سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :16

اتي ان عورت جي قدم کي ساراهڻ جو ڇا مطلب وٺجي؟ ڇا هو سماج ۾ ڪنهن بداخلاقيءَ کي همٿ جو ڪم ٿو ڄاڻائي يا عورتن کي ڪا ترغيب ٿو ڏيڻ چاهي؟ جيڪڏهن اسان سندس سڀني کان باهمت سورمي سهڻيءَ جي ڪردار تي ٿا نظر وجهون ته ان لاءِ به اسان کي سندس ساڳيو فلسفو ٿو نظر اچي. عورت کي زوريءَ ڪنهن جي پلئه سان ٻڌڻ بدران سندس دل گهرئي دوست سان حياتيءَ جو ٻنڌڻ ٻڌڻ گهرجي ۽ اهو سندس حق آهي جيڪو مذهب به کيس ڏنو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سماج جي فرسوده ۽ مدي خارج اخلاقيات کان بغاوت ڪرڻي پوي ته به ڪرڻ گهرجي ۽ هن جي خيال ۾ جنهن ائين ڪيو تنهن ڄڻ ته همت جو ڪم ڪيو ۽ همت مردن جو مرڪ نه پر عورتن جو مرڪ آهي. مرد کي ته پنهنجي ”يار“ سان ملڻ لاءِ سماج جي مخالفت کي منهن نٿو ڏيڻو پوي، ڪوڙي اخلاقيات جا بت ڀڃڻا نٿا پون، هو ته هن سماج ۾ آزاد هو ۽ آهي، ان لاءِ اهڙو ڪو ڪم ڪرڻ ڪا همت جي ڳالهه ڪانهي. ها عورت کي جان جوکي ۾ وجهڻي ٿي پوي ۽ لطيف سائين ضعيف زال جي ان همت کي ٿو ساراهي. سندس اها ساراهه سهڻيءَ جي ڪردار کي لافاني بنائي ٿي ڇڏي. هو سهڻيءَ جو اڻ وڻيو مڙس ڏم ڇڏي، دل گهرئي دوست ميهار وٽ وڃڻ جائز ٿو سمجهي. ان کان سواءِ مٿئين واقعي مان پڻ اهو ٿو ثابت ٿئي ته شاهه انهيءَ نظرئي جو آهي ته جنهن سان من هجي تنهن سان تن کي به ملائجي. اهو درست ناهي ته جسم هڪڙي جي حوالي هجي ۽ دل دماغ ٻئي وٽ هجن. ان ٻچاپڙائيءَ کان بهتر ته اهو آهي ته تن من ڪنهن هڪڙي حوالي ڪجي پوءِ ڀل ته کڻي سماج سان بغاوت ڪرڻي پوي يا رسم رواج ٽوڙڻا پون.

اڄڪلهه جي جديد نظريي مطابق اهڙي عمل کي ذهني طوائفيت چيو ويندو آهي جيڪڏهن ڪو مرد (يا ڪا زال) هڪڙي عورت (يا مرد) سان هم بستر هجي ۽ ذهن ۾ تصور ۾ ڪو ٻيو وجود هيس، اها ته نسوري ناپاڪي آهي ۽ شاهه صاحب سهڻيءَ جي پاڪيزگي ئي ساهڙ سان ملڻ ۾ سمجهي آهي.

”ساهڙ ڌارن سهڻي نسوري ناپاڪ“

مذهب ۾ به نڪاح دل جي اقرار کانسواءِ نٿو ٿئي. زوريءَ ۽ مرضيءَ بنا نڪاح ناجائز آهي ۽ عمل ۾ ئي نٿو اچي.

شاهه صاحب جي حياتي جي احوال ۾ ڪجهه ٻين عورتن جو ذڪر به ملي ٿو. مثلاً هڏا ڪٽ راهن جي ڳوٺ جون ڏڌ وڪڻڻ واريون جن وٽان کيس سفر دوران ڪو ڏڌ چڪو نه مليو ته چرچي طور هي بيت چيائين:

”هڏا ڪٽيون هليون، ڪييارون ڪهي

ڇڏيائون ڪانه پٺ تي، سندي ڏڌ  ڏهي

گجن سان گهي، اونڌا ڪري آيون. (52)

هن مان عورتن جو ڏڌ وڪڻڻ ٿو ثابت ٿئي، اهي پورهيت زالون هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ڏڌ وڪڻڻ وينديون هيون ۽ شاهه جي ڪلام ۾ پورهيتن جو مان نظر اچي ٿو. يا مثلاً هڪ واقعو هن ريت به آهي ته جيسلمير جي سفر ۾ شاهه صاحب ڪنهن مريد جي گهر ويو. ان ويچاري وٽ مرشد جي خدمت لاءِ گهر ۾ ڪجهه به ڪونه هو. سندس زال تي هٽ واڻيو بري نظر رکندو هو پر هوءِ ويچاري پئي ڀڄندي هئي.... پر مرشد جي راضپي لاءِ ۽ سندس خدمت لاءِ هوءَ انهي هٽ واڻئي کي پاڻ آڇڻ ويئي ته من ائين هوءَ ڪجهه ان پاڻي حاصل ڪري سگهي. اهو واڻيو ته ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ ڀيڻ کڻي ڪيائنس، پر لطيف سائين به ان عورت جي جذبي کي ساراهيو ۽ هي بيت پڙهيو:

تني جيسلميرياڻي جس، جي الله ڪارڻ لنڊيون
لالائيءَ کان لطيف چئي، ڪانه لڳندين ڪَس
هُت به رهائيون رس، هِت به گڏيون هوت کي. (53)
 

مطلب ته شاهه صاحب انساني ڪردار جي بلندي ظاهري ۽ ڏيکاءَ واري پاڪائيءَ ۾ نه پر دل جي ۽ دماغ جي پاڪائيءَ ۾ سمجهندو هو. هو انسان جي دل جي صفائيءَ جو قائل هو ۽ اندر جي اوجر جو اونو هئس.

