سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :11

قاضي قادن جي ڪلام ۾ تصوف جا نڪتا، اخلاقي ڳالهيون سچي سڪ سوز ۽ عام انساني جذبن کي عوام ۾ مقبول، ڳالهين ۽ افسانن ذريعي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل ٿي ڏسجي، قاضي قادن جي ڪلام ۾ عورت جي ڪردار کي سمجهڻ لاءِ سندس بيتن ۾ عورت جي حوالي سان اهڃاڻي انداز ۾ ڪيل ڳالهين کي ڏسڻو پوندو. هتي اهو چوڻ ضروري آهي ته في الحال انهن بيتن جي گهاڙيٽن ۽ ٻولي جي صحت تي تبصرو ڪرڻ بنا، رڳو موضوع ۽ فڪر کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ناگريءَ ۾ نقل ڪرڻ وارن ٻولي ۽ گهاڙيٽن جي صحت جو خيال ڪونه رکيو ٿو ڏسجي.

پرين پسڻ ۽ محبوب سان ملڻ لاءِ ماندي سڪ وندي پنهنجي اندر جي آس ڪيئن ٿي ظاهر ڪري:

        جنِين مُک مرانءِ، امي الٿي اکڙئين

        تنهين جي ڳالهاءِ، معدوئي ساڄو ٿئي. (17)

        مطلب ته امڙ آءٌ پنهنجون اکيون کڻي يا الٿي ڄڻ پرين جو مکڙو ڏسڻ لاءِ پئي مران تن جي ذڪر سان يا ڳالهاءُ ٻڌڻ سان پيٽ ۾ ساهه پيم. عورت جون آس ونديون اکيون پرين پسڻ لاءِ مانديون آهن. هنجي ڪنن ۾ محبوب جو آواز ٿو ٻُري ۽ اهو کيس زندگي جو پيغام ٿو ڏي. اهو اورڻ هوءَ پنهنجي ماءُ سان ٿي اوري:

        لڳي وڃان پير، دانهان ڪندي ڏونگر

        سوئي سڄڻ ميڙ، جنهين هٿون ڏکڻي. (18)

        پيار جي راهه ۾ پرين پسڻ جي آس ۾ جبلن تي پيرين پنڌ هلندي ڏونگر ڏوريندي اهي دانهون ڪندي پئي وڃان ته مون کي منهنجي سڄڻ سان مڙاءِ جنهن جي ڏنل ڏک ۾ ڏکويل آهيان. مرد کڻي ڪيترا به ڏک ڏي، پر سڄڻ جي حيثيت ۾ عورت هن کان وڇوڙي جي سهپ نٿي رکي ۽ هن سان ملڻ لاءِ ڏونگر ڏارڻ لاءِ به تيار ٿئي ٿي. هن بيت ۾ سسئي جو ڪو ذڪر ڪونهي، پر ڏونگر تي دانهون ڪري پيرين پنڌ ڊوڙون پائڻ سسئيءَ ڪردار سان ضرور ٺهڪي ٿو اچي. هتي عورت جو اهو ڪردار سڪ ۽ ڳولها جي اهڃاڻ طور استعمال ڪيو ويو آهي ۽ چئي سگهجي ٿو ته شاعر جي ذهن ۾ سسئيءَ جو ڪردار هو.

        اٻائي  چَيئون  جي،  سونه  ڪيائين  ڪَن

        تان ئي پيئي پريان سان، گهگهر گهاتوڙن.

        (مطلب: هن بيت ۾ سهڻيءَ جي درياهه ۾ ٽپڻ وقت جو نظارو ۽ جانورن جا وات ڦاڙ آواز آهن.) (19)

        مٿئين بيت ۾ شاعر سهڻي جي عشق جي اجهل اڇل کي ظاهر ڪندي سندس بي ڊپائيءَ جو منظر چٽيو آهي. ان ڪري سهڻي جو ڪردار هن قسم جي شاعري ۾ تمام بي ڊپو ۽ اڏول ٿو ظاهر ٿئي. پوءِ جي شاعرن ته بيشڪ سهڻيءَ کي اهڙي علامت طور کنيو آهي پر هن اڳوڻي دور ۾ به سهڻي (عورت) جي همت حوصلي ۽ بي ڊپائيءَ شاعرن کي متاثر ڪيو آهي.

