سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :17

سنڌي سماج ۾ عورت کي هميشه هيٺاهين وٺي هلڻ جي ترغيب هرهنڌ هر جاءِ ملي ٿي. اهي ليلا جهڙيون وڏ گهراڻيون هجن ته انهن کي تنبيهه ڪجي ته:

”ڍول تنين جي ڍار هيٺاهيون هلن جي“

        يا وري نوريءَ جهڙي غريب مسڪين ڇوڪريون هجن ته به رڳو نمن ۽ کمن. نوريءَ جي ڪردار ۾ ته ان طبقاتي سماج ۾ سندس خود داري جي خوبيءَ کي اجاگر ڪرڻ بدران ان کي نياز ۽ نوڙت جو مجسم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

        ڀلا ان سماج ۾ وٽس پاڻ وڻائڻ لاءِ ٻيو ڪجه هوبه ڇا؟ جڏهن ته عورت جي انساني حيثيت ئي مشڪوڪ هجي ته پوءِ يا وڙهي يا پاڻ وڃائي پنهنجو وجود ڪين جهڙو ڪري ڇڏي.

        ان طبقاتي نظام ۾ ذات پات جي ڦنڊن ۾ ڦاٿل سماج ۾ هڪڙي گهٽ ذات مهاڻي، ڌپ هاڻي ساٽياڻي ٻيو وري غريب، اها سمين سومرين راڻين ۾ ڪهڙيءَ ريت پاڻ وڻائي؟ ٻيو وٽس ڪهڙو ڏانءَ هو پاڻ وڻائڻ جو؟

        ان کي ابتڙ ڪري سوچيو ته ڇا ڪو اهڙو مثال به آهي داستانن ۾، جتي ايتريقدر هيٺئين درجي تي پهتل طبقي جو ڪو غريب مرد ڪنهن راڻيءَ يا شهزاديءَ جو منظور نظر ٿيو هجي ۽ ان جي خوبي رڳو سندس نوڙت ۽ نياز سمجهي وڃي؟ اهو سڄو سماج عورت کي هيٺاهون هلڻ جي تلقين ڪرڻ، ليلائڻ، نماڻائي ۽ نوڙت جو سبق سيکاري پنهنجي مٿانئس حڪومت قائم رکڻ ۾ پورو هو. ملڪيت ۽ محڪوميءَ ۾ عورت کي جن ٻين ترڪبين سان پنهنجو ”پابند“ رکڻ جي ڪوشش ٿيندي هئي ان ۾ سندس ”پاڪيزگي“ ”عصمت“ يا ”ست“ جي نالي ۾ مرد سان وفاداريءَ جو تصور به هڪ هو.

        ست يا عصمت جو تصور اسلام سميت سڀني مذهبن ۾ موجود آهي. پر رڳو عورت لاءِ نه مردن لاءِ به ساڳيا معيار آهن، پر جڏهن سڄو سماج مردن جو هجي، حڪومت به مردن جي هجي ته پوءِ کانئن پڇڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟

        ويچاري مارئي جنهن جي چڳن ۾ چيڙهه پئجي ويو هو، جنهن پنهنجو ميرو منهن ماروءَ بنا نٿي ڌوتو، جنهن دنيا جون سڀ نعمتون ٿڏي ڇڏيون ۽ پنهنجي لوئيءَ ۽ لڄ بچائيندي رهي، تنهن کي پنهنجن ئي ماڻهن اڳيان پنهنجو ست ثابت ڪرڻ لاءِ ٽانڊن تي هلڻو پيو. ان کان وڌيڪ ڪو ظلم ٿي سگهي ٿو ڇا؟ ڪڏهن ڪنهن مرد کي به ڪو ٽانڊن تي هلڻو پيو آهي؟ ۽ جي ائين ٿئي ته شايد سارو سڙي وڃي! مڙس سان وفاداريءَ جو اهو معيار رڳو ان دور ۾ ڪونه هو، اهو اڄ به ائين ئي آهي. پر اهو ست اها پاڪائي لطيف وٽ هڪ ٻي معنيٰ ۾ موجود آهي. هو جسماني تعلق کان وڌيڪ دلين جي سنٻنڌ جو قائل آهي. هو قلب جي قرب جو قائل آهي. هن وٽ اها پاڪائي ڪانهي ته جسم هڪڙي جي حوالي هجي ۽ دل ۾ ڪو ٻيو سمايل هجي... سهڻيءَ جو ڪردار ان جو مثال آهي. سماجي لحاظ کان سهڻيءَ سان به ڏاڍائي ٿيل هئي، زوري ٿيل هئي. عورت جي مرضيءَ کانسواءِ ڏم جهڙو اڻ وڻندڙ مڙس ڏيڻ جو رواج اڄ به موجود آهي. پر ڇا شاهه لطيف جهڙو به ڪو ڏاهو آهي جيڪو ڏم کي ڇڏي ميهار وٽ وڃڻ کي سماجي طور قبول ڪري؟ سماج ته ان کي ڪاري ڪري ماريندي دير ئي ڪونه ڪندو، پر لطيف نه صرف سهڻيءَ جي حق کي تسليم ڪري ٿو بلڪه هو ان لاءِ حياتيءَ جي پرواهه نه ڪرڻ جي به صلاح ٿو ڏي. اها بغاوت مروج سماجي قدرن جي غلط هئڻ جو وڏو ثبوت آهي ۽ ان ڏس ۾ شاهه جي راءِ لڪل ڪانهي. هو ته مرڳو ئي چوي ٿو ”ساهڙ ڌاران سهڻي نسوري ناپاڪ!“ وري اچو ته مومل جو مثال وٺون. هيءَ شهزادي پنهنجي راڻي جي جدائي کي سهي نه سگهڻ ڪري ڀيڻ کي راڻي جو روپ ڏئي ان سان ٿي سمهي. کيس ڀيڻ سان ستل ڏسي راڻو رسي روانو ٿي ويو... پاڻ پنهنجي زال کان لڪي ايندو هو ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونه هو؟ ڇا مومل تي شڪ جائز هو؟ ڀروسو يا اعتماد نه هئڻ ۽ سڪ جو شڪار ٿيڻ جو سبب پڻ عورت جي ان سماج ۾ گهٽ حيثيت هئڻ ڪري هو.