شاهه صاحب پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ جو وقت ڪوٽڙيءَ ۾ اڻبڻت جي ڪري نه گذاري سگهيو هو ۽ اچي ڀٽ وسايائين. اها ڀٽ ڪجهه وقت اڳي ڳولي هٿ ڪئي هئائين ۽ پنهنجي لاءِ، پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ ۽ فقيرن لاءِ ڪوٺيون ٺهرائڻ به شروع ڪرائي ڇڏيون هئائين. جڏهن پيءُ جي وفات کانپوءِ پنهنجي گهر وارن کي وٺي اتي آيو ته اهي اڃا نامڪمل هيون. ان ڪري سندن رهائش جو عارضي انتظام ڪيو هئائين ”اتي هڪڙو لئيءَ جو وڻ بيٺو آهي جنهن تي پريندي ڪپڙا وجهي، پردو ڪري اهل نساء جا وهاريا هئائون جيستائين ڪه اهي جايون ٺهيون ۽ ويهڻ جهڙيون ٿيون. اتي پاڻ اٺ سال رهيو ۽ اتي ئي هڪڙي راڳ جي محفل دوران وفات ڪيائين. سن 1752ع (1165هه) ۾ صفر جي چوڏهين تاريخ هئي. وفات ڪرڻ کان اڳ غسل ڪري چادر مٿان وجهي مراقبي ۾ ويهي رهيو ۽ راڳ ڪرڻ ۽ سرود وڄائڻ جو اشارو ڪيائين. اها حالت ٽي ڏينهن رهي. ماٺ لڳي پئي هئي، هر ڪو راڳ جي سوز ۾ لڳو پيو هو، نيٺ راڳ کان بس ڪيائون ۽ شاهه صاحب کي رڙهي اچي ويجها ٿيا. ڏسن ته رڳو بت وڃي بچيو آهي ساهه ٺهي ئي ڪونه! الائجي ڪهڙيءَ مهل دم ڏنائين. سڄي عمر ڪنهن کي ڪا تڪليف نه ڏنائين، ماٺ ۽ سانهه ستيءَ وارو ماڻهو هو، ڏيک ويک مان ڄاڻندو ئي ڪين هو.“ (54) ۽ ساڳيءَ ريت بنا ڪنهن کي پريشان ڪرڻ جي ماٺ ۽ سانهه ستيءَ سان پنهنجا پساهه پورا ڪيائين.

حوالا

(1)  قليچ بيگ مرزا، سائو پڻ ڪارو پنو، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1965، ص -8-19

(2) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح بابت ويچار، سه ماهي مهراڻ، جلد 32، نمبر 1، سال 1987ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ص – 52

(3) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، شاهه جو رسالو، جلد پهريون، سر ڪلياڻ ۽ سريمن، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ شاهه، 1989، ص -10

(4) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، فڪر لطيف، مرتب بشير احمد شاد، فڪر و نظر پبليڪيشن، سکر، ص – 26-27

(5) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، شاهه جو رسالو ”جلد پهريون“ سر ڪلياڻ ۽ سريمن، ص 35.

(6) گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، مقدمه لطيفي، ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 1977، ص 24.

(7) ايضاً، ص -25-26.

(8) بدوي لطف الله، تذڪره لطفي، (جلد پهريون) شيام آفسيٽ لميٽيڊ ڪراچي، 1943، ص – 102.

(9) قليچ بيگ مرزا، شمس العماءِ، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 1972 ص -23

(10) آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند، لطيفي سير، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد، 1989، ص -16

(11) Jotwani, Motilal. Shah Abdul Latif, His life and Work, University of Dehli 1975. pp. 26

(12) اياز، شيخ، رساله شاهه عبداللطيف (اردو منظومه ترجمه). انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي – ڄامشورو

(13) Sayed Dure Shahwar, Dr. the Poetry of Shah Abdul Latif, Sindhi Adabi Board Jamshoro/ Hyderbad 1988 pp.19

(14) دائود پوٽه، عمر بن محمد علامه، مضمون ۽ مقالا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي حيدرآباد، ڀٽ شاهه، 1978، ص -97-99.

(15) آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند، لطيفي سير، ص-15

(16) ايضاً ص-16 ۽ 17

(17) بدوي لطف الله، تذڪره لطفي (جلد پهريون)، ص – 102

(18) گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، مقدمه لطيفي، ص -27-28

(19) ايضاً، ص -32.

(20) Jotwani, Motilal. Shah Abdul Latif, His life and Work, pp.40

(21) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، شاهه جو رسالو، سر ڪلياڻ ۽ سريمن، ص 22

(22) ايضاً، ص -9-10

(23) ايضاً، ص -23

(24) ايضاً، ص -23

(25) ايضاً، ص -23

(26) قليچ بيگ مرزا، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص 26

(27) بدوي، لطف الله، تذڪره لطفي، ص -105-106

(28) گربخشاڻي، هوتچند مولچند، مقدمه لطيفي، ص -37

(29) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، شاهه جو رسالو، سر ڪلياڻ، سريمن، ص 24

(30) ايضاً

(31) ايضاً، ص -24

(32) ايضاً، ص -40-41

(33) وفائي مولانا دين محمد، لطف اللطيف، وفائي پبليشنگ هائوس ڪراچي، ص -211

(34) ايضاً، ص -104

(35) ايضاً، ص -105

(36) گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، مقدمه لطيفي، ص 36

(37) وفائي، مولانا دين محمد، لطف اللطيف ص -106

(38) قليچ بيگ مرزا، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص -59

(39) ايضاً، ص -60

(40) گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، مقدمه لطيفي، ص -28.

(41) قليچ بيگ مرزا، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص -60-61.

(42) گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، مقدمه لطيفي، ص-69.

(43) وفائي دين محمد، لطف اللطيف، ص -411

(44) ايضاً، ص -127

(45) بدوي لطف الله، تذڪره لطفي (جلد پهريون)، ص -106

(46) قليچ بيگ مرزا، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص-40-41

(47) الانا، خواجه غلام علي، تون پارس آءُ لوهه (مضمون) يادگار لطيف، مرتب، بيگم زينت عبدالله چنه، لطيف يادگار ڪائونسل، سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد، 1957، ص -103، 104

(48) وفائي، دين محمد، لطيف اللطيف، ص -137

(49) ايضاً، ص -138

(50) ايضاً، ص -139

(51) قليچ بيگ مرزا، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص -70

(52) ايضاً، ص -72

(53) ايضاً، ص -20

(54) ايضاً، ص -49

شاهه جي شاعريءَ جون خوبيون

        تمام اتم ۽ اعليٰ درجي جي شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جزو چيو ويو آهي.... ان پيغمبريءَ واري نقطي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ان جي ڏاهپ کي سمجهڻ ضروري آهي ۽ انهيءَ حوالي سان ڪنهن اهڙي شاعري ڪندڙ شاعر ۾ پيغمبريءَ جا اهي اوصاف به ڳولڻا پوندا. شاعري جيڪڏهن پيغام آهي ته ان پيغام جي ڪيفيت سچائي ۽ اثر کي به سڃاڻڻ ضروري آهي. ... شاعري هڪ فن به آهي. ان ڪري ان کي فن جي معيار تي پرکڻ به لازمي آهي. ”اهو شاعر جيڪو فن جي بلند ترين منزل تي هجي ۽ سندس شاعري پيغمبريءَ جي جزي جهڙي حيثيت رکندي هجي ته ان جي فن ۾ هنر پنهنجي پوري سچائي ۽ ڪاريگريءَ سان موجود هوندو.... شاعر اهو چئجي ٿو جنهن جي اجري اجري من ۾ جڏهن ڪو احساس پيدا ٿئي ۽ جنهن کي هو پيغام جي شڪل ڏيڻ چاهي ته هن جي بنيادي هنر مندي هن کي شعر ٺاهڻ يا گهڙڻ ۾ مددگار ۽ معاون ٿيندي آهي.“ (1)