        پر ڪن ٻين هنڌ وري هو عورت کي ڀوري جي نالي سان به سڏي ٿو يعني ته هو کيس نادان، ڪمزور ۽ غافل جي علامت طور استعمال ڪري ٿو:

        ڀوري ڀڳي جت، ماڻڪ آساري پيو

        ڪوهه نه ڍونڍءِ تت، تون بي اونگهيو هٿ ڪر. (20)

        شروعاتي ستن بيتن مان به هڪ بيت توجهه طلب آهي:

        سڄڻ منجهه هئام،  مون  اٿي  ويا  اوٺيا

        هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا هينئڙي جاڙ وڌام. (21)

        مٿئين بيت ۾ سسئي پنهونءَ جي داستان ڏانهن واضح اشارو ملي ٿو. اوٺيا لفظ سسئيءَ جي حوالي سان سڃاڻجي ٿو ۽ اٺ يا اوٺي جو سسئي سان لاڳاپو پڻ هن دور ۾ ئي شاعرن ڳايو ٿو ڀائنجي. قاضي قادن جي هن بيت ۾ سڄڻ جي منجهه هئڻ ۽ اجايو هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا هڻڻ واري آڳاٽي علامت شاهه لطيف جي تمام گهڻن بيتن ۾ ملندي ۽ نائي نيڻ نهارتو ۾ ديرو دوست جو جو تصور سسئي پنهونءَ جي حوالي سان عام جام ملندو. قاضي قادن جي ڪلام جي مطالعي کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته شاعر وٽ عورت جو تصور اهڃاڻي آهي، جنهن ۾ کيس محبت جي ماري، محبوب ملڻ لاءِ ماندي، پٿرن ۾ پير پٿون ڪندي، دانهون ڪندي، ڀڄندي منزل تي رسڻ لاءِ آتي ڏيکاريو ويو آهي (سسئي). ان لاءِ راهه ۾ اڳيان گهگهر (درياهه) ۽ گهاتڪن (خوني جانورن) جو گوڙ به ڪا معنيٰ نٿو رکي ۽ هوءَ پرينءَ کي ملڻ لاءِ انهن جو کاڄ بنجڻ کان به ڪانه ٿي ڊڄي (سهڻي). درياهه ۾ ٽپڻ سندس همت ۽ حوصلي جي علامت آهي. شاعر عورت کي دنيا ۽ دنيا وارن جي ڊپ کان پنهنجي سچي سڪ  لڪائڻ جي صلاح ڪونه ٿو ڏي بلڪه بي ڊپائيءَ سان منزل ماڻڻ جو سڏ ٿو ڏي. وري ڪٿي ڪٿي شاعر هڪ ناصح وانگر سمجهائڻ خاطر، کيس نادان ۽ ڀوري چئي، سمجهائي ٿو ته ماڻڪ موتي لال هجن يا مٺڙو محبوب. اهي توکي بلڪل ويجها آهن، ڄڻ ته تنهنجي اندر ۾ آهن، رڳو ڏاهپ جي ضرورت آهي، سڃاڻپ جي ضرورت آهي، غفلت ڇڏي منزل ماڻڻ لاءِ ڳولها جي ضرورت آهي. ائين ڪر ته محبوب ڄڻ ته تنهنجي قدمن ۾ آهي. هتي شاعر عورت کي مسلسل ڳولها ۽ لاڳيتي ڪوشش جو اهڃاڻ ڪري پيش ٿو ڪري. هو پنهنجي هر سورميءَ جي سڪ کي سچو ٿو سمجهي ۽ ان کي روڪڻ جي يا لڪائڻ جي صلاح نٿو ڏئي بلڪه ان لاءِ مسلسل جدوجهد جو پيغام ٿو ڏي.

        قاضي قادن سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين مان رڳو اهي ٻه ڪردار (سسئي ۽ سهڻي) چونڊيا آهن. جيڪي ٻئي سڪ ۽ محبت لاءِ سر جو سانگو لاهي منزل ماڻڻ جي علامت آهن.

شاهه عبدالڪريم (1536 1663ع):

        علامہ دائودپوٽو جنهن شاعر کي سنڌي شاعريءَ جو وهائو تارو ٿو سڏي سو انسان به ڏاڍو پيارو هو. سندس شخصيت ۽ ڪردار بابت جيڪا معلومات ملي ٿي سا کيس نهايت صبر وارو ۽ فرمانبردار ۽ تحمل سان هلندڙ ڏيکاري ٿي ۽ کيس هڪ تمام نرم دل، انسان دوست ۽ ٻين جو هڏوڏکي ثابت ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي لهجي جي نرمي ۽ محبت شاهه لطيف ۾ پڻ محسوس ٿيندي جيڪو سندس تڙپوٽو هو.

        سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ هي تمام اهم شاعر آهي. سندس ڪلام ۾ روحانيت، تصوف ۽ فلسفو ملن ٿا جيڪي سندس فڪر جي گهرائي ۽ تخيل جي اڏام جو ڏس ڏين ٿا. منجهس سچ، سونهن ۽ سوگڻ سڀئي چڱي انداز ۾ موجود آهن. (22)

        بيان العارفين نالي ڪتاب سندس هڪ مريد ميان محمد رضا ولد محمد واسع سندس وفات کانپوءِ جوڙيو جنهن ۾ ڪل سنڌي بيت هڪ سو ست آهن، تن مان ڪجهه بيت قاضي قادن جا ۽ پنج بيت شاعرن جا چيل آهن. باقي ڇهانوي سنڌي بيت شاهه عبدالڪريم جا آهن. چيو وڃي ٿو ته شاهه ڪريم جي سنڌي ڪلام تي مثنوي شريف جو خاص اثر آهي. اهائي ساڳي ڳالهه شاهه لطيف لاءِ پڻ ڪئي ويندي آهي. (23)

        شاهه ڪريم سنڌ جي مشهور رومانوي داستانن مان سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻي، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار جي ڪردارن جي ذريعي به پنهنجو فلسفو بيان ڪيو آهي. سنڌي شاعرن جي اها روايت پڻ پهريون ڀيرو ظاهر ٿئي ٿي. جنهن ۾ ڪهاڻيءَ کي بيان ڪرڻ يا ورجائڻ بدران صرف انهن واقعن ڏانهن اشارو ڏنو ويندو آهي، جيڪي مقصد جي وضاحت لاءِ ضروري هجن. ان ڪري شاعر جو انداز تمثيلي ۽ علامتي ٿيو پوي، سنڌ جي سمورن ڪلاسيڪي شاعرن، شاهه لطيف سميت، انهيءَ انداز کي اختيار ڪيو آهي. ان ڪري اها ڄڻ ته سنڌي شاعريءَ جي روايت بڻجي ويئي آهي. عورت جي ڪردار جي باري ۾ انهن داستانن جي سورمين کان سواءِ عام ڳوٺاڻي عورت جي ڪردار جو مشاهدو به نظر اچي ٿو، جنهن کي هو تمثيلي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو. مثال طور:

        پاڻيهاريءَ سِر ٻهڙو، جَرَ تي پکي جيئن

        اسان   سڄڻ  تيئن،  رهيو  آهي روح ۾. (24)

        ڳوٺن ۾ عام طور عورتون مٿي تي ٻه دلا کڻي هلنديون آهن. انهن جو پاڻ ۾ ميلاپ علامت طور کنيو اٿس. هن منجهان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته عورت گهر ۾ توڻي گهر کان ٻاهر پورهيو ڪندي هئي، ۽ ان معنيٰ ۾ مڙس سان هڪجهڙي ڀائيواري هئي. علامتي طرح به ٻه گهڙا مٿي تي کڻڻ سندس سخت جان هجڻ ۽ منجهس جسماني توڻي ذهني توازن هجڻ ثابت ٿئي ٿو. ٻئي هڪ بيت ۾ عورت جو ڪردار وڌيڪ چٽو ۽ ان وقت جي سماجي حالت تي روشني وجهندڙ آهي.

        پاڻيهاري   سڀ   ڪا،  جا   سِرَ  گهڙو  ڌري

        ڪاليءَ سندي سڄڻين، ڪا پورهي ڪاڻ ڀري. (25)

        انساني فطرت اهڙي آهي جو هر ڪو انسان پنهنجي پنهنجي روش رکي ٿو، عورتون به سڀ هڪ جهڙيون نه آهن. هڪڙيون اهي آهن جيڪي پنهنجي پرين جي پيار ڪارڻ، سڄڻ جي سڪ خاطر جدوجهد ٿيون ڪن. جدوجهد ڪرڻ جو انهن وٽ سبب آهي سندن سڄڻ جي ذات، پر ٻيون اهڙيون به پورهيو ڪندڙ آهن جيڪي پنهنجي مقصد ۾ واضح ڪونه آهن، بس مڙيوئي جيئڻ جا وس پيون ڪن، سِر تي گهڙو ڀري کڻي هلندڙ هر ڪا پاڻيهاري آهي. (دنيا ۾ جيئندڙ هر ڪو انسان آهي) پر ڪا پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ ٿي ڪري ته ڪا محض پورهئي ڪارڻ (پر هر ڪو انسان جيئڻ جو واضح مقصد نٿو رکي.)

