سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :14

شادي:

        شاهه صاحب جي شاديءَ بابت ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ به دلچسپيءَ کان خالي ڪانهي. هن سندس شاديءَ جي عمر 24 سال ٻڌائي آهي. پاڻ ان راءِ جو آهي ته شاهه صاحب جو پنهنجو خيال ائين هو ته شادي ۽ گهر ٻار ڪري وهڻ سان فهم ۽ فڪر جي ڪمال ۽ عروج طرف وڌڻ ۾ رڪاوٽ پوندي. باوجود انهيءَ جي جو سندس سڄو توجهه اخلاق ۽ ڪردار جي معراج طرف هو، زندگيءَ جي هن مرحلي تي هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو کيس شادي ڪرڻي پئي. (21)

        ان کان اڳ پاڻ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي راءِ جو به حوالو ڏنو اٿس ته لوڪ لڄا جي ڪري شادي ڪئي هئائين. (22)

        ايتريقدر جو روايتن ۾ جيڪو شاهه صاحب جو مرزا مغل بيگ جي حويليءَ ۾ وڃڻ جو ذڪر آهي ان کي رد ڪندي لکي ٿو شاهه لطيف جو مرزا بيگ جي حويليءَ ۾ دعا لاءِ وڃڻ ۽ سيد ه بيگم جي چيچ جهلڻ واري ڏند ڪٿا نه فقط سنڌ جي تهذيب ۽ ريت رسم جي خلاف آهي پر شاهه لطيف جي اعليٰ ڪردار جي پڻ ابتڙ آهي. (23) شاديءَ نسبت ڊاڪٽر صاحب مرزا قليچ بيگ جي راءِ سان سهمت آهي ته ڪو هن شوق پٺيان يا عشق پئي شادي ڪانه ڪئي هئي، بلڪه شرع شريف جي حڪم جي پورائي ۽ سنت رسول جي ڪري ۽ ڪم ڪار جي سهنج لاءِ پرڻيو هو ۽ سندس پنهنجي بيبي گهرواريءَ سان اوتريءَ محبت به ڪانه هئي.

        ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو وڌيڪ اهو به خيال آهي ته شاهه حبيب اها شادي پنهنجي هڪ معتقد جي مارجي وڃڻ کانپوءِ سندس بيواهه ڪٽنب کي سهاري ڏيڻ خاطر ڪرائي هئي... پر تڏهن به ڪجهه شڪ مڙيوئي اٿس ته جيڪڏهن شاهه لطيف، ان کان اڳ بيبي صاحبه کي ڏٺو هو ۽ سندس دل ۾ محبت جي دونهين دکيل هئي ته به ان کي ڍڪيو هئائين ۽ ٻاهر ڪا به ٻاڦ ڪانه ڪڍي هئائين. پر غالباً شاديءَ واري واقعي کان اڳ هو پنهنجي سالڪانه صبر سان ان خيال کي اورانگهي آجو ٿي چڪو هو. هن وقت رڳو والد جي رضا ۽ هڪ بيواهه ۽ يتيم گهر کي سهاري ڏيڻ خاطر شادي قبوليائين. (24)

        ان ڏس ۾ منهنجو خيال ائين آهي ته اها محبت جي دونهين ضرور دکيل هئي ۽ بيشڪ شاهه جهڙي ماڻهوءَ ٻاهر ٻاڦ ڪانه ڪڍي هوندي ۽ ڍڪ ڍڪيو هوندائين.... پر ان روايت جي مشهور ٿيڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو مرزا بيگ جي ڪاوڙ، سيدن سان دشمني وغيره هجي. باقي جهڙيءَ ريت شاهه پنهنجي رسالي ۾ محبت کي ئي وساري ويٺو يا ان دور مان گذري ويو سو به محض 24 سالن جي عمر ۾، سا ڳالهه دل سان نٿي لڳي، شاهه جا اهي سر جيڪي هن جوانيءَ واري دور ۾ چيا سي ان عشق جا عڪاس آهن، پر پوءِ به سموري حياتي پئي عشق کي ڳاتائين. ڪڏهن سسئي بنجي ته ڪڏهن سهڻي بنجي. جيڪڏهن ڪجهه بيت يا سڄا سُر عشق حقيقي ۽ سلوڪ سان لاڳاپجن ٿا ته اهو عشق حقيقي به مجازي عشق جي تجربي کانسواءِ ناممڪن هو. شاهه جي مجازي عشق جا عڪاس اهي بيت اهڙا آهن جو انهن ۾ فطرتي ۽ حقيقي عڪاسي آهي ۽ اها دل جي اندران نڪتل جذبن ۽ احساسن جي ڪري ممڪن ٿي سگهي آهي.