        شاهه لطيف جهڙن شاعرن لاءِ اهڙا ماڻ ۽ ماپا بلڪل پورا بيهندا آهن. لطيف وٽ خيال آهي، جذبو ۽ احساس آهي، مشاهدي جي به گهڻائي اٿس ته وري لفظن جو به بادشاهه آهي، انهن سڀني شين کي سُر ۽ سنگيت يا موسيقيءَ سان هم آهنگ ڪرڻ جو خوبصورت ڏانءُ به آهيس ته وري هزارين لفظي عڪسن تي ٻڌل نظارا به آهن ۽ اهي سڀئي خوبيون هو پنهنجي مخصوص ٽيڪنيڪ يا گهاڙيٽي ذريعي جڏهن پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي عوام اڳيان پيش ٿو ڪري ته اهو ”پيغام“ سڌو دل ۽ دماغ تي اثر ٿو ڪري ڇاڪاڻ جو هن ”ان ۾ پنهنجي فنڪاري، تخليق ۽ جدت طرازيءَ جا اهڙا اهڙا تجربا ڪيا آهن جو عقل حيران ٿيو وڃي... ان ۾ ٽه پاسي هم آهنگي (Tridimensional harmony) به آهي جنهن جا ٽي پاسا آهن. لفظن جو آهنگ، موسيقي ۽ ڇند ودايا“ (2) اهو ئي سبب آهي جو شاهه جهڙي وجداني ڪيفيت ۾ اها شاعري ڪئي، ان جهڙي نه ته به ڪجهه قدر وجداني ڪيفيت پڙهندڙ يا ٻڌندڙ تي ضرور طاري ٿيندي آهي. اها ئي سندس خصوصيت آهي.

        وري جيڪڏهن ٻوليءَ جي لحاظ کان ٿو ڏسجي ته شاهه پنهنجي دور جي عوام جي نج ٻولي ڪتب آندي آهي، ان ۾ تشبيهون استعارا، تجنيسون ۽ لفظ جي گهڻ معنائي يا هڪ معنيٰ لاءِ گهڻن لفظن جو استعمال تمام مهارت سان ڪيل آهي.

        شاهه سائين جي اهڙين خوبين جي ڪري کيس آفاقي شاعر سمجهيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو هن جو ڪلام جهڙي قسم جو پيغام رکي ٿو، جهڙي سچائي سندس جذبن ۽ احساس ۾ آهي اهي کيس سرحدن ۽ صدين کان آجو ڪري سموري انسان ذات جي سمورن دورن سان لاڳاپي ڇڏين ٿا.

“ A good work of Art is one that is liked by all people, in all places and all times”.

        انهن سڀني ۾ اهم نقطو وقت جو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪو شاعر ڪنهن خاص دور ۾ هر هنڌ گهڻن ماڻهن کي پسند رهيو هجي پر پوءِ جي دورن ۾ سندس نالو وٺڻ وارا به نه هجن. اهو وقت ڪنهن شاعر جي عظمت جي بهترين ڪسوٽي آهي.

“The great work of art must appeal to all times. In other words we can not say with certainity that a book has universality until it has stood the test of time! “Universality” is that quality in writing which appeals to the universal traits of humanity.” (3)

        اها آفاقيت يا وقت گذرڻ کانپوءِ زنده رهڻ جي خصوصيت ڪنهن شاعر ۾ ڪيئن پيدا ٿيندي آهي؟ هروڀرو آفاقيت (Univarsality) جو اهو مطلب به نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو ان ۾ خود شاعر جي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي جذبن احساسن ۽ مسئلن جو سڌو سنئون ذڪر ناهي هوندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته لطيف ان ڪري ئي آفاقي حيثيت ماڻي آهي جو هن انساني جذبن جي سچائي ۽ سيبتائي، انساني سماج جي ڀلائيءَ جي اعليٰ قدرن جي اپٽار هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي حوالي سان ڪئي آهي. شاهه سائينءَ جي آفاقيت پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجن ماڻهن جي ئي حوالي سان آهي.

        ”شاهه سنڌ جو دين ايمان هو، ان ڪري سنڌ جو پهريون حوالو آهي شاهه سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بنايو ۽ ان جي شاهوڪار خزاني کي استعمال ڪيو، جنهن ۾ هزارين ورهين جا تجربا سمايل هئا. اهو هن جو ٻيو حوالو آهي. شاهه سنڌ جي ماڻهن جو هڏ چم ۽ ماس هو، جنهن کي هن حياتيءَ ۾ نادر شاهه جي قتلام جو شڪار ٿيڻو پيو. سنڌي ماڻهو هن جو ٽيون حوالو آهي. سنڌ ان وقت جاگيرداريءَ جي ڪرندڙ ديوارن ۽ ملوڪيت جي آخري پساهن واري مرحلي تي هئي ۽ ان تبديليءَ ۽ ان منجهان اڳتي هلي پيدا ٿيندڙ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ شاهه حصيدار نه ٿيندي به ان جو مشاهدو ڪندڙ هو. اهو هن جو ڇوٿون حوالو هو. انهن سمورن حوالن کي جيڪڏهن هڪ سچي، صاف صوفي منش ۽ انسان ذات جي گهڻ گهري شاعر جي شخصيت جي چوڌاري پيوست ڪريو ته اوهان کي شاهه جي آفاقيت جا صحيح ۽ چٽا اهڃاڻ جرڪندا جهلڪندا نظر ايندا.“ (4)

