ نوجوان سونهن سوڀيا واري ڳائيندڙ عورت شاهه صاحب جي خدمت ۾ دعا پنڻ لاءِ آئي ته هنجي پڇاڙي خير سان گذري، چون ٿا ته مجلس ۾ هن اهڙو دردناڪ انداز ۾ ڳايو جو شاهه صاحب ۽ فقيرن جي جماعت ۾ روڄ ۽ بيخودي طاري ٿي وئي. ان موقعي تي گلان عرض ڪيو ته دعا ڪريو ته هن ڌنڌي مان بچي پوان، حلال جي روزي کانوان ۽ باقي عمر آسودگي ۽ آرام ۾ گذاريان. شاهه صاحب فرمايو ته تنهنجي سنڌ جي بادشاهه سان شادي ٿيندي ۽ تنهنجي پيٽان به بادشاهه ڄمندو جو پنهنجي والد کان وڌيڪ نامور ۽ نيڪ هوندو.

ڪن چغلن وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته هي ڏسو شاهه عبدالطيف پاڻ کي درويش ٿو سڏائي هوڏانهن ڪڃرين جا راڳ ٿو ٻڌي. ڀلا ڀلارن صوفين ۽ فيض فقيرن جا ڪي اهي پرڪار ٿيندا آهن؟ ميان نور محمد حڪم ڏنو ته هڪدم وڃي حالت معلوم ڪريو ته برابر ڪا ڳائيندڙ عورت شاهه صاحب وٽ رهيل آهي ڇا؟ جيڪڏهن هجي ته هڪدم کنڀي کڻي اچي حاضر ڪريوس. هڪ پاسي ته ميان صاحب جا ماڻهو روانا ٿيا ته ٻئي طرف گلان حضرت شاهه صاحب کان موڪل وٺي موٽڻ جي ڪري رهي هئي. شاهه صاحب فرمايس ته ڪجهه ڌيرج ۽ دير ڪر پوءِ ڀلي هلي وڃي ائين گفتگو ٿي رهي هئي ته ميان صاحب جا ماڻهو پهچي ويا. گلان کي گهلي وڃي ميان نور محمد جي ڪچهري ۾ کڙو ڪيائونس. ٿيو ڇا جو ميان صاحب پهرين نظر جو شڪار ٿي پيو. هن گلفام نازڪ انداز جي ڪارن ڪاڪلن جي ڪاريهر ڪهي رکيو. آخر گلان کي راضي ڪري انهيءَ رات نڪاح پڙهائي پنهنجي راڄ راڻين ۾ شامل ڪيائين. انهيءَ گلان جي پيٽ مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو، جنهن جهڙو عادل ۽ سخي ۽ خوشبخت بادشاهه سنڌ کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيو آهي. ميان غلام شاهه ۽ سندس والده جو شاهه صاحب تي بي حد اعتماد هوندو هو. شاهه صاحب جي وفات کانپوءِ مقبره تي عاليشان گنبذ ميان غلام شاهه پنهنجي والده جي اشاري تي هزارين رپيا خرچ ڪري اڏايو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻئي ڄڻا مقبري تي ختم چوڻ ايندا هئا. (44)

مٿين روايتن بيان ڪرڻ جو واحد مقصد شاهه صاحب جي دعا جو سچو ثابت ٿيڻ چئي سگهجي ٿو. اسين ان مان هي نتيجا ڪڍي ٿا سگهون ته هڪ عورت جي حيثيت ۾ گلان پنهنجي فن مان نه پر ان جي سماج ۾ گهٽ عزت ۽ پنهنجي آئيندي مان مطمئن ڪانه هئي. ڳائڻ جو پيشو خراب سمجهڻ جي روايت هٿ ٺوڪين اخلاقي قدرن کي غلط نموني ماڻهن تي ٿاڦڻ سبب پيدا ٿيل آهي. شاهه صاحب وٽ راڳ ۽ راڳيندڙن جو مان ۽ قدر هو ان ڪري ئي هن گلان کي ڄڻ ته عزت ڏني ۽ عزت ڀرئي آئيندي جي دعا ڏنائينس، باقي جيڪڏهن ميان نور محمد هن کي ڏسي يڪدم کيس راڄ راڻين ۾ شامل ڪيو ته ان مان سندس ڪا چڱائي نٿي ظاهر ٿئي. ان روايت مان بادشاهن جون هڪ کان وڌيڪ راڻيون رکڻ جي باوجود اڃا وڌيڪ جي خواهش جو به ثبوت ملي ٿو.