        شاهه جي شاديءَ ۽ سندس زال سان سندس ورتاءَ متعلق ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته شاديءَ بعد به شاهه لطيف جو پنهنجي گهر سان جيجڪو برتاءُ رهيو سو شاهانه ۽ شريفانه هو پر عاشقانه نه هو. (25)

        ظاهر ڳالهه آهي ته محبوب ماڻڻ کانپوءِ طبعيت ۾ ماٺاڻ اچي وئي هوندي ۽ نڪاح ٻڌي زال سان رويو عاشقانه ته نٿي ٿي سگهيو، جڏهن ته ان وقت جو ماحول به پابند ۽ گهڻي شرم ۽ لحاظ وارو هوندو. ان جو مطلب اهو ته ڪونه ٿيو ته شاهه کي پنهنجي زال سان محبت ڪانه هئي! اصل ۾ اسان جي سنڌيءَ سماج ۾ عورت ۽ مرد جي تعلق کي هميشه غلط انداز ۾ ورتو ويندو آهي. شاديءَ کان اڳ جو پيار ته گناهه آهي ئي. پر شاديءَ کانپوءِ زال مڙس جو پيار به ماڻهن کي ڪونه وڻندو آهي. مڙس زال سان قرب ڏيکاريندو ته چوندا زن مريد آهي، مڄو آهي، تعويذ ڪيا ويا اٿس وغيره.... (شايد اهڙي روش کي عاشقانه ۽ ان جي ابتڙ روش کي شاهانه ۽ شريفانه ڪوٺيو ويو آهي) شاهه لطيف هڪ تمام مذهبي پردي واري ماحول ۾ پرورش پائڻ کانپوءِ زال سان اهڙو عاشقانه رويو ته ڪونه رکيو هوندو پر ان جو مطلب اهو ته ڪونه ٿيو ته کيس پنهنجي زال سان پيار ڪونه هو يا شاهانه ۽ شريفانه مزاج سبب زال سان ڪانه پوندي هئس.

        شاهه صاحب جي اولاد نه ٿيڻ نسبت هڪ ڳالهه کي گهڻو ورجايو ويندو آهي جنهن ۾ بيبي صاحبه جي اميدواري ۽ پلي وارو واقعو اهم آهي.

        مرزا قليچ بيگ اها روايت هن ريت لکي آهي: ڪن مهينن کانپوءِ بيبي صاحبه کي اميد واري ٿي. هڪڙي ڏينهن ڪو فقيرن منجهان سهڪندو شاهه صاحب وٽ آيو. شاهه صاحب پڇيس ته اي ابا! ٻيو ته خير آهي؟ فقير وراڻي ڏني ته سائين! ٻيو خير آهي، بيبي صاحبه کي اميد واري آهي، سو کين پلي کائڻ جي خواهش ٿي هئي، جو هاڻي آءُ پرانهين پنڌ تان ڊوڙندو وٺي آيس، تنهن ڪري ساهه تڪڙو ٿو کڻان. شاهه صاحب کي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي بڇان لڳي، چيائين ته واه جو اولاد، جو اڃا ڄايو ئي نه آهي ته منهنجن فقيرن کي رلائي خراب ڪيو آهي، جي ڄمندو ته الائجي ڪهڙا ڪلور ڪندو. مون کي اهڙو ٻار ئي ڪين گهرجي. هي سڀ فقير منهنجو اولاد آهن. (26)

        لطف لطيف جي مصنف مولانا دين محمد وفائي پڻ اها ساڳي روايت نقل ڪئي آهي، تذڪره لطيفي ۾ ڪجهه لفظن جي اضافي سان ساڳيو بيان ملي ٿو. ڪن مهينن کانپوءِ بيبي صاحبه کي اميدواري ٿي، هڪ ڏينهن آرهڙ جي موسم ۾ شاهه صاحب هڪ مريد کي سهڪندو ايندو ڏٺو، پڇيائونس ته ابا خير ته آهي؟ وراڻيائين ته قبلا بي بي صاحبه کي اميدواري آهي، کين پلي کائڻ جي خواهش ٿي، ڊوڙندو حڪم جي تعميل ڪري آيو آهيان شاهه کي هي ٻڌي بيحد ڏک ٿيو ۽ فرمايائون جو اڃا ڄائو نه آهي ته منهنجي فقيرن کي ٿو رلائي، ڄمڻ کانپوءِ الائجي ڪهڙا ڪلور ڪندو. مون کي ٻار نه کپي، هي فقير منهنجو اولاد آهن. (27)

        مقدمه لطيفيءَ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي اها ڳالهه دهرائي پڇاڙي ۾ لکي ٿو: چون ٿا ته بيبي صاحبه کي ڪهياءُ ٿيو ۽ تنهن کان پوءِ يا عمر وري اميد واري نه ٿيس. (28)

        ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو روايتن موجب بيبي صاحبه کي اميدواريءَ ۾ پلي جي سڌ ٿي ۽ ونهيون فقير جت وڏي تڪليف سان پلو وٺي آيو ۽ سهڪندو آيو. (29) ..... ۽ پوءِ شاهه صاحب فقير جي هلاکيءَ کي ڏسندي اهڙي وائي ڪڍي جو اهو ٻار ئي ڪونه پيدا ٿيو. اهڙي طرح ٻڍڙي فقيرياڻي تي بي بي صاحب جو ڏمر ڪيو جيڪو شاهه صاحب کي ڏکيو لڳو. ان بعد ڪو اهڙو سبب ٿيو جو ٻار خير ڪو ڄائو. (30)

