سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :24

اها شاهه صاحب جي خصوصيت آهي ته هن سڀني سرن ۾ مرد جي ظاهري سونهن ۽ عورت جي اندر جي سونهن کي ساراهيو آهي. سهڻيءَ جي خوبصورت هوندي به پاڻ ان بدران سندس محبت واعده وفائي، همت ۽ حوصلي کي ساراهيو اٿس.

شاهه صاحب جون اڪثر سورميون محبوب جو مشاهدو ماڻن لاءِ ڏک سور سهن ٿيون پر سهڻيءَ جون مشڪلاتون ئي اور هيون. سندس پيار ئي زماني جي نظر ۾ جرم هو. انهيءَ زماني جي پرواهه مردن کان وڌيڪ عورتن کي ڪرڻي پوندي آهي. ڇو جو اهو مردن کان ڪا جواب طلبي ڪندو ئي ڪونهي. ٻيون سورميون ته سماجي طور قبول ڪيل رشتي سبب پنهنجن محبوبن لاءِ سڪ جو اظهار ڪن ٿيون....

سسئي پنهون جي زال هئي، مومل به راڻي سان پرڻي هئي. ليلا جو چنيسر گهوٽ هو. مارئي کيت سان لانئون لڌيون ۽ نوري کي به مائٽن ڄام تماچيءَ سان پرڻايو هو ان ڪري انهن سڀني جي تڙپ ۽ تانگهه کي قانوني، مذهبي، سماجي، خانداني پٺڀرائي حاصل هئي. پر سهڻيءَ لاءِ پٺڀرائي بدران مرڳو رڪاوٽون هيون. مخالفتون هيون. ڏوراپا هئا. ميارون هيون. هن ويچاريءَ سان وڏي ويڌن هئي جو مائٽن سندس مرضي معلوم هوندي به ميهار کان ڌار ڪيو هو. اهائي ڳالهه شاهه صاحب کي ڪانه آئڙي آهي ۽ هو سهڻيءَ جي حق کي تسليم ڪندي نه صرف سندس حمايت ڪري ٿو بلڪه سندس بغاوت کي به برو نه ٿو سمجهي. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪو هو بداخلاقيءَ کي هٿي ٿو ڏي يا هڪ پرڻيل عورت جو ٻئي مرد وٽ وڃڻ جائز ٿو سمجهي. نه ائين ڪونهي! شاهه صاحب جهڙو هڪ مذهبي ماحول ۾ پليل ماڻهو، سماج جي اجتماعي ڀلي جي خلاف هجي، سماج جي ڀلي ۾ اها ڳالهه ڪانهي ته ڇوڪرن ڇوڪرين جون شاديون سندن مرضيءَ خلاف ڪري هڪ منجهيل ۽ فرسٽريٽيڊ معاشري جو بنياد وجهجي. خود مذهب ۽ شريعت به نه صرف مرد جو پر عورت جو به اهو حق تسليم ڪري ٿي ته شاديءَ لاءِ سندس مرضي معلوم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به هڪ ڌر جي مرضي خلاف شادي ڪرڻ جائز ناهي. شاهه صاحب سهڻيءَ جي معاملي ۾ سندس حمايت ان ڪري ٿو ڪري جو هو سندس مرضيءَ سان شادي ڪرڻ جي حق کي تسليم نه ٿو ڪري ۽ انهيءَ حق کان انڪار جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ بغاوت (defiance) کي فطري ۽ حقيقي ٿو ڄاڻي، ان ڪري سندس ميهار سان ملڻ ۾ ڪا به بداخلاقي نه ٿو سمجهي. بداخلاقيءَ جو ثبوت ته سهڻيءَ جي مائٽن ۽ سماج ڏنو. بداخلاقي ته ڏم جي چئجي جو پرائي محبت تي ڌاڙو هنيائين.

