سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :8

هڪ شخص جا چيل ٻول هر ماڻهوءَ جي زبان تي هوندا هئا ڇو ته انهن ۾ هر ماڻهوءَ جي دل ڌڙڪندي هئي. انهن ٻولن تي ڪنهن هڪ شاعر جو نانءُ نه هئو. ڇو ته ٻولن سان ٻول ڳنڍبا ويا. هڪ ٻول هڪ ماڻهوءَ جو ته ٻيو ٻول ٻئي جو، ائين انهن گيتن جي پيڙهين تائين ترتيب پئي هلندي رهي. انهن جي تڪميل ۾ ڪي ئي ماڻهو حصو وٺندا رهيا ۽ ڪي ئي پيڙهيون انهن کي ڳائينديون رهنديون هيون. اهي گيت هر ماڻهوءَ جي چپن تي هوندا هئا ڇو ته اهي سندن ئي سادي، سٻاجهي ۽ نماڻي ٻوليءَ ۾ چيل هوندا هئا. انهن جي لفظن ۾ ڪا ٺاهه ٺوهه نه هئي. انهن ۾ بيان ڪيل جذبا به سندن دل وٽان هوندا هئا. (10) اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو ته لوڪ گيتن ۾ سنڌي زندگي ۾ فردن جي هڪ ٻئي سان واهپي جو به چڱو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سندن پاڻ ۾ لاڳاپا ۽ رشتا ناتا به معلوم ٿي سگهن ٿا. انهن گيتن ۾ نمايان طور تي نظر ايندڙ جذبو آهي پيار ۽ پاٻوهه، محبت ۽ مجاز جا مضمون سادي ٻوليءَ ۾ نظر ايندا، ان سان لاڳاپيل احساسن ۾ وصل وڇوڙو، ساروڻيون ۽ سنيها، پرديسين جون پچارون ۽ پيغام پڻ هوندا آهن. انهن جي ٻولي ٺاهه ٺوهه ۽ بناوت کان پاڪ هوندي آهي.

        پورهيو انفرادي ۽ اجتماعي صورت ۾ ڳايل گيتن جو هڪ ٻيو موضوع آهي. انهن گيتن ۾ محنت جي عظمت جو احساس ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اتساهه جي خبر پوي ٿي. شادين مرادين جي محفلن ۾ خوشيءَ جي اظهار طور ڳايل گيت به لوڪ حيثيت ماڻين ٿا. سنڌي لوڪ گيت عام طور زبردست ترنم (Rhythem) رکن ٿا جيڪو اڪيلي سر يا گڏجي ڳائڻ ۾ چٽو نظر اچي ٿو ۽ اها خوبي انهن جي ڳائيندڙن جي گڏيل جذبي جي گهرائي جو اهڃاڻ آهي.

Poetry is characteristically song, and song is charactistically something which. Because of it rhythem, is sung in unison, is capable of being the expression of a collective emotion. (11)

        مطلب ته زندگيءَ ۾ موجود هر اهم موقعي ۽ واقعي لاءِ اظهار موجود آهي. ڪيترا لوڪ گيت سنڌ جي قديم رومانوي داستانن کان متاثر ٿي ڳايل ٿا لڳن يا انهن جي ڪردارن کي تمثيل طور کڻي ڳائڻ جو رواج به ملي ٿو. اڪثر لوڪ گيت پڻ عورتن واتان چيل محسوس ٿين ٿا يا وري ٿي سگهي ٿو ته مردن چيا هجن پر پاڻ کي عورت جي ڪردار ۾ لڪايو هجي. جيئن سنڌي شاعري جي روايت رهي آهي.

        شاهه صاحب عورتن کي عاشق بڻائي سندن واتان وَر لاءِ طرح طرح جا خيال ظاهر ڪيا آهن. هونءَ جنهن رنگ ۽ ڍنگ، وزن ۽ ڌرن ۾ عورت آزي، نيزاري عاجزي ۽ انڪساريءَ سان خيالن جي ادائگي ڪندي سا مرد کان هرگز پهچي ڪانه سگهندي. اسان جي سنڌ جي شاعري ۽ سگهڙن به عورت کي عاشق بڻائي پنهنجا امنگ ۽ اڌما ظاهر ڪيا آهن. (12)

        بهرحال مشهور لوڪ گيتن مان جمالو، ڇلو، مورو، ٻيلڻ، ڍولو عورتن واتان چيل لڳن ٿا. ڳائڻ مهل ڪن کي رڳو زالون ڳائن، ڪي گڏجي ڳائبا آهن ته ڪن کي رڳو مرد ڳائين. جمالو مرد به ڳائن ته زالون به، مورو جيتوڻيڪ مرد ڳائين پر ان جا لفظ عورت واتان چيل محسوس ٿيندا. جيئن مورو ويٺي ڏيان جي وراڻي مان ظاهر آهي. ڇلو، لولي، ٻيلڻ ۽ گامڻ ۾ به ساڳيو اصول نظر ايندو لم ڪيان ڙي لو عورتون اڪيلي سر يا گڏجي ڳائين. منڍورو، جادليئو رائڌڻ ور ورسارو چوماسو، ساوڻ ٽيج وسڪاري کانپوءِ زالون گڏجي ڳائين،

        جمالو گهڻو ڪري مرد ڳائين پر جيڪڏهن ان جي لفظن تي غور ڪبو ته اهي عورت واتان چيل محسوس ٿيندا. ڪتاب لوڪ گيت ۾ ڏنل روايت موجب جمالو ڪنهن شخص جو نالو آهي جيڪو پنهنجن کان وڇڙي لاڙ ڏانهن جتن وٽ هليو ويو هو. سندس وڇوڙي ۾ گيت چيا ويا ۽ موٽڻ مهل خوشي ۾ ناچ ٿيا. ان گيت ۾ جمالي کي ساري سنڀاري ڳائيندڙ ڪا عورت ٿي محسوس ٿئي. هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا جن مان ان دعويٰ جي وضاحت ٿئي ٿي.

                جنهن جي ديد سان ته عيد هئي

                جنهن دل ڪئي خريد هئي... هو جمالو (14)

        جمالي جي سونهن بابت بيان ۾ سندس ڏند، چپ، اکيون، وار، ڏاڙهي، هٿ، ڪپڙا، جتي ۽ لوڏ جي ساراهه جو تفصيل به عورت جو چيل ٿو لڳي.

