سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :31

باب پنجون

1.                  ٻين ڪجهه سُرن ۾ عورت جو ڪردار

2.                 سُر  کنڀات

3.                 سُر سارنگ ۾ عورت

4.                 سُر سامونڊي جون وڻجاريون

5.                 سُر ڪاپائتي جي ڪتڻ واريون يا ڪائتيون

6.                 سُر ڪيڏاري جون بهادر عورتون

7.                 موکيءَ جو ڪردار

سُر کنڀات

شاهه صاحب جي سُر کنڀات کي سندس جوانيءَ جو سر چيو ويو آهيسُر کنڀات ۾ جيڪي بيت آهن، سي شاهه صاحب ڦوهه جوانيءَ جي دور ۾ چيا آهن. جڏهن منجهس مجاز جي عشق جي باهه ڀڙڪي رهي هئي... مڪن آهي ته شاهه صاحب پنهنجي جوانيءَ جو دور ۾ سير سفر ڪندي گجرات ملڪ ڀيٽيندي کنڀات نار جي ڪنڍي تي جيڪو کنڀات جو شهر ٻڌل آهي، اتي قدرتي نظارا پسندي، پنهنجي محبوب کي ياد ڪندي، هن سر ۾ پنهنجو  ڪلام پيش ڪيو آهي. ۽ شايد انهيءَ ڪري هن سر تي کنڀات نالو پيو. جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

کنڀاتڙي تڙ وري، اڀي  تڙ  واجهائي،

مان اچهون ڪاءِ، سوا ڌائي سڄڻ جي.

اهو سر انهي دور جو چيل آهي، جڏهن پاڻ مغل بيبيءَ جي عشق ۾ مبتلا ٿيو هو. هڪ طرف جواني ديواني ته ٻئي طرف عشق آرانڀا ڪيا. سو شاهه برهه جي باهه ۾ پچي لعل ٿي  پيو. ڪڏهن قمر کي پرينءَ ڏي قاصد ڪري اماڻيندو هو ته ڪڏهن ڪانگ کي سر کنڀات ۾ جيڪي بيت آيل آهن سي شايد هن وقت جا چيل ٿا ڏسجن.

محبوب جي حسن جي وڏائي بيان ڪرڻ لاءِ دنيا جي شاعرن وٽ مختلف تشبيهون مروج رهيون آهن. مشرقي شاعرن وٽ چنڊ سان محبوب جو هڪ چهرو ڀيٽڻ جو عام رواج رهيو آهي. عربي، فارسي، هندي، اردو، بلوچي، پنجابي شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ محبوب جي منهن کي چنڊ جي چهري سان ڀيٽي سندس سونهن جو مان وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر اسان جو شاعر ان جي ابتڙ انهي ڀيٽ سان چنڊ جو مان وڌائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.

شاهه صاحب چنڊ کي محبوب جي منهن کان گهڻو گهٽ ٿو سمجهي، چنڊ ته ڇا، سج، تارا، ڪتيون محبوب جي حسن اڳيان تائب آهن ۽ سندن جوهر جهڪو ٿيو وڃي:

کڻي نيڻ خمار مان، ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
 

ساڳيو سج سان ڀيٽڻ جو خيال فارسيءَ ۾ هيئن آهي.

آفتاب از  روئي  اوشد  در  حجاب،

سايه را باشد حجاب از آفتاب (حافظ)

معنيٰ: سج جي منهن جي چمڪي کان جهڪو ٿي ٿي ويو. پاڇو سج جي روشنيءَ کان لڪي وڃي ٿو. يعني منهنجي محبوب جو منهن اهڙو سج آهي، جنهن جي تاب کان هي دنيا جو سج پاڇي وانگي لڪي ويو.

وري هندي شاعر وٽ جيڪو خيال آهي، سو به ڏسو:

چنڊ نهين يه ڪيسي، هون مونت مانهه،

ڀري اڪاس  اڌي  ۾،  تي  مک  ڇانهه.

معنيٰ: اهو آسمان ۾ چنڊ ناه، بلڪه مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ آسمان جي سمنڊ ۾ ڪنهن جي چهري جو عڪس پيو پوي.

اردوءَ ۾ جگر مراد آبادي جو شعر آهي:

هان نگاه شوق وه اڻهي نقاب،

آفتاب   آمد   دليل    آفتاب.