شاهه صاحب سهڻيءَ جي ميهار سان ملڻ کي جائز قرار ڏيندي چوي ٿو ته”ميثاقا ميهار سان لڌيون مون لائون“ شاهه صاحب پنهنجي دور جي سخت مذهبي ۽ جاگيرداري ماحول ۾ سهڻيءَ جي انهي جرئت کي ساراهيو اها سندس انقلابي سوچ هئي، سهڻيءَ جهڙي همت اڄ ايڪيهين صديءَ جي صدا ٻڌندي به ڪا سنڌياڻي نه ٿي ڪري سگهي. اصل ڪاري ڪري ماري ڇڏيندس. نه ئي ڪو سماج سڌارڪ يا ڏاهو اهڙي بيباڪي سان سندس حمايت ڪري سگهي ٿو. مرڳوئي ڪنهن ڪاري قانون هيٺ ڦاهيءَ چڙهي وڃي. ڏم سان زوريءَ جو تعلق به سهڻيءَ جي ميهار سان ازلي سڱ کي، دلين جي اٽوٽ سنٻنڌ کي ٽوڙي نه سگهيو. سندس قرب کي قتل ڪري نه سگهيو. اهو من جو مامرو هو. اهي دلين جا ليکا هئا. ان ۾ ڪنهن ٻاهرين عارضي اثر ڪري ڪو فرق پئجي نه سگهيو. سهڻيءَ جي سموري توجهه، محبت جو مرڪز ميهار ئي رهيو. سندس سچائيءَ ۾ شاهه صاحب کي ڪو شڪ نه هو. محب ميهار سان سندس انهيءَ سچائي کي ئي شاهه صاحب ساراهيو آهي. منافقي کي هن هميشه ننديو آهي. جيڪڏهن هوءَ سماج جي ڏوهارڻ به هئي ته به حق تي هئي، ۽ انهي حق لاءِ شاهه صاحب هڪ پڪو مسلمان هوندي ڪافرن کي به ڪفر سان سچو رهڻ جي تلقين ڪئي آهي. هو  زور جي مينديءَ جو ته قائل ئي ڪونهي. جسماني تعلق  هن لاءِ ڪابه معنيٰ نه ٿو رکي.

ڏم سين جسو ظاهرا، من ميهار سين ميڙ“

جي صلاح ٿو ڏيس، اهو ڏم سان ظاهر ۽  ڏيکاو جي ميلاپ ڏانهن جيڪو شاهه صاحب اشارو ڏنو آهي، ان بابت ڪجهه مختلف  روايتون نظر اچن ٿيون. هڪ راويت آهي ته سهڻيءَ شادي کان پوءِ ڏم کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڪونه  ڏنو.

“suhni managed to keep her chastity safe and sound from her consort telling him plainly that she had already given her heart away and that he had no right over her, The abashed husband was  completely crestfallen and never tried to molest her” (12)

ڪن ٻين روايتن ۾ وري هئين آهي ته”جڏهن ساهري گهر ويئي تڏهن خدا کي ٻاڏائين ته”اي پرده پوش ڪو اهڙو سبب ڪر جيئن منهنجو سيل ۽ ست سلامت رهي اچي“ ڌڻي سندس عرض اونايو، ڏم کي روز اهڙي اگهور ننڊ وٺي ويندي هئ جو سهڻيءَ جي يادگيري نه رهندي هئس. اهڙيءَ ريت سهڻي پاڪدامن رهي، پر پل پل پرينءَ کي ياد ڪري پئي پچندي  ۽ پڄرندي هئي.“

“Her union with Dam is an artificial forced union, without her consent and involving no natural affection or affinity which can not last long” (15)

سهڻيءَ جي ڪنهن دعا جي نتيجي ۾ پاڪدامن رهڻ يا ڏم کي ننڊ اچي وڃڻ سان سندس سيل ست قائم رهڻ جي ڳالهه سڀ راوين جا گهڙيل مفروضا ٿا محسوس ٿين. جاگيرداري  سماجن ۾ عورت جي پاڪيزگيءَ يا ناپاڪيءَ جو تعلق هروڀرو به انهي ڳالهه سان سمجهندا آهن وٽن virginity يا عصمت جو هڪ پنهنجو ئي جسماني (Physical) تصور  آهي. ناپاڪي يا من جي ميراڻ ته هنن کي ئي نظر ڪانه ايندي آهي. ڀلا اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته انهي ساڳئي جاگيرداري ماحول ۾ نڪاح ٻڌي جوان زال، سا به اهڙي سهڻي، پاسي ۾ ستي پئي هجي ۽ مڙس اهڙي اگهور ننڊ ۾ سمهي رهي جو زال جي يادگيري نه رهيس؟ اسان جا مرد محقق مرد جي فطرت مان بخوبي واقف هئڻ جي باوجود انهيءَ ڳالهه کي بنا رد ڪد جي ڪيئن ٿا قبول ڪن؟

