سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :12

جوڳين آديين جو تمثيلي بيتن ۾ عورت واتان چورايل بيتن ۾ مخاطب به عورت آهي. جنهن کي ماءُ، جيجان، امڙ، مادر وغيره جهڙن لفظن سان مخاطب ڪيو ويو آهي. جيڪا ڄڻ ته هڪ هڏ ڏوکي ۽ راز سلڻ لائق هستي آهي. جنهن جي اڳيان اندر اورڻ سان ماڻهو پاڻ هلڪو ٿيو پوي.

        جيجان آهن جوڳ جا ڪي اڳانجها سور 

        امڙ! آديسن کي سڪان ۽ سڙان

        مادر! تان نه مران ساريو تن سنياسين کي

        آيل! آديسن جي، ماري پهه آئون

        انهيءَ ساڳئي طريقي سان شاهه لطيف به مخاطب ٿيو آهي. ٻيا ڪيترا بيت اهڙا ملن ٿا جن ۾ طريقت حقيقت معرفت وغيره جو بيان آهي. پر تمثيلون اهڙيون آهن جيڪي پوءِ جي شاعرن ۾ خاص ڪري لطيف جي ڪلام ۾ ساڳيون ئي آهن، جيڪي مٿس لطف الله قادريءَ جي ڪلام جو اثر ظاهر ڪن ٿيون پر شاهه پنهنجي سورمين حوالي ڪيون آهن. مثال طور:

قادري:                 اُت آهي عجز سڀ ڪنهن کي نه گيرب نه گاءُ

لطيف:                 مهاڻيءَ جي من ۾ نه گيرب نه گاءُ

                                        (ڪاموڏ)

قادري:                 جت راهه گم ٿئي ور سا ڪاري رات

                هي پڻ وڃي وسري، هُن هنهين جي تات

لطيف:            ور سا ڪاري رات، جنهن ۾ راهه گم ٿئي

                   نه ڪا هُن جي تات، هي پڻ وڃي وسري

(کاهوڙي)

قادري:                 سندي تنين ڳالهڙي، هتي هُت نه ڪاء

لطيف:         نه ڪا هِت نه هُت ڪا، ڳوريءَ سنڌي ڳالهه

                                        (معذوري)

قادري:                 مئي متي مهراڻ ۾ هي جي پاڻ وجهن

لطيف:                 مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي

                                        (سهڻي)

قادري:                 ساهه ۾ سارين سپُرين، پساهه ۾ پسن

لطيف:         ساهه سين سڃاڻان، پساهه سين پسان       

قادري:                 ويا سي وحدت ڏونهه اندر جنين اڌ

لطيف:                 اندر جنين اڌ ڏونگر سي ڏورينديون.

                                        (آبري)

        مطلب ته شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ عورت جو ڪردار ڪن مخصوص ڪردارن بدران عمومي آهي جنهن کي به هو تمثيلي انداز ۾ پيش ڪري ٿو جنهن ۾ ايتري وضاحت ڪانهي جيتري قاضي قادن يا شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ڏٺي سون... تنهن هوندي به چئي سگهجي ٿو ته عورت جو ڪردار ڪنهن حد تائين ڌيمو ماٺيڻو ۽ دٻيل آهي ان ۾ اها اڇل، اهو جذبو ڪونهي جيڪو پوءِ جي دور ۾ نظر اچي ٿو.

ميون شاهه عنات. (1613- 1701) :

        ميون شاهه عنات ڪلهوڙن جي دور جو هڪ اعليٰ ۽ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه کان اڳواڻن ڪلاسيڪي شاعرن ۾ شاهه عنايت رضويءَ تقريباً سڀني سُرن ۾ ڪلام چيو آهي جن ۾ شاهه (لطيف) صاحب چيو آهي. (42) شاهه لطيف به سندس ڪلام جو اثر قبول ڪيو ٿو ڏسجي. ميين شاهه عنايت جو ڪلام عبارت جي لحاظ کان ڪافي ڳوڙهو آهي. هي پهريون شاعر آهي جنهن جا چار سو اوڻهتر بيت ٻائيتاليهه وايون سرن وار ۽ ٻيا بيت موجود آهن. کانئس اڳ جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ گهڻا صوفي، عالم ۽ درويش هئا جن توحيد، طريقت، دين ۽ اخلاقيات کي تمثيلي انداز ۾ بيان ڪيو. شاهه عنايت به انهن سڀني ڳالهين کي ڳايو پر عوامي قصن، داستانن جي تمثيل ۾. شاهه عنايت کان اڳ به اسان کي عمر مارئي، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلان چنيسر، مومل راڻي، مورڙئي ۽ مگرمڇ، کاهوڙين، سپڙ ڄام جا عام قصا ۽ داستان ملن ٿا پر شاهه عنايت انهن کانسواءِ ٻين عام داستانن مثلاً راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي، نوري ڄام تماچي، جوڳين سامين، آتڻ ڪاپائتين، پوربين ۽ ريٻاڙين، ابڙي ۽ سامن، جکري ۽ ڪرن جهڙن سخي مردن کي به دل کولي ڳايو (43)