        اهو سماج اڻ برابريءَ وارو سماج هو. ان ۾ ننڍ وڏائي هئي. مرد عورت لاءِ مختلف معيار مقرر هئا. وٺ پڪڙ جو دور هو. غريب ماڻهو ڏچي ۾ هئا بي تنظيم هئا، بي اعتماد هئا، ڌارين جون ڪاهون هيون، پنهنجن جون سازشون هيون. ان دور ۾ ضرورت هئي انسان جو پاڻ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ جي، ٻين ماڻهن ۾ ڀروسو پيدا ڪرڻ جي، پيار ۽ قياس، همدردي ۽ همراهيءَ جا جذبا پيدا ڪرڻ جي، فرد جي ذريعي اجتماعي شعور پيدا ڪرڻ جي تڏهن چيائين ته:

ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
تون تنين سين ڪٽ اوڏا اڏي پکڙا
يا نفرتن ۽ ڪدورتن جي خلاف چوي ٿو:
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏاڍو ٿئي
سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هوءِ هزار جي.
 

        شاهه لطيف پنهنجي دور جي اُنهن هٿراڌو ٺاهيل سماجي قدرن جي مخالفت ڪئي آهي جن ۾ طبقاتي ڏاڍ، تشدد، ذات پات جا فرق ۽ ننڍ وڏائي اچي وڃن ٿا. ٽي سو سال اڳ جو اهو سماج ۽ ان جا ماڻهو ڇا اڄ جي سماج ۽ ان جي فردن کان ڪو گهڻا مختلف محسوس ٿين ٿا؟

        اڄ ايڪهين صديءَ جي صدا پئي ٻڌجي پر ڇا سنڌ جو عام ماڻهو انهن ساڳين هٿرادو سماجي قدرن مان جند ڇڏائي سگهيو آهي؟ اڄ کان ڪي صديون اڳ لطيف ”لوڪ  وهي لهوارو تون اوچو وهه اوڀار“ جو سبق ڏنو پر ڇا اڄ جو فرد ائين ڪري ٿو سگهي؟ مروج قدرن کان انڪار يا بغاوت جو ساهس آهي اڄ جي عام ماڻهوءَ ۾؟ جيڪڏهن ڪو مرد مجاهد اهڙو ڪو قدم کڻي ٿو يا نوان قدر ڏيڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ته معاشرو ساڻس ڪهڙيون جٺيون ٿو ڪري، اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. ان ڪري اسان وٽ شعوري تبديليءَ جي رفتار تمام گهٽ آهي. ڪڏهن ملن جو مذهب، ڪڏهن سماج ته ڪڏهن ڪا ٻي طاقت ان تبديليءَ جي راهه ۾ اچي ان کي روڪين ٿا. ان لاءِ ضرورت سگهارن ماڻهن ۽ سگهارين سوچن ۽ جذبن جي آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سماج جي ڪمزور بيوس ۽ مجبور ڪردارن عورتن کي علامت طور کڻي انهن جي ذريعي، بغاوت، جدوجهد، سجاڳي، بي ڊپائي ۽ مستقل مزاجيءَ جو سبق ڏي ٿو ته جيئن پنهنجي روشن منزل ۽ پنهنجو روشن آئيندو تعمير ڪري سگهجي.

        مارئيءَ جي ڪردار ۾ هن آزاد انسان جو تصور ڏنو آهي جيڪو جبر ۽ ڏاڍ اڳيان جهڪڻ بدران پنهنجي ڪمزوريءَ ۽ غربت کي پنهنجي طاقت بنائي ان ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائي ٿو ۽ ثابت قدم رهي ٿو. هن جي خود داري ۽ عزت نفس هن جا هٿيار آهن. هن وٽ رڳو ملير جو تصور ڪونهي بلڪه مارن جو به تصور آهي. مارن جي ڪري ئي ته ملير پيارو اٿس. مارو ڪهڙا به هجن اهي هن جي سوچ جو مرڪز آهن. ”جيها جي تيها مون سي مارو مڃيا“