وري سهڻيءَ جو ڏم کي اهو چوڻ ته منهنجي دل ميهار کي ڏنل آهي. ان ڪري توکي منهنجي جسم کي هٿ لائڻ  جو حق ڪونهي. نتيجي ۾ ڏم جو سندس ”عصمت نه ٽوڙڻ“ (did not molest her chastity)  ڀلا ڪير مڃي ٿو سگهي؟ جڏهن ته ڏم ڪو بلند ڪردار يا اصول پسند مرد به ڪونه هو. ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا طعنا هڻندو هئس، ڏنگو ماڻهو هو، پر جي ٿوري دير لاءِ اهو مڃجي به کڻي ته ائين ٿيو ته پوءِ ڏم جي ڪردار کي ڏسندي، انهيءَ ماحول کي ڏسندي چئبو ته يا ته هو نامرد هو. ڪمزور هو، تڏهن ته زال جا افعال ڏسي روايتي غيرت نه آيس. نه ڪاري ڪري ماريائينس، نه سنگسار ڪرايائينس، ميهار وٽ وڃڻ تان هن کي ڪهڻ بدران محض ڏوراپا ڏيندو رهيو ۽ جي ڪنهن ماريس به ته سس يا نڻاڻ، جن جي اٽڪل سر وڃايس، يا وري اها راوين جي رنگ آميزي آهي. منهنجي خيال ۾ هن سماج جي نفسيات کي ڏسندي بجاءِ اهو چوڻ ته ڏم کي اگهور ننڊ اچڻ ڪري سهڻي جو ست سيل قائم رهيو يا پاڻ چڱ مڙسي ڪري سهڻيءَ جو چوڻ ڪيائين حقيقت پسنديءَ جي تقاضا اها آهي ته ان ڳالهه کي ائين ئي سمجهجي جيئن حقيقت ۾ ٿيو هوندو. سهڻيءَ جهڙي هڪ تمام بهادر عورت جيڪا هر طرح سان باغي ٿي بيٺي هئي ان ڪنهن به صورت ۾ ڏم کي زوري ڪرڻ ڪانه ڏني هوندي. اها عورت جي نفسيات آهي ته هو جيڪڏهن همت واري آهي، ڀڄي سگهڻ واري آهي ته ان معاملي ۾ مرندي مري ويندي پر پنهنجي مرضي کان سواءِ ڪنهن کي ويجهو اچڻ ڪانه ڏيندي. مارئي جو مثال به اسان جي سامهون آهي. سهڻيءَ جو ته ميهار سان اٽوٽ عشق هو.

ميهارا مِرڪَ، پيتائين پريم جي،
تنهن منڌ متوالي ڪي، سندي ساءِ سرڪ،
لڳس ڪام ڪرڪ، لوها تکي لطيف چي.
 

اهو ڪام جو تيز ئي اصل ۾ مخالف جنسن ۾ ڪشش جو باعث هوندو آهي. عشق جو بنياد هوندو آهي. جنهن کي مجازي عشق چئبو آهي. اهو پيدا ٿيڻ لاءِ ڪام جو ديوتا پڊ جي روپ ۾ تير تاڻي دلين کي ڦٽيندو آهي. ۽ ان ۾ زوري زبردستي ڪانه هلندي آهي. اهڙو عشق  سهڻيءَ کي صرف ميهار سان هو. ان حقيقت کي قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ هروڀرو مافوق البشر ڳالهيون انساني ڪردارن سان لاڳو ڪرڻ جو دور هاڻي ڪونهي رهيو. شاهه صاحب جهڙي حقيقت نگار اها ڳالهه اڄ کان ٽي سئو سال اڳ سمجهي ٿي تڏهن ته سهڻيءَ واتان چورائي ٿو.

ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهين؟ منهنجو تن تڻي،

سائين نيڻن نيهڙ لڳائي  وئڙا  تيڏانهين.

سهڻيءَ جي من ۾ ميهار هو، پر سندس تن به ان جو ئي طالبو هو تڏهن ته ميهار جي لمبي جدائيءَ کي سهي نه ٿي سگهي ۽ چوي ٿي.

سڪ سڪندين لاهي، وڇوڙيا ميڙ پرين،
ايڏي سگهه جنين جو طالبو، مهر تنين کي پاءِ،
ميڙائيءَ جو ماءِ! ڪانگ لوندو ڪڏهين.
 

هتي هڪ ٻيو نڪتو به نڪري ٿو. هن سر ۾ جيڪڏهن صرف الله جو عشق(روحاني راز ڏسندڙن موجب) هجي ها ته الله جي سچي طالب طرفان خود الله کي ساراهي ان کان دعا گهري پنهنجي محبوب (الله) سان ملڻ جو مطالبو نه هجي ها. هن بيت ۾ ٻين ڪيترن بيتن ۾ سڌو سنئون انهيءَ مجازي عشق جي طلب آهي. البت ڪن ٻين خاص بيتن ۾ ضرور عشق حقيقي ۽ تصوف جون رمزون بيان ٿيل هونديون. مثلاً:

ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي،
طريقتا تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مرڪ، اصل عاشقن کي.
 

هن بيت کي تصوف بدران مجاز جو بيت ڪونه چئبو؟ حالانڪ سهڻيءَ کي شريعت جو پهريون سبق سکڻ لاءِ چيو ويو آهي. شريعت جو سبق ڇا آهي؟ نڪاح ٻڌي مڙس جو حق زوجيت ادا ڪرڻ يا پراڻي نا محرم وٽ وڃڻ! معنيٰ ۾ اهو تضاد ئي ان ڪري ٿو پيدا ٿئي جو اسين مجازي بيتن ۾ حقيقت ۽ تصوف وارن بيتن ۾ ماديت ڳولڻ ٿا شروع ڪريون. هن سر ۾ به اهڙا جام بيت  موجود آهن. جيڪي سهڻيءَ جي طلب کي مجازي محبوب ميهار تائين محدود ٿا ڪن. هتي تن جي طلب ۽ من گهرئي محبوب سان مڙڻ جو تصور مجازي عشق ڏانهن صاف اشارو آهي. جنهن کي شاهه صاحب گهٽ درجو نه ٿو ڏي ۽ اهو هڪ انسان کي ٻئي انسان سان اهڙي اٽوٽ ناتي ۾ جوڙي ٿو جيڪو تن من ٻنهي کي نهال ڪريو ڇڏي ۽ ماڻهو جيترو پنهنجي پرينءَ جو ديدار ڪندو اوترو اها پياس وڌندي ويندي. اهو ئي حال سهڻيءَ جو  هو.

سڙان پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تئونس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڏيان ته سرڪيائي نه ٿئي.
 

۽ اهڙي ئي سبب کان ٻي ڪا شيءَ وڻندي ئي  ڪانهي.

گهر نه ور، نه وٿ ڪا، آهه من ميهار،
ان اوسيئڙي اٿيان، سنجهي ڪري سينگار،
پرين پنهجو پار، پسان مان پر ڪنهين.
 

شاهه صاحب وٽ اهڙين ڳالهين جو هڪ جدا تصور آهي. هو ته سهڻيءَ جي پاڪائيءَ ميهار سان ملڻ ۾ ٿو سمجهي.

ساهڙ ڌاران سهڻي نسوري ناپاڪ،
نجاست ناهه ڪري، انين جي اوطاق،
هو جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي.
 

يا وري هيئن ٿو چوي

ساهڙ ڌاران سهڻي، هيءَ تان جنبي جوءِ،
هن پاڻيءَ سين پاهنجو مور نه مٿو ڌوءِ،
جي پري پاسي هوءِ، ته ڪر تو ڏيءَ تڙ ڪيو.
 