                جنهن جا ڏند دلبند لا......

                جنهن جون اکيون رب رکيون لا..... وغيره.

        جن سٽن ۾ جذبي جي گهرائي محسوس ٿئي ٿي ۽ اهي هڪ مرد (مڙس يا محبوب) لاءِ هڪ عورت (زال يا محبوبه) جا چيل آهن. سي هن ريت آهن:

                دل جو دلبر يار آ، هو جمالو

                پورو جنهن سان پيار آ....

 

                اديون منهنجي عيد ٿيندي

                هر ڪا پئي واڌائي ڏيندي (15)

 

                نماڻيءَ سان ناتو نڀاءَ

                تولئه سڪيس سال ٿي.

 

                تنهنجي کلڻ ته کاري آهيان

                تنهنجي مرڪڻ ته ماري آهيان

                تنهنجي سهڻي صورت ساڙي آهيان

                  تنهنجي حسن ته حيران ڪيو.... هو جمالو (16)

        مٿين سڀني سٽن پڙهڻ کانپوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿو ته عورت پنهنجي سڪ ۽ سار جو اظهار بنا هٻڪ ۽ روڪ جي ڪري سگهي ٿي سماجي طرح سنڌ ۾ ڪا عورت پنهنجي پيار جو اهڙي بيباڪيءَ سان اظهار ڪري سگهي ٿي؟

        ڇلو اڱر جو زيور سنڌ ۾ (توڻي دنيا ۾) پيار جي نشاني ڪري ورتو ويندو آهي، ان نالي وارو گيت به عورت واتان چيو يا چورايو ويو آهي.

                ڀلا يار جاني...........

                آهيان تنهنجي ٻانهي، ڇلو ڏي نشاني

               

                ڇلو سونهن جواني، ڇلو ڏي نشاني. (17)

 

                ڇلي ننڊ ڦٽائي، تنهنجي ياد آئي.

 

                ڇلو ڪريو چُلهه تي، جاني آهين دل تي. (18)

               

                ڇلو چيچ پايان، ڪنڱڻ ٻانهن لوڏايان

                رٺا دوست پرچايان-------

               

                ڇلو آيو گهڙجي، اکيون ويون اڙجي

                قابو دل ڪڙجي.

 

                   ڇلو مينار ڪاري، ڏنو دل پياري، وڃان واري واري

                   سانڍيان رڳ رڳ ۾، جيئان جيتر جڳ ۾. (19)

        مٿين سڀني سٽن ۾ عورت پاران اظهار ڪيل نظر اچي ٿو. چلهه تي ڇلي جو ڪرڻ، ڪنڱڻ ٻانهن ۾ پائڻ زناني ڪردار ڏانهن اشارو ٿا ڪن.

        مورو ڪوهستان جو گيت آهي. محبت ۽ مجاز ان جا مضمون آهن. پيار جو پيغام پرينءَ تائين پڄائڻ مقصد اٿس. هن گيت لاءِ خود ڊاڪٽر بلوچ جي اها راءِ آهي ته پهريون مورو غالباً ڪنهن عورت چيو جا دور دراز پنڌ تي پرڻجي وئي، مائٽن ۽ وطن کان وڇوڙي سبب التجا طور هي ٿي چيائين. (20)

                تو جي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني

               

                وڻ جي چون ٽاري، ڳڻتين آهيان ماري

 

                جبل مٿي هاٿي، دلبر سان دل ڦاٿي

 

                مورو ناهي ٿورو، جاني مورو ويٺي ڏيان (21)

 

                پري اٿم پيڪا، رب رضا ٿي جيڪا،

                                جاني مورو ويٺي ڏيان.

 

                ڀيڻ هنجون هت هاري، ڀائر ڀينر ساري.

                سس هڻي ٿي طعنا، ٺاهي روز بهانا

                                جاني مورو ويٺي ڏيان.

                ٻُڌ نڻان جو جهيڙو، هي هي هل بکيڙو

                                جاني..............

                پٽ جڏهن مون ٿيندو، ڏيهه مبارڪ ڏيندو

                                        سڄڻ مورو ويٺي ڏيان.

        مٿين سٽن مان صاف ظاهر آهي ته اهي عورتن جون چيل آهن. پيار محبت کانسواءِ گهرو مسئلا جيڪي کين پيش اچن ٿا تن جو به اظهار ملي ٿو. پيڪن کان پري پرڻيل ڌيءَ جا سور ٻيڻا ٿا ٿين. هڪ ته مائٽن جي ياد ۾ روئي ٿي، ٻيو سس نڻان جا طعنا ۽ جهيڙا به زندگيءَ جون حقيقتون آهن جن سان کيس منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان جو اظهار ڪرڻ به هڪ قسم جو ڏوهه آهي هن سماج ۾، پر سورن ساڙيل آخر ڪيستائين پنهنجو اندر ٻين کان لڪائيندي. آخر هڪ گيت جي صورت ۾ ئي اهو سامهون ٿي آڻي. اهي گيت سنڌ جي سماج ۾ گهرو ماحول جي چٽيءَ طرح عڪاسي ڪن ٿا.

        لولي خاص طور سنڌ جي سري ۾ جتن ۽ ٻين همسايه قبيلن جو گيت آهي. جيڪو گهڻو ڪري سرائڪيءَ ۾ آهي. هن گيت ۾ مڙس سان محبت جو اظهار، سڪ جو سنيهو جدائي ۽ وصل آهي. (23)

        کڙي هان جو وڻ تي، ڏيوان ڍولڻ ڪون لولي

        ميڏي سڄن دي مٺڙي هي ٻولي.... ڍوليا لولي. (24)

        ٻارن کي مائرون لولي ڏيئي سمهارينديون آهن. لولي قديم صنف آهي. ائين ڀانئجي ٿو ته جيئن ئي عورت ٻچي جي ماءُ ٿي آهي، تيئن ئي لولي وجود ۾ آئي آهي. لولي ٻار کي کيڏائڻ جو گيت آهي. ٻارن کي کيڏائيندي ڪڏائيندي لولي ڏيندي ننڊ کڻي ويندي آهي. (25)، ان ۾ ماءُ جي بي انت پيار ۽ اولاد لاءِ مامتا جو سمنڊ ڇوليون هڻندو محسوس ٿيندو آهي. اها لولي هجي يا مٿين سرائڪيءَ ۾ چيل لولي، هنن ۾ پنهنجي پيارن جي لاءِ خير گهرندڙ هستيءَ جي روپ ۾ عورت جو ڪردار اڀري اچي ٿو ڪوڏاڻا به لوليءَ جو هڪ قسم آهن. ٻار کي وندرائڻ ساڻس کيڏڻ کيڏائڻ اسان انهن جو واسطو آهي. انهن ۾ پٽن ۽ ڌيئرن لاءِ ڌار ڌار ڪوڏاڻا چيا وڃن ٿا. پٽن لاءِ وڌيڪ ۽ ڌيئرن لاءِ گهٽ ڪوڏاڻا ملن ٿا.