        لطيف عمر مارئيءَ جي مروج داستان مان، مارئيءَ جي حوالي سان هڪ بنهه جدا ڳالهه چونڊي ڪڍي. هن ملير کي علامت ٺاهي ڌرتيءَ سان انسان جي اٽوٽ ناتي کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو ناتو مارن جي محبت سان لاڳاپيل رکيائين. مارئي صرف وطن دوستي نه پر انسان دوستيءَ جي به علامت آهي. اهي مٽيءَ هاڻا ماڻهو، اهي وليون ويڙهڻ ۽ صحرا کي ستر بنائڻ وارا، ڏٿ ڏهاڙي آڻڻ چاڙهڻ وارا ماڻهو ئي ته ملير کي سونهن بخشين ٿا. لطيف جي سر سيتائي يا ڪمٽمنٽ پنهنجن ماڻهن سان هئي  ان ڪري هن پاڻ کي سنڌ واسين سان واڳي رکيو. سُر مارئيءَ ۾ بيت آهي ته:

آءُ ڪيئن سوڙئين سمهان؟ مون ور گهاري ول
کٿيريءَ تاکل، عمر ڪج مَ اهڙي.

 

        سسئي پنهونءَ جي داستان جي عام قصي مان خاص ڳالهه اها چونڊي ڪڍيائين ته جيستائين پاڻ نه سڃاڻبو تيستائين منزل ملڻ مشڪل آهي. سسئي جيستائين پنهونءَ جي حوالي سان پاڻ نه سڃاتو تيستائين منزل جو ڏس ڪونه مليس. پاڻ سڃاڻن لاءِ لطيف سائين جذبو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ڇو جو ان سان ئي فرد جي ذات جي تڪميل ٿو سمجهي، ان تي اختيار ٿو ڏسي، ائين هن جون قوتون ڪم اچي سگهن ٿيون. پاڻ سڃاڻڻ سان فرد جي مظلوميت ۽ محڪوميت دور ٿي سگهي ٿي. اسان جو هي عظيم شاعر جيڪو خود شناسيءَ جو سبق ٿو ڏي ته اهو سماجي نقطه نگاهه کان هڪ تمام اهم نڪتو آهي فرد جي آزاديءَ لاءِ، ڇو جو جنهن پاڻ نه سڃاتو سو ڄڻ ته محڪوم ٿيو ۽ محڪوم مجبور ۽ بيوس هوندو آهي. هن کي پنهنجي پاڻ تي ۽ پنهنجين تخليقي صلاحيتن تي ڪو اختيار ڪونه هوندو آهي. ڪنهن به مقصد ماڻڻ لاءِ پهرين پنهنجي سڃاڻپ ضروري آهي. ان لاءِ نڀاڳي ننڊ ڇڏي سجاڳيءَ جو سج اڀارڻو پوندو آهي. اهو سج اڀارڻ لاءِ شاهه عنايت شهادت ماڻي، انهي تبديلي جي خواهش مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙايو، انهيءَ سچ جي قبوليت لاءِ ئي ته منصور ۽ سرمد سوريءَ سزاوار ٿيا.

        سهڻي ميهار جو قصو عام قصو رهي ها جي لطيف ان کي پنهنجي سگهاري سوچ ۽ اظهار ذريعي مروج سماجي قدرن جي بغاوت لاءِ تمثيل نه بنائي ها. ان سُر ۾ انهن سماجي قدرن کان انڪار ملي ٿو جن سهڻيءَ کي سندس مرضيءَ کانسواءِ مڙس ڏنو ۽ جي ائين ٿي به پيو ته پوءِ احتجاج جي به اجازت هئڻ گهرجي ۽ اهواحتجاج اها بغاوت بنا خود اعتماديءَ جي ممڪن ڪانهي. اها خود اعتمادي هڪ ڪمزور فرد ۾ ڪيئن ايندي؟ مرڻو ته هر ڪنهن کي آهي پوءِ سهڻي وانگر ڇو نه ڪنهن مقصد لاءِ مري امرتا ماڻجي.

ته ڪر ڪينءَ سُئي، جي سير نه گهڙي سهڻي

هونءَ ئي هوند  مئي،  پر  ٻڏيءَ  جا  ٻيڻا  ٿيا.

