سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :6

 امن ۽ آشتيءَ، پيار ۽ محبت جي سرزمين سنڌ جو سماج ماءُ آدرشي سماج هو، جنهن ۾ عورت جي حيثيت مٿانهين هئي ڇاڪاڻ جو هوءَ تخليق جي ديوي هئي. هوءَ نسل به تخليق ڪندي هئي ته ان اپائيندڙ به هئي. ڌرتيءَ وانگر سموري تخليق جي ماءُ ثابت ٿيل هئي ان ڪري کيس پوڄا لائق سمجهيو ويو ۽ ديويءَ جو درجو ڏنو ويو.

        موهن جي دڙي واري دور ۾ عورت کي سنڌ ۾ مقدس هستي سمجهيو ويندو هو ۽ اوائلي دور ۾ سهڻي اخلاق وارين عورتن جون مورتيون ٺاهي کين ديوي ڪري پوڄا ڪرڻ جو عام رواج هو. موهن جي دڙي مان هڪ مجسمو مليو آهي جنهن کي گهڻائي زيور پاتل آهن. هڪ خيال آهي ته اها نچندڙ ڇوڪري يا ناچڻي آهي ۽ ٻيو خيال آهي ته اها ڪا پروهت ڇوڪري آهي جيڪا پاڻيءَ جي پوڄا جو اهڃاڻ آهي.

“ One poece of the artistic galvour is the figurine of the famous dancing girl from Mohen- Jo- Daro. The little figurine is shown resting her right hand on the hip, the left arm fully covered with bracelets and bangles hanging loosely downwards over the bent left leg, a necklace with three pearls is hanging ond the breasts. She has a braided coiffure and the head is tilted back in a rhythmic pose”. (19)

         ناچ جي انداز ۾ ٻانهن ۽ ٽنگن توڙي ڪنڌ جو تفصيلي نقشو ڏيندي ليکڪ هن عورت جي مجسمي کي پاتل زيورن جو جيڪو تفصيل ڏنو آهي ان مان لڳي ٿو ته موهن جي دڙي جون عورتون گهڻا ئي زيور پائينديون هيون جن ۾ دهريون، ٻانهيون ۽ پير ڪڙيون شامل آهن.

Men and women both rich and poor, decorated themselves with ornaments and all known semi-precious stones and metals were utilized for manufacturing varios ornaments. Women wore a fan shaped head- dress, small cones of gold. The fore head was decorated with a filler or a head band. Ear rings were made of gold, silver, copper, There was a variety of necklaces, finger rings, bangles and bracelets. (20)

        هر طبقي جون عورتون ۽ مرد پاڻ کي ڳهن ڳٺن سان سينگاريندا هئا. سندن ڳهن ۾ هر قسم جو ڌاتو ۽ قيمتي پٿر استعمال ٿيل ملن ٿا جن ۾ سون چاندي ٽامو وغيره شامل آهي، سپيون ڪوڏ ۽ ٻيا موتي ڪم آندا ٿي ويا. زيورن ۾ مٿي جي پٽي، چيلهه جو پٽو، پازيب، چوڙيون، منڊيون، واليون، مطلب ته اڄڪلهه استعمال ۾ ايندڙ هر قسم جو زيور اهي عورتون پائينديون هيون. نه صرف ايترو پر هو جديد نموني جو ميڪ اپ پڻ استعمال ڪنديون هيون، جنهن ۾ پائوڊر، سرخي، روج، سرمو يا ڪجل ۽ خوشبو استعمال ڪرڻ جا ثبوت مليا آهن ۽ جديد ڊريسنگ ٽيبل سان ملندڙ جلندڙ ميزون بيضوي شڪل جي آرسين سان پڻ گهرن ۾ موجود مليون آهن.

It appears that the ladies at Mohen- Jo- Daro knew of the use of collyrim, face paint and other cosmetics. Small cockle shells containing a red ochre rouge, lumps of green White face- paint and black beauty substance show that earth the belle in ancient Sindh attended to beauty and toilet culture…. Chanhu-Jo- Daro finds indicate the use of lipsticks. (21)