سنڌ جي مشهور عشقيه داستانن کي سُرن وار بيتن ۽ واين جي سٽا ۾ پهريون ڀيرو سراج الحق ميمڻ سنڌي شاعريءَ جي هڪ آڳاٽي قلمي نسخي ۾ ڳولي هٿ ڪيو آهي، جيڪو ديوناگري رسم الخط ۾ آهي پر ڇپيل ڪتابن مان شاهه عنات جو پهريون رسالو آهي جنهن ۾ اها ترتيب ملي ٿي. جيڪا روايت پوءِ شاهه لطيف به قائم رکي. ٻنهي جي ڪلام ۾ مضمونن ۾ معنيٰ جي به هم آهنگي آهي بلڪه شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي ڀيٽ ڪرڻ کانپوءِ ڏسبو ته ڪيترين مصراعن، بيتن ۽ لفظن، فقرن ۽ اسلوب بيان توڙي معنيٰ جي لحاظ سان ٻنهي ۾ ويجهي مناسبت آهي. پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته ميون عنات اصولي طور شاعر هو ۽ ڀٽائي صاحب حقيقي معنيٰ ۾ مفڪر هو. (44)

        شاهه عنات ۽ لطيف جي جن مصرعن يا بيتن ۾ ساڳيو خيال ٿو ملي انهن مان ڪجهه  هي آهن:

عنات:         تارا اوتارا ونيون وڇاڻو پرينءَ جو

لطيف:                 ونين ۾ ٿي ويهه، تارن ۾ ڪر تڪيو

شاهه عنات:    سڄڻ سوڀارا ڀيج ڀنيءَ گهر آيا

لطيف:                 سڄڻ سوڀارو ڀيڄ ڀنيءَ گهر آيو

شاهه عنات:    نَو نو نير نهرا، پرين پنڌ پياس

لطيف:                 نو نير ڏهه ڏاوڻيون، پندرهن پينڌ پياس.

        مطلب ته شاهه لطيف به ڇاڪاڻ ته ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي ان ڪري ان ۾ اڳين شاعرن جي ڪلام جو اثر يقيناً نظر اچي ٿو. نه صرف خيالن ۾ ۽ موضوع ۾ بلڪه تمثيلن ۾ پڻ.

        هاڻي اچو ته شاهه عنات جي ڪلام جو مطالعو ڪري منجهس عورت جي ڪردار تي روشني وجهون.

        ميون شاهه عنات پهريون شاعر آهي جنهن پنهنجي بيان ۾ مجازي حسن کي ڳايو. هن پنهنجي بيتن ۾ وصف ۽ بيان جي وسعت پيدا ڪري قصن ۽ داستانن جي سورمين جي سونهن ۽ سينگار کي موثر انداز ۾ ورجايو ۽ اهڙي طرح اعليٰ سنڌي شاعريءَ ۾ پهريون ڀيرو مجازي حُسن جي تعريف جي نئين بابت جو اضافو ڪيو. (45)

        مختلف سُرن (سرودن) ۾ مختلف ڪيفيتون بيان ڪيل آهن.

        سرود سريراڳ ۾ شاهه عنات سامونڊي سوداگرن جي حوالي سان بيت چيا آهن جن ۾ وڻجارن جو سنڌ کان سيلون ۽ جاوا وڃڻ ۽ ڏور پرديس اسهڻ، وريتين جا پنهنجي ورن لاءِ ورلاپ ۽ جدائيءَ جي جهنم ۾ جلڻ وارين جو تصور ملي ٿو. جنهن ويچاريءَ جو ور وڻج واپار لاءِ ڏورانهين ڏيهه ويو آهي سا سندس سلامتيءَ سان موٽڻ لاءِ فالون پائي ٿي، دعائون گهري ٿي ۽ خبرون پڇي ٿي، سندس ور ورڻ وارو آهي ته کيس واڌايون ملن ٿيون ۽ هوءَ خوشيءَ ۾ پاڻ سينگاري ٿي:

        تَڙَ سِرِ تواري، اُڀي مڱي  او   سهيون

        اکڙيون اوڙاهه ڏونهه، نئين سج نهاري

        الا   اڱڻ   آڻئين،  سو  وڻجارو  واري

        کلي کيڪاري ته آنء ڳالهاري ڳرلاهيان. (46)

        جدائي ۽ وڇوڙو اهڙا سُور آهن جو جيڪي ان جون ماريل آهن (وڻجارن جون ونيون) سي مڙس جي اڱڻ اچڻ، کلي کيڪارڻ ۽ رڳو ڳالهائڻ جو تصور ڪري به هڪ ٻئي کي واڌايون ٿيون ڏين. هڪ عورت لاءِ پنهنجي ڪانڌ کان دوري ڪيڏي تڪليف ڏيندڙ آهي اها ڳالهه هن سُر جي زنانن ڪردارن مان چڱي طرح ڏسي سگهجي ٿي.