        لطيف سائين پنهنجي دور ۾ عورت کي ڪمزور ڏٺو هو، هوءَ بيوس هئي، بي اعتماد هئي، مجبور هئي، محڪوم هئي، پر وس پر وهيڻي هئي. پاڻ کي ان کي اهميت ڏنائين، کيس زبان ڏنائين ۽ هن کيس علامتي انداز ۾ طبقاتي ماحول ۽ زرعي جاگيردري نظام ۾ ڪمزور هيڻن، بي وس، لاچار، پر وس، پر وهيڻن فردن جي نمائندگيءَ طور پيش ڪيو ۽ پنهنجون همدرديون انهن سان ڏيکاريون اٿس. هو کين سماج جي ڏاڍي ڏونگر اڳيان لوهه جا لڱ ڌارڻ جو سبق ٿو ڏي. هو چاهي ٿو ته سماج جا اهي پيڙهيل، ڪمزور ۽ هيڻا ڪردار پنهنجي ارادي سان پنهنجي دور ۾ مروج هٿ ٺوڪين سماجي قدرن جا بت ڀڃي ڀور ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي جذبي جي سچائيءَ سان جونا ڳڙهه کي جهوري وجهن. انهن جي انفرادي ڪوشش سان ئي اجتماعي تصور اڀرندو. اڄ جو انسان جيڪو منجهيل آهي، موڙهل آهي، پر وهيڻو آهي تنهن کي لطيف جي فلسفي ۽ پيغام سان ڪا راهه ڏسي سگهجي ٿي. هو اسان کي عمل جي راهه ٿو ڏسي، انساني قدرن جي بلندي، سڌريل سماج جو تصور، چڱائيءَ جو ساٿ، پرائي کي نندڻ، سچ جي سوڀ، ڪوڙ جي هار، اهي سڀ موضوع اسان کي لطيف ۾ ملن ٿا. شاهه سائينءَ جا سمورا ڪردار اهڙا آهن جن جي ذريعي هو عمل جون راهون متعين ڪري ٿو. سسئي جو حوصلو، بلند همٿي، جبل جهاڳڻ ڏونگر ڏورڻ ۽ منزل ماڻڻ لاءِ هر مشڪل کي منهن ڏيڻ، سهڻيءَ جي بي ڊپائي، پاڻ ارپڻ ۽ قرباني، سر جو سانگو لاهي مقصد ميهار ماڻڻ لاءِ درياهه منجهه گهڙي پوڻ يا مارئي جي ملير ۽ مارن سان محبت پنهنجي مٽيءَ ۽ ماڻهن لاءِ اڪير ۽ پنهنجي اصل سان سچائي. اهي اهڙا مثالي عمل آهن جن جي ذريعي انسان پنهنجو مقصد ماڻي سگهي ٿو.

        ڀٽائي انهن مثالن ذريعي انساني قوتن کي اڀارڻ، پاڻ سڃاڻڻ ۽ منزل ماڻڻ جو سڏ ڏي ٿو. هو سوڀاري کي ساراهي ٿو پر هارايل کي به همٿ ٿو ڏياري. انفرادي ڪردارن جي چونڊ مان سندس اجتماعي شعور جي پروڙ پوي ٿي. فرد جي محنت جدوجهد ۽ ڪوشش هڪ طرح سان پيغام آهي گروهه لاءِ:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ  جي

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو

حوالا

(1)  سراج، شاهه جي شعر جا گهاڙيٽا، لطيف ڊائجيسٽ، آگسٽ 1985، ص 65

(2) ايضاً،

(3) Dudley Louise- The Study of Literature. Houghton Mufflin Co. Cambridge 1928 pp..2,5,6.

(4) سراج، شاهه لطيف جي آفاقيت، لطيف ڊائجيسٽ، اپريل 1985، ص -11

(5)  Qazi I,I, Allama, Shah Abdul Latif – An Introduction to His Art-Sindhi Adabi Board 1973-pp.2

(6) Ibid pp.3

(7) Ibidpp.5

(8) Ibid pp.8

(9) گرامي، غلام محمد مولانا، شاهه جي شرح جو سوال، لطيف ڊائجيسٽ، اپريل 1985، ص 18

(10)                      دائود پوٽو، علامه عمر بن محمد، شاهه جي عظمت جا اسباب، مضمون ۽ مقالا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي 1978، ص-120

(11)                       ايضاً، ص 121

(12)                      دائود پوٽو، علامه عمر بن محمد، شاهه جي عظمت جا اسباب، مضمون ۽ مقالا، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي 1978، ص 120

(13)                      گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، مقدمه لطيفي، ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، ص -105

(14)                      ايضاً، ص -107

(15)                       جگتياڻي لالچند امر ڏنو مل، شاهاڻو شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، 1989، ص -24

(16)                      ايضاً، ص -39

(17)                      ايضاً، ص 40

(18)                      Grokey Maxim—Socialist Realism in Literature and Art—Progressive Publishers Moscow pp.32

(19)                      Lenin, Ibid pp.15

(20)                     Mikhail Sholokhov—Ibid.

(21)                      بدر ابڙو، تنقيد نگاري، ارتقائي جائزو، سنڌي ادبي سنگت، 1985