        ٿرپارڪر جي پاسي جا ڪيترائي لوڪ گيت اهڙيون روايتون رکن ٿا جيڪي ان علائقي جا ماڻهو خاص طور عورتن سان منسوب ٿا ڪن، مثلاً ڪجهه گيتن واريون روايتون هت لکجن ٿيون جن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي.

        لکيو هڪ لوڪ گيت آهي. جنهن جو موضوع آهي وڇوڙو ۽ بيوفائي...... روايت آهي ته سوني نالي ڀيلڻ جو هڪڙي ڪنڀار سان نينهن ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن بعد اهو ڪنڀار هميشه لاءِ اتان جانيهرو ڳوٺ لڏي ويو...... سوني دوست جي بيوفائي کان رات ڏينهن روئيندي ورلاپ ڪندي رهي. (26)

                لکڻ واري ويهي لکيو، منهنجوڙي لکيو

                هڻي قرب جي ڪاني، ويو جانيهري جاني

                                                هي ڙي لکيو.

        جدائي ٿي جهوري هي لوڪ گيت هڪ ڏکويل ڀيڻ جا آلاپ آهن جي پنهنجي ڀاءُ نالي منگهن جي بيگناهه مارجڻ جي حادثي تي سندس دل مان نڪتا ۽ اهي پوءِ عوامي گيت جي صورت ۾ آيا.

                ڇوريءَ کي ڇوري ڪري ڇڏي وئين ڙي

                منگها تنهنجي جدائي ٿي جهوري ڙي

                دکيءَ کي دلاسو ڪير ڏيندو ڙي

                ڀائو تنهنجو وڇوڙو ٿو ماري ڙي. (27)

        مٿين مضمون کان جدا مضمون رکندڙ هڪ گيت وندل ٻائي بابت ڏاڍو دل ڪنبائيندڙ آهي جنهن ۾ به پراين نياڻين سان ساهرن جي بڇڙي هلت جو مثال ملي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي سماج ۾ عورت لاءِ ڪنڊن جي سيج سجائڻ وارا ڪهڙا ڪهڙا ڪردار آهن. هروڀرو ڪنهن مرد کي ڏوهه ڏيڻ به غلط آهي، خود عورت سان عورت جو ساڙ ۽ حسد به ايتري حد تي پهتل نظر اچي ٿو جو اعتبار ڪرڻ تي دل نٿي ٿئي. روايت آهي ته وندل نالي هڪڙي ڪنوار کي مڙس جو گهڻو ڀائيندو هو تنهن تان مڙس جي ماءُ ساڙ کائي کيس ڪهي ڇڏيو. مڙس پنهنجي ننڍي نيٽي زال کي ڳوليندي ماءُ کان پڇا ڪئي:

                هت جا ڇڏي هيم ننڍڙي ڙي امان امان

                ناهي راول ڌيءَ، ناهي سوداگر ننهن. (28)

        تڏهن ظالم ۽ چالاڪ سس جواب ٿي ڏي ته:

                رات جا وئي جنڊ تي ڙي ابا ابا

                سا وري نه موٽي شهزادي وندل ٻالي.

        تڏهن پٽ ٿو چويس.

                جنڊ جنڊ ڪري نهاريم ڙي امان امان

                ناهي راول ڌيءَ، ناهي سوداگر ننهن

        پوءِ انهيءَ ريت ڪڏهن هوءَ تڙ تي وڃڻ جي ڳالهه ٿي ڪري ته ڪڏهن جيڏين سان وڃڻ جي، ته ڪڏهن وري مائٽن وڃڻ جو بهانو ٿي ڪري، آخر پٽ جي نظر رت تي پوي ٿي تڏهن چويس ٿو:

                هيءَ جا ڏسان ٿو رت ترائي، ڙي امان امان

                تنهن روال ڌيءَ، ناهي سوداگر ننهن  

        سنگدل سس چوي ٿي:

                رات جو آيو ڪاسائيڙو، ڙي ابا ابا

                تنهن ته ٻڪرڙو ڪٺو 

        آخر پٽ ڳالهه سمجهي ٿو وڃي ۽ چئي ٿو ڏئيس ته:

                ڪوڙ ٿي ڪرئين ڙي خونڻ مائي

                تو ته ڪٺڙي منهنجي ڪنوار

                ناهي راول ڌي، ناهي سوداگر ننهن، (29)

        اهڙو حال به رهيو آهي سنڌ ڌرتيءَ جي سهڻين من موهڻين وندل ٻائين جو.

        لوڪ گيتن ۾ هڪ گيت ڏاڍو عجيب ۽ اعتبار ۾ نه ايندڙ موضوع وارو به ملي ٿو جنهن ۾ هڪ ڇوڪري پنهنجي پسند جو ور وات سان گهري وٺي ٿي ۽ ان لاءِ مائٽن سان ضد ۽ حجتون ڪري ٿي. اڄ جي زماني ۾ به اهڙو تصور سنڌ جي ڪا ڇوڪري ڪري نٿي سگهي، اصل ڪهاڙين مان نڪري وڃي جي اهڙي ڳالهه ڪري ته گيت آهي رائڌڻ ور

        روايت هن ريت آهي: سومرن جي دور ۾ حاڪم رائڌڻ سومري، ڍٽ ۾ ڪنهن تلاءُ جي ڪپ تي اچي منزل ڪئي. ڀر وارن ڳوٺن جون ڪي ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ اتي آيون... تن مان پٽيل جي ڌيءَ ، جا تمام سهڻي هئي، تنهنجي نظر وڃي رائڌڻ سومري تي پئي ۽ ان تي عاشق ٿي پئي. ڇوڪريءَ گهر موٽي وڃڻ شرط گهاگهر پٽ تي اڇلائي ماءُ کي چيو ته مون کي رائڌڻ سومري سان پرڻاءِ. (30) .... مائٽن جي گهڻي سمجهائڻ جي باوجود ڇوڪري لاڳيتو ان خواهش جو اظهار ڪندي رهي ته:

        او ڀوري اما، او راڻي اما، منان رائڌڻ ور پرڻاءِ،

          او ڀوري امان، او راڻي اما! منان سنڌ رو سومرو پرڻاءِ (31)

        ۽ آخر ڪار مائٽن مجبور ٿي پاڻ ڇوڪريءَ کي رائڌڻ سومري سان پرڻائي ڏنو.