        انهن ٻنهين ڳالهين مان اهو نتيجو ڪڍڻ غلط آهي ته شاهه صاحب کي نڪو بيبي صاحبه جي پرواهه هئي نڪو اولاد جي، ڇاڪاڻ جو هو انهن دنياوي خوشين کان مٿي چڙهي چڪو هو. بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ته هن مرحلي تي سندس سڄو توجهه حق ۽ حقيقت جي اعليٰ منزلن طرف هو. (31) ته پوءِ زال سان ازدواجي تعلق قائم ڪري، دنياوي خوشي ماڻي ان کي اميد واري ڪرڻ جي به ڪا ضرورت ڪانه هئس ۽ جي شرعي رسم پوري ڪرڻ لاءِ ائين ڪيائين ته شريعت اولاد کان منع ته ڪانه ٿي ڪري ۽ نڪو اولاد لاءِ بد دعا ڪرڻ جي صلاح ٿي ڏي.... ڇا اهو شاهه صاحب جهڙي ماڻهوءَ لاءِ سوچڻ به سونهي ٿو ته اولاد جي صورت ۾ تخليق جي تسلسل جي جاري رهڻ کان بڇان ڏيکاري. اهي ڳالهيون جيڪي عملي زندگيءَ ۾ هڪ انسان کي پيش اچي سگهن ٿيون تن کان شاهه کي متضاد ثابت ڪرڻ مناسب نه آهي ۽ کيس اولياءِ الله ۽ پهتل فقير ثابت ڪرڻ لاءِ ۽ سندس سموري ڪلام کي صوفيانه ثابت ڪرڻ لاءِ ويهي پنهنجا نتيجا ڪڍڻ به حقيقت کان فرار آهي.

        ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته ڪو شاهه جي ڪلام جو چڱو حصو تصوف جي باريڪ نڪتن سان ڀريل آهي، جيڪا ان دور جي روايت به هئي ۽ خانداني پر به هئي. هن سندس زندگيءَ جو ڳچ حصو حق ۽ حقيقت جي اعليٰ منزل ماڻڻ لاءِ ڪوشش ڪندي گذاريو هجي، پر ان سبب ڪري سندس انسان هئڻ، انساني جذبن احساسن ۽ قدرتي جبلتن جي موجودگيءَ کان انڪار ڪرڻ به مناسب ڪونهي. نه سندس ڪلام ۾ انهن جي اظهار کي ڪو ٻيو رنگ ڏيڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان اسان سندس رتبو وڌائڻ بدران گهٽايون ٿا. جڏهن نبين سڳورن، خليفن ۽ ولين هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون... انهن مان جهجها ٻار پيدا ڪيا ته پوءِ شاهه عشق پئي شادي ڪئي ۽ اولاد ٿئيس ها ته ڇا ٿيو؟ فقير اولاد جهڙا ته ٿي سگهيا ٿي، اولاد ته نٿي ٿي سگهيا؟ ان ڪري منهنجو خيال آهي ته اها پلي واري روايت ئي غلط آهي.

        اهو ساڳيو ونهيون فقير جت (جنهن جو پلي لاءِ ڊوڙڻ ۽ سهڪڻ شاهه صاحب کي نه وڻيو) شاهه صاحب جا پاليل ٻه ڪتا نالي موتي ۽ گرد گان يا کينهون، سنڀاليندو هو. انهن بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ روايت بيان ڪئي آهي ته سندس سڄو ڌيان ان طرف هوندو هو، هڪ ڏينهن فقير مانيءَ تي ويٺا ته ٻيل ٻڌي ويٺا. موتي ويٺو هو پر کاڌو ڏنائونس ته نه پيو کائي (جو کينهون ڪنهن ٻئي پاسي هو) شاهه صاحب کي ٻڌايائين ته چيائون ابا موتي اڪيلو آهي هن جو سنگتي هجي ته کائي، جي ڪو ٻيل ٻڌيس ته کائي، ونهئين کي شاهه صاحب جا اهي لفظ دل ۾ ويهي ويا... سو ونهئين فقير ويهي موتيءَ سان گڏ کاڌو. ان ڏينهن کان وٺي شاهه صاحب جي ونهئين فقير تي وڏي مهر نظر ٿي، جو چيائون ته جتي ونهيون ڪتائي اتي ڀٽائي. (32) ۽ پوءِ ان کي پنهنجو خاص خليفو به ڪيائون.

        اهو ونهيون فقير شاهه صاحب جي زال جي سڌ پوري ڪرڻ لاءِ پلو وٺڻ ويو..... ڊوڙيو ۽ سهڪيو ته شاهه صاحب کي ڏکيو لڳو ۽ ناراض ٿيو ۽ اولاد جهڙي هن فقير لاءِ پنهنجي زال جي خوشي ۽ پنهنجو اولاد گهوري ڇڏيائين ۽ انهيءَ اولاد جهڙي فقير کي ڪتي جي سنڀال ۽ ڪتي جو خيال ڪري ان سان گڏ ماني کائڻ سبب خوش ٿيو ۽ پنهنجو خليفو ڪيائينس!! عجيب ڳالهه آهي.

        منهنجي خيال ۾ ته اها روايت به شاهه جي شان وٽان نه آهي جو هو پنهنجي اولاد جهڙي فقير کي ڪتن سان ماني کارائي ۽ خوش ٿئي. اهي سڀ ڳالهيون شاهه جي شخصيت کي روشن نه پر جهڪو ٿيون ڪن.