باب چوٿون

شاهه جون سورميون

1-     سُر مارئيءَ ۾ مارئيءَ جو ڪردر

2-    شاهه جي شاعريءَ ۾ سسئيءَ جو ڪردار

3-    سُر سهڻيءَ ۾ سهڻي جو ڪردار

4-    سُر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جو ڪردار

5-     سُر مومل راڻي ۾ مومل جو ڪردار

6-    سُر ليلان چنيسر ۾ ليلان جو ڪردار

7-    سُر سورٺ ۾ سورٺ جو ڪردار

سُر مارئي ۾ مارئيءَ جو ڪردار

        شاهه لطيف جو ”سر مارئي“ عام طرح سان حب الوطني يا ساڻيهه جي سڪ جو سُر سمجهيو ويندو آهي. ان جو سبب هن سُر جي سورمي مارئيءَ جو پنهنجي ملڪ ۽ مارن لاءِ تڙپڻ، انهن جي سڪ ۾ پاڻ تي سڀ سک حرام ڪرڻ ۽ انهن لاءِ هر قسم جون سختيون ۽ سُور سهڻ آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته مارئيءَ جو ڪردار ئي حب الوطنيءَ جي علامت آهي. ان ڏس ۾ ڪو ڀانئي ٿو ته ”مارئي“ علامت آهي خود ”سنڌ“ جي، جيڪا زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ روئي رڙي پئي پر سندس پنهنجا ماڻهو ان جي نجات لاءِ ڪجهه به نٿا ڪن ۽ اهي بي حس ۽ بيوس بنجي ويٺا ڏسن. لطيف جي دور ۾ به ائين هو ۽ هاڻ به ائين ئي آهي. ”مارو“ يا مارئيءَ جا مائٽ انهن ماڻهن جي علامت آهن. ڪي چون ٿا ته ”مارئي“ عام سنڌي ماڻهو جي علامت آهي ۽ ”مارو“ سندس هم وطن، جيڪي ڏاڍ جو شڪار هئا، غلام هئا پر سندن مدد ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونه هو (1)، ته ڪو وري ائين ٿو سمجهي ته سر مارئيءَ جو اصل موضوع آهي طبقاتي سماج ۽ ان جي جبر کان نفي (2)، ڪنهن کي مارئيءَ جو ڪردار ڪڏهن وطن پرستيءَ جي اهڃاڻ طور متاثر ٿو ڪري (3) ۽ ڪڏهن هُوءَ کيس ”سَتَ“ جي تصور جو اهڃاڻ ٿي لڳي ۽ اهو ”ست“ جو تصور فرد کان اڳڀرو ٿي، سماج، وطن ۽ زمين سان وفاداري ۽ پنهنجي مڙس سان وفاداريءَ تائين پهچي ٿو (4). هڪ خيال اهو به آهي ته شاهه جي ڪلام ۾ مارئي آزاديءَ جي روح جي علامت آهي. (5)

        شاهه لطيف جا نقاد ۽ شارح هڪڙا ته اهي آهن جيڪي ترقي پسند ۽ قوم پرست سوچ رکندي کيس زندگيءَ جو شاعر ٿا سمجهن ۽ انهن نظرين تحت سندس شاعريءَ کي سمجهن ۽ سمجهائين ٿا. پر هڪ ٻيو طبقو جيڪو روايت ۽ قدامت پسندن جو آهي، اهي کيس روحاني رمزن جو شاعر ٿا سمجهن ۽ سندس ڪلام جي تشريح پنهنجي نظريي مطابق ٿا ڪن. ”سُر مارئي“ ۽ خود مارئيءَ جي ڪردار ۾ اهڙيون علامتون ۽ تمثيلون ڳولڻ وارن مان ڪن جو خيال آهي ته ”مارئي الله جو سچو عاشق آهي ۽ عمر هن جهان ۾ ظالم ۽ زبردست ماڻهو!“ هو ته عمر ڪوٽ کي هن جهان سان مشابهت ڏئي ملير کي انسان جو اصلوڪو وطن (6) ٿا ڄاڻائين ۽ وري ڪي سمجهن ٿا ته ”مارئي ته پاڪ روح آهي ۽ عمر اهڃاڻ آهي نفس جو، ملير وحدانيت جي وادي ۽ عمر ڪوٽ هيءَ دورنگي دنيا آهي.“ (7) ۽ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته حقيقت ۾ ”شاهه صاحب روح جي عالم ارواح ڏانهن تانگهه کي هن سُر ۾ تمثيلي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.“ (8) اها ساڳي ڳالهه گهڻن ورجائي آهي. ڪو وري کيس هڪ عام انسان، ماروءَ کي محبوب حقيقي ۽ ملير کي اصل وطن ٿو ڄاڻائي(9).

        حقيقت اها آهي ته شاهه لطيف ۾ ايتري ته همه گيري آهي، گهرائي توڙي وسعت آهي جو سندس ڪلام مان مختلف معنائون ڪڍي سگهجن ٿيون ۽ هر ڪو پنهنجي ذهني سطح، لاڙي، تربيت ۽ مطالعي مطابق سندس بيتن جي شرح ڪري ٿو. ڪڏهن سندس بلڪل سماجي معروضي حالتن جي عڪاس بيتن مان روحاني (Spiritual) ۽ مابعدالطبعياتي (Metaphysical) معنائون ڪڍيون وينديون آهن ته ڪڏهن مجاز کي حقيقت ڄاڻايو ويندو آهي. ٻئي طرف ٻيءَ ڌر وارا سنڌ جي تاريخ ۾ صوفين جي سلسلي ۽ تصوف جي روايت کي سراسر وساري سندس خالص صوفيانه ڪلام ۾ به پيا مادي ۽ مجازي معنائون تلاش ڪندا.

        هڪ طبقو مارئيءَ کي حب الوطني، پاڪيزگي (ست)، طبقاتي سماج ۾ جبر جي نفي، هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪندڙ ڪردار ٿو سمجهي ۽ ٻيو طبقو ساڳي مارئي ۾ الاهي اسرارن جا نڪتا ٿو نروار ڪري ۽ کيس پاڪ روح ۽ الله جو سچو عاشق ٿو ڄاڻائي.... جيڪڏهن نٿو سمجهي ته ڪو کيس سڌو سنئون هڪ ”سنڌي عورت“ ۽ سندس عظمت جو آدرش نٿو سمجهي جيڪا هوءَ اول ۽ آخر هئي.