        موکي ۽ متان جو قصو شاهه لطيف به ڳايو آهي ۽ ان ۾ موکيءَ جو ڪردار عام سنڌي ماحول جي عورت جي ڪردار کان گهڻو مختلف آهي. اهو ڪردار شاهه لطيف کان اڳ شاهه عنايت وٽ به ملي ٿو سرود جمن ۾ چوي ٿو:

        هٿ کڻيو  سُڏڪا  ڪري  موکي  ماءِ  ڳري،

        نه ڪنهن ماريا جنگ ۾، نه ڪنهن سُور ٻري،

        هاڻي رئان ڪيئن  ڪري،  مادر!  متارن کي. (47)

        اي امڙ آءٌ ڪيئن انهن (متارن) لاءِ رئان جو اهي ڪنهن اوچتي آفت ۾ ڪونه مئا آهن، نه ڪنهن جنگ ۾، نه ڪنهن بيماريءَ ۾ بلڪه منهنجي پنهنجي ڪوتاهيءَ ڪري مئا آهن.

        سرود کنڀات ۾ شاهه عنات محبوب جي سونهن جو بيان تمام بيباڪيءَ سان ڪيو آهي ۽ اڳوڻن شاعرن وانگر لڪ لڪاءُ نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪو تمثيل ۾ ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سج صبحاڻي جا ڪري  تهڙي لالائي لڱن

پڪ پريان جي نه پاڙيان چنڊ اي سين تارن

شمس سهائيءَ  اڳرو،  منهن  ۾  محبوبن

هي جو جلوو جوت سندين، تنهن تان ڪوڙين قربانيون ڪريان(48)

        شاعر سهڻين تشبيهن سان محبوب جي سونهن ساراهي ٿو، جهڙي صبح جي سج جي لالاڻ آهي تهڙي منهنجي محبوب جي لڱڻ مان جهلڪا ٿي ڏي. پرينءَ جي پلڪن ۽ اکين کي چنڊ ۽ تارن کان به وڌ ٿو ڀانيان، سندس منهن ۾ جا مڻيا آهي جيڪا جوت آهي سا سج جي سهائيءَ کان سرس آهي، اهڙي جلوي تان جيڪر سڄو جهان قربان ڪري ڇڏجي.

        شاعري جي روايت ۾ جسماني سونهن جي ساراهه سان خيال عورت ڏانهن ئي ويندو آهي ممڪن آهي ته هن بيت ۾ تمثيلي ڪردار ڪو ٻيو هجي پر سونهن جو ايڏو بيباڪ اظهار پهريون ڀيرو شاهه عنات وٽ نظر ٿو اچي.

        مارئيءَ جو ڪردار شاعرن سندس حُب الوطني ۽ مارن ۽ ملير جي محبت سبب ڳايو آهي پر شاهه عنات سندس سونهن جي تعريف به ڪري ٿو ۽ پيار جي پورهيي لاءِ پيار به ظاهر ڪري ٿو: 

        سِڻ  ڏيو  سِر  جهوپڙين  اڀي  اَجوهي

        اڱڻ  منجهه  عنات  چئي  پئي  پاٻوهي

        کنِوڻي ٻانهون ڏي، لوڪان ليکي وڄڙي. (49)

        مارئي پنهنجي غريباڻي گهر کي سڻ جي ٻوڙن سان پئي ڍڪي تڏهن سندس ٻانهن جي رنگت کنوڻ وانگر پئي جهلڪيون ڏي ۽ اها جوت ڏسي هر ڪو پيو سمجهي ته وڄ پئي چمڪي. اها سونهن ئي ته هئي جنهن عمر بادشاهه کي حيران ڪيو هو. ڪوٽن ۾ قيد مارئيءَ جو جسم زنجيرن ۾ هو پر سندس هڏ، روح، رڳون سڀ ڪجهه پنهنجن پکن ۾ هئا. چوي ٿي:

        سر منهنجو مارن سان هڏ هي روح رڳون

        اني ري  عنات  چئي  جدا  ڪيئن  جئان

        پَلرُ  شال  پئان،  وڃين  ويڙيچن  سين. (50)

       

        ٿڌو واءُ ٿرن  جو  منهن  سامهون  ماءِ

        سپريان جي ساءِ، وهند وسندي ڀانئيان. (51)

 

        پيرون چونڊيان پرينءَ سان، پلوء منجهه پائي

        پسان ماڳ ملير جا، جي   ڀَلو  ڀَلائي

        سيد چئي سبب جو مونکي آسرو آهي

        مولو ملائي، ڀٽون، ڀينر، ڀيڻيون. (54)

        هن بيت ۾ مرد ۽ عورت جو گڏجي پورهيو ڪرڻ ثابت ٿئي ٿو. مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ قيد آهي ۽ چاهي ٿي ته ڪو قاصد هجي جو اباڻي پار وڃي سندس حال مارن کي ٻڌائي ته هوءَ پنهنجي ويڙهي ۽ وِيڙهيچن کي ساري ٿي ۽ سندس گذر کي سنڀاري ٿي. هوءَ وطن جو واءُ ۽ وَس (مينهن) ياد ڪري ٿي ۽ پلرُ جي پالوٽ، گاهن جي گلزاريءَ جا اهڃاڻ ڏي ٿي ۽ عمر کي ٻاڏائي ٿي. شاهه عنات صوفياڻي رنگ ۾ حقيقي تمثيلن بدران سڌو سنئون مارئي کي ڳايو آهي.