۽ وري پنجابي ۾ ڏسو ته هير جي حسن لاءِ وارث شاهه ٿو چوي:

ڪهي  هير دي ڪري، تعريف شاعر،

مٿي  چمڪدا  حسن  مهتاب  دا جي.

بلوچي ڪلاسيڪي شاعر شاهه مريد چوي ٿو:

دوشي ڪج دم چار دهي،
اهم ڪو فگي اوشتاثه غنت،
(چه) ماه ءَ ڪجءَ رنگ شر ترانت،
ماهءَ عنباري، من دف اين.
 

معنيٰ: ته رات منهنجو محبوب ۽ چوڏهين جو چنڊ برابر بيٺا  هئا، محبوب جو رنگ چنڊ کان وڌيڪ خوبصورت هو (ڇو جو) چنڊ جي چهري تي ته غبار ڇانيل هوندو آهي.

انهن سڀني وٽ محبوب جي صورت سج يا چنڊ سان ڀيٽيل آهي. ڪو ان کي سج چنڊ جهڙو ته ڪو ان کان وڌ ٿو ڄاڻائي، يعني ته سج ۽ چنڊ معيار آهن، سونهن جا، پر شاهه صاحب وٽ معيار سندس پرين آهي. جنهن سان سج ۽ چنڊ کي ڀيٽي انهن کي لڄائي ٿو:

چنڊ چوئين سچ، جي مدي نه ڀانئين،
ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ،
منهن ۾ ٻرئي مچ، تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي.
 

وري جي چوڏهين جو چنڊ آهي ته اهو به وڏ هام نه هڻي:

چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرين سين.

تون اڇو ۾ رات، سڄڻ  نت  سوجهرا.

هن جي سپرينءَ جي سونهن سان ته سهسين سج هجن ۽ چوراسي چنڊ ته به سندس روشنيءَ سان پڄي ڪونه سگهندا:

سهسين سجن اڀري، سوراسي چنڊن،

باالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانيان.

محبوب جي منهن جو هڪ هڪ نقش چنڊ کان اعليَ ٿو ڄاڻي:

چنڊ! چئنين حق، جي وڙهين جي ورچين،

ٻه اکيون ٽئو نڪ، تو ۾ ناهه پرينءَ جهو.

مطلب ته محبوب جي پيشاني، اکيون، نڪ، ناز مان خماريل نيڻ کڻڻ جو انداز، محبوب جو ڪو انداز چنڊ وٽ ڪونهي ۽ محبوب اڳيان سورج شاخون جهڪيون واري حالت آهي.

انهن سڀني تشبيهن ۽ استعارن جو شاهه صاحب جنهن محبوب لاءِ استعمال ڪيو آهي. تنهن لاءِ مختلف رايا آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته اهي نبي سڳوري جي لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن ته ڪي ٻيا ان کي شاهه صاحب جي پنهنجي مجازي محبوب لاءِ چيل ٿا سمجهن ممڪن آهي ته ڪجهه بيتن ۾ شاهه صاحب نبي سڳوري جي ذات ڏانهن اشارو ڪيو هجي. پر جن بيتن ۾ مجازي محبوب ڏانهن اشارو آهي. اسين پنهنجي موضوع جي مناسبت سان انهن سان عورت جو تعلق ڏسنداسين.

سرکنڀات جي اڪثر بيتن مان جنهن محبوب ڏانهن اشارو ملي ٿو اهو شاهه جي مجازي محبوب ئي آهي پر شاهه صاحب پاڻ کي عورت جي روپ ۾ آڻي محبوب کي مرد جو روپ ڏنو آهي. ۽ جڏهن هو ائين ڪري ٿو ته سندس هر هڪ احساس ۽ جذبو عورت جي احساسن جو عڪس بڻجيو وڃي ۽ اهو ڪرڻ تمام ضروري به هو. ڇاڪاڻ جو ٻي صورت ۾ ان ۾ خيال جي وحدت (Unity of thought) نه رهي ها. پوءِ اردو شاعريءَ جي ڪن شاعرن واري ڪوتاهي پيدا ٿي پوي ها. جتي عاشق به مرد ٿو محسوس ٿئي. ته معشوق به مرد ٿو لڳ. جنهن ڏانهن خود مولانا حاليءَ اشارو ڪيو آهي:وه غزل مين مطلوب ڪبهي مرد، ڪو کبهي عورت کو قرر ديتي هين، اور کبهي مرد کي اور کبهي عورت کي خصوصيات کا بهي ذکر کرتي هين.... امانت لکهنوي کهتي هين:

شاعر کو وهه پري زلف مين واکيا کرتا،

موشگا فون ڪو گرفتار بلا  کيا  ڪرتا.