        سنڌ جي تاريخ مان هڪ ٻيو به واقعو لوڪ گيتن ۾ آيل آهي جيڪو پڻ ڪجهه مختلف روايت رکي ٿو ڄام لاکي ۽ اوڏڻ جو قصو عشقيه داستان طور مشهور آهي. ان ۾ ڄام لاکي جو ڪردار ته هڪ امير ۽ شاهوڪار ماڻهوءَ جهڙو عام ڪردار ٿو لڳي جنهن وٽ اڇڻ لاءِ آهي صرف ڌن ۽ دولت ۽ ان ڪري هو سخي مشهور ٿيو آهي پر اوڏڻ جو ڪردار پنهنجي نهٺائي ۽ نماڻائيءَ سبب ان کان گوءِ کڻي ويو آهي ۽ ملير جي مارئي يا ڪينجهر جي نوريءَ کان ڪنهن به ريت گهٽ نٿو ٿي سگهي. هوءَ سونن ڳهن، پلنگ پينگهن کي پنهنجي مٽيءَ جو مٽ نٿي ڀانئين، گيت ڪجهه هن ريت آهي:

                   اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان

                ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان ڦٽو ڪر شان اوڏڻ سان

                اسان جو پکڙن سان آهي پيار

        ڄام چويس ٿو:

                سونيون دهريون ٿو ڏيانءِ، سڻ تون اوڏڻ ٻائي

        تڏهن وراڻي ٿي:

          سي ته سونهن تنهنجي راڻين کي، سڻ راجا ڙي سائين

        اسين اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان.

        اهڙي طرح مختلف شين جي آڇ کي هوءَ ڪا اهميت نٿي ڏي ۽ پنهنجي مٽيءَ کي ئي مانائتو ٿي ڄاڻي، سندس انهيءَ ادا ئي کيس آخر ڪار ڄام لاکي جي پٽ راڻي بڻائي ڇڏيو.

        لوڪ ادب جي سلسلي ۾ جنهن صنف ۾ عورت جو ڪردار ئي ان جو خاص موضوع رهيو آهي ۽ ان کانسواءِ ان صنف جو تصور به ڪري نٿو سگهجي سا آهي سينگار بيت جي صنف.

        ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي تحقيق موجب اها صنف اصل هنديءَ مان آيل آهي. هو انهن بيتن کي هندي بيتن جو تتبع (32) سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته اسان جي سنڌي شاعرن هندي عشقيه شاعريءَ کان متاثر ٿي پنهنجي واٽ ورتي. هندي ٻوليءَ ۾ هن صنف کي سنگار رس (اصل هندي شرنگار رس) چئجي ٿو (33)

        ڊاڪٽر سنديلي مرحوم سان معذرت ڪندي آءٌ ان خيال جي آهيان ته سينگار جا بيت اصل سنڌي صنف آهي، جا پوءِ هند جي ٻين علائقن ۾ پهتي ۽ هنديءَ ۾ رائج ٿي. هندي ٻولي ۽ ادب سنڌي ٻولي ۽ ادب کان گهڻو پوءِ جو آهي. ان ڪري قدامت جي ڪري نقل ۽ تتبع هنديءَ وارن ڪيو هوندو ۽ نه سنڌي وارن! اها عشقيه قسم جي شاعري ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۾ موجود سينگار بيتن ۾ ان ڪري ساڳيو ماحول ملي ٿو. لفظ تشبيهون، استعارا گهڻي قدر ساڳيا استعمال ڪيل آهن. هنديءَ ۾ وڃي اتان جي روايت موجب ان ۾ گهڻي تبديلي آندي وئي هوندي جيڪا پوءِ جي دورن ۾ وري سنڌيءَ ۾ ڦري آئي پر ان جو مزاج بدلجي ويو.

        هن قسم جي شاعريءَ ۾ عورت جي جسماني ساخت، سندس بدني بناوٽ، عضون جي ننڍ وڏائي، رنگ روپ، هلڻي، مطلب ته هر ڪنهن ڳالهه سان واسطو پوي ٿو. هيءَ هنديءَ ۾ ته ذهني عياشيءَ لاءِ چيل معلوم ٿئي ٿي. ان ڪري هن ۾ عام سنڌي شاعريءَ جو مزاج ته اصل ڪونه لڀندو جنهن ۾ عورت کي جنس جي علامت طور ڪڏهن به پيش نه ڪيو ويو آهي. عورت جي سونهن سوڀيا ۽ سنيگار کي پنهنجا ماڻ ۽ ماپا ڏيئي معيار مقرر ڪيا ويا آهن. جيڪا عورت انهن تي پوري آئي سا پر ڪشش يا جنسي علامت طور مڪمل عورت سمجهبي. هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اصل صنف سنڌي هوندي به عورت جو اهو تصور پوءِ جو ۽ ٻاهريون آهي نه ڪي سنڌي. لڳي ائين ٿو ته ان قسم جا شعر مختلف بياضن ۾ اچڻ جي ڪري سنڌي شاعرن جي نالي ڳڻيا ويا آهن نه ته اهي اصل ٻين شاعرن جا آهن.

        هنس چلن، ڪدليهه جنگهه، ڪٽ ڪيهر، جم ڪهين

        مُک سِهر، کنجرنين ڪُچ شري ڦل، ڪنٺنه وين

        هلڻ هنجهه جهڙو، ڄنگهون ڪيوڙي جهڙيون لسيون ۽ سڌيون، چيلهه شينهن جهڙي سنهڙي، چهرو چنڊ جهڙو، اکيون خنجر جهڙيون، ڇاتي ناريل جهڙي اڀريل ۽ اٿيل ۽ گلو ڪوئل جهڙو. (34)

        تقريباً اهوئي مضمون سنڌ ۾ شاعرن هن ريت پيش ڪيو آهي.