        سرود ليلا ۾ شاهه عنات ليلا جي هار تي هرکڻ، لالچ ۾ اچي ور وڃائڻ، پوءِ روئڻ ۽ پڇتائڻ واري واقعي کي تمثيلي انداز ۾ ڳايو آهي پر عورت جي ڪردار کي پنهنجين ڪمزورين تي قابو پائڻ جي صلاح به ڏي ٿو:

        سوڀي! سکينءَ سيد چئي، سي ليلا ڇڏ حيلا

        پائي پاند ڳچيءَ ۾   چئج  وَرَ  تون   وسيلا

        ڪانڌ ڪوڏيو تن جو، جن کي  صبر  سبيلا

        منهنجا ڪِرت قليلا، تون دوس آهيين داسڙا. (52)

        شاعر مورک عورت کي روئي ڌوئي ور پرچائڻ جي صلاح ڏي ٿو ۽ آزيون نيزاريون ڪري روئي ريجهائڻ جو مشورو ٿو ڏي. انسان پنهنجي ڪردار جي ڪنهن به ڪمزوريءَ تي پڇتاءَ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ ليلا پاڻ به چوي ٿي:

        دوس منهنجا داسڙا، هيءَ ڳالهه هنيين سي لاءِ

        ڪئم ڪچايون ڪيتريون، سي ميان تون مٽاءِ

        هار   هٿان   مون   ڇڏيو،  ڪين  چنيسر  چتاءِ

        ڀلا! ني ڀَلاءِ، مون کي مهڻي هار  متان ڪرين. (53)

        شاعر ان دور جي انهيءَ خيال تي به روشني وجهي ٿو جنهن ۾ سمجهيو ٿي ويو ته عورت جو سچو سينگار سندس سهاڳ آهي ۽ ڳهن زيورن سان پيار ڪوڙو سينگار ۽ ڀتار سان بيوفائي مثل آهي ۽ جيڪي اهو سچو سينگار ڇڏي ڪوڙي سينگار تي موهجي ٿيون پون تن کي اوس پڇتائڻو پوندو آهي. ليلا کي شاعر جي زبان ۾ صلاح ٿي ڏني وڃي ته جڏهن تون وَر سهاڳڻ هئينءَ ته بنا سينگار جي به ٿي سونهينءَ پر هاڻ به وقت ڪونه ويو آهي، انهيءَ پنهنجي سهاڳ کي پرچائڻ لاءِ پنهنجون پنبڻيون وڇائي ڇڏ، هٺ ڇڏي هيٺاهين وٺ:

پائي پاند ڳچيءَ ۾ چئج  وَرَ  تون  وسيلا

ڪانڌ ڪو ڏيو تن جو جن کي صبر سبيلا.

        پاند ڳچيءَ ۾ پائي پنهنجي گهوٽ کي پرچاءِ ته ماڳ ماڻين. اهو سوچ جو تسلسل صديون گذرڻ کانپوءِ به اسان جي سماج ۾ موجود آهي. سهاڳ يا مڙس جي ڪنهن عمل تي کيس ڪا نصيحت ڪرڻ جو نه اڳ رواج هو نه هاڻ آهي.

        شاهه لطيف کان اڳ جي شاعرن مان شاهه عنات پهريون شاعر آهي جنهن ڪتڻ وارين ڪاپائتين جي پيار جي پورهيي کي ڳايو آهي ۽ هڪ مڪمل سُر هنن بابت آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڳي چرخو ڪتڻ عورت جي روزاني ڪرت هئي ۽ اهو سندن زندگيءَ جو مکيه پهلو هو. چرخو گهر گهر ۾ هوندو هو ۽ سنڌ جي عورت مرد برابر پورهيو ڪندي هئي: ان کان پير صدر الدين هڪ ٻه بيت چيا هئا پر شاهه عنات جو سڄو سُر آهي:

        ٻيون سڀ ڪتن، مان ننڊائي نه لهي،

        اوگهٽو، عنات چئي، اڀاسُٽ پڇن،

        الا اڳيان تن، ڪاڻياري ڪام ٿئي. (54)      

        چرخو ائين چور، جيئن ڀونءِ ڀڻڪو نه سڻي

        آڌيءَ جو عنات چئي، اٿي آتڻ اور

        تهان پوءِ تور، تنهنجو سٽ برابر سون ٿئي. (55)

        هي دور تبديليءَ جو دور آهي، جي اهو پورهيي جو تسلسل برقرار رهي ها ۽ عورت معاشي ميدان ۾ صنعتي دور ۾ به موجود هجي ها ته اڄ سندس حالت گهڻي بهتر هجي ها. پر ڪٿي آهن اهي پورهيو ڪندڙ عورتون؟ انهن محنت ڪش عورتن جي محنت آڌيءَ جو شروع ٿيندي هئي. پنهنجي ننڊ ڦٽائي چرخو چورڻ، سٽ ڪتڻ ۾ جيڪا عورت دل جي جذبي سان ڪم ڪندي تنهن کي موٽ به اهڙي ملندي جو سندس سٽ سون برابر توربو ۽ هوءَ خريدارن اڳيان ڪاڻياري ڪانه ٿيندي. اهي پورهيت عورتون اڄ جي سنڌي سماج ۾ ٻهراڙين ۽ ڳوٺڙن ۾ زراعت سان جڙيل جام ملنديون، سندن سونهن سندن اهو پورهيو ئي آهي جنهن کي عوامي شاعرن ڳايو آهي پر صنعتي ميدان ۾ اڻلڀ آهن.