        عورتون ( ۽ مرد به) ڀرت ۽ گل چٽ ڇريل ڪپڙا پائينديون هيون. هن تهذيب جي هڪ خصوصيت اها پڻ آهي ته هنن وٽ ڪپڙو ايجاد ٿي چڪو هو (جڏهن ته دنيا جون ڪيتريون قومون اڃا اگهاڙيون هيون يا وڻن جي پنن سان پاڻ ڍڪينديون هيون) ڪپهه ان زماني ۾ فقط سنڌ ۾ ٿيندي هئي، ان ڪري سنسڪرت ۾ ڪپهه کي سنڌو، يوناني سنڊون چوندا آهن. يوناني مورخ هيرو ڊوٽس (484-485 ق.م) کي ڏاڍي حيرت ٿي هئي ته سنڌو ماٿريءَ ۾ هڪ عجيب ۽ غريب ٻوٽو ٿيندو آهي جنهن ۾ چانديءَ جهڙا اڇا گل ٽڙندا آهن.“ (22) سنڌ ۾ اها ڪپهه جي پراڻي ۾ پراڻي دريافت آهي ڇاڪاڻ ته مصر جتي اڄ ڪافي انداز ۾ ڪپهه پيدا ٿئي ٿي سو به پراڻي زماني ۾ ان کان محروم هو. (23) عام گهرن ۾ ڪپڙو اڻڻ جا ثبوت مليا آهن.

A large number of spindle whorls discovered at Mohen- jo- Daro could only have been used for spinning cotton thread, and by a happy chance a fragment of the woven material survived there en-wrapping a hoard of Jewellery. (24)

        ڪپهه مان ڌاڳو وٽڻ ۽ ڪتڻ جون اوڻبيون ملڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو ڪپڙي اڻڻ ۾ به ماهر هئا. خوش قسمتيءَ سان هڪ ڪپڙي جو ننڍڙو ٽڪر اهڙو مليو آهي جنهن ۾ ڪجهه ڳهه ويڙهيل هئا ۽ اها به بلڪل اڄ جي سنڌي عورتن جي نفسيات سان ٺهڪندڙ ڳالهه آهي جو هو پنهنجا قيمتي زيور ڳنڍڻين ۾ ٻڌي رکنديون آهن. موهن جي دڙي جي مورتين جي مٿي تي ڪو ڪپڙو ٻڌڻ يا پاسئڻ جو اهڃاڻ به ملي ٿو ته هيٺئن ڌڙ تي پڙي جهڙي ڪا شي پاتل اٿن. البت مٿيون ڌڙ صرف زيور سان ڍڪيل اٿن... پر ٿي سگهي ٿو ته اهو مورتين ٺاهڻ جو نمونو هجي نه ته جنهن قوم جا مرد پنهنجي بدن کي اجرڪ جهڙي ڪپڙي سان ڍڪين ٿا (ٽڦلي اجرڪ پروهت بادشاهه جي مجسمي جي ڪلهن ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿي) ان قوم جون زالون ضرور ڪجهه نه ڪجهه پائينديون هونديون. هن خطي جي موسمي حالت، ٿڌ ۽ گرميءَ جا انتهائي پد پڻ انهي جي ضرورت ڏيکارين ٿا. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته هڪ سڌريل شهري ڪلچر ۾ رهندڙ عورتون ويس وڳن جون به شوقين هونديون.

Compared with these sophisticated ladies of the Indians (Indus) cities, Aryan women of the time were crude, hardy camp dwellers who could neither understand nor appreciate there urban luxuries. The importance of mother worship in religion, the abundance of female figurines with rich ornaments, the comparatively lesser importance given to males, would all indicate that society in ancient Indus Valley was more favourable to women than to men. (25)

        سنڌ جي انهن شهري سڌريل عورتن جي ڀيٽ ۾ آريه عورتون اڻ سڌريل ۽ سخت هيون جيڪي انهن شهري سهولتن جون تصور به ڪري نٿي سگهيون.

        ڪن اسڪالرن جون خيال آهي ته سنڌ جي اها تهذيب دراوڙي هئي. ڪن جو خيال آهي ته آرين جي هئي، ڪي ان کي سمير ۽ بابل جي تهذيبن واري سلسلي جي ڪڙي ٿا سمجهن ته ڪي وري ان کي سنڌ جي پنهنجي ديسي تهذيب ٿا سڏين، بهرحال هڪ ڳالهه تي سڀئي متفق آهن ته اها تهذيب آريه دور جي ڌرمي ڪتابن ويدن لکجڻ کان اڳ جي آهي. ويدڪ دور ۾ پدري سماج هو جڏهن ته هن دور ۾ مادري سماج جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن سماج ۾ ماءُ جي پوڄا ۽ ديوين جي مورتين جو گهڻو تعداد ڏيکاري ٿوسندن لاءِ حالتون وڌيڪ سازگار هيون. پوءِ جي دورن ۾ جڏهن مادري سماج مان ڦري پدري سماج ٿيو، مذهبي تنظيم، ذاتي ملڪيت، ذات پات جا ڀيد ڀاوَ پيدا ٿيا ۽ هڪڙن پاڻ کي پرتر ۽ آريه سڏڻ شروع ڪيو ۽ ٻين کي ڪمتر ۽ اڻ آريه – تڏهن ڪي ته اتان لڏي پاڙيسري ملڪن ۾ وڃي ويٺا ۽ پنهنجي سڌريل ثقافت جا اثر وڃي ٻين قومن تي وڌائون ۽ ڪي اتي ئي رهي طبقن ۽ ذاتين ۾ ورهائجي ويا. انهن مان جن کي موقعو مليو ته هو پنهنجي پاڻ کي مٿانهون ثابت ڪري پنهنجي وڏن جي پاڻ ۾ جنگين ۽ ٻين هيٺئين طبقي جي ماڻهن سان جنگين جا داستان لکن تن جو هڪ طبقو پاڻ کي ويدن جو خالق سڏي ٿو. ”ويدن جا منتر ڀارت واسين ۽ ايرانين جي الڳ ٿيڻ بعد لکيا ويا ان وقت ڀارت واسي سنڌو ايراضيءَ ۾ وسيل هئا.“ (26)