        ڪجهه ٻيون روايتون به منهنجي نظر مان گذريون آهن. جيڪي رشيد احمد لاشاري، غلام محمد شاهواڻي ۽ مرحوم محمد بخش واصف بيان ڪيون آهن سي به تقريباً ساڳيون آهن. اهي سڀ پڙهي حيرت ٿي ٿئي. ان مان ڪجهه سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا.

1. شاهه صاحب ڏاڍي سڪ مان ۽ انتظار کان پوءِ شادي ڪئي هئي. ان جي وڇوڙي ۾ رولڙا برداشت ڪيا هئا ۽ ان وقت 23- 24 سالن جو نوجوان هو. ان صورت ۾ شاديءَ جي پهرين ڪجهه مهينن دوران ته سندن پيار انتها تي هوندو ۽ ان پيار جي ڦل طور ملندڙ اولاد جي لاءِ شاهه صاحب جي اهڙي بي حسي سمجهه ۾ نٿي اچي. شاهه جهڙو هڪ تمام ڪنئري دل وارو حساس ۽ پيارو ماڻهو اولاد جهڙن فقيرن جو احساس ته ڪري ٿو باقي اولاد جو احساس نٿو ڪري جيڪو سندس دل گهري زال جي پيٽان جنم وٺي رهيو هو، ۽ مذهبي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته اولاد الله جي مهربانيءَ سان ملندو آهي.

2. سندس بيبيءَ جي پلي جي خواهش هڪ فطري ڳالهه هئي ۽ هر طرح سان نيڪ، پارسا، سگهڙ، گهريتڙي زال جي معمولي خواهش جو احترام ڪرڻ ڇا ڏوهه جهري ڳالهه هئي؟ ڇا انساني نفسيات جو ڄاڻو، فطرت جي باريڪين جو شاعر، انساني ڪردار خاص ڪري عورت جي ڪردار جو مشاهدو رکندڙ ماڻهو، هڪ گرڀوتي عورت جي ننڍڙي پسند پوري ڪرڻ تي بڇان محسوس ڪري سگهي ٿو؟ جيڪا سندس پياري بيبيءَ جي وس وٽان نه هئي يا بيبيءَ کي ماڻي وٺڻ کانپوءِ سمورو پيار، سمورو عشق فقيرن ڏانهن مڙي ويو هئس!

3. ٽيون سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته شاهه جي گهر ۾ پردو هو. بي بي صاحبه لاءِ چيو ويو آهي ته پريدار هئي. بلڪه ڏٺو وڃي ته اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي ڳوٺن ۾ سيدن جي حويلين ۾ نر پکي به پر هڻي ڪونه سگهندو آهي ۽ بيبين سڳورين بابت ڌارين مردن جو ڳالهائڻ به پسند ڪونه ڪيو ويندو آهي. ايتريقدر جو مرڻ پڄاڻان سندن مقام به الڳ هوندو آهي جنهن کي پاڪن جو مقام چوندا آهن... سو شاهه صاحب جي گهر ۾ فقير ته ويندا ڪونه هوندا پوءِ انهن کي بيبي صاحبه جي حمل جي خبر ڪٿان پئي؟.... اها پڻ روايت آهي ته سندس گهر ۾ ٻانهيون ڪم ڪنديون هيون. لطف لطيف جو مصنف گهرو انتظام جي سري هيٺ لکي ٿو ته: انهيءَ زماني پٽاندڙ ۽ ساداتن ۾ سخت پردي جي لحاظ ڪري حضرت شاهه صاحب جي حويليءَ ۾ سندن بيبي صاحبه جي حياتيءَ وقت سخت پردي جو انتظام هوندو هو. بيبي حسنه ۽ لعل بيبي سيد اسد الله شاهه متعلويءَ جون نياڻيون، جي شاهه صاحب جي ڀاڻيجن جون گهر واريون هيون، سي سندن حرم سراءِ جو ڪم ڪار سنڀالينديون هيون، گنگا جتڻي، صالحان تنياڻي ۽ بوا وساڻ خاص خادمياڻيون هيون، انهن جي اجازت کانسواءِ ٻي ڪنهن عورت کي اندر وڃڻ جو اختيار ڪونه هوندو هو. (33)

سو چئي سگهجي ٿو ته اهڙي حالت ۾ ان فقير کي بي بي صاحبه جي اميد واريءَ جو اطلاع ضرور ڪنهن ٻانهيءَ نوڪرياڻيءَ ڏنو هوندو. روايتن جي انداز مان ائين پيو لڳي ڄڻ سڄي حويليءَ کي بيبي صاحبه جي حمل جي خبر هئي، بس جي اڻڄاڻ هو ته شاهه صاحب هو جنهن کي فقير ڄڻ ته اطلاع ٿو ڏي ته قبلا بيبي صاحبه کي اميد واري آهي.... جيڪڏهن اهو هڪ عام رواجي جملو هو ته به سوچڻ جي ڳالهه آهي ته فقير گهر لاءِ پلو وٺڻ ويو هوندو سو ڊوڙ پائي وڃڻ ۽ سهڪڻ لاءِ اهو جواب ڪجهه نا مناسب پيو لڳي. سنڌ جي ڪلچري روايت يا سيدن جي حويلين جي روايت موجب فقير جو اهڙو جواب هڪ مڙس کي ڏيڻ غير مناسب ٿو لڳي. ان روايت ۾ وڌاءُ آهي جيڪو يقيناً وقت جي گذرڻ سان پيدا ٿيو هوندو.