        شاهه سائين کي اڄ جي دور ۾ مختلف انداز ۾ مختلف حوالن سان پڙهي ۽ پرکي سندس حيثيت کي هڪ بلڪل جدا ۽ مختلف انداز ۾ اجاگر ڪري سگهجي ٿو جنهن لاءِ اڳ تمام گهٽ ڪوششون ٿيون آهن. ائين ڪرڻ کان اڳ جن عالمن شاهه جي آفاقيت ۽ بين الاقواميت کي پنهنجي انداز ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ان بابت به ڄاڻڻ تمام ضروري آهي. مثال طور علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا ٻڌايل اهي ٽي بنيادي ۽ مکيه معيار جن جو جيتوڻيڪ گهڻو ورجاءُ ٿيو آهي ته به مختصر نموني انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. علامه صاحب ڪارلائيل جو اهو قول پهرئين معيار طور کنيو ته:

“Unless his verse could be sung it would never amount to poetry and it was hardly worth writing”.(5)

        جيڪڏهن ڪنهن جو نظم ڳائڻ جي لائق نه آهي ته ان کي ”شعر“ هرگز چئي نٿو سگهجي، اهو لکڻ ئي فضول آهي. انهيءَ ڏس ۾ هو جن شاعرن سان شاهه جي ڀيٽ ڪري ٿو تن ۾ شيڪسپيئر، ملٽن، گوئٽي، ڊانٽي ۽ وهٽمئن اچي وڃن ٿا. هو چوي ٿو ته انهن شاعرن مان ڪنهن به شاعر جي ڪا هڪڙي سٽ به انهن جي پنهنجي ملڪ ۾ نه ڳائي ويئي ۽ انهن جو ڪلام ڳائڻ لائق ئي ڪونهي.... ممڪن آهي ته سندن سمورو ڪلام Lyrical يا سُريلو نه هجي پر ڪارلائل جي معيار مطابق ڇاڪاڻ جو اهو ڪڏهن به ڳايو نه ويو آهي ان ڪري اهو انهيءَ پيماني تي پورو نٿو بيهي. ان جي برعڪس شاهه جو سمورو ڪلام سريلو Lyrical آهي ۽ سندس اڪثر ”سُر“ موسيقيءَ جي سُرن تي ٻڌل آهن. چوي ٿو ”لطيف پنهنجي شعر کي ”نياپو“ ڪري سڏيو ۽ سندس شعر جي هڪ هڪ مصرع بنا خاص تاڪيد جي ڳائجي رهي آهي“ هيءَ حقيقت ڪارلائل جي نظريي جي مڪمل تائيد ڪري ٿي ته بيشڪ شعر اهو آهي جنهن کي هر هڪ ماڻهو پڙهڻ بدران ڳائڻ چاهي ٿو.

        جيڪو ٻيو معيار اڪثر وڏا وڏا مغربي نقاد شعر جي پرک لاءِ مقرر ڪندا آهن سو اهو آهي ته:

“Can one replace words in the lines of the poet to improve the lines, make them more expressive, or add to their beauty” (7)

        آيا شاعر جي ڪلام جي ڪنهن به مصرع ۾ ڪوبه اهڙو لفظ بدلائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ تبديليءَ سان مصرع کي زياده موثر يا فصيح بنائي سگهجي يا ان ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪري سگهي.

        لطيف جي ڪلام کي ان ڪسوٽيءَ تي پرکيندي علامه صاحب دعويٰ ڪئي ته سندس ڪلام ۾ فقط ڪنهن هڪ لفظ جي تبديلي به سڄي لئي جي ترنم کي بگاڙي ڇڏي ٿي. ان ڪري ان جو ڪو لفظ بدلائڻ يا هٽائڻ ممڪمن ڪونهي. شعر جي بيهڪ ۾ توازن ۽ نزاڪت اهڙي آهي جو ”نه فقط هڪ مصرع کي مگر هر هڪ لفظ ۽ انهيءَ جي بيهڪ کي خاص اهميت آهي ۽ ان جو بدلائڻ محال آهي. دنيا جو ڪوبه شاعر سندس ڪلام جي سڄي ذخيري جي نطقه نگاهه کان هن پرک ۾ پورو بيهي نه سگهندو.

        ٽيون معيار زبان جي استعمال بابت آهي. شيڪسپيئر ڊانٽي ۽ گوئٽي پنهنجي پنهنجي دور ۾ پنهنجين ٻولين ۾ وسعت پيدا ڪئي پر ان ۾ جنهن منزل تي هو پهتا اها نسبتاً گهڻو گهٽ هئي.

“The language of the 18th century Sindh made itself capacious in the hands of Laitf”.(8)

        انهيءَ ارڙهين صديءَ واري سنڌي زبان کي لطيف ويجهايو ۽ وڌايو جو اها زبان هڪ نهايت گرانمايه ۽ وسيع ترين ٻولي بنجي پيئي.

        دنيا جي ترقي يافته قومن جي نقادن جي اهڙن معيارن تي علامه صاحب لطيف جي پرک ڪري کيس انهن سڀني کان مٿانهون درجو رکندڙ شاعر مڃيو. لطيف جي شعور ۽ شاعريءَ جو ڪو مثال ئي ڪونهي. سندس سماجي شعور، سنڌ جي حالتن ۾ تبديل، عوامي زندگيءَ جي ڄاڻ سطحي نه پر تمام اونهي محسوس ٿئي ٿي، سندس ڪلام زندگيءَ جي حقيقت پسندانه عڪاسي آهي. ”شاهه جو ڪلام حق، حسن ۽ خير جي زنده تصوير آهي. اهي قدر اهي آهن جي انساني زندگيءَ سان تيستائين ساٿ ڏيو ايندا جيستائين انسان ذات بنهه بي ذوق نه ٿي وڃي.“ (9)