        هنج هلڻي، ڪَر ڪيلا، ڪٽ ڪَيهر آليهر ڍار

        چنڊ مُک، خنجر نيڻ، سُچ انار، ڪوئل گفتار

        قد سروان، سُوڌو، نڪ آمي جي ڦار

        اهي هن اطوار جانب جا ته جمال چئي.

        هلڻي هنج جهڙي، هٿ ڪيلي جي ڦريءَ جهڙا، ڪمر شينهن جهڙي ۽ اليهر نانگ جيان ڊگها ڪارا وار، منهن چنڊ جهڙو، اکيون خنجر جهڙيون، ڇاتي ڏاڙهونءَ وانگر، لات ڪوئل جهڙي، قد سروَ کان سڌو، نڪ انب جي ڦار.

هنديءَ ۾ شرنگار رس جو اشتقاق ڪبو ته: شرنگ معنيٰ ڪام ديو (عشق جو ديوتا) جو اڀرڻ ۽ معنيٰ وڃڻ معنيٰ جنهن جي ڪرڻ سان من ۾ پيار وڌي ٿو. (35)

        محبوب جي هن خاص قسم جي قدرتي سونهن يا سينگار کي ساراهڻ کانسواءِ ظاهري هار سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه جي لاءِ به هن قسم جي شاعري ۾ معيار مقرر ڪري ڏنا ويا آهن. جن کي سورنهن سينگار چيو وڃي ٿو.

        هڪڙي سونهن جيڪا قدرتي آهي ان جا معيار به سورنهن آهن ته وري ظاهري سينگار جا به سورنهن طريقا آهن. قدرتي سونهن جا معيار مقرر ڪيل اصول مطابق هي آهن.

        دير گهه چهار، چهار لگههُ سوئي

        سُڀر چهار، چهنه کينو هوئي. (36)

        (محبوب ۾ چار ڊگهيون، چار ننڍيون، چار ڀريل ۽ چار سنيهون ڪهڙيون شيون هئڻ ضروري آهن؟ چئن ڊگهين شين ۾ وار، آڱريون، اکيون ۽ ڳچي آهن. چئن ننڍين شين ۾ ڏند، ڇاتيون، پيشاني ۽ دُن آهن. چئن سنهين شين ۾ نڪ، چيلهه، پيٽ ۽ چپ آهن. چئن ڀريل شين ۾ ڳل، ٻنڊڻ، ڪرايون ۽ رانون آهن. انهيءَ معيار مطابق اهي قدرتي سورنهن سينگار سمجهبا.

        مثال طور سنڌيءَ جي سينگار بيتن مان ڪجهه بيت ثابت ڪندا ته اهي معيار اسان جي ماڻهن کي سونهن ٿا يا نه؟ اسان جي سماج ۾ ٺهڪن ٿا يا مرڳو ان ۾ موجود ٻچاپڙائيءَ کي وائکو ڪن ٿا، جنهن ۾ پنهنجي عورت کي ته ٻئي ماڻهوءَ جي نظر کان بچائڻ جو تصور آهي باقي پرائي عورت لاءِ ڇا ڇا نه ٿو سوچيو ۽ لکيو وڃي! سنڌيءَ ۾ پيرو سگهڙ جي بيت ۾ عورت جي سورنهن فطري وصفن يا خوبين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. (37)

        پير پاليهر ڳڻان ڳڻان ڪن

        نهن پسو تنهن نار جا، مٽون آڱرين

        پنيون، ڪُنئري پَٽ جان آهن سپرين

        چيلهه سنهي، منڊي ٽڪ جان، پيرو چئي پرين

        اُرهه اڇڙي چنڊ جان، ٿانهر منجهه ٿڻن

        سِهه ڳچي تنهن ڪامڻ جي، سونهين منجهه سرتين

        ڪنڌو نڪ تراڙ جان، جاڙيون ڀرون جن

        چوٽي ڪاري نانگ ٻچٽ جان، وار کٿوري ون

        آهيني کان اجرا جهڙي وڄ ورن

        هرڻ پسي حيران ٿيا، ماٺ لڳي مورن

        ڏند صفا، سينڌ سنئين، منهنجي محبوبن

          اهي پرين خوش وسن، جيڪي رهن رات ڀنڀور ۾ (38)

        مصنوعي سينگار ۾ وري جيڪي سورنهن شيون ڳڻايون ويون آهن سي ڪجهه ته صحت صفائيءَ سان واسطو رکن ٿيون باقي ڪجهه عام طرح سان موجوده دور جي ميڪ اپ جو پراڻو روپ سمجهي سگهجي ٿو. اهي هن ريت آهن:

        سرمو يا ڪجل لڳائڻ، لاک سان پير ڳاڙها ڪرڻ، وار سنوارڻ، سينڌ ڀرڻ، تلڪ لڳائڻ، ميندي لڳائڻ، بدن کي خوشبو لڳائڻ، زيور پائڻ، گل چوٽيءَ ۾ ويڙهڻ، پان کائڻ، ڏندن کي مسي هڻڻ، لبن کي لال ڪرڻ وغيره. (39)

        سينگار ڪرڻ يا پاڻ کي وڻندڙ بنائڻ جي خواهش جيتري عورت ۾ هوندي آهي اوتري مرد ۾ به هوندي آهي پر عورت جي سينگار کي ڪنهن مخصوص حوالي سان ڏسڻ ڪيتري قدر مناسب روايت رهي آهي، اهو هن قسم جي شاعريءَ مان ظاهر آهي ڇاڪاڻ جو ان ۾ جيئن گهرائي سان نظر ٿي وجهجي ته وڌيڪ چٽائيءَ سان ان جون مختلف صورتون نظر ٿيون اچن. انسان جي عمر جي حوالي سان ٻاروتڻ، جواني ۽ پيري ٽي اهڙا درجا آهن جن مان جهڙي عورت ٿي گذري تهڙو مرد، پر عورت جي عمر جي معاملي ۾ حساسيت تي تنقيد ڪرڻ وارن ڪڏهن اهو ڪونه سوچيو هوندو ته هوءَ ائين ڇو ٿي سوچي؟ ان جو سبب اهو آهي جو سونهن جي ان جنسي قسم جي تصور ڏيڻ ۾ عمر کي هميشه شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان ڪشش جا مرحلا ٺاهيا ويا آهن. جيڪڏهن مردن جي عمر لاءِ به اهڙا ئي معيار رکيا وڃن ته هو به ضرور انهيءَ قسم جي ڪامپليڪس جو شڪار ٿين. پر مردن کي ته اهو چئي مطمئن ڪيو ويو آهي ته مرد ۽ گهوڙو ڪڏهن نه ٿيئي پوڙهو!