        علامتون، اهڃاڻ يا تمثيلون شاعر جي فڪر ۽ فلسفي جي اظهار لاءِ بيشڪ استعمال ٿيا آهن ۽ شاهه جهڙي آفاقي شاعر علامتي ۽ تمثيلي شاعري يقيناً ڪئي آهي ۽ اها سندس شاعريءَ جي هڪ اعليٰ خاصيت آهي، پر ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۽ انهن ڪردارن کي پهرين جيئن اهي ظاهري طور آهن تيئن ڇو نه ڏسجي ۽ پرکجي، پوءِ ان ۾ علامتون ڳولجن ۽ تمثيلون تلاش ڪجن! جيڪڏهن اصل ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه نه هوندو ته شاعر ڪيئن متاثر ٿيندو ۽ ان کي علامت لاءِ استعمال ڪندو ۽ جيڪڏهن ڪهاڻيءَ جا اصل ڪردار پنهنجي ڳڻن سان شاعر کي متاثر ڪونه ڪندا ته ڪيئن هو انهن کي تمثيلي انداز ڏيندو؟ ان ڪري ضروري آهي ته پهرين اصل ڪهاڻيءَ کي سمجهجي، جيئن ماڻهن ۾ مروج هئي ۽ جيئن شاهه لطيف ان کي سمجهيو ۽ ڪردار لاءِ به ساڳي طرح سان مروج روايتون ۽ انهن مان شاعر جا ڪڍيل نتيجا سمجهجن.

        ”عُمر مارئيءَ“ جو داستان سنڌ ۾ آڳاٽي زماني کان مروج رهيو آهي. ”هي قصو سومرن جي حڪومت واري دور ۾ (1050-1350ع) ۾ اسريو... پوءِ سمن جي دور کان وٺي سنڌ جي سڄاڻ منگتن ۽ ڀانن ان کي پوري لئي سان ڳايو، ايتريقدر جو ان لئي کي ”راڳ مارئي“ ڪري سڏيو ويو.“ (10) تاريخ طاهريءَ ۾ پڻ ان قصي جو ذڪر ملي ٿو. ”سن 1590ع ۾ اڪبر بادشاهه جي لشڪر سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ کي سپهه سالار، خان خانان پاڻ سان گڏ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي ويو. اتي پوءِ ڪچهريءَ ۾ سنڌ جي راڳيندڙن عمر مارئيءَ بابت سنڌي بيتن کي ”راڳ مارئي“ ۾ ڳائي ٻڌايو“ (11). اهو ساڳيو قصو تاريخ طاهريءَ جي مصنف طاهر محمد نسياني ”نازو نياز“ جي نالي سان فارسي نثر ۾ لکيو. ان جو ذڪر به تاريخ طاهريءَ ۾ ٿيل آهي جيڪا 1621ع ۾ لکي وئي هئي“ (12).

        مير علي شير قانع ٺٽويءَ به تحفته الڪرام ۾ هيءَ ساڳيو قصو بيان ڪيو آهي، پر ”جيئن ته هي ڪتاب سن 1767ع ڌاري لکجي تيار ٿيو تنهن ڪري منجهس آيل احوال تاريخ طاهريءَ تان ئي نقل ڪيو ويو ٿو ڏسجي“ (13). سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته شاهه عنايت پهريون شاعر آهي جنهن مارئيءَ جا بيت چيا ۽ روايت آهي ته ”شاهه عنايت ئي، شاهه لطيف کي مارئيءَ جو مذڪور سڻائي، منجهس مارئي جا بيت چوڻ جو شوق پيدا ڪيو.“ (14)

        مختصر لفظن ۾ قصو هن ريت آهي ته عمر سومري جي زماني ۾ ٿر ملڪ جي هڪ ڳوٺ ۾ پالڻي نالي هڪ پنهوار رهندو هو. هيءُ مسڪين مارو ۽ سندس زال ماڏوئي سارو ڏينهن مال پهري ان کي جهنگ چاري ايندا هئا.... کين هڪ نياڻي ڄائي هئي جا ڄاپندي ئي حور جهڙي حسين هئي. جيئن وئي وڌندي تيئن وئي هيڪاري سونهن ۾ سرس ٿيندي. آخر جڏهن سامائي تڏهن سندس حُسن جا هاڪ هنڌين ماڳين هُلي وئي.

پکي منجهه پدمڻي، ڪَرَ ڏئي وراڪا وڄ.

جهڙي صورت سڄ، تهڙي مورَت   مارئي.

        مارئيءَ جو سڱ ”ڦوڳ“ نالي هڪ ماڻهوءَ گهريو پر انڪار مليس جو مارئيءَ جو سڱ اڳيئي کيت سين کي ڏنل هو. ڦوڳ ساڙ ۽ حسد وچان وير وٺڻ جون سٽون سٽڻ لڳو... سو هو هلي ويو عمر بادشاهه وٽ، ۽ وڃي مارئيءَ جي حُسن جي اهڙي ساراهه ڪيائين جو عمر مارئيءَ جي اڻ ڏٺل صورت تي اڪن ڇڪن ٿي پيو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته کيس حيلي بهاني هٿ ڪري پنهنجي پٽ راڻي بڻائيندس. پوءِ پاڻ ۽ ڦوڳ ويس بدلائي ملير روانا ٿيا.