        سرود مومل راڻو ۾ مومل ۽ سندس ڀيڻن سهيلين پنهنجي سونهن سينگار سان ۽ عقل ادارڪ سان راڻي کي موهي پنهنجو ڪيو ۽ راڻي به ڪاڪ تي ڪهي اچي مومل ماڻي جڏهن ته ٻيا ڪيترا شهزادا ناڪام رهيا. انهيءَ مفهوم کي شاهه عنات پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳايو آهي ۽ هي پهريون شاعر آهي جنهن مجازي عشق کان علاوه عورت جي سونهن ۽ سينگار کي دل کولي ڳايو ۽ سنڌ ۾ مجازي شاعريءَ جو بنياد وڌو جيڪو پوءِ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اوچ تي پهتو. شاهه لطيف به مومل کي مجاز جي علامت طور آندو آهي شاهه عنات چوي ٿو:

        گلبدن   جون   گجريون   آرم   اوڍيائون

        چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ  ويڙهيائون

        مشڪ     محبت  پاڻ  ۾   لڱين   لايائون

        ڪوڏان پوتئون  ڪَڇُئان  سيلا  سنڌ يائون

        سو موٽي ڪيئن پاهون، جو وڃي ڪاڪ قرارئو. (56)

        مٿئين بيت ۾ عورت جي سينگار ڪرڻ جو طريقو، استعمال ۾ ايندڙ شيون، راڻي کي ريجهائڻ لاءِ ڪيل ناز نخرا سڀئي شاعر جي مشاهدي ۾ آيل آهن.

        گجرين جو بدن گل جهڙو مٿان ارم جو اُچو ڪپڙو، وارن جي چوٽين ۾ تيل ڦليل، ڊگهن واسينگ وارن جو ويڙهڻ، محبت جي خوشبو ته پنهنجي پر مشڪ عنبر جو لڱن کي لائڻ، ڪوڏين جا پوتل هار پائڻ، اهي سڀئي تياريون ۽ سنبرڻ ثابت ڪري ٿو ان دور جون مٿئين طبقي جون ايندڙ سڀئي شيون ڪم آڻينديون هيون. اهڙين اٽڪلن ۽ ناز انداز سان ريجهايل راڻو ڪٿي ٿو ڪاڪ ڇڏي وڃي سگهي. انهي ماحول ۾ جتي مومل سومل ۽ سندس سوڀيا وان سهيليون رانديون پيون رهن ۽ حسن جا تجلا کوڻين جو ڏيک پيا ڏين اتي جهڙي تهڙي جي جاءِ ناهي جو ڪاڪ تي ڪاهي اچي سواءِ راڻي جهڙي عقل جي اڪابر جي:

        باغ باغيچا بنگلا، راڻيون جت رمن

        اوئس اڀريو انبرين ڪر کوڻيون ٿيون کِون

        اتان ئي عنبير جا ڇٽا ٿا ڇلن

        عاقل ڪي اچن ڪاهي انهيءَ ڪاڪ تي. (57)

        شاهه عنات سرود ديسيءَ ۾ جهڙي نموني جا بيت چيا آهن ساڳئي معنيٰ ۽ مفهوم وارا بيت شاهه لطيف به ساڳئي سُر ديسيءَ ۾ پوءِ چيا. شاهه عنات هن سرود ۾ جيڪو فلسفو سمايو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سسئي پاڻ کي بيحد هيٺئين پد تي رکي چوي ٿي ته آءٌ جتن جي گولي ٻانهي آهيان ۽ جي هو مون کي ٻاجهه مان پنهنجي ٻانهي ڪري ڪوٺين ته پنهنجو ڀاڳ ڀليرو ڀانيان ڇو جو مون کي پنهون جو ئي آسرو آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ پنهونءَ ساڻ آهي. پر اتي شاعر سسئيءَ کي سندس غفلت جو طعنو ٿو ڏي ته جي توکي پنهونءَ سان نينهن هو ته ويسري ٿي ڇو ستينءَ؟ هاڻي پنهونءَ کي پهچڻ جو هڪڙو ئي ڏس آهي، اٿي پنڌ پئو ۽ سندس پيرا کڻ. سسئيءَ کي اهو مهڻو سک سمجهڻ نٿو ڏي ۽ هوءَ وراڻي ٿي ته: جي آءُ ويسري ٿي ستس ته اها منهنجي سستي ڪانه هئي بلڪه اڻڄاڻائي هئي، پتو پيو اٿم ته هاڻي ضرور سندس پويان ويندس:

        گولي بندي ڏاهه زر خريد جتن جي

        آجپڻ عنات چئي، هٿ  آريچن   آهه

          سو مان سڏ سهاءِ، جيئن ٻانهي ڪوٺين ٻاجهه سين (58)

 