انهيءَ قسم جي هڪ ٻي روايت به ملي آهي. مولانا دين محمد وفائي، لطف الطيف ۾ گلشن اولياء جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: حضرت شاهه صاحب کي پنهنجي مغل بيبيءَ سان ڏاڍي محبت ۽ پيار هو، امير گهراڻي هجڻ ڪري هن جو ڏاڍو خيال رکندا هئا. جڏهن بيبي کي اميد واري ٿي تڏهن بيبيءَ کي ڏاڍي خوشي ۽ مسرت حاصل ٿي. هڪ ڏينهن گهر جي ٻڍڙي فقيرياڻيءَ تي بيبي اهڙي ڪاوڙي جو هن مسڪين فقيرياڻي کي ڏاڍو ڏک پهتو. اها ڳالهه حضرت شاهه صاحب جي خاطر عاطر تي ڏاڍي ڏکي لکي. بيبي صاحبه کي فرمايائون ته اوهان کي ٻار سرجڻ ڪري سرهائي سپجي آهي ان ڪري ايڏي بيپرواهي پيدا ٿي ڇا جو فقيرياڻين کي رنجائڻ کان به نٿا رهو؟ مون کي اميد آهي ته اهو خوشيءَ جو ڪارڻ اوهان کي ڪڏهن به پيدا نه ٿيندو. پوءِ ڇا ٿيو جو مهيني جي پهرين تاريخ ۾ پيٽ ۽ ٻار چرندو هو ۽ پوين تاريخن ۾ خشڪ ٿي ويندو هو آخر ائين ئي پيٽ ۾ سڪي ويو ۽ پيدا نه ٿيو. (34)

رسالي گلشن اولياء مان هڪ ٻيو حوالو به وفائي صاحب ڏنو آهي ته شاهه عبداللطيف جي بيبي وڏ گهراڻي جي گهر جي هئي. سلڇڻي، سگهڙ، ۽ عابده زاهده، گهڻي انتظار کانپوءِ اميد واري ٿي آهي. ناز برادريءَ جو وقت آهي. پر ٿئي ڇا ٿو جو هڪ فقير کي تڪليف پهچي ٿي يا هڪ ٻڍڙي فقيرياڻي ناراض ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جي سموري محبت غائب ٿي وڃي ٿي. (35)

اهو هڪ فقير ۽ فقيرياڻيءَ جي لاءِ زال جي محبت جو غائب ٿيڻ تمام فخريه انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان مان اسان جي محققن ۽ مصنفن شايد شاهه صاحب کي تمام اوچو ۽ اتم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر منهنجي خيال ۾ ائين ناهي. شاهه صاحب جيڪو پنهنجي زال سان خود انهن ساڳين عالمن چواڻي بيحد گهڻو پيار ڪندو هو، سو ائين نٿو ڪري سگهي ۽ جي ڪيائين ته نا مناسب عمل هو. اها عورت جي سندس زال نه به هجي ها، جي هڪ عام گرڀوتي عورت هجي ها ۽ اهو واقعو ٿئي ها ته به شاهه صاحب جهڙي هڪ تمام اعليٰ انسان لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن ڪونه هجي ها. ان کان ان جي خوشيءَ جو ڪارڻ کسجڻ جي بد دعا به سندس شان وٽان نه آهي. مون کي انهن روايتن ۾ به اهو ئي افسانوي رنگ ٿو نظر اچي جيڪو وڏن ماڻهن جي لاءِ بيان ڪيل قصن ۾ ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ وڌو ويندو آهي ۽ مبالغي جي حد تائين ان کي وڌايو ويندو آهي ته جيئن سندن دعا بد دعا صحيح ثابت ٿئي، ۽ هو پهتل فقير ثابت ٿين جن کي دنيا سان ڪا دلچسپي ڪانه هوندي آهي. عورت جي حوالي سان ته شاهه اهڙو ڳوڙهو ۽ حقيقي مشاهدو پنهنجي ڪلام ۾ ظاهر ڪيو آهي ۽ ان جي ذات لاءِ جيڪا همدردي، قياس ۽ ڪهل محسوس ڪئي اٿس ان کي ڏسندي اهي واقعا صحيح نٿا لڳن. اسان جي محققن جي ڪيترين ڳالهين ۾ تضاد نظر اچي ٿو. ڪن روايتن ۾ لکن ٿا ته شاهه کي مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ جي عشق اصل ديوانو ڪري ڇڏيو هو جو پريشان ٿي جهر جهنگ جهاڳڻ هليو ويو هو ۽ آخر واپس اچي ان سان شادي ڪيائين ۽ پوءِ لکن ٿا ته سندس پنهنجي بيبيءَ سان بيحد پيار هو، پر وري ڪن ٻين جاين تي لکن ٿا ته سندس زال ذات سان اصل ڪانه پوندي هئي ۽ شاديءَ جي سخت خلاف هو. ڪڏهن لکن ٿا ته سندس زال گهريتڙي، سگهڙ زال هئي ۽ گهر جي هر ڪا هاج پنهنجي هٿن سان ڪندي هئي ته وري ڪڏهن ٻڌائين ٿا ته سندس حويلي جو سمورو انتظام شاهه صاحب جي ڀاڻيجن جون زالون هلائينديون هيون ۽ ٻيو ڪم ڪار ٻانهيون ڪنديون هيون.