هاڻي ڏسو پري زلف ۽ ڪيا ڪرتا جي پاڻ ۾ ڪهڙي وحدت آهي؟ خيال سان گڏ جملو به غلط پيو محسوس ٿئي. شاهه صاحب وٽ ائين ڪونهي هن جو محبوب جيڪڏهن مرد آهي ته عاشق جي روپ ۾ عورت آهي:

اڄ پڻ امارو، چوڏهين ماهه چنڊ جو،
مون گهر مون پرين، جي اچڻ جو وارو،
سڄڻ سوڀارو، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آئيو.
 

اهو هڪ عورت جو ئي اظهار آهي، جو هوءَ انتظار جي ڪيفيت ۾ پرينءَ جي اچڻ لاءِ آسائتي  آهي. ڀيڄ ڀنيءَ گهر اچڻ وارو محبوب ظاهر آهي ته مرد ئي هوندو. سنڌ جي ماحول ۾ عورت رات جو ٻاهر رهي صبح جو ته ڪانه ايندي:

اونداهيءَ اڌ رات ۾، پرينءَ پسايو پاڻ،

چنڊ ڪتين  ساڻ،  پيهي  ويو  پڙلاوَ ۾.

ان ڏس ۾ هڪ واقعو فارسي شاعريءَ جي ان خصوصيت سبب بيان ڪرڻ موضوع جي مناسبت سان ضروري آهي. ڪنهن مغل بادشاهه جي درٻار ۾ هڪ قوال امير خسرو جو هي شعر پڙهيو:

تو شبينه مي نمائي، به بري که بودي، امشب،

که   هنوز  چشم  مست   اثري  خمار  دارد!

مطلب ته ڪهڙي رقيب جي ڀاڪر ۾ ويهي سڄي رات شراب پيتو اٿئي؟ هن وقت تائين پيو اوجاڳيل نظر اچين ۽ اکيون اڃا تائين خمار ۾ ڳاڙهيون اٿئي. بادشاهه سلامت ڪاوڙجي پيو ته اها ڪهڙي بي غيرت عورت آهي جيڪا ائين ٿي ڪري سگهي؟ مرڳو قوال پنهنجو سر ٿي وڃايو. آخر ڪنهن فارسي شاعريءَ جي ان خصوصيت بابت بادشاهه کي سمجهايو ويو تڏهن جان بچيس، سو ائين اسين ڏسون ٿا ته شاهه صاحب جيڪڏهن پنهنجي دلي ڪيفيتن کي بيان ڪيو آهي ته به پاڻ کي مڪمل طرح عورت جي وجود سان هڪ ڪري پوءِ انهن جو بيان ڪيو اٿس. ڪٿي ڪٿي ته عورت جي نفسيات جو اهڙو ته ڳوڙهو مشاهدو ڏيکاريو اٿس جو حيرت ٿي ٿئي. اها عورت جي نفسيات آهي ته هوءَ پيار ونڊڻ وقت، محبوب سان ملڻ مهل روشنيءَ کي پسند ڪانه ڪندي آهي. ان ڳالهه کي ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو اٿس:

چنڊ لڳنئي منڊ، سنجهي ئي سيخ ٿيين،

ڪر اونداهي انڌ، ته ملان  محبوبن  کي.

انتظار جي ڪيفيتن ۾ تارا ڳڻڻ جو ذڪر ته اڪثر شاعرن ڪيو آهي پر تارن ۾ محبوب جي ڳولا ڪرڻ جو خيال شاهه صاحب وٽ ملي ٿو:

هن تاري، هن هيٺ،  هت  منهنجا سپرين،

سڄڻ ماکي  ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

پرينءَ جو پري هئڻ به هڪ وڏو حادثو آهي. جنهن لاءِ عاشق عورت وٽ اجهو هيئن اظهار آهي؛

پيرين آئون نه پڄڻي، ڏيهه پريان جو ڏور،
آيل ڪيئن رهندو، پرينءَ ري؟
 

ان کان پوءِ وري چنڊ کي قاصد بنائي نينهن نياپو کڻي وڃڻ لاءِ ٿي چوي، اهو چنڊ کي يا ڪانگ کي قاصد بنائڻ به عورت جي خاص عادت آهي، پاڻ نه پڄي سگهڻ جي احساس کان هوءَ انهن وسيلن تي انحصار ڪندي چوي ٿي:

چڱا چنڊ ! چئيج، سنهيا کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرينءَ جي پئيج،
جهيڻو ڳالائيج، پيرين وجهي هٿڙا.
 