        ٿر ۾ مائيون اونهن کوهن مان پاڻي ڀرڻ لاءِ آڌيءَ اٿي وينديون آهن ۽ جيڪي ويسريون ٿي سمهي رهنديون آهن تن کي ڏينهن جو وارو مشڪل ملندو آهي. ان ڏينهن مارئيءَ کي ننڊ نهوڙي نيو هوس، سو جيئن جاڳي، تيئن گهڙو کڻي اٿي کوهه ڏي هلي...

آڌي اٿن  تي،  جيلان  پاڻي  پاتار  ۾،

وارو ويسرين کي، ڏينهان  ڪونه  ڏي،

مون ڪميڻيءَ کي، مٿان کوهه کڻي ويا.

        .... اهڙون حسن پسي عمر جي نينهن کي نئون نيش اچي ويو، پوءِ پاڻي پيئڻ جو بهانو ڪري هيٺ ٿيو ۽ مارئيءَ ويچاري وسوڙل جيئن پاڻي ڀري عمر کي ٿي آڇيو تيئن هن کيس ٻانهن کان جهلي کڻي اٺ تي چاڙهيو ۽ واڳون وٺي اٿي وطن ڏي وريو. امر ڪوٽ اچڻ سان عمر مارئيءَ کي نئي وڃي محلات ۾ قابو ڪيو. پوءِ جڏهن رات جو وٽس لنگهي ويو ته ڏسي ته هوءَ رت پئي روئي، سو کيس ليلائي چوڻ لڳو ته ”روڄ راڙي مان ڇا ورندو؟ ڏڌو کير ٿڻين ڪين پوندو. هاڻي هتيئي رهي، منهنجي پٽ راڻي ٿي ويهه، منهنجون ٻيون سڀ راڻيون تنهنجيون گوليون ٿي گذارينديون ۽ آئون به ساري عمر تنهنجو ٻڌو ٻانهو ٿي رهندس!“ پر مارئي جيئن ويئي پنهنجا پکا ۽ پهنوار ياد ڪندي، تيئن ويتر ويئي هنجون هاريندي. آخر جڏهن عمر گهڻو ستايس تڏهن جواب ڏنائينس ته ”منهنجون کيت سين سان ازل کان ئي لائون لڌل آهن سو هن بنا منهنجو جيءُ ٻئي ڪنهن سان مور نه ٻجهندو، مهر ڪري مون کي موڪل ڏي ته آئون موٽي ملير وڃان.“

سيل ڀڃڻ جي سومرا، مون کي مَتِ مَ آڇج ميرَ،
گهڻي ٿوري ڏينهڙي، وينديس هُت همير،
مڇڻ منجهه ملير، ڪنڌ مٿانهون نه کڻان.
 

        نه عمر موڪل ڏنس، نه مارئي مُڙي، گهڻئي ڊپ ڊاءُ ڏنائين، لالچون ڏنائينس پر هن تي ڪو اثر ڪونه ٿيو. مارئيءَ پکن جي پريت ماڙين سان مور نه مٽي، مارن لاءِ اندر ۾ جا اُڪير هئس، سا هر گز ماٺي نٿي ٿيس. عمر جي پٽ پٽيهرن ۽ بخمل بافتن کي اباڻي لوئيءَ جي مَٽ به نه ڀانيائين. هن جي سونن روپن ڳهڻن، عطر عنبيرن، پلاهن ست رڇين ۽ ميون مٺاين کي تڇ سمان ڪري سمجهيائين:

پٽولا پنهواريون، مور نه مٿي ڪن
جُه لاک رتائون لوئيون، ته سالنئان سونهن
اُن ايلاچنئون آڳري، بخمل بافتن
سکر ڀائيان سومرا! کٿي کان کنهبن
جا ڏنيم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.
 

        عمر آخر ڏمر وچان ڪوٽ ۾ قيد ڪيس ۽ اهنج ايذاءَ ڏنائينس ته به ارادو اٽل رهيس:

هٿين هٿڪڙول، هينئڙي پيم هُن جا
سانگي ساريم سومرا! ڍاٽي پاسي ڍول
ٻاٻاڻن سين ٻول، ڪِئم نه ڪوٽ وهڻ جا.

سنهيءَ سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،
هنيون منهنجو هُت ٿيو هت مٽي ۽ ماهه،
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
 

        اهڙو ست ۽ سچائي ڏسي عمر جو من ڀڄي پيو ۽ مارئي جي مائٽن کي نياپو موڪليائين ته اچي پنهنجي امانت وٺي وڃو. ان ريت عمر کيس ڀيڻ ڪري سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي سندن حوالي ڪيو...(1)

 