        ڊاڪٽر سورلي ته سڀني کان گوءِ کڻي ويو ٿو ڏسجي. هن دنيا جي گهڻين ٻولين جي وڏن وڏن شاعرن سان شاهه کي ڀيٽي پرکيو آهي ۽ کيس مٿن ترجيح ڏني آهي ۽ کيس انفراديت ۽ ڪماليت جو صاحب سڏيو آهي. هن سلسلي ۾ علامه دائود پوٽي ڊاڪٽر سورلي جي ڏانهنس موڪليل تقابلي جائزي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن لاءِ پاڻ لکي ٿو: ”مون کي سنڌ جي سڄڻ ۽ شاهه جي شائق ڊاڪٽر سورلي پنهنجو دنيا جي ڇهن قديم ۽ جديد ٻولين (جهڙوڪ يوناني، لاطيني، فراسيسي، عربي، سنڌي ۽ اردو) مان 13 چيده شاعرن جي غنائي شعر جو انتخاب پنهنجي انگريزيءَ ۾ شاعراڻي ترجمي ساڻ هديه طور موڪليو هو. افسوس جو انگريزي، الماني، اسپاني، لاطيني وغيره موجوده زبانن مان ڪي به ٽڪرا نموني طور ڪونه ڏنا اٿس. سندس راءِ موجب غنائي وجداني شعر جي ميدان ۾ شاهه سڀني کان سرس آهي ۽ انهن تيرهن شاعرن مان ڪوبه ساڻس برميچي نٿو سگهي. خود پاڪستان جي مشهور شاعر اقبال تي به شاهه کي ترجيح ڏني اٿس، ڇاڪاڻ ته اقبال سواءِ ڪن جزوي نظمن جي پنهنجي ساري ڪلام ۾ فارسي شاعريءَ جي تقليد ڪئي آهي، جو فقط موجوده وقت جو اردو دان طبقو اڻپوريءَ طرح سمجهي سگهندو. ان جي برعڪس شاهه جو ڪلام سراسري فطري ۽ سادو، سلوڻو ۽ شيرين آهي، جنهن کي عام خاص ماڻهو پوري طرح پروڙي ۽ ڳائي وڄائي ان مان حِظ وٺي سگهن ٿا ۽ ڪنهن به خاص طبقي تائين محدود ناهي. سورلي صاحب شايد وطن پرستيءَ جي موهه کي لڪائڻ لاءِ انگريزي غنائي شعر ڏي اشارو ڪرڻ کان اعتراز ڪيو آهي، نه ته هوند چئي ڏي ها ته شاهه جو غنائي شعر نه فقط مذڪور شاعرن جي شعر کان اعليٰ ۽ اتم آهي، پر خود شيڪسپيئر، شيلي، ورڊس ورٿ ۽ ڪيٽس وغيره کانئس گهڻو هيٺ آهن.“ (10)

        خود علامه دائود پوٽي جي پنهنجي راءِ به شاهه سائين بابت تمام اعليٰ آهي. لکي ٿو. ”سنڌ جي صحرا ۾ جو هي سرسبز گل پيدا ٿيو. جنهن جي سڳند ۽ سرهاڻ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي، تنهنجي بزرگيءَ جا اسباب ڪهڙا هئا يا آهن؟ ڇا هن جي واقعه نگاري؟ ڇا هن جي اسلوب بياني؟ ۽ ڇا هن جي انشاء پردازي؟ ڇا هن جي منظر مصوري؟ ڇا هن جي لساني نزاڪت ۽ خوبي؟ ڇا هن جي انساني عظمت ۽ انڪساري ۽ ڇا هن جي روحاني لطافت ۽ خود انڪاري؟ اهي سڀ وصفون منجهس ڀريل هيون. بلڪه هو ڪن اهڙين غير مفهوم صنعتن سان به سينگاريل هو، جن جي بيان کان زبان ۽ قلم قاصر آهن.“ (11)

        شاهه لطيف جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي، جو هن پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ جي وسيلي سنڌ جي خاص توڙي عام ماڻهن جي خيالن ۽ افڪارن جي خاصي ترجماني ڪئي آهي. ”سندس زبان ۾ اها سلاست ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي اها رنگيني ۽ رعنائي، اها جاذبيت ۽ ارڏائي، اها فصاحت ۽ بلاغت، اها لطافت ۽ نزاڪت اها اونهائي ۽ گهرائي رکيل آهي جو پڙهيل بنا ڏکيائي جي کيس پڙهي ۽ پرجهي سگهن ٿا. جهانگي جهنگن ۾ جهڄندي، ڌنار ڌڻ چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون ان پيهندي ۽ هنڌ سوريندي، پورهيت پورهيو ڪندي، غريب ۽ شاهوڪار، اعليٰ ۽ ادنيٰ، هندو ۽ مسلمان سندس بيت جهونگارين ٿا. دل وهمن سان ويڙهيل هجي، هم ۽ غم هنئين کي وڪوڙي ويا هجن، مصيبت جا مينهن وسندا هجن، ڏک ۽ بک جي ڪريل ڏيل ڏهيون ٿيندو هجي، جدائي ۽ فراق ڪري ڊڄندڙ ۽ جدائي ٿيندڙ هجي، شاهه جو هڪ به بيت ڳائبا ته دم پل ۾ سڀ اولا لهي ويندا، سيني کي اها راحت رسندي، دل کي اهو آٿت ۽ آرام ايندو جو هزار حڪمتن سان به حاصل نه ٿئي.“ (12)

        ڊاڪٽر اينيميري شمل جي شاهه جي روحاني ۽ مذهبي حيثيت اجاگر ڪرڻ جي خيال سان متفق نه هوندي به سندس طرفان لطيف جي باري ۾ چيل هي جملو سچ آهي ته ”شاعريءَ جو اطلاق ئي شاهه جي شاعريءَ تي ٿئي ٿو، باقي همه هيچ“.

        پوءِ جي دور ۾ سائين جي ايم سيد شاهه تي ٿورو مختلف انداز ۾ نئين سماجي حوالي سان ڪجهه مضمون لکيا جيڪي سورلي کانپوءِ ان سلسلي جي ڪڙي چئي سگهن ٿا، پر ان کان اڳ سڀ کان وڌيڪ شاهه تي جنهن ماڻهوءَ محنت ڪئي ۽ اسان کي هڪ قسم جو بنياد ڏنو سو هو ڊاڪٽر گربخشاڻي، جنهن مقدمه لطيفي کي ڄڻ ته شاهه جي عظمت مڃرائي ۽ تنقيد جي سائنسي طريقي سان پرک ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. سندس پيش ڪيل ڪن ڳالهين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو يا وقت جي ضرورت آهر ۽ روايت کي ڏسندي هن جيڪو شاهه جي پرک مهل کيس صوفي يا ويدانتي ثابت ڪرڻ جي ويهي ڪوشش ڪئي آهي ان سان متفق نه ٿجي ته به ڏٺو وڃي ته شاهه جي شاعريءَ جي گهڻن پهلوئن کي هن ئي پرکيو آهي. ٻوليءَ جي سلسلي ۾ پڻ هن سنڌيءَ جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري ان وقت جي مشهور مفروضي کي قائم رکڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي ان سان به سهمت نه ٿجي پر اهو مڃڻو پوندو ته لطيف جي ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي اهڙيءَ ريت پرک ڪرڻ جي روايت به تمام سٺي آهي ۽ جيڪڏهن اڄ جو ڪو لساني ماهر شاهه جي شاعريءَ مان ويهي سنڌي ٻوليءَ جي لساني تاريخ بابت نتيجا ڪڍي ته اهو ممڪن آهي. ”شاهه جو شعر ۽ شاعري“ واري عنوان هيٺ لکيل بابت ۾ هن شاهه کي نهايت ئي عقيدت سان سنڌي ٻوليءَ جو مهان شاعر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”سچل ۽ سامي، بيدل ۽ بيڪس، يوسف ۽ صادق جا نالا هر ڪنهن ٻڌا هوندا، هر هڪ جي ڪلام ۾ پنهنجي پنهنجي خوبي ۽ لذت آهي. ڪن پڙهندڙن کي هڪڙي مان مزو ايندو ته ڪن کي ٻئي مان، پر شاهه لطيف جهڙو هروجه ڪامل ۽ هردلعزيز شاعر سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو... سندس شاعريءَ خستوريءَ جي خوشبو سڀ ولات واسي ڇڏي آهي.“ (13)