        حسن ۽ جواني جا معيار پڙهندي ڪجهه اهڙيون سٽون نظر مان نڪتيون جن ۾ مردن جي سماج ۾ عورت کي محض رانديڪي واري دل وندرائيندڙ هڪ وٿ سمجهڻ وارو تصور ملي ٿو. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هن سماج ۾ عورت کي مرد جي ملڪيت سمجهي ساڻس دل وندرائڻ جو تصور ته موجود آهي پر جيڪڏهن مرد کي ملڪيت سمجهي عورتون ان سان دل وندرائڻ جو تصور رکن ها ته پوءِ اهي سورنهن يا ٻٽيهه سينگار مرد لاءِ هجن ها ۽ عمر به ان کي لڪائڻي پوي ها.

        هڪ ايراني روايت آهي ته سورنهن سالن جي عورت هڪ چشمو آهي جو ڪکن ۽ پنن سان ڍڪيل آهي، پر ان جي هيٺان شفاف پاڻي موجزن آهي.

        سترهن سالن جي عورت هڪ چنڊ ڪامل آهي ۽ ناز نخري سان سينگاريل آهي. ارڙهن سالن جي عورت منجهند جو چڙهيل سج آهي جو اکيون خيره ڪري ٿو.

        اڻويهن سالن جي عورت پڪل رنگين صوف آهي جو جيڪڏهن ان کي ڇنڻ وارو ناهي ته زمين تي ڪري تباهه ٿي ويندو.

        ويهن سالن جي عورت سج آهي جو ڪاپار کان چڙهي هليو آهي.... انهيءَ کانپوءِ عورت جي ڄڻ ته عمر وڌڻ جي رفتار ختم ٿي وئي ۽ ڪاپار تي چڙهيل سج لهڻ شروع ٿو ڪري ۽ ان جو مڪمل زوال ٽيهن سالن جي عمر ۾ اچي ٿو وڃي، جنهن لاءِ لکيو ويو آهي ته. ٽيهن سالن جي عورت هڪ قديم روايت آهي جنهن جي ڪنهن وقت وڏي شهرت هئي. (41)

        مٿيئنءَ روايت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن مرد کي به ٽيهن سالن جي عمر ۾ قديم روايت سمجهيو وڃي ها ته هو ڪڏهن به پاڻ کي ٽيهن کان مٿي ڪونه ٻڌائي ها... اهڙي قسم جي شاعري جاگيرداري نظام جي روايت آهي جنهن ۾ ڪو هڪ طبقو گهڻي وقت تائين ٻئي طبقي جي غلاميءَ يا زبردستيءَ جو شڪار رهي ان جي ملڪيت بنجي ويندو آهي ۽ پوءِ اهو خاص وقت لاءِ ڪارآمد سمجهيو ويندو آهي ۽ ان مان خوب فائدو ورتو ويندو آهي ۽ دل ڀرجي وڃڻ کانپوءِ ان کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ به ڪو عار نه سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت هڪ انسان کي محض وندر ۽ ورونهن جو ذريعو سمجهڻ جي روايت اهڙي قسم جي شاعريءَ ۾ ملي ٿي جيڪا هڪ مخصوص دور جي پيداوار چئي سگهجي ٿي ۽ عورت جو اهو روپ سنڌي شاعريءَ ۾ گهڻو وقت جٽاءُ نٿو ڪري ۽ سماج ۾ ڪي مروج اصول انهيءَ کي وڌڻ نه ڏين. سنڌيءَ ۾ پوءِ جي دور جا سينگار بيت عورت جو ذڪر نٿا ڪن بلڪه اهي نبي سڳوري جي شان ۾ چيل آهن.

        ٿورو مختلف نظريي سان ڏٺو وڃي يا ان کي محض شاعراڻي رومانويت وارو نظريو سامهون رکي ڏٺو وڃي، يا عورت ۽ مرد جي وچ ۾ موجود فطري ڪشش کي ان جو جواز بنائي پيش ڪيو وڃي ته به عورت جي لاءِ مرد شاعر ان حد تائين اظهار ڪيو آهي جو کيس اگهاڙو ڪرڻ کان به نه مڙيو آهي. پر مرد لاءِ عورت اهڙي کلي طرح ڪڏهن به اظهار نه ڪيو آهي ۽ اها ويچاري ڏند دلبند، اکيون رب رکيون کان وڌيڪ نه وئي آهي. ائين ٿو لڳي ته اهڙا فطري جذبا سماج ۾ محض لذت پرستي ۽ ذهني عياشيءَ جي لاءِ شاعرن جو موضوع رهيا هوندا، باقي خوش فهميءَ خاطر چئي سگهجي ٿو ته عورت جي سونهن جو ته ڪو مٽ ئي ڪونهي جنهن جي تشبيهه لاءِ شاعرن الائي ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪيا آهن.

        لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ڳيچ (سهرا) به اهميت رکن ٿا. جيڪي عورتون خوشي جي ڪنهن موقعي تي گڏجي ڳائينديون آهن. انهن سان دهل به وڄي ته تاڙيون به لڳن، ته ڇيرن سان ڇيڄ به ڪن. ان صنف جي شروعات به گهڻي آڳاٽي آهي. اڳي جي قبائلي رهائش ۾ خوشيءَ ۽ غميءَ جي موقعن تي گڏ ٿي جذبن جو اظهار ڪيو ويندو هوندو. اهڙي ئي روايت ڳيچن يا سهرن کي جنم ڏنو هوندو. انهن ۾ ساٺ سوڻ به ٿين ته انسان جي ذهن جا خدشا، وهم وسوسا به ملن. انهن مان ڪي ساٺ ڳيا سڏجن جيڪي پراڻي ۾ پراڻا سمن جي دور جا آهن. (42) انهن ڳيچن ۾ مٽي مائٽي ۽ رشتن ناتن، گهوٽ ڪنوار جي ذڪر کانسواءِ وڌ ۾ وڌ ذڪر ڳهن جو ملندو ۽ سينگار جي سامان جو ملندو جن ۾ منڊي، دهري، بينسر يا ميندي، ڪجل ۽ ڦڻيءَ جو ذڪر گهڻو هوندو آهي. سهرن ۾ گهڻو ذڪر گهوٽ ڪنوار جو هوندو آهي ۽ گهوٽ کي بار بار تاڪيد ڪيل هوندي آهي ته زيور سونا گهڙائج پر دهرا يا نهرا (43) هنن ڳيچن ۾ ڪي ڳالهيون مختلف به ملن ٿيون مثلن،