        پر کيت سين جي من ۾ مارئيءَ نسبت گمان ويهي ويو سو کانئس گوشو پيو ڪندو هو ۽ اٿندي ويهندي ويڻ پيو وجهندو هوس، اها خبر عمر کي پئي ته ڏاڍي مٺيان لڳس، جو اها سندس به بدنامي هئي. سو چڙ مان مارن تي حملو ڪرايائين، مارن کي کڙڪ پئجي وئي سي وٺي ڀڳا. پوءِ مارئي پنهنجي ست جي زور تي سڌو عمر وٽ لنگهي وئي ۽ چيائينس ته ”تون هن ملڪ جي والي آهين، جي اهڙا ابتا پار نه هلين ها ته اڄ نه پاڻ پڻائين ها نه مون کي. پرائي لڄ کي ٻارنهن مهينا ڪوٽ ۾ قابو رکي ناحق هن کي شڪ شبهي جو شڪار بنايئي. لوڪ کي سچ ڪوڙ جي ڪهڙي ڪل؟ جي اسان تي بهتان رکيائون ته ان ۾ ڪهڙو عجب؟ غيرت وچان جي منهنجو ڀتار مون کي هڻي ماري وجهي، ته به ڏوهي نه چئبو. تلافي ته ڪانه ڪيئي، الٽو آيو آهين ڏکويلن کي وڌيڪ ڏکوئڻ! پنهنجا افعال ساري امين ٿي ڏس ته ڪنهن جو ڏوهه آهي!“ عمر کي اها ڳالهه دل سان لڳي، بهرحال پوءِ مارئيءَ کي پنهنجو ست سيل ثابت ڪرڻ لاءِ امتحان مان گذرڻو پيو. هڪ آڙاهه تيار ڪرايو ويو ۽ مجهس هڪ لوهه جي سيخ تپائڻ لاءِ وڌي ويئي، جڏهن اها تپي لعل ٿي ۽ کنوڻ جيان جهلڪا ڏيڻ لڳي، تڏهن مارئي ان کي هٿ ۾ جهلي آڙاهه مان لنگهي ويئي ۽ لهس به ڪانه آيس، ۽ ائين سڀني کي تصديق ٿي ته هوءَ ”ستي“ آهي پوءِ کيت سين ۽ مارئيءَ پاڻ ۾ محبت ونڊي باقي حياتيءَ جا ڏينهن سُک سانت ۾ گذرڻ لڳا.*

          هن سموري قصي مان مارئيءَ جو ڪهڙو ڪردار ٿو اڀري؟

        هڪ سنڌي عورت جو ڪردار جيڪا پنهنجن اباڻن، پنهنجي وَرَ ۽ پنهنجي وطن سان سچي محبت ٿي ڪري، جنهن جي ڪردار جي پختگيءَ جي ساک سڀڪو ڏيندو. هوءَ اهڙي ماحول ۾ ڄائي نپني جتي نه برقعا هئا نه چادرون، نه پردو هو نه پابندي، جتي نه پاڪيزگيءَ جي بلند معيارن جو پرچار هو، نه ئي ڪو اعليٰ اخلاقي قدرن جا اپٽار، تڏهن به منجهس عورت جي عظمت جو آدرش نظر اچي ٿو. سندس دل ۾ جا ساڻيهه جي سڪ هئي، اباڻن جي اُڪير هئي، ماروءَ لاءِ محبت هئي، شاهه لطيف کي انهيءَ متاثر ڪيو. مارئيءَ جي روپ ۾ سنڌي عورت جو اعليٰ روپ پسي شاهه صاحب کي يقيناً تحريڪ (Inspiration) ملي هوندي. هن جڏهن ٻڌو هوندو ته هڪ ڪمزور عورت، هڪ جابر ظالم ۽ ڏاڍي بادشاهه سان ڪيئن ٿي منهن ڏئي، سندس عيش عشرتون، راڻين جي راڻي پٽ راڻي ٿيڻ جي لالچ، دنيا جون سڀئي نعمتون هڪيون حاضر ڪرڻ جي آڇ ڪيئن ٿي ٺڪرائي ۽ ڪهڙيءَ ريت هڪ نماڻي نينگر ان جي ڊپ ڊاءُ، ظلمن، زنجيرن کي ٿي برداشت ڪري، ته پَڪ سان سندس اندر جو حساس فنڪار تڙپي اٿيو هوندو ۽ پوءِ هن کيس ڳائي ڄڻ ته امر ڪري ڇڏيو. هن هڪڙي ڪردار ۾ هُن کي ڪيتريون ئي ضمير جي آزادي، عزت نفس، ڏاڍ سان جهيڙڻ جي همت ۽ جرئت، ڪردار جي پاڪيزگي ۽ بلندي، پنهنجي غريباڻي اصل تي فخر، ارادي جي مضبوطي، مستقل مزاجي، اميد نه ڇڏڻ، مايوس نه ٿيڻ – مطلب ته انساني ڪردار ۾ ممڪن سڀئي خوبيون هن ۾ نظر اچن ٿيون ۽ اهڙا ئي ڪردار ڪنهن ڏاهي، ڪنهن فنڪار ۽ شاعر کي متاثر ڪري سگهندا آهن. پوءِ نه صرف هو انهن جي عڪاسي ڪندا آهن پر ان جي معرفت علامتن ذريعي تمثيلن ذريعي ڪو پيغام ڪو نياپو، ڪا تاريخي حقيقت، ڪو سماجي سچ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته شاهه لطيف کي مارئيءَ ۾ عورت جو اعليٰ آدرشي ڪردار نظر آيو ۽ هن پنهنجين سڀني سورمين کان وڌيڪ درد هن ڪردار لاءِ محسوس ڪيو.


(1)  هن قصي جو هن کان پوءِ وارو حصو شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ ڪونه آندو آهي.

*  هن قصي کي گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي روح رهاڻ تان ڪجهه مختصر ڪري کنيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com