ان ڏس ۾ مرحوم لطف الله بدويءَ جيڪا روايت ڏني آهي سان هن ريت آهي گلان وقت جي هڪ مشهور راڳيندڙ هئي، هوءَ شڪل جي بيحد موهيندڙ هئي. هڪ دفعي شاهه صاحب جي خدمت ۾ آئي، پنهنجي راڳ سان شاهه صاحب ۽ سندس فقيرن کي گهڻو خوش ڪيائين. هن خوشيءَ جو وجهه وٺي شاهه صاحب کي عرض ڪيائين ته قبلا دعا ڪريو ته سکي ستابي ۽ پنهنجي واري ٿيان شاهه کيس دعا ڪئي. فرمايائونس گلان تون سنڌ جي راڻي ٿيندينءَ ۽ توکي پٽ ڄمندو جو سنڌ جي حڪومت جو پڳدار ٿيندو شاهه جي دعا خالي نه وئي ۽ ميان نور محمد گلان تي موهت ٿي پيو ۽ چاهيائين ته ساڻس صحبت ڪري پر گلان کيس نڪاح لاءِ چيو. ميان محبت کان مجبور ٿي ان وقت قاضي کي گهرائي ساڻس شادي ڪئي. ميان کي منجهائونس غلام شاهه پٽ ڄائو جو پوءِ گاديءَ ڌڻي ٿيو. (45)

ساڳيو قصو مرزا قليچ بيگ ڪجهه مختلف انداز ۾ بيان ڪيو آهي، لکي ٿو هڪ ڀيري گلان نالي ڪڃري، شاهه صاحب جي زيارت ڪرڻ لاءِ آئي هئي ۽ دعا پنڻ جو ارادو هئس، پوءِ پنهنجي ڳائڻ وڄائڻ سان فقيرن کي اهڙو خوش ڪيائين جو راڳ جي اثر کان رئڻ ۽ حال ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ حالت ۾ گلان شاهه صاحب کي عرض ڪيو ته اي حضرت دعا ڪريو ته آءٌ پنهنجي واري ٿيان، سکيو ستابو گذاريان ۽ عاقبت خير جي گذريم! پوءِ شاهه صاحب خدا تعاليٰ جي درگاهه ۾ هٿ کڻي دعا ڪئي ته رب العالمين قبول ڪئي ته اي گلان تون سنڌ جي حاڪم جي زال ٿيندينءَ ۽ توکي پٽ ڄمندو جو سنڌ جي سڀني عباسين جوسردار ٿيندو، نالي ناموس ۾ پيءُ کان زياده ٿيندو. دعا جو اثر جلدي ٿيندو دير ڪانه ٿيڻي آهي ڀٽ تي اهو قصو ٿيو ته ڪنهن ماڻهوءَ شاهه جي دشمنن منجهان ڊوڙي وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته شاهه عبداللطيف کي سندس مريد پيا پڏائين ته ههڙو خدا جو عبادتي آهي ۽ حال هي آهي جو ڪڃريون سڏايو راڳ پيو ٻڌي ۽ انهن جا ناچ پيو ڏسي. ميان نور محمد پنهنجا ماڻهو ڊوڙايا ته وڃي سماءُ لهي اچو ته اها ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي؟ ۽ جي ڪا ڪڃري هجي ته سچ پچ انهي کي به وٺيو اچو ته روبرو شاهه صاحب جي خبر وٺونس. اهي ماڻهو اڃا ڀٽ تي ڪين پهتا هئا ته گلان شاهه صاحب کان موڪلائي اٿي. شاهه صاحب چيس ته گلان تڪڙ نه ڪر، ترس ته ڀلي موتين جا خريدار اچن. ائين ڪندي ميان نور محمد جا ماڻهو اندر گهڙي آيا. کنڀڙين کان وٺي گلان کي ٻاهر ڪڍي ويا ۽ يڪدم ميان نور محمد وٽ آندائونس. ميان هن جي سونهن ۽ جواني ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو ۽ ڀانيائين ته ساڻس صحبت ڪري پر گلان هٿ لائڻ نه ڏنس ۽ چيائين ته ميان جي شرع موجب نڪاح وجهندين ته آءٌ سڄي ساري تنهنجي ملڪ آهيان، ائين مون کان هرگز نه ٿيندو. ميان کي ته عشق جي باهه تپائي ڏنو اهڙو لاچار ٿيو جو ان وقت قاضي گهرائي کڻي نڪاح وجهايائين ۽ پوءِ ان مان غلام شاهه ڄايس جو ان کانپوءِ سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. (46)