        اهي ويد سنڌوءَ جي ڪنارن تي ويهي لکيا ويا ۽ هتان جي اصلوڪي زبان سنڌيءَ جي هڪ ارتقائي صورت ۾ لکيا ويا جنهن کي ”سنسڪرت“ سڏيائون، جيڪا پوءِ جي دورن ۾ صرف مذهبي ٺيڪيدارن ۽ پروهتن پنڊتن جي زبان بنجي عوام کان ڪٽجي وئي ۽ عوام پنهنجي اصلوڪي زبان ڳالهائيندو رهيو. جنهن هنڌ اهي پنڊت پروهت ۽ راجا مهاراجا اها ڌرمي زبان کڻي ويا اتي جي مڪاني ٻولين تي انهيءَ جو اثر پيو ۽ ائين سنسڪرت جو هڪ مشترڪ ۽ لاڳيتو عنصر هندستان جي ٻين سڀني زبانن ۾ نظر اچي ٿو... جنهن مان انهي مفروضي جنم ورتو ته سنسڪرت ڇاڪاڻ جو سڀني هندستاني ٻولين ۾ نظر اچي ٿي، ان ڪري اها ئي انهن سڀني جو اصلي ماخذ آهي... بهرحال انهيءَ زبان ۾ لکيل ويدن جو سنڌ جو جيڪو ذڪر ملي ٿو ان کي هن خطي جي تاريخ ۾ بنيادي حيثيت حاصل آهي. ويدن ۾ سندو درياهه يا سنڌ جي تعريف ته ملي ٿي باقي جيڪڏهن ڏسبو ته سماجي ثقافتي اهڃاڻ جدا حيثيت ۾ نٿا ملن پر مجموعي طرح سان سموري گڏيل هندستان جو هڪ ثقافتي نقشو ڪڍي سگهجي ٿو جنهن مطابق نتيجا پڻ ڪڍي سگهجن ٿا.

        ساڳيءَ طرح سان پراڻن، مهاڀارت، رامائڻ، اپنشد ۽ سمرتيون به هندستان جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ تي روشني وجهن ٿا ۽ چئي سگهجي ٿو ته ”ڀارت واسين لاءِ استري (عورت) شڪتي ۽ سندرتا جو روپ هوندي به سندن بي انصافي جو شڪار پئي رهي آهي. پراڻن، رامائن، مهاڀارت ۽ سمرتين ۾ اهڙا به مثال آهن جن ۾ استريءَ (عورت) کي موه، ممتا، پيار ۽ ارپنا سبب اوچو درجو ڏنو ويو آهي، تنهن کي بعضي راهه جو پٿر سمجهي ڦٽو به ڪيو ويو آهي... مرياڌا پرشوتم رامچندر هڪ ڌوٻيءَ جي بي جوابداري واري گفتي کي اهميت ڏيئي گرڀڻي سيتا کي راڄ محل مان ڪڍي ڇڏيو. ڪورون جي ڀري سڀا ۾ وشاسن دروپديءَ جو اپمان ڪيو. ان هوندي به ڀارت جي استريءَ جي موهه ۽ ممتا، پيار ۽ فرض ۾ ڪوبه فرق ڪين پيو آهي. هُن مرد جي هوس ۽ شوق جو شڪار ٿي به، راج محلن ۽ حرم سرائن ۾ عيش عشرت جو رانديڪو بڻجي به، پنهنجو حوصلو بلند رکيو آهي. هر زماني ۾ هن مرد وٽان اپمان سٺا آهن ۽ هر دور ۾ هوءَ مرد جي بي انصافيءَ جي تلوار هيٺان نگون سار ٿي آهي. پوءِ به هن مرد جي ترقيءَ جي راهه تان ڪنڊا هٽايا آهن. مرد جڏهن جڏهن جنگ جي ميدان ۾ لڙڻ جو ساهس ڏيکاريو آهي، تڏهن استريءَ سندس آرتي اتاري آهي. مرد جڏهن جڏهن همت کوئي آهي تڏهن تڏهن استريءَ سندس ڪرائيءَ ۾ رکڙي ٻڌي، سندس همت ۽ حوصلي کي للڪاريو آهي. ٿڪل ۽ ماندي مرد کي هن پنهنجي آنچل ۾ آسائش ڏني آهي.“ (27)