هوتن ڌاران هاڻ، منهنجو قدر ڪير لهي

ستيس تيلاه سرتيون، اديون هيس اڻڄاڻ

ساٿي   سنجهي  لنگهيا،  پرهه  اڳي  پاڻ

           تون تن پٺي تاڻ ته سکين  پئين سسئي. (59)

        انهي کانسواءِ هي بيت ڏسو:

تتيءَ ڪوسيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي
اٿ سسئي ٻڌ سندرو، تنهنجو پنڌ پرانهون آهه
عشق آريءَ ڄام جو چقمق جيئن چهٽاءِ
اکين مان عنات چئي، پاڻي پنبڻين وهاءِ
ڪانهي ان اونداهه جن ڏٺو پير پنهونءَ جو. (60)
 

        ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم شاهه جي بيت ۾ پڻ ملي ٿو:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو

 

        عشق جي راهه ۾ ويهي رهڻ وارا ڪڏهن ڪامياب ڪونه ٿيا آهن، انهن کي هميشه سندرو ٻڌي تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ جو ڏس ڏنو ويو آهي ۽ اهو فلسفو عورت سان لاڳاپيل ڪردارن سان لاڳو ڪري عورت کي جدوجهد ۽ مسلسل ڪوشش جي علامت ظاهر ڪيو ويو آهي. سسئي ته آهي ئي مسلسل جدوجهد جي علامت سندس اڏول جذبو ۽ اروڪ، اجهل سِڪ کيس هڪ ڪمزور يا ناتوان عورت بدران هڪ مضبوط ارادو رکندڙ انسان جو روپ ڏنو آهي.

        سنڌ ۾ سورٺ راءِ ڏياچ جو قصو به مشهور رهيو آهي، ان جا مک ڪردار ڏياچ، سورٺ ۽ ٻيجل شاعرن جي ذڪر هيٺ رهيا آهن، شاهه عنات پهريون ڀيرو سورٺ جي ڪردار کي ڳايو آهي. ۽ ان ۾ ڏياچ جي ماءُ خاتون راڻيءَ جو پنهنجي پٽ کي سر ڏيڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۽ همٿائڻ وارو اشارو پهريون ڀيرو پنهنجي بيتن ۾ ڏاڍي متاثر ڪندڙ انداز ۾ ڏنو آهي:

        خاتون راڻي چوءِ ٻيٽا! جِم موٽائيين مڱڻو

        آيو   جو  آس  ڪري،  مَر  پلئه  تنهن  پوءِ

        سو سِر سڳندو هوءِ جي ڏجي نام  الله  جي. (61)

        ڏياج جي ماءُ پٽ کي چوي ٿي ته ٻچا متان مڱڻي کي موٽائين، هو وڏي آس کڻي آيو آهي. خدا ڪارڻ ڏنل سِر جي سڳند ۽ سرهاڻ ئي پنهنجي آهي. سچ ۽ سُر جي لاءِ سِر ڏيڻ رڳو مردن جو مرڪ ناهي، پنهنجو سِر ڏيڻ به ايترو وڏو ڪارنامو ڪونهي جيترو هڪ ماءُ لاءِ پنهنجي جان کان مٺڙي اولاد جو سِر ڏيڻ. ڇا اهڙي ڪا ٻي ماءُ ڪنهن به ٻي شاعريءَ ۾ ملندي جيڪا ايڏي وڏي دل رکندي هجي. وري هڪ زال آهي جيڪا پنهنجي مڙس جو پڇاڙيءَ ۾ منهن ڏسڻ لاءِ آتي آهي. چوي ٿي:

        سڻ چارڻ! سورٺ چئي ڀائي رک  ڀرم

        منٿ   اٿئي  مڱڻا،  راجا  ڳنهي  م  رَم

        تان ڪو ڌمج دَم، ته ڏسان منهن ڏياچ جو (62)

        اڙي چارڻ، او مڱڻا منهنجي ڪانڌ جو ڪنڌ ڪپي سندس سر کڻي ائين تڪڙو ته نه وڃ، ڪو دم ته ترس، مون کي ڏياچ جو منهن ته ڏسڻ ڏي. هن بيت ۾ هڪ زال جا جذبا بلڪل حقيقي انداز ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن.

        اهي ته هيون شهزاديون، راڻيون، ڪي ملڪن ڀاڳن جون ته ڪي سونهن سينگار جون، ڪن کي عشق اوچو مقام ڏنو هو ته ڪن جي حُسن جي هاڪ مان مٿي ڪيو هو، پر هڪڙي اهڙي نماڻي نار به هئي جيڪا نالي نسب ۾ گندري هئي. جنهن جي سونهن سندس نياز ۽ نوڙت هئا، جن کيس سڄي ڪينجهر ۾ سرس سونهن ڏئي ڇڏي هئي! اها هئي نوري نماڻي:

تخت بخت، تڙ تماچي، نوريءَ سڀ نِوَن
نانءُ نيابت، گندري، سڀني سونهن سمَن
لکين لياڪا ڪئا، ساري رات سڀن
ٻايون دايون تنهن کي اچيو پير پڄن
ڪامڻ ڪام عنايت چئي تنهن کي اهي منجهه اکين. (63)
 