        لطيف جي مهانتا ۽ بزرگي محض جذباتي لڳاءَ جو نتيجو ڪانهي بلڪه ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ ان جي انيڪ خوبين کي اجاگر ڪيو ويندو آهي. گربخشاڻي پڻ ائين ئي ڪيو آهي ”ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي جيتري قدر منجهس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا.“ (14) پر مشاهدو ڪيترو به ڇو نه هجي، جمالياتي حسن سان ڪيتري به ويجهائي ڇو نه محسوس ٿئي ۽ ڪيترا به خيال جذبا ۽ امنگ اڀرن جيستائين شاعر انهن کي سهڻي ٻوليءَ جو ويس نٿو پهرائي، ان ۾ لفظ سازيءَ جي علم کي نٿو اوتي تيسين اهو ماڻهن جي دلين اندر بيهي نٿو پهچي سگهي. شاهه سائين ته لفظن جو صراف آهي ۽ هو ڪنهن ماهر جوهريءَ وانگر اهڙا تو ويهي موتي پوئي ۽ جواهر جڙي جو اصل من موهيو وجهي، وٽس اکرن جو اکٽ ڀنڊار آهي:

سو هي، سو هو، سو اجل سو الله
سو پرين، سو پساهه، سو ويري سو واهرو
 

        اهي تجنسيون، اها لفظن جي جڙت بي مثال آهي، ان ڏس ۾ لالچند امر ڏنومل پنهنجي ڪتاب ”شاهاڻو شاهه“ ۾ سندس انهيءَ خوبي کي ساراهي ٿو ”شاهه جو شعر سنجيدو ۽ سوادي سڪ ڀريو ۽ سريلو حد گهڻو آهي ۽ جيتوڻيڪ ڪيترن هنڌن لفظن تي ڏاڍيون تجنيسون ڪيل آهن ۽ ڏاڍا مزي جهڙا بيت ڏنل آهن ته به منجهن اندروني مطلب ڏاڍو ڳوڙهو رکيل آهي.

سر سهڻيءَ ۾ سهڻي واتان ٿو چورائي:

جاهڙ اندر جيءَ ساهڙ ڏني ساهه کي
ساهڙ ڇڙي نه ساهه جي ساهڙ ساهڙ ريءَ
ساهڙ ميڙ سميع! ته ساهڙ ڇڏي ساهه جي. (15)
 

        شاهن جي هن شاهه، شاعرن جي هن سرتاج جي شاعرانه خوبين تي موهت رڳو ڪي مخصوص ماڻهو ڪين آهن، بلڪه هر ننڍو وڏو، ڳوٺاڻو، شهري، پڙهيل اڻ پڙهيل، ان تي موهت آهي. ميٺاج ۽ رس، شعر سندس ۾ وري اهڙو آهي ۽ عبارت ان جي اهڙي سٺي ۽ گهري آهي جو ننڍو وڏو مٿس اڪن ڇڪن آهي......“ (16) جتي سورليءَ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي شاهه لطيف کي يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترين ئي ٻولين جي شاعرن سان ڀيٽي سندن مٿانهون مرتبو مقرر ڪيو اتي لالچند وري کيس فارسيءَ جي استاد شاعرن جي صف ۾ آڻي ٿو بيهاري.“ خيال سندس ڳوڙهو ۽ زور ڀريو آهي. ان ڪري ڪيترائي کيس ”سنڌ جو حافظ“ ڪري ڪوٺيندا آهن. بيشڪ هو ان لائق آهي ۽ چئجي ته ڪن صورتن ۾ حافظ کان به گوءِ کڻي ويو آهي، ته ٻه جڳائي، ڪيئن جو حافظ جي شعر ۾ ظاهري خوشي ۽ طبع جي هلڪائي بلڪل گهڻي آهي ۽ عشق جا خيال جيڪي شاعر نروار ڪيا آهن تن ۾ ليڪو لنگهي ويو آهي، جنهن ڪري آدمي اشراف ”اخلاق جي عشق ۾ سرگردان صاحب“ پڙهنس ته ائين پيا ڀائين جو شاعر ڪو وڏو شرابي ۽ پڪو رند آهي. پر شاهه صاحب جو شعر اهڙو سنجيدو ۽ ڌيان وارو آهي جو ڇا مُلو ڇا قاضي پڙهنس ته جي اڻ پڇو نه، ته به گهڻو تڻو ته اوس سمجهن، جو شاعر وڏو الله وارو اشراف آدمي آهي. حافظ ارسطوءَ وانگر يڪدم ويٺو اهڙيون ڇوهه واريون ڳالهيون ٻڌائي جو عشق جي باهه امالڪ وچڙيو وڃي ۽ پڙهندڙ جو مغز تپيو وڃي. پر لاکيڻو لطيف سقراط وانگر ڌيرج ۽ سانهه ستيءَ سان ور وڪڙ ڏئي، مٺن ۽ سهڻن مضمونن ۾، وڌيڪ سوال جواب ڪري، دل کي پرڀائي آخر اهڙي اٽڪل سان اچيو پنهنجي ڳالهه بيهاري جو هنيانوَ کي ڇڪيو وٺي.“ (17)

        شاهه جي شاعريءَ ۾ جيڪا خيال جي گهرائي آهي، جدت ۽ انفراديت آهي، اسلوب بيان جي نواڻ آهي سا کيس هڪ منفرد سڃاڻپ ڏياري ٿي. فني ۽ فڪري لحاظ کان لطيف جو ڪلام اوچي درجي جو آهي ته وري معنوي، ادبي ۽ لساني خوبين جو ساگر منجهس ڇوليون هڻندو نظر ايندو. سندس فن ۽ فڪر معنيٰ ۽ ٻولي پنهنجي زماني سميت اڄوڪي دور جون به گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهوئي سبب آهي جو لطيف جي ڪلام ۾ سنڌ جو روح موجود ملي ٿو، سنڌ جي ڌرتيءَ جي خوشبو منجهس آهي.