هتي ڏم وٽ مٿو نه ڌوئڻ ۽ ميهار پاسي تڙ ڪرڻ جون علامتون آهن. جيڪي ڏم سان، ميلاپ کي ناپاڪائي ۽ ميهار سان ملڻ کي پاڪائيءَ سمجهڻ لاءِ استعمال ٿيل آهن.

ساهڙ ڌاران سهڻي اڌوتي آهي،
ڪنڍيون جو ڪاهي، پاسي تهين پاڪ ٿئي.
 

شاهه صاحب سهڻيءَ جي حق جي ڳالهه ڪندي عام طور عورت جي حق جي، آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. بلڪه ان مان عام ماڻهوءَ جي حق ۽ آزاديءَ جو مطلب به ڪڍي سگهجي ٿو. هو عورت جي گهر اندر ويهي رهڻ پسند نه ٿو ڪري ۽ کيس مطلب  ماڻڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ، اڳيان وڌڻ ۽ عام وهڪري کان گهڻو اڳتي وهڻ جي صلاح ٿو ڏي.

واهڙُ وَهَن نوان، اڃا وَهه اڳي ٿيو،
گهر ويٺيون گهڻا ڪريو، سرتيون سڱ سنوان،
صورت جا ساهڙ جي، سا جي ڏٺي آن،
هوند نه پليو مان، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
 

گهر ويٺي دعويٰ ڪرڻ مان ڪي ڪين ورڻو آهي. ٻاهر نڪري گهڙا کڻي گهڙڻ سان ئي مراد ملڻي آهي. پر شرط اهو آهي ته مراد، منزل جو تصور ۽ تصوير واضح هجي ۽ جن کي انهيءَ جي صورت واضح نظر اچي ٿي. سي ٻين کي منع ڪرڻ بدران پاڻ به اهو ئي پنڌ اختيار ڪنديون. اهو ئي سبب آهي جو سهڻيءَ جي زباني انهيءَ تصور کي واضح ڪري سستي ۽ ننڊ ڇڏي عمل جو سڏ ٿو ڏي.

ساهڙ مون جيئن سرتيون، جي ڏسو سڀيئي،
ته سمهون ڪين سک ٿي، پاسو ورَ ڏيئي،
منهان اڳي ئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
 

اهو ضروري ناهي ته سڀئي وارن واريون عورتون ميهار کي ڏسي ان تي موهت ٿين. نڪو وري پنهنجن ورن هوندي انهن مان شاهه صاحب اهڙي اميد ٿي ڪئي. ظاهري طرح سان اها هڪ عورت جي خوش فهمي آهي. جيڪا پنهنجي دل گهرئي دوست جي صورت ۾ سندس ذات کي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڀائيندي آهي. پر اصل ۾ اهو شاهه صاحب جو پيغام آهي جيڪو هو پنهنجي قوم جي عام ماڻهن توڙي عورتن کي ٿو ڏي ته پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ سستي ڇڏي ڏيو، ۽ پنهنجي منزل سڃاڻي ان کي حاصل ڪرڻ جو عزم ڪريو. اهو فلسفو هن بيت ۾ وڌيڪ واضح ٿئي ٿو.

ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.
 

هن بيت ۾ پڻ پنهنجي مقصد لاءِ پنهنجو پاڻ ارپڻ جو عزم ڪرڻ جي ضرورت ڏانهن اشارو  آهي. ظاهري معنيٰ ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ سهڻيءَ کان سواءِ ٻيون به ڪي عورتون ميهار سان عشق ۾ ساهڙ ساهڙ پيون ڪن. پر اصل ۾ ان مان مراد اها آه ته مقصد اهو ئي ماڻينديون آهن جن وٽ سچو جذبو هوندو آهي. جيڪي سر جوسانگو لاهي خوشيءَ سان پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ نڪرنديون آهن. انهن کي همٿائيندي چوي ٿو.

گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾ پئه ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
 

عشق سچو هجي ته نتيجي ۾ منزل پاڻ هلي ايندي اهو يقين ٿو ڏياري.