        مٿيئن تمثيل مان عورت جو جيڪو پاڻيهاريءَ وارو روپ ٿو سامهون اچي سو هڪ محنت ڪش ۽ پورهيو ڪندڙ عورت جو روپ آهي. جيڪو شاعر جي مشاهدي جي ساک ڀري ٿو.

        وَر وسري ته ڪوهه، پر وَرُ نه  وسريوس

        ڪونه چونديو ڪڏهين ته اڱڻ اونداهوس. (26)

        ساڳئي بيت جي ٻي پڙهڻي هيئن آهي ته:

        وَرُ وسري ته ڪوهه، پر وَرَ نه وساريوس،

        ڪونه چوندو ڪڏهين ته اڱڻ  اونداهوس.

 

        ٻئي نمبر بيت جي پڙهڻي ماترائن جي لحاظ کان صحيح ۽ بامعنيٰ آهي. ڏٺو وڃي ته مختلف پڙهڻين سبب معنيٰ ۾ تضاد ٿي پيو آهي. پهرين پڙهڻيءَ ۾ جيڪا معنيٰ رکيل آهي، ٻيءَ مان ان جي ابتڙ معنيٰ ٿي نڪري پر بهرحال اسان کي عورت جي ڪردار بابت هڪڙو اهو نڪتو ملي ٿو ته ان دور جي عورت جي لاءِ وَر جو، مڙس جو وجود تمام اهم هو ۽ سندس سماجي حيثيت ان جي وجود سان ئي ٺهي ٿي. پاڻ ور کي وساري يا ور کيس وساري ٻنهي صورتن ۾ اڱڻ اونداهو هئس ان ڪري اهو وسرڻ وسارڻ سندس اڱڻ جي اونداه سان ڳنڍيل ٿو ڏسجي. اڄ جي سماج ۾ به اهائي ساڳي حالت آهي.

        مُنڌ مَ منهه ويهه، اڀي او  سڙُڪ  اس ۾

        تو سيئي سيڻ ڪيا، ڏور جنين جو ڏيهه. (27)

        چوي ٿو اي نينگر منهه هيٺ، ڇانو ۾ سک سان ويهڻ نٿو جڳائي بلڪ ٻاهر نڪر، اُس ۾، ڏک ۽ تڪليف ۾ اوسيئڙو ڪر ڇو جو تنهنجا سيڻ، تنهنجا پيارا ڏورانهين ڏيهه آهن. شاعر هن تمثيلي شعر ۾ جهڙيءَ طرح عورت سان مخاطب ٿيو آهي سو ظاهر ٿو ڪري ته پنهنجي پرينءَ کي پائڻ لاءِ عورت کي اگر گهر کان ٻاهر به نڪري جدوجهد ڪرڻي پوي ته ضرور ڪري. گهر ۾ سک سان ويهڻ سان ڪجهه به ملڻو ناهي. عملي زندگيءَ ۾ ان وقت جي سماج ۾ عورت کان اهڙي اميد ڪئي ٿي ويئي يا نه سو ته چئي نٿو سگهجي پر شاعريءَ ۾ ڪنهن تمثيل ۾ ئي سهي اهڙو تصور ضرور ملي ٿو. سنڌي لوڪ داستانن جي سورمين مان جن جا ڪردار شاهه ڪريم پنهنجي ڪلام ۾ تمثيل خاطر کنيا آهن انهن بابت بيت به عورت جي ڪردار تي روشني وجهن ٿا.