        ان کانسواءِ هاڻي اچو ته شاهه لطيف جي سماجي حقيقت پسندي تي ٿا نظر وجهون.

        جديد دور جي ترقي پسند ادب ۽ تنقيد جو اڀياس ڪندي سماجوادي حقيقت پسندي (Socialist Realism) بابت ويهين صديءَ جي سوشلسٽ اديبن جي خيالن کي پڙهجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي ته جيڪي ڳالهيون يا اصول هو پنهنجي نظريي جي مناسبت سان ويهين صديءَ جي ادب (۽ آرٽ ۾ ڏسڻ گهرن ٿا سي اسان جو ٽي سو سال قديم شاعر شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪري چڪو آهي..... وٽس اهو شعور ان وقت ملي ٿو جڏهن ڪنهن به ادب ۽ آرٽ لاءِ اهڙا ڪي معيار ويهي مقرر ڪونه ڪيا هئا. Socialist Realism in Literature and Art جي موضوع تي لکيل ڪجهه وڏن اديبن ۽ نقادن جي مضمونن ۾ ڏنل ڪجهه اصولن ۽ معيارن کي سامهون رکي لطيف کي ٿا پڙهون ته عجب ٿو لڳي. مڪسم گورڪيءَ جا خيال ان ڏس ۾ هن ريت آهن:

“The Art of writing consists, first of all, in the study of language, which is the basic material of any book and specially of beautiful words”…. “That gives to what the master creates a form which has the power to influence the emotions and mind, arousing wonder, pride and joy at man’s creative ability” (18)

        لکڻ جي فن سان ٻوليءَ جو تمام گهاٽو لاڳاپو آهي ڇو جو ٻولي ان جو وسيلو آهي خاص ڪري سهڻا سهڻا لفظ.... جنهن سان ڏات ڌڻي هڪ سگهارو فارم يا گهاڙيٽو اختيار ڪري ٿو جيڪو ماڻهن جي جذبن ۽ سوچن تي اثر انداز ٿي منجهن انسان جي تخليقي صلاحيت تي حيرت، فخر ۽ خوشيءَ جا جذبا اڀاري ٿو. اهڙي معيار تي لطيف کي ڏسو ته ڪيتريقدر نه پورو آهي. سندس ٻولي ايتري سگهاري آهي، سهڻي آهي، اثرائتي ۽ اتساهه ڏياريندڙ آهي جو اسين حيران به ٿيون ٿا، مٿس فخر به ڪريون ٿا ته خوش به ٿيون ٿا ته اهڙو هڪ ڏات ڌڻي، تخليقڪار اسان وٽ موجود آهي. اها ڳالهه ته ٿي فارم جي حوالي سان وري اچو ته فن ۽ موضوع جي حوالي سان ڪو مثال کڻون. ساڳئي ڪتاب ۾ لينن جا لفظ حوالي طور ڏنل آهن. صفحي 15 تي چوي ٿو:

Talent or artist’s Mastery consists of two components, the ability to study and comprehend reality and the art of translating his impressions into work of art. (19)

        فنڪار جي ڏات يا فني قابليت ٻن جزن تي ٻڌل آهي هڪ ته سچ کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي قوت ۽ ٻيو پنهنجي تاثرن جي ڪنهن فن پاري ۾ ترجماني ڪرڻ جو فن. ڇا شاهه لطيف پنهنجي دور جي سماجي سچ کي پرکيو هو، سمجهيو هو؟ ۽ ڇا هو ان بابت پنهنجي جذبن جي اظهار جي قوت ثابت ڪري ٿو؟ جواب اسان سڀني کي خبر آهي ته ان جهڙو نه ڪيو ٻيو فنڪار ٿيو نه اهڙي پرک ڪيائين ۽ نه اهڙو اظهار ڪري سگهيو جهڙو لطيف ڪيو. موضوع جي سگهه ۽ سچ بابت هڪ معيار هي به آهي ته:

Any art that actively assists men to build a new world is socialist realist art. (20)

        اهڙو ادب جيڪو ماڻهوءَ کي نئين دنيا اڏڻ ۾ مددگار ٿئي اهوئي سماجي حقيقت وارو فن آهي. اهڙو ادب جيڪو عوام ۾ سماجي شعور اجاگر ڪري ۽ برابريءَ جي بنياد تي ٻڌل هڪ نئون سماج جوڙڻ لاءِ اتساهي اهوئي سچو ادب آهي ۽ لطيف اهڙو ئي ادب پيدا ڪرڻ وارو فنڪار آهي. سندس فن اهڙو پيغام ڏئي ٿو، اهڙو ئي نياپو پهچائي ٿو.

لطيف هڪ فنڪار آهي جيڪو پنهنجي فن جي معراج تي نظر اچي ٿو. وٽس فن فنڪار ۽ انهن جا ٻڌڻ وار يعني audience هڪ اهڙو مثلث ٿا ٺاهين جيڪو ”اظهار“، ”نياپي“ يا ”پيغام“ جي مقصد جي پورائي ڪندو نظر اچي ٿو.

ڏاتار ۽ مڱڻي ڪونه وسيلو وچ
سائي تان تندن جي، سائي چارڻ چت
جي هتي جي هُت ته ڳالهه مڙوئي هڪڙي.
 

        يا ”تند، ڪٽاور ڪنڌ ٽيئي پرچيا پاڻ ۾“ پوءِ ئي شاعري پيغمبريءَ جو جزو سمجهڻ ۾ اچي ٿي يا بيت آيتون بنجي پون ٿا.

        ڀٽائي بابت جديد دور جي هڪ نوجوان ليکڪ جو خيال آهي ته ”ڀٽائي نه فقط شاعر ۽ فنڪار آهي پر جاندار رويا رکندڙ فلسفي به آهي. سندس سوچ جو محور ڪائنات، انسان ۽ فن آهن، هومر فقط شاعر هو ۽ افلاطون فقط فلسفي پر ڀٽائيءَ ۾ ٻنهي شين جو ميلاپ آهي. جهڙيءَ طرح هومر يوناني ديومالا کي شاعريءَ ۾ سهيڙيو، تهڙي طرح ڀٽائي پنهنجي ڌرتيءَ جي نج ديو مالا کي جيئرو ۽ شاهوڪار ڪري شاعريءَ جي ذريعي امر ڪري ڇڏيو آهي.“ (21)

ڀٽائيءَ وٽ فن جو ڪارج موجود آهي، هو ادب براءِ زندگيءَ جو قائل آهي. هن وٽ پنهنجي ماڻهن لاءِ سچو جذبو آهي ۽ اهو جذبو سندس اظهار کي ”نياپو“ پيغام“ يا ”رسالو“ بنائي ٿو. هو اسان لاءِ هڪ سونهين جو ڪردار ٿو نڀائي، ڪمٽمنٽ واضح آهي ته ان ڪري سندس رسالي جا بيت اڄ به آيتون بنجي اسان ماڻهن کي سڏ ٿا ڏين سماجي سچ کي سڃاڻڻ جو!