پڇن جي ميهار کي پڇي سي ميهار،

ترهو تنين  بار،  عشق  جنين  آڪرو.

شاهه صاحب سهڻيءَ جي ڪردار ۾ اهو پيغام ڏيڻ جهڙا ڳڻ ڏٺا تڏهين ائين ڪيائين. سهڻي هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن مثالي بهادري جو منظر پيش ڪيو آهي.

دهشت دم درياه ۾ جت جايون جانارن،
نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
درندا درياهه ۾، واڪا ڪيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن،
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،
ڪو جو قهر ڪنن ۾، دِڻا ڪين ورن،
اتي اڻ تارن، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.
 

سهڻيءَ کي جڏهن محب ميهار سان ملڻو هو ته نه گهڙي جو آسرو ڪيائين، نه ڪا ڪُنن جي ڪڙڪن جهلي، نه ڪنهن ترهي تري، نه ملاح پڇيائين، نه مڪڙيءَ چڙهي، نه مانگر مڇن جو خوف ٿيس، سمورو وقت سندس سڀاءَ ۾ مستقل مزاجي، ڳنڀيرتا ۽ وزن ٿو نظر اچي.

دهشت دم درياهه ۾، جت سٽاڻا سنسار،
بيحد باڳو بحر ۾، هيبتناڪ هزار،
ساريان ڪانه سرير ۾، طاقت توهان ڌار،
ساهڙ! ڄام ستار! سگهو رسج سير ۾.
 

هر مشڪل، هر رنڊڪ ۽ هر خطري کان بي نياز ٿي محبت ۽ عمل جي درياهه ۾ ٽپي ٿي پوي. درياهه دڙ لائي يا ڏم ڏوراپا ڏي، ڪچو دلو هجي يا مڇ مڙيا هجن. هوءِ عقل جي انهن اسبابن تي سوچڻ بدران عشق جي اثر ۾، نينهن جو نانءُ ڳنهي گهڙي ٿو پوي. منزل ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ ارادو ۽ عشق ضروري آهي، وسيلا پاڻهي پيدا ٿيندا آهن. اها همت ۽ اهڙو ادم هڪ عورت ۾ هو. سهڻيءَ ۾ هو. جيڪو شاهه صاحب محسوس ڪيو ۽ ان کي ساراهيائين. سهڻيءَ جي انهي قرب ۽ قوت کي اڀارڻ لاءِ پاڻ تيز وهندڙ درياهه کان سواءِ شديد طوفان، سخت سيءَ، پاري، اونداهي جو پس منظر پيش ڪيو اٿس ۽ اهڙي طرح انساني محسوسات لاءِ شديد حالتن ۾ سهڻيءَ جي سهپ  ڏيکاري اٿس.

سهَه سيارو پاڻي پارو، جت جهڙ، جهڪ ۽ جهول،
من اندر ميهار جا، هينئڙي اچن هول،
جيلانهه ٻريس ٻول، ٿي اڙانگا آر تران.
 

يا هي ڏسو.

سياري سهَه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن،
هلو ته پڇو سهڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
 

سچو نيهن ان کي چئبو آهي، سچو جذبو اهڙو ئي ٿيندو آهي، اهڙي جذبي وارن کي نه ڏينهن جو سک ايندو آهي، نه رات جو ننڊ، اٿندي ويهندي، سمهندي، جاڳندي کين اها ئي تات لڳل هوندي آهي.

کرڪن خوش ڪياس، محبتي ميهار جي،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، آڌيءَ اٿياس،
ستي جاڳاس، سانڀر سپرين جي.
 

شاهه صاحب جي سورمين ۾ هڪ خاص ڳالهه اها نظر اچي ٿي ته هو محبوب ته محبوب، پر ان سان لاڳاپيل هر شي سان محبت ٿيون ڪن. سسئيءَ کي پنهونءَ جي قافلي جا اٺ به پيارا آهن ۽ هوءَ انهن سان ڳالهائي ٿي. ڏوراپا ڏي ٿي. کين دعائون ٿي ڪري. ساڳي طرح سهڻيءَ کي وري ميهار جون مينهون ۽ وڇون وڻن ٿيون ۽ هوءَ وڇوڙيل اندر جا سور انهن سان ڳلي لڳي ٿي اوري، انهن کي دعائون ٿي ڪري، انهن مان آسيس ٿي وٺي.