        مارئيءَ کي هونءَ ته اسين شاهه لطيف جي ئي ذريعي سڃاڻون، جنهن کيس حب الوطنيءَ جي علامت طور کنيو ۽ امر بنائي ڇڏيو، پر کانئس اڳ شاهه ڪريم به ان ڪردار کي پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي جنهن جو اثر لازمي طرح شاهه لطيف قبول ڪيو هوندو. پر خود شاهه ڪريم به هڪ دفعي ڪنهن راڳيندڙ کان مارئيءَ جو بيت ٻڌو هو جيڪو ثابت ڪري ٿو ته مارئي کي ان کان به اڳ ڳايو ويندو هو:

        اکڙيون ملير ۾، جنين   راتو  ڏينهن

        عمر آسائن سين هاڻي ڪندي ڪيئن. (28)

 

        ڪاڻياريون ڪيئن ڪن، عمرا اڇا ڪپڙا

        جنين  جا   ٿرن  ۾،  وَر  ٿا  ويڻ  سهن. (29)

        مارئيءَ جي حوالي سان عورت جو پنهنجي گهر ۽ ور، ملير ۽ مارن سان موهه شاعر تمام سهڻن لفظن ۾ ڳايو آهي. انهن پيارين هستين کان پري عمر جي قهري ڪوٽن ۾ پنهنجي لاءِ سينگار ڪرڻ جي ڳالهه ته ٺهيو، رڳو اڇا ڌوتل ڪپڙا پائڻ لاءِ به هن جي دل گوارا نٿي ڪري، ڇاڪاڻ جو بنا ڏوهه جي به پنهنجي ڪنهن غير وٽ موجودگيءِ لاءِ به هوءَ پاڻ کي ڪاڻيارو ۽ قصور وار پئي سمجهي. ان لاءِ مارن کي ۽ سندس ور کي جنهن شرمندگي ۽ مهڻن ٽوڪن جو شڪار ٿيڻو پيو هوندو ان جو ڏک ٿي ڪڍي. لوئيءَ جي لڄ بچائڻ لاءِ هوءَ محلن جا عيش عشرتون، اطلس ڪيمخواب ڌڪاري ٿي ڇڏي. دنياوي لالچن اڳيان هڪ انسان جي ڪردار جي ايڏي پختگي هڪ عورت جي وجود ۾ سمائڻ سان شاعر عورت جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي. هونءَ به سنڌي عورت جو اهو ڪردار رهيو آهي ته هوءَ پنهنجو سيل ۽ ست قائم رکڻ لاءِ هر قرباني ڏئي سگهي ٿي ۽ ڏيندي آئي آهي.

        مومل راڻي جي داستان ۾ مومل جو ڪردار هڪ مغرور سهڻي شهزاديءَ جي روپ ۾ اڀري ٿو جيڪا سوين شهزادن ۽ راڻن مان صرف هڪڙي راڻي کي حاصل ٿي. باقي ٻيا گهڻين ئي خوبين وارا هئڻ جي باوجود اها سرت اها ساڃاهه نه رکندا هئا، جيڪا مومل ماڻڻ لاءِ، مقصد ماڻڻ لاءِ ضروري آهي:

        ڪاڪ وڻن ساڻ، اوٺيين نه اورڳي

                جي گڻ هون گهڻا ته به راڻا توءِ رئندا ويا. (30)

        مطلب: اوٺين ڪاڪ کي وڻن سميت نه اورانگهيو، جيتوڻيڪ راڻا گهڻن ئي گڻن وارا هئا تڏهن به توکي (مومل کي) رئندا ويا. سڀني راڻن (شهزادن) جي گڻن کان وڌيڪ مومل جو ڳوڙهو ۽ منجهائي مڙهيل مانڊاڻ هو جنهن کي ڪو به اورانگهي مومل جي مقام کي رسي نه سگهيو سواءِ هڪ راڻي جي! هتي مومل جو ڪردار اهڙي علامت آهي جنهن جي سونهن سوڀيا توڻي عقل ۽ ادارڪ کي رسڻ ڪيترن ئي عقل جي اڪابرن لاءِ ناممڪن ثابت ٿيو.

        ڄاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هَٿ وڌاءِ

        تان سڃي سيج پرين  ري،  پُنو  پٿر  ناهه.

        نڪرندي چُئاءِ،   گهوڙا!  گهر  نه  سپرين. (31)

  

        مٿيون بيت سسئي جي ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو. هن بيت پڙهڻ سان هڪ اهڙي عورت جو تصور چڱي طرح ذهن ۾ اڀري اچي ٿو جيڪا نڀاڳي ننڊ ۽ غفلت جي ڪري پنهنجو پنهل وڃائي ويهي، پوءِ ڪيئن نه هوءَ گهوڙا گهوڙا ڪندي. هن بيت ۾ ڏک ۽ پڇتاءَ جي لاءِ لفظ گهوڙا جو عورت جي زبان مان ادا ٿيڻ جتي گهڻو آڳاٽو ثابت ٿئي ٿو، اتي عورت جي هڪڙي مخصوص جذبي کي به ظهر ڪري ٿو جيڪو آفاقي آهي. هيج مان سيج تي سمهڻ، پرينءَ جو پاسي مان هليو وڃڻ ۽ اوچتو ان جو احساس ٿيڻ تي سيج جي سڃي ٿيڻ جو تصور ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ آهي هڪ عورت لاءِ:

        هوت نه ڏٺائون، ڏوهه  نه  ڏيان  جيڏيين

مٿي ڪري هٿڙا هُند مون جئين رنائون. (32)

        سسئي جي سڪ ايتري ته اونهي آهي جو هوءَ پنهنجي پنهونءَ جهڙو ڪنهن کي به نٿي سمجهي ۽ اهو يقين ٿي رکي ته منهنجو محبوب اهڙو آهي جو ان کي جيڪا به عورت ڏسندي سا ان مٿان موهت ٿي پوندي. اهو ساڳيو خيال پوءِ شاهه لطيف وٽ به ملي ٿو. اُن مان عورت جي اها خوشفهمي ٿي ظاهر ٿئي جيڪا هوءَ پنهنجي مڙس لاءِ رکندي آهي.

        ليلان چنيسر جي قصي ۾ ليلان جو مڻيي تي موهجي پنهنجو ور وڃائڻ، عورت جي زيورن لاءِ ڪمزوريءَ جي اهڃاڻ طور کنيو ويندو آهي، پر پوءِ پشيماني ۽ پڇتاءَ سان ان کي ريجهائڻ به علامتي آهي. ان جو پهريون ڀيرو ئي اسان کي شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ذڪر ملي ٿو:

        جوري اتي جن   داغ  تنهنجو  داسڙا

        تون ڪئن مٿا تن، چنيسر چت کڻين. (33)

        اي چنيسر منهنجي جگر ۾ اڳيئي تنهنجو ڏنل داغ آهي. مٿان وري جي تون پنهنجو چت، پنهنجي دل مون تان کڻي ڇڏين ته پوءِ آءُ ڪيئن جيئندس؟ هن بيت ۾ ليلان جو چنيسر کي مخاطب ٿي پنهنجي پيار ۽ سڪ جو اظهار ڪرڻ، پڇتاءُ ۽ پيشماني سان چنيسر کي پنهنجي چاهت جو احساس ڏيارڻ، هنجي رٺل رويي جو دل تي داغ ڏيکارڻ سڀ عمل ظاهر ڪن ٿا ته ٿوري دير جي انساني ڪمزوري ايتري سزا جي لائق ڪانهي جيتري جن کي ڏني وئي، تڏهن به پڇتاءُ جو اظهار هن جي وڏائي آهي. جيڪا آخر ڪار هن کي منزل تي رسائي ٿي.

        سهڻي ميهار جو داستان به محبت جو اهڙو داستان آهي جنهن ۾ سر جو سانگو لاهي درياهه داخل ٿيڻ جي همت عورت ٿي ڪري. سهڻيءَ جي سڪ ۾ جيتري گهرائي آهي اوتري ممڪن آهي ته ميهار کي به هجي پر شاعرن اظهار عورت واتان ئي ڪرايو آهي.

        ڳوريءَ   ٻي  نه  تات،  ميهار  ئي  من  ۾

        جو پڻ پيئي رات، ته هو سائر هوءَ سوهڻي. (34)

        سهڻي علامت آهي اهڙي عورت جي جنهن کي پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ ڏينهن رات جي فرق بنا درياهه داخل ٿيڻ جو اونو آهي. ڇا اهڙي همت اهڙو حوصلو ڳائڻ لائق نه آهي؟ شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ اهو جذبو محض هڪ ڌيمي ۽ هلڪي انداز ۾ بيان ٿيل آهي. لطيف جي ڪلام ۾ جيڪا سهڻيءَ جي بيتابي ۽ بيقراري نظر اچي ٿي سا اڃا شاهه ڪريم ۾ نظر نٿي اچي. هڪ ٻئي بيت ۾ البت هو سهڻيءَ کي لوڪ لڄا ڇڏي موٽڻ کان منع ڪري ميهار سان ملڻ جو عزم ڪرڻ لاءِ اڀاري ٿو:

        جيڪي گهران مَ وڃ، جيڪي موٽ مَ سهڻي،

        هيڪڙيائي   هٿ  ڪر،   ٻيون    ڀيري   ڀڃَ. (35)

        چويس ٿو ته گهران نه نڪرين ها يا هاڻ موٽڻ جو خيال ڇڏي ڏي. يعني جڏهن سماج ۾ عورت تي پهرا هجن، رسمون، رواج، رڪاوٽون هجن تڏهن همت هجي ته انهن کي ڀڃي ڀورا ڪري آزاد ٿيڻ جو سعيو ضرور ڪجي پر بي همت کي ائين ڪرڻ کان ئي منع ٿو ڪري جي هڪ ڀيرو عزم ڪجي ته ان ۾ موٽڻ جو خيال به نه ڪجي.

        مٿئين مطالعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه ڪريم لوڪ داستانن مان اهڙن واقعن ڏانهن اشارو ڪيو آهي جيڪي عورت جي ڪردار تي چڱي روشني وجهن ٿا. پر انهن ۾ ڪردار کي لطيف جيترو اڀاريو نه اٿس. سورمين مان مارئي، سسئي، سهڻي، مومل ۽ ليلا جي ڪردارن کي آندو اٿس ۽ انهن ڏانهن منسوب ڪجهه علامتون پنهنجي مقصد بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيون اٿس. مارئيءَ جي مارن لاءِ محبت سان گڏوگڏ پنهنجو سيل ۽ ست قائم رکڻ لاءِ دنيا جي هر هرک کان دوري، سسئي جي لاءِ سپرينءَ جي سڪ ۽ لوڪ سان لاڳاپي مان پهرئين جي چونڊ ڪرڻ، اها سڪ ۽ پيار توڻي نڀاڳي ننڊ سبب وڃايل محبوب لاءِ ماندو ٿيڻ، ليلا جو مڻيي تي موهجي دوست کان دور ٿيڻ جو پڇتاءُ ۽ ليلائڻ، سهڻيءَ جو سائر سان ساٿ ۽ لوڪ لڄا کان محب ملڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ، مومل جي سونهن اڳيان ڱڻوان راڻن جي ناڪامي سڀئي ڳالهيون عورت جي شخصيت کي چڱي طرح اڀارين ٿيون ته به ان ۾ ايتري تيزي ۽ تکائي ناهي جيڪا لطيف جي سورمين جي ڪردارن مان اڀرندي آهي. جيتوڻيڪ اهي ڪردار، علامتي ۽ تمثيلي آهن تڏهن به ان دور جي سماج ۾ عورت لاءِ موجود نظريي تي روشني وجهن ٿا.  

شاهه لطف الله قادري (1020 کان 1090 هه):

        سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شاهه لطف الله قادري شاهه لطيف کان ٿورو ئي اڳ جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس بيتن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي شاهه ڪريم ۽ شاهه عنايت جي بيتن جي وچ واري ڪڙي آهن.

        ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ آهي ته قاضي قادن کان وٺي، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف تائين سنڌي اساسي شاعريءَ جي ارتقا ۽ عروج تي تاريخ روشن ٿئي ٿي. (36)

        قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادريءَ جا پيش رو هئا. شاهه ڪريم چوڏهن سالن جو هو ته قاضي قادن وفات ڪئي پر سندس تصوف سان ڀرپور بيتن مان هو چڱي ريت واقف هو ۽ انهن جو اثر سندس بيتن تي به ظاهر ٿئي ٿو. جڏهن شاهه ڪريم وفات ڪئي ته شاهه لطف الله چوويهن سالن جو هو ۽ ڪريم جي ڪلام مان ضرور واقف ٿيو هوندو. جڏهن لطف الله قادري وفات ڪئي ته شاهه لطيف 12 سالن جو هو. جهڙيءَ ريت شاهه ڪريم پنهنجي اعليٰ اخلاقي شاعريءَ لاءِ مشهور قصن ۽ داستانن مان تمثيلون پيش ڪيون ۽ پنهنجي معنوي بيتن لاءِ انهن جي ڪردارن ۽ واقعن کي بيان ڪيو تيئن لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ نظر نٿو اچي. لطف الله قادريءَ سلوڪ ۽ طريقت جو هڪ مکيه مضمون ادا ڪرڻ لاءِ، حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ طالبن ۽ سالڪن جي جدوجهد کي تمثيل طور سامونڊي ناکئن جو منزل مقصود ڏانهن هاڪاري هلڻ، جوڳين آديسين جو سندن ياترائن خاطر ڪشالن ڪڍڻ سان ڀيٽي تفصيلي سمجهاڻي ڏني اٿس. انهن تمثيلن ذريعي لطف الله قادري سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ سامونڊين ۽ ناکين، جوڳين ۽ آديسين وارا نوان موضوع رائج ڪيا جي اڳ جي ڪنهن شاعر نه آندا. البت کانئس پوءِ ميين شاهه عنايت توڙي شاهه لطيف ٻنهي لاءِ مثال بڻيا. (37)

        شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت بابت گهرو مطالعو ملندو ۽ ڏٺو وڃي ته انهن ۾ عشق جا معاملا بيان ڪرڻ ۾ سنڌو سنئون يا اڻ سنڌو ڪٿي به عورت جو ذڪر يا عورت واتان ادائگيءَ جو گهڻو نمونو نٿو ملي جنهن مان سندس شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردار بابت ڪجهه چئي سگهجي، نه ئي وري سنڌ جي لوڪ داستانن مان ڪي حوالا يا اشارا ملن ٿا جن جي بنياد تي انهن جي سورمين جو ڪو ذڪر هجي. گهڻي ۾ گهڻو جيڪو عورت جو وجود ملي ٿو يا ذڪر ملي ٿو ته اهو ائين جو ان کي کاهوڙي ۽ آديسن وارن ڪن بيتن ۾ ماءُ، آيل جيجل، جيجان، مادر وغيره جهڙن لفظن سان مخاطب ڪيو ويو آهي. شاهه لطيف به ائين ڪيو آهي بلڪه هو ته اديون، ڀينر، جيڏيون چئي به مخاطب ڪري ٿو. شاهه لطف الله قادري پنهنجي ڪلام ۾ حسن ۽ عشق جي سلسلي ۾ چوي ٿو:

        حُسن   حبيبن  جو،   جني    ڏٺو  ماءِ

        تني منجهان ڪاءِ، سک نه ستي ڪڏهن. (38)

        ان بيت ۾ جيڪو خيال ملي ٿو سو پوءِ شاهه لطيف سهڻيءَ ۽ توڻي سسئي واتان ڪيترن بيتن ۾ ظاهر ڪيو. مثلاً لطيف جو بيت سر سهڻيءَ مان آهي ته:

        ڏٺي جن هيڪار صورت ساهڙ ڄام جي

        سک ٿي ستيون ڪينڪي ڀري ساڻ ڀتار

        ٻنهي شاعرن جي تمثيل ۾ عورت پنهنجي محبوب جي حسن ۽ صورت تي موهت آهي ۽ اها سکُ ۽ ننڊ ڦٽائيندڙ سونهن بيان ڪندي گهري جذبي جو اظهار ڪري ٿي. پيار محبت جي سلسلي ۾، وصال ۽ فراق جي مسئلن ۾، اوسيئڙو ڪرڻ ۽ راهه نهارڻ جي معاملي ۾ عورت بي تابيءَ جو اظهار ڪري ٿي ته پنهنجي اهڙي نينهن تي پڇتاءُ به ٿئيس ٿو: چوي ٿي:

        واجهائيندي  وجهلندي  لڳم  گهڻا  ڏينهن

        ڪو ڄاڻان ڪوهه ٿيو، ماءُ! منهنجي نينهن (39)

        گهڻن ڏينهن کان واٽون نهاريندي ٿي رهان او ماءُ الائجي ڪهڙيءَ ريت اهو ڪهڙو نينهن لڳم، يا وري چوي ٿي:

        واجهائيندي وجهلندي وئڙا وَرهه وهي

        هاڻي سگهان ڪيئن سهي، ڪيئن مڙبو سڄڻين. (40)

        سڄڻ لاءِ سڪندي واجهائيندي وجهلندي سال گذري ويا آهن هاڻ ته اهو سور سٺو نٿو ٿئي، الائجي هاڻ محبوب سان ملڻ ڪيئن ٿيندو؟

        سڪ تنهنجي سپرين ڪيئن لهندي مون

        هينئڙي اندر تون، جي جاڳان جي سمهان. (41)

        جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته هي بيت تمثيلي آهن ۽ هنن ۾ تصوف جا نڪتا بيان ٿيل آهن پر تڏهن به عورت جي ڪردار کي تمام بيباڪيءَ سان عشق جو اظهار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com