اهو جهيڻو ڳالهائڻ ۽ پيرين هٿ وجهڻ به عورتاڻيون خصوصيتون آهن جن جو هڪ عاشق ۾ هئڻ ضروري آهي. دوريءَ جو احساس ويچاري عورت کي بيوسيءَ جو شڪار ٿو بنائي ڇڏي، چوي ٿي:

اڀر چنڊ، پس پرين، تو اوڏا مون ڏور،
سڄڻ ستا ولهه ۾ چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آئون نه پڄڻي، ٻاٻل ڏي نه ٻور،
جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.
 

وصل جي خواهش، ملڻ جي آس ۾ ويچاري محبوب کي منٿون ٿي ڪري؛

هينڙي سڄڻ ساريا، ڪٿي هوندم هير؟
اچي لالن! نه ڏيين، مٿي پلنگن پير؟
ٿي ورُ وهڻ وير، ڳجهه ڳرهيان ڪن سين؟
 

اهو چٽو پٽو عورت جي اندر جو احوال آهي، جنهن جي بيان ۾ شاهه صاحب بلڪل حقيقت پسنديءَ کان ڪم ورتو آهي. هو عورت جي پيار ۽ عشق کي اهميت ڏئي ٿو. سندس جذبن جو قدر ڪري ٿو ۽ انهن جي بلڪل صحيح عڪاسي ڪري ٿو. سر کنڀات ۾ ٻيو ذڪر آهي اٺ جو، جنهن کي پرينءَ وٽ وٺي وڃڻ لاءِ سواريءَ جي صورت ۾ مخاطب ڪيو ويو آهي. ان ۾ پڻ عورت واتان اٺ کي مخاطب ڪيو اٿس. پر ان مان عورت جو سواءِ هڪ سڪونديءَ جي، جيڪا پنهنجي محبوب وٽ وڃڻ لاءِ ماندي آهي، ڪو ٻيو تصور سامهون نه ٿو اچي، هوءَ سندس چندن چارائڻ ۽ موتي پارائڻ جي حد تائين خوشامد ٿي ڪري محض انهيءَ احساس کان ته هو کيس پرينءَ وٽ پڄائڻ جو ذريعو آهي. ان اٺ کي ڪن شارحن ٻي معنيٰ (نفس) جي به ڏني آهي، بهرحال جڏهن هوءَ چوي ٿي؛

ڳل ڳانا ياقوت جا، موتين ڳتيس مال،
ڪديفي جي ڪرها، هيدي پاينءَ حال،
چندن چارينءَ جال، جي مون رات رساڻيين.
 

تڏهن سندس طلب ۽ تانگهه محبوب سان ملڻ جي تمام چٽيءَ طرح سان ظاهر ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ  جو پرينءَ پسڻ کان سواءِ نه ڏينهن ٿا گذرنس نه راتيون. روح هر وقت بيچين ٿو رهيس ۽ اها ڳالهه هوءَ پنهنجي ماءُ سان سلي ٿي.

آهينم ڳالڙيون، ماءِ! مرادون پرينءَ سين،
جي مان پييون، پرين ري، کوءِ سي راتڙيون،
جي مان اوريون پرينءَ سين، ورُ سي راتڙيون،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي پاتيم جهاتڙيون.
 

حوالا

(1)             نظاماڻي الهه بخش ايم، سر کنڀات جو مطالعو، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه عبدالطيف، ثقافتي مرڪز  ڪاميٽي ڀٽ شاهه/ حيدرآباد، 1972، ص 6.

(2)            شاهواڻي غلام محمد ۽ واصف محمد بخش، سر سارنگ آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، 59، 1958، ص 12.

(3)            نياز محمد يعقوب، ديوان حافظ (سنڌي ترجمو) پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد، 1983، 75.