        سنڌي سماج جي سٽا جاگيرداري سماج جي باقيات مان آهي ان ۾ فرد جي اهميت سندس معاشي حيثيت مطابق هوندي آهي. ڏاڍو هيڻي تي حاوي هوندو آهي ان جو مالڪ هوندو آهي. اهو ملڪيت جو تصور محڪوم ماڻهوءَ جي سوچ کي سلب ڪري هن کي احساس ڪمتري ۽ بي اعتماديءَ جو شڪار بنائي ڇڏيندو آهي. انهن ٻن طبقن جون صورتون مختلف ٿي سگهن ٿيون. امير غريب طبقا يا مرد عورت جون جنسون. پهريون طبقاتي فرق معاشي طرح مٿئين ۽ هيٺئين طبقي وچ ۾ آهي. اهو سماج اهڙو ٿئي ٿو جتي مٿيون طبقو پرماريت ۽ استحصال پنهنجو حق ٿو سمجهي ۽ هيٺيون طبقو ان کي پنهنجي قسمت، لکيو يا الاهي اُمر سمجهي ان کي سهڻ تي مجبور هوندو آهي. اهو رويو اهڙن سڀني سماجن ۾ هڪ جهڙو ملندو جتي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ذريعي هڪ طبقو ٻئي تي حڪومت ڪري ٿو. اهو ته ٿيو هڪ پهلو.

        ٻيو پهلو آهي سماج ۾ مرد جو عورت ڏانهن رويو، اهو رويو زرعي جاگيرداري سماج ۾ فرد جي ملڪيت واري تصور ۾ کيس ٻيڻي ڏاڍ جو شڪار بنائڻ جو ڪارڻ آهي. هيٺئين طبقي جو فرد هئڻ ڪري هوءَ مٿئين طبقي جي ملڪيت به آهي ته وري پنهنجي ئي طبقي جي مردن جي به مٿس اها ئي دعويٰ آهي. امير طبقي جي عورت تي به سندس طبقي جو مرد بالادستي قائم رکڻ لاءِ گهڻئي حيلا ٿو هلائي.

        اهڙي سماج ۾ عورت جي زندگيءَ جو مقصد محض پنهنجي ان هٿ ٺوڪئي ”مالڪ“ کي خوش ڪرڻ هوندو آهي. هن کي پنهنجي ذات سميت ڪنهن به شيءِ تي اختيار نه هوندو آهي. هوءَ پنهنجا سڀ اختيار مرد کي ڏيئي پاڻ کي سندس ”غلام“، ”گولي“ ۽ ٻانهي“ طور پيش ڪري پاڻ وڻائڻ لاءِ مجبور هوندي آهي. هن جو پيار ۽ توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندي آهي. مرد جي هيءَ ٻڌي ٻانهي سندس گولپو ڪرڻ، پنهنجو پاڻ ارپڻ جي باوجود هميشه مرد طرفان پوئتي ئي ڇڏي وئي آهي.

        شاهه جي رسالي جا داستان ۽ انهن جا ڪردار لطيف جا تخليق ڪيل ڪونه آهن بلڪه کائنس اڳ جا آهن. اهي داستان ڪردارن جو جيڪو خاڪو پيش ٿا ڪن اهو ان دور جي سماج جو سٽاءُ (set-up) به ظاهر ٿو ڪري، انهن کي لطيف جنهن انداز ۾ پيش ڪيو اهو نئون هو. مختلف هو. کانئس اڳ جي انهن داستانن کي هن تمثيلي انداز ۾ پيش ڪيو. پاڻ ان ۾ عورت جي ڪردار جي خوبين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين نه ته ان سماج جو رويو عورت ڏانهن ڇا هو سو انهن داستانن مان ظاهر آهي: شاديءَ جي رات سسئيءَ کي ننڊ اچي ويئي ۽ پنهون کي ڏير کڻي ويا. سسئي جي ننڊ سندس ڏوهه ٿي پيو. باقي پنهون نشي ۾ ڌت ٿي ويو يا اهڙو پاڻان ويو جو ڀائر اٺ تي چاڙهي کڻي ويس ته ڪل ئي ڪانه پيس، ان بيهوشيءَ تي کيس ڪوبه ڏوهه ڏيڻ وارو ڪونه هو. سسئيءَ جي ننڊ نڀاڳي. مڃيوسين، پر پنهونءَ جيڪو ڪيو سو نڀاڳ ڪونه هو؟ سسئي ته ڀوري هئي پر پنهون ته عقل جو انڌو ڪونه هو! هڪ ڪمزور عورت سندس پٺيان جبل جهاڳيا، ڏونگر ڏوريا، پاڻ پنهون ڇو نه اهڙي ڪا ڪوشش ڪئي! ان نظام ۾ سماجي ڏاڍ سبب عورت جي غلاميءَ جو نفسياتي اثر هو جو پنهونءَ کي ڪنهن ڏوهه ڪونه ڏنو.

        ليلا هار تي هرکجي پئي، کيس لالچ نهوڙيو، مڻئي تي موهجي پنهنجو گهوٽ ڪونروءَ کي ڏئي پنهنجي سيج سڃي ڪيائين. پر چنيسر پاڻ ڇا ڪيو؟ چالاڪ ڪونروءَ سان شادي ڪري کيس پٽ راڻي بنائي ليلا کي ڏهاڳ ڏئي ڇڏيائين! ليلا ته پئي ليلائي باقي چنيسر آڪڙيو وتي! ليلا به ته سندس ڪمزوري کي ڏسي اهو سودو ڪيو ٿا ڀانئجي. جڏهن چوي ٿي:

        ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ

        اهو تصور يا اها سٽ ڇا اهو ظاهر نٿي ڪري ته هو ليلان کانسواءِ ٻين عورتن سان به تعلق ۾ هو، پوءِ ڪونروءَ جو ان ۾ اضافو ليلا جي لاءِ وڏي ڳالهه ته ڪانه هوندي؟ ڇا اهو واقعو سماج جي ان ظلم ڏانهن اشارو نٿو ڪري ته مرد گهڻين جو گهوٽ ٿئي ته به فخر جي ڳالهه ۽ زال هڪڙي هار تي هرکي ته اربع خطا ٿي پئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com