        هٿ لاڏل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو

        اکيون لاڏل جون ٻرن مشعالا، ڪجل جوڙ بنايو

        ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي، سرخيءَ جوڙ بنايو

        لاڏل جو سينگار ڪرڻ، ڪجل پائڻ ۽ سرخي هڻڻ ثابت ٿئي ٿو. اهڙي طرح عورتون ڪنوار جي ويس وڳي جو ذڪر به نهايت شد مد سان ڪنديون آهن ۽ ڪنوار لاءِ فراخدليءَ سان خرچ ڪرڻ جي تلقين ڪنديون آهن. (44) پر ڏٺو وڃي ته ڳائيندڙ ڇاڪاڻ جو عورتون آهن تن جو مخاطب مرد (گهوٽ) آهي ان ڪري اهي کانئس وڌ ۾ وڌ ڪنوار لاءِ سهولتون گهرنديون نظر اچن ٿيون. گهوٽ ڪنوار جي ساراهه پڻ گهڻي ڪئي وڃي ٿي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪنوار گهوٽ جي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڏاڍي اهتمام سان ڪئي وڃي ٿي.

        نيکيٽيءَ ويل جو هڪ ڳيچ نياڻيءَ جي ماءُ پاران گهوٽ کي پارت ڪندي ڳايو ويندو آهي، اهو ڏاڍو دل ڀڄائيندڙ آهي. ان ۾ جاگيرداراڻي سماج جي پليل هڪ سنڌي ماءُ، جيڪا هميشه پٽ جو پاسو وٺندي آهي، ڌيءَ کي پرايو ڌڻ چئي گهڻو ڪانه ڀانئيندي آهي، پنهنجي فطرت کي دٻائي، اولاد جي ڌيءَ آهي ته، ان لاءِ گهڻو پيار جو اظهار ڪانه ڪندي آهي جڏهن ڌيءَ کي پاڻ کان ڌار ٿيندو ٿي ڏسي ۽ ڪنهن ٻئي جي حوالي ٿي ڪري ته سندس اندر جي ماءُ جاڳي ٿي پوي جيڪا اولاد جي سک لاءِ آسائتي رهندڙ هستي آهي:

        هوڙي هوڙي هلائينس ڍوليا!

        وڏڙي راڄ ۾ رهائينس ڍوليا!

        سونو ڇٽ سِر تي رکائينس ڍوليا!

        پيرين پند مَ ڪرائينس ڍوليا!

        رتڙي ڊاک چٻائينس ڍوليا!

        اڇڙي کنڊ ڦڪائينس ڍوليا! (45)

        سنڌ جي سماج ۾ ڏٺو وڃي ته ڳيچ پيار ڀري گهرو زندگي جي ساک ڀرين ٿا. هنن ڳيچن ۾ وڏو حصو پٽ جي آس، پرورش ۽ سندس شاديءَ جي خوشيءَ سان وابسته آهي جنهن مان ظاهر آهي ته سنڌ وارن جي گهرو زندگي ۾ پٽ جو پُڙ البت ڳرو پئي رهيو آهي. اها ڳالهه علم الانسان (anthroplogy) جي ماهرن جي تحقيق ۽ سماجي ارتقا بابت ڏنل مختلف بابن ۾ واضح ٿي چڪي آهي ته ڪنهن به سماج ۾ ائين ڇو ٿيندو آهي. ان ڳالهه کي ورجائڻ بدران جيڪا ٻي تصوير اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها انساني نفسيات کي چٽو ٿي ڪري، جنهن ۾ ڪنهن ٻاهرئين اثر کانسواءِ جذبات نگاري ٿيو وڃي، سا ڳيچن جي هن روپ ۾ نظر ٿي اچي.

        پٽن کان پياري ڌيءَ ڇو ٿي ڄايئي،

        سسئي سورن لاءِ ڌيءَ ڇو ٿي ڄايئي

        هٿن سان نپايئي ڌيءَ ڇو ٿي ڄايئي.

        لکيو ڇٺڙيءَ رات جيڏيون لکئي ڪيو ڌار

 

        نياڻيون پرديسڻ، نياڻيون پرڏيهڻ

        سي اباڻا اباڻا، نماڻيون ٿيون ڪن.

        ڌيءَ ڄائي ڌيءَ ڄائي سڀاڳي هنج ۾ سامائي

        دائي ڍائي دائي ڍائي، جنهن ڪنوار ڇٽائي

        اُڻ اُن ڪوري سهاڳڻ چنڙي. (47)

 

ڇو ٿي ڄڻيي اهڙيون ڌيئر امان

ڌيئر پرايو  ڌڻ  اٿئي  ڙي امان

 

ڇو ڄائي ابي امان کي ڌيءَ، جو ڏنائون پرائي ديس ۾ (48)

        مٿين ڳيچن مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو سگهجي ته ڇاڪاڻ جو ڌيءَ کي پرڻجي پري (ڪڏهن پرديس به) وڃڻو ٿو پوي ان ڪري ان سان موهه لڳائڻ کان پاسو ٿو ڪيو وڃي ته جيئن سندس جدائي گهڻي ڏکوئي نه سگهي.... نه ته هوءَ پٽن کان وڌ پياري نه ته به برابر پياري ته ضرور آهي. انهيءَ حقيقت جو ڏکوئيندڙ پهلو اهو به آهي ته پوءِ جي پرڻيل زندگيءَ ۾ به هن کي سُک نٿا سجهن ۽ هوءَ پرائي وس هوندي آهي، جتي جا سور مائٽن کي سجهن ٿا، ان ڪري پرڻي مهل سندس غير محفوظ آئيندي جو سوچي ڏکوئجي ويندا آهن ۽ وڏي من لوڏيندڙ حقيقت اها به آهي ته اهڙي گهٽ پيار پائيندڙ هستي وري مائٽن کي پٽن کان وڌيڪ ڀائيندي آهي. اباڻن جي سڪ کيس سک سمهڻ نه ڏيندي آهي.