        نوريءَ کي اکين ۾ ڪا محبت جي مڻ آهي، ڪو جادو آهي جو تماچي ۽ سندس سڄو راڄ ان اڳيان نمي ٿو. نوري جيڪا گندري هئي، ککيءَ هاڻن جي ڌيءَ هئي، مڇي جن جو کاڄ هئي تنهن مان ڄڻ ته مشڪ کٿوريءَ جي خوشبو ٿي آئي:

        دايا دائر دوءِ، کاڄ  جني  جو  ککيون

        اُني منجهان اڀري، مشڪ کٿوري بوءِ. (64)

        اهو سڀ ڪجهه سندس وجود جي سونهن، سندس ڪردار جي وڏائي ڪري ممڪن ٿي سگهيو آهي. ٻيون راڻيون هٺيليون آهن وڏي مان شان واريون آهن پر هيءَ پنهنجي نياز نوڙت ڪري پاڻ وڻائي ٿي وٺي ۽ پٽ راڻي ٿيو پوي ۽ ڪينجهر گندرن کي انعام ۾ ٿي ملي، بخت جي اها بلندي به نوريءَ ۾ هٺ هوڏ پيدا نٿي ڪري. هوءَ پنهنجو اصل نٿي وساري. ميون شاهه عنات پهريون شاعر آهي جنهن نوري ڄام تماچيءَ جي محبت کي کولي ڳايو آهي.

        سهڻي ۽ ميهار جي قصي ۾ محبت اهڙو اجهل جذبو آهي جو درياهه جي دهشت، ڪنن جا ڪڙڪا، تک ۽ تيزي سهڻي کي روڪي نٿا سگهن ۽ هوءَ ان ۾ ٽپي ٿي پوي:

        ميهاران   مهي  ڪا  جا  پيتائين   پريم  جي

        تنهن سُرڪ مُرڪ  مستان ڪي لڳس  ڏڌ  ڏهي

          تان تان تان نه رهي، جان ڀيرو نه ڪيائين پاڻ تي. (65)

        ميهار سڪ جي اهڙي ڪا سُرڪي پياري اٿس جو هوءَ ديواني ٿي پئي آهي.

        هوءَ جا ٻري باهه منهين ميهار   جي

        اکيون اُن اهاءَ، اچن ڪُن ڪپينديون. (66)

        ميهار جي منهه ۾ جيڪا باهه پئي ٻري اتي پهچڻ لاءِ سهڻي ڪُنن جي به پرواهه ڪانه ٿي ڪري، عورت محبت جي ميدان ۾ روڪ برداشت نٿي ڪري.

        شاهه عنات جي ڪلام ۾ لوڪ ڪهاڻين جون ذري گهٽ سڀ سورميون آيون آهن. پنهنجي بيان جي وسعت ۽ لفظن جي رنگينيءَ سان هن سڀني سورمين کي چمڪائي ڇڏيو آهي. سندس هر ڪا سورمي ڪنهن نه ڪنهن خوبيءَ جي مالڪ آهي. پر هڪ شي سڀني ۾ يڪسان آهي، پنهنجي مقصد سان سچائي ۽ عشق. اهو وطن سان هجي يا وَر سان ان ۾ هو بيباڪ آهن ۽ ان جي اساٽ کين ماندو ڪريو ڇڏيو ۽ هو گهر جو سُک ڇڏي پيار جي پنڌ جون پانڌياڻيون بنجي ٿيون وڃن ۽ سندن ثابت قدمي مثال بڻجيو پوي.

        اهائي روايت آهي جيڪا اڳتي هلي اسان کي شاهه لطيف ۾ وڌيڪ گهرائي ۽ وسعت اختيار ڪندي نظر اچي ٿي شاهه عنات جي ڪلام ۾ جتي جمال جي جهاجهه، لفظن جي گهڻائي ۽ احساس جي عمق آهي (67) اتي لطيف ۾ انهن ساڳين خوبين کان سواءِ ٻيون به گهڻئي خوبيون گڏ ٿي ويون آهن.        

ميون عيسو:

        شاهه لطيف کان ڪجهه اڳ تقريباً ساڳئي دور ۾ هڪ اهڙو شاعر به ٿي گذريو آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته شاهه لطيف سندس بيت ڳائيندو هو. هن جي بياني قوت بيحد آهي، هجر ۽ وصال جو بيان نهايت دلڪش ۽ گونا گون پيرايي ۾ ڪري ٿو. منجهس سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، تماچي ۽ نوري، عمر مارئي، ليليٰ مجنون ۽ يوسف زليخا جي قصن ڏي اشارا ملن ٿا. (68) اهي بيت سرن ۾ ورهايل ڪونه آهن. روايت آهي ته پيريءَ ۾ هن بزرگ جي شاهه لطيف تي نظر پئي هئي، جڏهن شاهه اڃا نينگر هو ۽ پيشن گوئي ڪئي هئائين ته ڪو ڏينهن ٿيندو جو هن ٻار مان اهي گل نڪرندا جن جي سڳند ساري عالم کي سُرهو ڪري ڇڏيندي. (69)