(4)            نياز فتح پوريهندي ڪي بعض نادر تشبهات سالنامه نگار هندي شاعري نمبر، جنوري 1932، جلد 29، شمار 1، ص، 47.

(5)            احمد، محمد جميل، اردو شاعري پر ايک نظرغضنفر اکيڊمي، پاڪستان، ڪراچي، 1985، ص 441.

(6)            قريشي عبدالغفور، پنجابي ادب دي ڪهاني، اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد، 1987، ص 160.

(7)            مري مير مٺا خان، پيش لفظ، درچين، ڄام درڪ ڪي بلوچي ڪلام ڪا اردو نثري ترجمه، اڪادمي ادبيات، پاڪستان، اسلام آباد، 1987، ص 72.

(8)            حالي مولانا الطاف حسين، مقدمه شعر و شاعري، پاپولر پبلشنگ هائوس، چوڪ اردو بازار، لاهور، 1984، ص 132.

(9)            راشدي پير حسام الدين، هو ڏوٿي هو ڏينهن، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1977، ص 77.

سُر سارنگ ۾ عورت

دنيا جي شاعريءَ تي نظر وجهڻ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جن جن ملڪن جي ماڻهن جي حياتي جو، معاشيات جو ۽ ماحوليات جو وجود برسات جي ڪري خوشگوار ۽ خوشحال بنجي ٿو اتي بادل ۽ برسات ڪائنات جي سهڻين ۽ من موهڻين شين مان آهن. ۽ هر انهن کي وڻندڙ لڳندا آهن. ۽ جتي وري انهن سان نقصان ٿيندو هجي يا زندگي ۾ خوشگوار تبديلي نه ايندي هجي اتي انهن جي ڪا اهميت ڪانه ملندي. جن ملڪن ۾ لڱ لوساٽيندڙ اسون هجن، سوڪهڙا هجن، ۽ سخت خشڪ سالي يا ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿينديون هجن اتي ماڻهو ۽ مرون پکي پکڻ وڻ ٽڻ هر وقت ابر آسر اڀ ۾ اکيون وجهي ويٺا هوندا آهن ۽ آسمان ۾ ڪو ننڍڙو ڪڪر به هنن لاءِ خوشيءَ جو پيغام هوندو آهي. پر جن ملڪن ۾ ٻارهوئي مينهن هجي، گهم هجي، يا وري سيءُ هجي، اتي اس جو نڪرڻ، سج جي گرمي جو هئڻ پسند ڪيو ويندو آهي. يورپ جي ملڪن ۾ ماڻهن لاءِ سج جو نڪرڻ ۽ اس جو چمڪڻ پيغام بهار هوندو آهي. گرم پر گهميل ملڪن ۾ وري هر وقت پيو مينهن پوندو آهي. ان ڪري اتان جا ماڻهو مينهن کان بيزار هوندا آهن. هندستان جي اپکنڊ ۾ عام طرح سان اس، گرمي، خشڪ سالي ۽ ڏڪار جهڙين حالتن سبب ماڻهو مينهن ۽ پاڻي جي آجيان ڪندا رهيا آهن. درياهي تهذيب وٽ به پاڻي جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي. هتي اسان کي موهن جي دڙي جي تهذيب وارن وٽ پاڻيءَ جي پوڄا ٿيندي نظر ٿي اچي، درياهه ۽ سمنڊ ۾ اکا پوندا ٿا نظر اچن. ڏيئا ٻرندا ٿا نظر اچن. بنگال ۾ پاڻي ۽ بارش جا ديوتا پوڄبا ٿا نظر اچن. ان ڪري سموري هندستاني خطي جي ادب ۾ اهي اهم شيون آهن، ڪاليداس ميگهه دوت لکي ٿو، بنگال جا شاعر ميگهه ۽ پاڻيءَ جي موضوع جا گيت ڳائيندا ٿا نظر اچن. بنگالي شاعر ٽيگور جي دل وسندڙ مينهن جي موج پسي پنهنجي مجبوب کي ياد ڪرڻ ٿي لڳي:

گگني گرجي، منگهه گهن،  برشا،

ڪوئي ايڪالئي اڇي ناهين ڀرسا.

معنيٰ: آسمان ۾ گهنگهور گهٽا ڇانيل آهي ۽ موج وارو مينهن پيو پوي ۽ ڪو (آئون) اڪيلو مايوس ۽ ڏکارو ندي ڀرسان بيٺو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com