وڇن سين ويٺي، سور وياڇي سهڻي،

آن ڪا ڏيٺي، مينهن جي ميهار  سين.

هيءَ ويچاري ته نسوري ويڌن ۾ هئي، گهر جون حالتون اهڙيون هئس جو نڪرڻ مشڪل هوندو هئس، ۽ دير ٿيڻ تي وري محبت جي مياري ٿيندي هئي، ٻنهي پاسي ويل هو.

ڳورا ٻئي يار، هيون حيرت ۾ پيو،
وهان ته ويرم ٿئي، نينهن ۾ پوءِ نهار،
وڃان ته واڪو ٿئي، پاڙي پوءِ پچار،
هت ٿي واعدي وار، هت سوٽون ڏنيم سرتيون.
 

ميهار وٽ وڃي موٽڻ تي دل ئي ڪانه ٿيندي هيس، ڀلا ڪنهن جي دل چوندي ته پنهنجي سپرينءَ جو ساٿ ڇڏي واپس وڃي.

چونم جي هيڪار”م ونءَ موٽي سهڻي،
دونهي پاسي دوس جي، گهاريان سڀ ڄمار،
ٻانڌيڻا ٻيهار، هوند ته لڱين لائيان.
 

هتي پڻ اها معني ڪڍي سگهجي ٿي ته شاهه صاحب عورت جو ٻانڌيڻو (رئو) پائي ويهي رهڻ بدران پنهنجي منزل ڏانهن پنڌ ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ٿو ڪري. انهيءَ سموري وصل ۽ فراق جي اچ وڃ ۾ ويچاري سهڻي اهڙي ته اچي عاجز ٿي هئي جو پرينءَ پاسي مرڻ جي تمنا ٿي ڪري.

وڃان ڪين وري، هُند ري چئي رهي رهان،
دونهي پاسي دوس جي، ماڳهه پئان مري،
صورت نه سونهن ڪا، ڪيس چت چري،
تيلانهه تري، مينهن ڳنيو موٽيو وڃان.
 

ويچاري جيستائين جيئري هئي، اهو پنڌ پڄائيندي رهي، محبت ملهائيندي رهي.

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀن پيٺي  سڪندي کي  سڄڻين.

شاهه صاحب بظاهر ۽ عام جي زبان ۾ هڪ ڪمزور ۽ عاجز عورت جي سڪ ۽ سچائي، همت ۽ جرئت تي نه صرف هن کي پر هن جي ماءُ کي به جس ٿو ڏئي جنهن کيس ڄڻيو. ان تي فخر ڪرڻ ۽ مرڪڻ جو سبب ٿو سڏيس.

جهول نه جهلي سهڻي،  سائر  سٽ سندياس،

جنهه اهڙي ڄائي عاجزا، سا مَر مرڪي ماس،

پسين جي پياس،  ته   ڪيئن  عشق   آڻيين.

شاهه صاحب عشق جي معاملي ۾ سهڻي کي ٻين سڀني سورمين کان وڌيڪ ڀانئي ٿو. هو ٻين سڀني کان کانئس نينهن سکڻ جي صلاح ٿو ڏي ۽ پاڻ کي به ان ۾ شامل ڪندي چوي ٿو ته”هلو ته پڇون سهڻي جا ڪري ڄاڻي نينهن“ ڇو جو جيسين جيئري هئي ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪيائين. ايتري قدر جو جنهن درياهه سوين ڪچو پڪو عشق ڪرڻ واريون ڪمزور عورتون ٻوڙي پنهنجي دهشت دلين تي وهاري ڇڏي هئي. سهڻيءَ پنهنجي سچي عشق ۽ بهادري جي مثل سان ان دهشت کي نه ليکيندي ڄڻ ته درياهه کي ئي لڄائي ڇڏيو ۽ شرم کان ان جي لهرن ڪپن کي ڪنڌ هڻي جھڻ دم ٿي ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com