        بهرحال هن شاعر جي ڪلام مان شاهه لطيف واقف هو ۽ هن هڪ ٻي ڪڙيءَ کي ڳنڍڻ سان لطيف جو فلسفو وڌيڪ واضح ٿيندو. عورت جي ڪردار کي واضح نموني بيان ڪندڙ ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن شاعر جي ڪلام ۾ عورت ڪهڙي روپ ۾ ٿي نظر اچي. سهڻيءَ بابت بيت:

        اوريين پريين پار ۾،  سو  نهڻين  لک   هزار

        پر جنهه کي سرڪ سرير ۾ محبت محض ميهار

        اک نه کڻي  هن    عالم   ڏي،  ري  پنهنجي يار

          ريءَ هم  سا  سينگار،   سونهي  سهڻن   وچ ۾. (70)

        هن دنيا ۾ گهڻئي سهڻيون پيون پسجن پر هر ڪنهن جي من ۾ ميهار جي محبت جي ميخ لڳل ڪانهي، جنهن جي من ۾ صرف ميهار جي محبت آهي سا ان کانسواءِ هن عالم ۾ ٻئي ڪنهن ڏانهن به اک کڻي نٿي نهاري ۽ اهوئي سبب آهي جو هوءَ بنا سينگار جي به سونهي ٿي. اها عورت جنهن کي سچي سڪ جي لوري لڳل آهي اها يقيناً سونهن ۾ ٻين کان سرس آهي.

        سسئي بابت ميين عيسيٰ جا خيال به پوءِ جي شاعرن ۾ پڌرا آهن. هو ويهي رهڻ بدران اٿي هلڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. پنڌ ڪري پنهون کي پڄڻ جي صلاح ٿو ڏي:

        ويهه وسامي ڪين ڪي، ڇوري ڇپر ڇل

        جت ڪارڻ جهان ۾، رندن  ۾  تون  رُل

        ته آري ڄام امل، پيئي  ور وير  ڪنهن. (71)

        ليلا جو ڪردارچنيسر جي چاهت بنا جهڙوڪر ڪجهه به ڪونهي. سهسين سينگار ڪري، مئين جا هار پائي به هوءَ سونهي نٿي، جي چنيسر جي دل مٿانئس کڄي وڃي ته:

هي   هار   هيڪڙو،    پر  جي   هجن   هزار

وجهين ڪري ويس وڏا، سهسين سڀ سينگار

         ته چنيسر جي چت ڌار، ڪر ڪوڙا مڻيا  مڙئي. (76)

        ليلا ڀلي هزارين هار پائي، سهڻا ويس وڳا اوڍي، سورنهن سينگار ڪري، پر جي چنيسر کانئس رٺل هجي ته اهو سڀ ڪجهه ڪهڙي ڪم جو؟ هن جي سونهن سينگار ته چنيسر جي چت سان آهي.

        مارئيءَ جي ڪردار کي به هن شاعر ٿورو مختلف نموني ڳايو آهي. هن کان اڳي ڪٿي به، ڪنهن به شاعر جو اهڙو بيت نظر نٿو اچي جنهن ۾ ماڙين ۽ مارن جي ايتري سهڻي ڀيٽ ڪيل هجي.

ماڙين ۾ ري مارئين رهي نه  سگهندياس

توڻي حيلا هزار ڪرين، ته پڻ آءٌ ويندياس

          وڃي پنهوارن پاس، شال گولي ٿي گذاريان. (73)

        عمر جي محل محلاتن ۾ پٽ راڻي ٿيڻ کان پنهنجي مٺڙن مارن جي گولي ٿي گذارڻ جي دعا هڪ پختي ڪردار جي عورت ئي ڪري ٿي سگهي جنهن جي لاءِ سڀ ڪجهه پنهنجا پکا ۽ پنهوار آهن.

   ڪو جو پُهه پرائيو اديون اکڙين
   جيئن جيئن پسن پرينءَ کي تيئن ڍاپيون نه ڍاپن
   ڪونه   ڏٺائون   ڪڏهين،  ساعت  سپرين
    ڪو دم سڄڻ نه سهن، پاسي پڻان پنهنجي. (74)

        جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ميين عيسيٰ جي بيتن ۾ موجود معنيٰ ۽ مفهوم توڻي ڪيترن لفظن ۽ استعارن جو جهلڪو اسان کي شاهه لطيف ۾ پڻ نظر اچي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته عورت جي ڪردار بابت سوچ ۾ به شاهه لطيف تي شايد ڪجهه اثر ميين عيسيٰ جي بيتن وارو ٿيو هجي.

        شاهه لطيف جو ڪلام پنهنجي پيشروئن جي ڪلام جي يقيناً عڪاسي ڪري ٿو ۽ ڪيترا خيال، ڪردار، علامتون ۽ تمثيلون شاهه تائين پهچڻ کان اڳ مختلف شاعرن وٽ مختلف انداز ۾ استعمال ٿينديون رهيون آهن، ان ڪري انهيءَ سلسلي جي آخري ڪڙيءَ طور شاهه انهن سڀني جي ڪلام مان واقف هئڻ ڪري انهن جو اثر قبول ڪيو هوندو، جيڪو سندس ڪلام ۾ پڌرو ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com