ڪڏهن لکن ٿا ته شاهه صاحب جي بد دعا سبب بيبيءَ کي ٻار ڪهائي ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن اميد واري ڪانه ٿي ۽ ڪڏهن لکن ٿا ته ٻار مهيني جي پهرين تاريخن ۾ چرندو هو ۽ پوين ۾ سڪي ويندو هو ۽ آخر ڪار پيٽ ۾ ئي سڪي ويو. (طبي لحاظ کان به اها ڳالهه ممڪن نظر نٿي اچي.)

مطلب ته مختلف روايتون بيان ڪندي اسان جي محققن انهن جي صحت تي ڪوبه غور و فڪر ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي آهي ۽ جتي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي اٿن ته ان کي شاهه جي شخصيت کي هڪ بزرگ پير جي شخصيت ثابت ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو اٿن. سندس دعا ۽ بد دعا کي اثر وارو ڏيکارڻ لاءِ کيس زال جي محبت يا اولاد جهڙي دنياوي خوشي جي خواهش کان مٿانهون ۽ فقيرن جو درد وڌيڪ رکڻ وارو ڏيکارڻ چاهيو اٿن.

بهرحال اهو دور هو جنهن ۾ شاهه جي زندگي ۾ ٺهراءُ نظر اچي ٿو، ان لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته هاڻ شاهه جي زندگي هموار ۽ موزون ٿي پئي. ڪجهه وقت شعر گوئيءَ ۾ صرف ڪندو هو ته ڪجهه وقت وري رياضت ۽ عبادت ۾، ڪڏهن ڪڏهن اصلوڪي عادت موجب جهنگ منهن ڏيئي هليو ويندو هو. (36) اها عادت اڪثر ڪري ڏاهن، فلسفين، مفڪرن، عالمن، دانشورن ۽ فنڪارن جي هوندي آهي. اڪيلائيءَ ۾ گيان ۽ ڌيان، اندر جي اوجر ۽ من جي مستيءَ لاءِ کين تنهائي گهربل هوندي آهي. شاهه صاحب جي ڀلاري طبعيت ۽ ڏاهپ جي ڳالهين ڪيترن ئي ماڻهن کي سندس معتقد بنائي ڇڏيو هو. جيڪا ڳالهه وقت جي حاڪمن ۽ ٻين پيرن مشائخن کي ڪانه وڻي، تن سندس خلاف کڻي محاذ کڙا ڪيا. ميان نور محمد ڪلهوڙو جيڪو ان وقت سنڌ جو حاڪم هو، انهيءَ ته هڪ ٻه ڀيرا شاهه کي مارائڻ جي به ڪوشش ڪئي، بهرحال ان ۾ ناڪامي ٿيس. ان ڏس ۾ شاهه جي سوانح نگارن هڪ واقعو بيان ڪيو آهي جيڪو دلچسپ به آهي ته عورتن جي حوالي سان شاهه جي ڪردار تي چڱي روشني وجهي ٿو.

هڪ دفعي ميان نور محمد، شاهه صاحب جو، هڪ ٻئي رنگ ۾ امتحان وٺڻ گهريو. کيس دعوت ڪري پنهنجي حرمسراءِ جي هڪ خاص مرداني ڪمري ۾ رهايائين. پاڻ سندس آجيان ڪري پوءِ هڪدم ٻاهر نڪرندي عرض ڪيائين ته آءٌ اجهوڪي آيس هوڏانهن اندر ئي اندر بندوبست ڪري ڇڏيو هئائين ته شاهه صاحب جي اڪيلائيءَ ۾ حرمسراءِ جون حسين ٻانهيون ۽ پورهيتون هار سينگار ڪري، شاهه صاحب جي خدمت ۾ پهچي ساڻس کل چرچو ڪن ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ ريجهائين. پوءِ ته وينگس، من موهيندڙ، مڻيادار معشوق جي گهورين اچي گهيرو وڌو ۽ هر طرح اکرن ڳالهائڻ لاءِ سمورا داءَ اڇلايا، پر هي درويش شاهي حرمسراءِ ۾ داخل ٿيڻ شرط مراقبي ۾ مشغول ٿي چڪو هو جنهن ڪري استغراق جي حالت ۾ هنن نازنين جي ناز ادا جي ڪا سڌ ٻڌ ئي ڪانه رهيس. ميان نور محمد ڪجهه وقت کانپوءِ حالت معلوم ڪرڻ لاءِ لنگهي آيو. حضرت شاهه صاحب کي چوڻ لڳو ته هيڏانهن به ته ڪجهه ڏسو جو پرين جهڙيون من موهڻيون اوهان جي محبت لاءِ مري رهيون آهن. اوهان آهيو جو انهن ڏانهن اک کڻي به نٿا نهاريو شاهه صاحب جواب ۾ فرمايو:

ڪاڪ   نه   جهليا   ڪا   پڙي، موهيا   نه   مال

جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا. (37)