مون کي جيجل ماءُ ڄايو آهي، کڻي ڏکن سورن لاءِ نپايو آ.

       

سار لهو ڪا سنڀال، نياڻي نماڻيءَ جي

             نياڻيءَ نماڻيءَ جي،  اياڻي  سياڻي جي (50)

 

ڌارين  ۾  ڏني  اٿو   دلڙي  ڌتاري

چئجو امڙ کي مان  کي  نه  وساري

               مان کي نه وساري، سدا  ساهه ساري. (51)

        هوءَ مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجن اباڻن، پنهنجن مِٽن مائٽن ۽ ڀائرن ڀيڻن لاءِ تڙپ ڏيکاري ٿي:

شل هيڪر موت نه ماري، مان  خان  ڀائرن سان ملان ملان

شل ٻيهر وڇوڙو نه ماري، مان پنهنجن مائٽن سان ملان ملان(52)

          ڪيترن ڳيچن ۾ سنڌي عورت جي پڙهيل هئڻ بابت اشارا ملن ٿا. پاڻ خط لکڻ يا خط پاڻ پڙهڻ جو ذڪر ملي ٿو:

        ڀائر پيارا پنهنجا، جن هٿين ڏجهن ۾ ڏنو

        مائٽن مٽن مون کي هٿ کڻي ڇنو،

        ڪئين لکان مان خط پنهنجي ماءُ ڏي (53)

 

        ادي پري ڏاڍي ماندي ٿي آهيان

        ادل خطڙو لکي ڪري ڀيڻ ڏي مُنجي

        بابل خطڙو لکي ڪري ڌيءَ ڏي منجي.

        سنڌي ڳيچن مان ڪجهه اهڙين رسمن ڏانهن به اشارو ملي ٿو جيڪي صديون پراڻيون آهن، جن جي خلاف سماج ۾ ڏاڍي هلچل هلي آهي، ليکڪن ليک لکيا آهن پر اهي اڄ به ائين ئي موجود آهن جيئن اڳ هيون ۽ انهن ۾ ڪا ڪمي به ڪانه آئي آهي. مثال طور نياڻي بدي ۾ ڏيڻ، عيوض طور ڀري ڏيڻ وغيره.

جيجل نه ڄڻين ها، عيوض نه ڀرين ها،

             عيوض نه ڀرين ها، ڌارين ۾ نه ڏين ها. (54)

       

موڀي ڀاءُ جي بدي ڙي، ڌيل   وڃي ٿي ساهرين

          ڪا مروت ڪجانءَ ڙي، ٻاٻل پيءُ جي سائي ڙي. (55)

        لوڪ شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ واقعاتي بيت ۽ ٽيهه اکريون به اهميت رکن ٿيون پر انهن ۾ واضح شڪل ۾ عورت جو ڪردار نٿو اڀري اچي. سنڌي لوڪ ادب جي اڪثر صنفن ۾ سنڌ جا لوڪ داستان سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ عمر مارئي مجازي طور تي بيان ٿيل ملن ٿا. عورتن جي حوالي سان ڏنل مٿين صنفن ۾ به ڪيترا بيت، گيت ڳيچ وغيره اهڙا ملندا جن ۾ انهن لوڪ داستانن جي ڪردارن کي شاعريءَ ۾ آندو ويو آهي پر انهن مان عورت جو ڪو مختلف روپ ظاهر نٿو ٿئي ان ڪري في الحال هتي انهن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

حوالا

(1)  سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، پي ايڇ ڊي ٿيسز، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1986، ص -1

(2) الانا، ڊاڪٽر غلام علي، لاڙ جي ادبي، ثقافتي تاريخ، ڊي فل (سنڌي) لاءِ، 1971 ۾ پيش ڪيل تيسز، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1977، ص 343.

(3) Caudwell, Christopher- Illusion and Reality, Peoples Publication House

(4) Ibid pp-37

(5)  Ibid pp -28

(6) اختر، ڊاڪٽر سليم، جوش کا نفسياتي مطالعه اور دوسري مضامين، فيروز سنز لميٽڊ لاهور، راولپنڊي، کراچي، ص-82.

(7) الانا، ڊاڪٽر غلام علي، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، ص- 244

(8) سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ص -3

(9) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، لوڪ گيت، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، پاڪستان، 1965، ص -1

(10)                      تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري، شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي، ص -3

(11)                       سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو ص -324

(12)                                               بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، لوڪ گيت، ص -12.

(13)                      ايضاً، ص -5

(14)                      ايضاً، ص -10

(15)                       ايضاً، ص -10

(16)                      ايضاً، ص -17

(17)                      ايضاً، ص -18

(18)                      ايضاً، ص -20

(19)                      ايضاً، ص -51

(20)                     ايضاً، ص -61

(21)                      ايضاً، ص -63

(22)                     ايضاً، ص -116

(23)                     ايضاً، ص -135

(24)                     سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ص 325.

(25)                                              بلوچ ، ڊاڪٽر نبي بخش، لوڪ گيت، ص 206

(26)                     ايضاً، ص -209

(27)                     ايضاً، ص -311

(28)                     ايضاً، ص -312

(29)                     ايضاً، ص -316

(30)                     ايضاً، ص -319

(31)                      سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ص-129.

(32)                     ايضاً، ص -131

(33)                     ايضاً، ص -132

(34)                     ايضاً، ص -134

(35)                      ايضاً، ص -136

(36)                     ايضاً، ص -158

(37)                     ايضاً، ص -158

(38)                     ايضاً، ص -144

(39)                     ايضاً، ص -161

(40)                     ايضاً، ص -161

(41)                      سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ص-364

(42)                     ايضاً، ص -370

(43)                     ايضاً، ص -371

(44)                     بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ڳيچ، جلد پهريون ۽ ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ص -13.

(45)                      ايضاً، ص -33

(46)                     ايضاً، ص -12

(47)                     ايضاً، ص -33

(48)                     ايضاً، ص -198

(49)                     ايضاً، ص -34

(50)                      ايضاً، ص -392

(51)                       ايضاً، ص -403

(52)                      ايضاً، ص -409

(53)                      ايضاً، ص -358

(54)  ايضاً، ص -353.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com