ان سموري واقعي مان شاهه لطيف جو عورت جي باري ۾ بهتر رويو نظر اچي ٿو. هو هڪ راڳيندڙ عورت کي هڪ فنڪار ۽ هڪ انسان جي حيثيت ۾ ڏسي ٿو، سندس ڳائڻ کي پسند ڪري ٿو ۽ خوش ٿي دعا ٿو ڪريس. چاهي ها ته نيڪ نصيحت ڪرڻ شروع ٿي وڃيس ها ته مائي اهو ڪنو ڪم آهي ڇڏي ڏي وغيره پر هو ڪو معمولي پير فقير ته هو ڪونه جو اهڙو رويو اختيار ڪري ها، هو ته موسيقيءَ جي فن جو تمام وڏو ڄاڻو ۽ پسند ڪندڙ هو. عورت جي حوالي سان اها ڳالهه معلوم ٿي ته سنڌي سماج ۾ ان وقت ڪڃرين جو وجود هو. اهي ڳائينديون ۽ نچنديون هيون ۽ ان ڳالهه کي سٺو ڪونه سمجهيو ويندو هو ۽ چڱن ماڻهن مان اها اميد نٿي رکي ويئي ته ڪو هو انهن جو راڳ ٻڌن يا ناچ ڏسن ۽ ڀٽ تي گلان جي راڳ ڳائڻ سبب ميان نور محمد سان شڪايت ڪئي ويئي. شاهه سر ۽ سنگيت جو عاشق هو ان ڪري ڀٽ تي راڳ ڳارائڻ جو مقصد يقيناً ڪڃريون نچائڻ ڪونه هوندو بلڪه موسيقيءَ سان سندس عشق هوندو جنهن کانئس ڪيترا سُر ڳارايا، جنهن جو، مذهب ۾ منع هئڻ جي باوجود، هو باقاعدگيءَ سان پنهنجي ڀٽ تي ٿيندڙ سماع جي محفلن ۾ اهتمام ڪرائيندو هو. وقت جي مذهبي ٺيڪيدارن ۽ ملن ان ڳالهه تي اعتراض به ورتو هو پر پاڻ چيو هئائين ته منهنجو من اهڙي وڻ مثل آهي جيڪو راڳ جي پاڻيءَ پوءِ ڀل اهو ڪنو ڇو نه هجي) کانسواءِ سڪيو وڃي.

گلان جي حوالي سان عورت جي باري پڻ نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. ميان نور محمد ڪلهوڙي لاءِ لکيو ويو آهي ته هن گلان سان ان مهل ئي صحبت يا محبت ڪرڻ چاهي پر هن نڪاح کانسواءِ هٿ به لائڻ ڪونه ڏنس. چئبو ته ميان نور محمد، سنڌ جو حاڪم، اهڙو ڪردار جو ڪچو هو جو درٻار ۾ پيش ٿيل هڪ ڪڃريءَ تان به نه ٽريو ۽ ساڻس يڪدم صحبت جي خواهش اٿيس.