شاهه صاحب جي ڪردار جي پختگيءَ بابت ته ڪو شڪ ٿي نٿو سگهي. انهيءَ ساڳئي قصي کي مرزا قليچ بيگ ٿورو مختلف انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ان کان اڳ ڄڻ ته ساک ڏيندي لکي ٿو: شاهه لطيف پنهنجي نفس کي اهڙو ماري ڇڏيو هو جو جوانيءَ جي ڇوهه ۾، ۽ انڌ جي وقت ۾ ان جو زور مٿس نٿي هليو، جهان وارو انڌو عشق ڪونه هوندو هئس، جنهن جو رڳو شهوت سان واسطو آهي. جن ڏينهن ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙيءَ جو مٿس اعتبار نه هوندو هو، تن ڏينهن ۾ ميان صاحب، شاهه صاحب جي دعوت ڪئي ۽ پاڻ وٽ گهرايو. جڏهن ماني ٽڪي کائي رهيا تڏهن ميان ڪي حسين عورتون ڪڃريون آڻايون. ٿوريءَ مهل کانپوءِ پاڻ ميان، ڪڃرين کي گهرايو ۽ شاهه صاحب سان ڇڏي پاڻ ڪو بهانو ڪري نڪري ويو ۽ ڳچ تائين ترسيو، انهيءَ ڳالهه جي ڪاڻ ته شاهه صاحب جي پرک لهي. پر شاهه صاحب ته دستور موجب مراقبو وجهيو ويٺو هو. مٿي به نه نهاريائين. جڏهن ميان نور محمد موٽي آيو، تڏهن چيائين ته ادا شاهه صاحب هي ماڻهو جي اوهان جي لاءِ آيا هئا؟ شاهه صاحب ورنديءَ ۾ هي بيت چيو ته:

ڪاڪ   نه  جهليا  ڪاپڙي،   موهيا  ڪين  مال

جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. (38)

ان واقعي جي بيان کانپوءِ پنهنجي راءِ ڏيندي مرزا صاحب لکي ٿو: سو رنن جو عشق ته شاهه صاحب کي ڪونه هوندو هو. زال ذات سان اوتري محبت ڪانه هوندي هئس. سندس بيبي گهر واريءَ سان، اسان مٿي ڏنو آهي ته اوتري محبت ڪانه هوندي هئس. نڪا عشق پئي ٻي شادي ڪئي هئائين. رڳو شرع شريف جي حڪم جي پوري ڪرڻ لاءِ ۽ ڪم ڪار جي سهنج لاءِ شادي ڪئي هئائين. اولاد جي مُور ڳڻتي ڪانه هئس، ٿئي ته ڇا يا نه ٿئي ته ڇا. اگرچه شاهه صاحب درويش هو ۽ ظاهري اسباب ڏي ڪو خيال نه هئس ته به مسلمانيءَ جي حد ڀڃڻي نه هيس. الله ۽ رسول جي حڪمن تي قائم هو تنهن ڪري هن جي تابعداري فرض ٿي ڄاتائين، شادي ڪرڻ به هڪڙي سنت هئي. تنهن ڪري هن روا رکي. (39)

ان نتيجي ڪڍڻ کان اڳ مرزا صاحب چيچ وارو واقعو ۽ مغل بيبيءَ سان عشق بيان ڪري چڪو آهي! مٿين ڳالهه مان اسين هي نتيجو ڪڍي ٿا سگهون ته ميان نور محمد حرمسراءِ جي خوبصورت ٻانهين، ڇورين، يا ڪڃرين سان شاهه صاحب کي پُوري جيڪا پرک ٿي ڪئي تنهن ۾ پورو بيهڻ سبب سندس ڪردار جي جيڪا بلندي ۽ پختگي ثابت ٿي ٿئي سان هن جهڙي شاعر کي ته جڳائي ٿي پر ٻين کي سمجهه ۾ ئي نٿي اچي. ان ڪري هو ان مان اهو نتيجو ٿا ڪڍن ته شاهه صاحب جي زال ذات سان ڪانه پوندي هئي ان ڪري پنهنجي بيبي گهر واريءَ سان به محبت ڪانه هئس. هڪ شادي شده ماڻهو جيڪو ڪردار جو تمام پختو هجي ۽ جيڪو پاڪائيءَ ۾ يقين رکندو هجي ان لاءِ رنن جو عشق يا زال ذات سان پوڻ نه پوڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. هن هڪ عورت سان عشق ڪيو، ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پهرين ناڪام ٿيو ته ڏک ۽ صدمي سبب پنهنجو گهر، مٽ مائٽ، دوست يار ۽ پنهنجو ملڪ ڇڏي بن بن برپٽ ڀٽڪيو. وري به موٽي اچي انهيءَ سان شادي ڪيائين. پنهنجي دل گهري زال وارو ماڻهوءَ جي ڇا لاءِ پرائي زال ذات سان پوندي. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ حقيقت پسندي کان ڪم وٺندي لکيو آهي ته زال ذات سان گهڻي ڪانه پوندي هئي. سندس زال ئي سندس لاءِ ڪافي هئي جنهن سان نهايت سنٻنڌ هوندو هئس. (40)

اسان جو سوانح نگار اهڙا نتيجا الائجي ڇو ڪڍندا آهن؟ يا ته هو عام مرد جي ترڪڻي طبعيت مان واقف هئڻ ڪري ائين ڪندا آهن يا شايد عورت سان الله واسطي جو وير رکي ائين ڪندا آهن ۽ هو انهن جي معاملي ۾ حيقيقت پسنديءَ جو مظاهرو نه ڪندا آهن ۽ ڪن وڏين شخصيتن جي عورت ذات کان دور رهڻ ۽ انهن سان نه پوڻ جو ذڪر ائين ڪندا آهن ڄڻ ته عورت ڪا پليت شي هجي يا ڪا ناپاڪ چيز، جنهن کان بڇان ڪرڻ، دور رهڻ ڪا وڏي ماڻهپي يا نيڪيءَ جي ڳالهه آهي، يا هو ائين ان شخصيت جو image ڪو ماڻهن ۾ بهتر ٿا بڻائين؟ غير عورتن ۽ ڪڃرين کي لفٽ نه ڪرائڻ مان اهو نتيجو ڪڍڻ ته سندس زال ذات سان ڪانه پوندي هئي ۽ پنهنجي زال سان به گهڻي محبت ڪانه هئس ۽ رڳو سنت پوري ڪرڻ لاءِ نڪاح ڪيو هئائين، سراسر بي انصافي آهي هڪ پخته ڪردار مرد ۽ سندس زال سان! فطري حدن اندر جيڪو رشتو عورت ۽ مرد جي وچ ۾ آهي ان جي بيان ۾ ڪوبه شرم محسوس ڪرڻ نه گهرجي، شاهه جي سلسلي ۾ اهڙو رايو ڏيڻ سڌو سنئون حقيقت جي برخلاف بيان ڪرڻ آهي. مرزا صاحب ته شاهه صاحب جي اهڙي دل گهري زال لاءِ لکي ڇڏيو ته رڳو شرع شريف جي حڪم پوري ڪرڻ لاءِ ۽ ڪم ڪار جي سهنج لاءِ شادي ڪئي هئائين ۽ ان ڪري به جو اها سنت آهي. سنت يا شرع شريف جي حڪم جي پورائي ته ڪنهن به ٻي عورت سان شادي ڪري پوري ڪري ٿي سگهيو ۽ ڪم ڪار جي سهنج واري ڳالهه به اسان جي سماج جي ان ذهنيت جي عڪاسي آهي جنهن ۾ عورت جو درجو محض هڪ گهرو ڪم ڪار ڪندڙ ملازمه جيترو آهي. شاهه صاحب وٽ يقيناً عورت جو ان کان تمام مٿانهون درجو هو ۽ هُن پڪ سان ان مقصد لاءِ شادي ڪانه ڪئي هئي.

مرزا صاحب اڳتي هلي شاهه لطيف جي عشق ۾ شادي ڪرڻ بابت سندس راءِ جي عنوان سان لکي ٿو ته مطلب ڳالهه جو ته شاهه صاحب کي عشق حقيقي هو، پر زالن جو شوق مطلقاً ڪونه هئس. چوندو هو ته طالب کي مڙوئي ڇڙو رهڻ گهرجي نه ته جيئن مک ماکيءَ ۾ ڦاسي پوندي آهي تيئن هو به دنيا جي عشق ۾ ٽڪي پوندو (41)  زالن جو شوق نه هئڻ برابر چڱي ڳالهه آهي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي طرفان ڪيل سندس پرک مان اهو ثابت به ٿي چڪو پر زال جو شوق هوندس تڏهن ته ڇڙائيءَ جي ساراهه ڪئي اٿس. ضرور پاڻ کي زال جي عشق ۾ ڦاٿل ڏسي پوءِ اهو خيال آيو هوندس ته ڇڙائيءَ ۾ وڌيڪ آزادي هئي. گهر ۽ گهر واريءَ جون ذميداريون بهرحال پابندي آهن ۽ جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ اڳيان ڪو مقصد رکندو هجي ۽ ان جي پوئيواريءَ لاءِ هن کي يڪسوئي ۽ آزاديءَ جي گهرج پوندي هجي ته ان کي شادي نه ڪرڻ گهرجي. اهو شاهه صاحب پنهنجي تجربي مان ئي پرايو هوندو تڏهن ائين چيو هوندائين. ان مان ته پاڻ سندس پنهنجي زال سان مضبوط ٻنڌڻ ٿو ثابت ٿئي ۽ مک جي ماکيءَ ۾ ڦاسڻ جي تشبيهه به ٺهڪي ٿي اچي جو پاڻ پنهنجي مٺڙي زال جي محبت جي ماکيءَ کي چکي اهو نتيجو ڪڍيو هوندائين ته ان مان نڪرڻ مشڪل آهي. مقدمه لطيفيءَ جي مصنف پڻ ائين ئي سمجهيو آهي اگرچه پاڻ شادي ڪئي هئائين ته به ڇڙائيءَ جي تعريف ڪندو هو، چوندو هو ته مولا جي طالب کي جديرو رهڻ ضرور آهي نه ته جئن مک ماکيءَ ۾ ڦاسي پوندي آهي. تيئن هو دنيا جي عيش عشرت ۾ اڙجي ويندو. (42)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com