ٻئي طرف گلان، سماج جي بقول هڪ ڪڃريءَ ۾ ايتري ساڃاهه ۽ ڪردار جي پختگي هئي جو هُن وقت جي بادشاهه جو نائاجز مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بادشاهه پنهنجي خواهش کان مجبور ٿي ان مهل ئي قاضي گهرائي ساڻس نڪاح وڌو.

گلان جي ڪردار شاهه لطيف کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ اسان جي محققن کي به هن ڪافي متوجه ڪيو آهي. سندس ڪردار تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هڪ سڄو سارو مضمون لکيو آهي تون پارس آءٌ لوهه جي عنوان سان. ان ۾ لکي ٿو: ڪنهن کي خبر هئي ته انهن نانگڻ کي عشق جي پڪ پياري لطيفي آب جي اثر سان سندس قاتل زهر کي ترياق جي صورت ۾ آندو ويندو. اهو هو عشق جو جذبو جنهن جي اثر کان گند سان گڏيل گلان پنهنجي جسم کي محبت جي مهراڻ ۾ ڌوئي صاف ۽ پاڪ ڪري ڇڏيو. هوءَ لطيفي باغ جي دروازي وٽ ليلائڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته

تون   سپڙ   آءٌ  سيڪڙو،  تون  ڏاتار  آءٌ  ڏوهه

تون پارس آءٌ لوهه، جي سڄين ته سون ٿيان. (47)

اهو سمورو تفصيل هڪ راڳيندڙ لاءِ ڏنو ويو آهي جيڪا لطيف جي فقيراڻي درٻار مان دعا پني وقت جي بادشاهه جي محل سراءِ وڃي پهتي ۽ پنهنجي پيٽان به هڪ بادشاهه کي جنم ڏنائين ۽ اهڙي هئي شاهه وٽ عورت لاءِ عزت ۽ موسيقي جو مان.

شاهه جي فقيرن ۾ هڪ مائي نعمت يا نيامت نالي به سندس معتقد هئي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس شاهه جو سمورو ڪلام زباني ياد هو. روايت آهي ته هڪ دفعي شاهه صاحب فقيرن پاران لکيل پنهنجو سمورو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلارائي ڇڏيو هو ته متان ماڻهو ان کي نه سمجهن يا ان مان غلط مطلب ڪڍي گهمراهه ٿين. پر پوءِ فقيرن جي گهڻي زور ڀرڻ تي چيائين ته اهو مائي نيامت کان پڇي ٻيهر لکو. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته کيس ان مائيءَ جي سمجهه ۽ يادگيريءَ تي ڪيڏو ڀروسو هوندو. شاهه جو ڪلام سمجهڻ ئي کيس علم واري عورت ثابت ڪري ٿو. ان زماني ۾ به اسان جي عورتن ۾ ايترو شعور هو ۽ سمجهه هئي جو شاهه جي ڪلام کي سمجهي سگهن. اڄ جي دور ۾ پڻ اسان جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ اهڙيون ڪيتريون سگهڙ سياڻيون عورتون آهن. جيڪي شاهه جا بيت صبح شام پيون جهونگاريندون آهن.

متعلوي ساداتن مان هڪ مائي لعل بيبي جو به قصو سوانح نگارن بيان ڪيو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن سيدن جي شاهه صاحب سان ڪانه پوندي هئي ۽ هو سندس سخت مخالف هئا. انهيءَ خاندان جي هڪ پرهيز گار سالڪه بيبي لعل خاتون شاهه صاحب وٽ سلوڪ جي ڳالهين سکڻ ۽ ياد الاهي جي روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ چوري ڇپي ايندي هئي... هڪ ڏينهن لعل بيبيءَ جي ڀائرن کي سُڌ پئجي ويئي ته اڄ سندن ڀيڻ ڀٽ تي ويل آهي جنهن ڪري هٿيار پنهوار ٻڌي چپ چاپ ۾ ڀٽ تي ڪاهي آيا ته نافرمان ڀيڻ جو ڪم پورو ڪري ڇڏجي. (48) ....... مائي ڊپ مان شاهه صاحب کي چيو ته توهين ڀڄي جان بچايو آءٌ ٻڍڙي قبر جي ڀر تي آهيان مئس ته صدقي ٿيس. پر شاهه صاحب ائين نه ڪيو بلڪه چوڻ لڳو ته هي ٻئي چريا ٿا ڏسڻ ۾ اچن شاهه صاحب جي ڳالهه جو اهڙو اثر ٿيو جو هو واقعي چرين وانگر وڙهڻ لڳا. لعل بيبي گهڻو ڪري شاهه صاحب وٽ حويليءَ جي اندر، فقيرن جي خدمت ۾، ڪم ڪار ۽ ياد الاهيءَ ۾ گذاريندي هئي. (49) ٻي هڪ روايت آهي ته لعل بيبي شاهه صاحب جي ڀيڻ بي بي بتول جي ننهن هئي. بيبي بتول ۽ سندس خاوند ٻئي وفات ڪري ويا. لعل بيبيءَ جو شوهر به گذاري ويو هو. جنهن کانپوءِ هوءَ شاهه صاحب وٽ رهڻ لڳي. هڪ دفعي شاهه صاحب بيبيءَ کي چيو ته چڱو ته اوهان پنهنجي گهرن ۾ وڃي رهو ته اهو گهر به آباد هجي. جيتوڻيڪ منهنجو گهر به اوهانجو پنهنجو آهي پر منهنجي مرحومه ڀيڻ جو گهر به آباد رکڻو آهي جنهن تي لعل بيبيءَ فرمايو ته اسان اوهان وٽ ڪي ويلا ٽارڻ نه اينديون آهيون پر خدا جي رستي سکڻ لاءِ، پوءِ بيبيءَ هي بيت پڙهيو.

ڀيليان   جٿ  ڀڳيون،  آيون  ات  وري

ڪانهي ٻي ڳري، مينهن کي ميهار ريءَ

مطلب ته اڳ اسان مٽياري ساداتن کي اوهان سان مخالفت هوندي هئي پر آخر اوهان ڏانهن موٽڻو پيو جو اوهان کانسواءِ ٻي ڪابه ڳري ڪانه هئي. (50)

مٿين روايتن ۾ ڪجهه متضاد ڳالهيون آهن، مثال طور اها ئي لعل بيبي جڏهن شاهه صاحب وٽ ايندي هئي ته لڪچوريءَ ايندي هئي جڏهن ته اڳيان ٻي روايت ۾ چيو ويو آهي ته اها شاهه صاحب جي ڀيڻ بيبي بتول جي ننهن هئي ۽ گهڻو ڪري سندس گهر ۾ رهندي هئي. جنهن تان شاهه صاحب چيس ته بابا منهنجي مرحوم ڀيڻ جو گهر به آباد رکڻو آهي.

پهرين روايت ۾ اهو به چيو ويو آهي ته متعلوي سيدن سان شاهه صاحب جي مخالفت هئي ۽ لعل بيبيءَ جي شاهه صاحب وٽ وڃڻ جو ٻڌي سندس ڀائر کيس مارڻ آيا هئا. جيڪڏهن اها انهيءَ خاندان ۾ پرڻيل هئي ته پوءِ ان کي منع ڪرڻ يا مارڻ جو ڪهڙو مقصد  هو؟

هڪ روايت آهي ته هڪڙي ڏينهن فقيرن جي ڪچهريءَ ۾ شاهه صاحب جي روبرو ڪنهن ڳالهه ڪئي ته فلاڻي جي زال پنهنجي يار سان ڀڄي ويئي. تڏهن شاهه صاحب چيو ته سچ ڀڄي ويئي؟ چيائيون هائو! شاهه هن کي چيو ته شاباس هجيس ڪرڻ به ائين گهربو هوس ائين چئي پنهنجي خيال ۾ ٽٻي کائي ويو. فقيرن پڇين ته ايتري ڳڻتيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ شاهه صاحب چيو ته ڏسو ته سهي ته هڪڙي ضعيف زال اهڙي همت ڪئي جو پنهنجي يار سان هلي ويئي آهي. اسان مڙس ماڻهن ۾ ايتري همت نه آهي جو پنهنجي يار سان هليا وڃون. (51)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com