ويدن واري زماني ۾ سماج ۾ توڙي ڪٽنب ۾ عورت بدران مرد فعال ڪردار ادا ڪندو نظر اچي ٿو، تڏهن به عورت مڪمل طرح سان غير اهم ڪانه بڻي هئي. ”ويدک عهد مين گهر کي اندر اور باهر عورت کي کافي عزت کي جاتي تهي. تمام مذهبي رسوم مين عورت مردون کي دوش بدوش شريک هوتي تهي. سماجي رسمون اور تفريح گاهون مين بهي عورتين مردون کي ساتهه شريک رهتي تهين. اس عهد مين خواتين کي عملي سرگرميان شهادت ديتي هين که حصول علم کي دروازي عورتون کي لئي بند نهين تهي، اور عورتين فلسفه و حکمت کي تعليم بهي حاصل کرتي تهين. اپنشدون مين دو فلسفي خواتين گارگي اور ميتري کي عالمانه مکالمي درج هين (28)

        مهاڀارت ۾ هڪ عجيب پر اهم ڳالهه نظر اچي ٿي جيڪا ان دور جي اخلاقي نفسيات تي روشني وجهندي عورتن جي ڪردار جو حوالو ڏي ٿي. پانڊو بادشاهه کي پنهنجي زال وٽ وڃڻ جي منع طور هڪ پاراتو مليل هو پر هن چاهيو ٿي ته کيس پٽ هجن سو پنهنجي زال ڪنتي کي ڪنهن ٻئي مرد مان پٽ ڄڻي ڏيڻ لاءِ ٿو چوي ۽ سمجهائيس ٿو ته اها ڪا خراب يا نئين ڳالهه ڪانهي، اڳوڻن وقت ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي.

I shall tell thee the practice of old indicated by illustrous sages fully acquainted with every rule of morality, women in the olden days were not immured within their houses, nor were they dependent on their husbands and male relatives. They went about freely enjoying themselves. They did not then confine themselves to their husbands and yet they were not considered sinful; for that was the sanctioned custom of the age. The present practice has been established but lately.” (29)

        مطلب ته هاڻي آءٌ توکي ان رواج بابت ٻڌائيندس جيڪو وڏن وڏن سنتن جو بيان ڪيل آهي جيڪي اخلاقيات جي اصولن کان واقف هئا. پراڻي دور ۾ زالون گهرن ۾ قيد ڪونه هونديون هيون، نه ئي هو پنهنجن مڙسن يا ٻين مرد رشتيدارن جون محتاج هيون. هو آزاديءَ سان ٻاهر نڪري گهمنديون هيون. اهي پاڻ کي رڳو پنهنجن مڙسن تائين محدود ڪونه رکنديون هيون ته به انهن کي گنگهار ڪونه سمجهيو ويندو هو، ڇو ته اهو ان دور جو رواج هو، هاڻوڪو رواج پوءِ جي دور ۾ پيو آهي. اهو رواج ٻن سنتن ادالڪا سويتا ڪيتو ۽ درگها تماس وڌو جن جو ذڪر مها ڀارت ۾ ملي ٿو. ان ڏس ۾ هڪ واقعو بيان ڪيو وڃي ٿو. سو اهو ته پهرئين سنت ”هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ کي ڪنهن مهمان سان هڪ ڪمري ۾ ڏٺو ته اعتراض ڪيائين، ان تي سندس پيءَ چيس ته ”اهو خانداني رواج آهي“  تڏهن هن سوچيو ته ان کي بند ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو قانون ٺاهيائين. ٻئي سنت پنهنجي ذاتي تلخ تجربي سان ان قانون کي هٿي ڏني، هي پيدائشي انڌو هو ۽ پرادوشي نالي هڪ سهڻي زال هئس جيڪا پنهنجي انڌي مڙس ۽ ٻارن جي پرورش لاءِ ٻين ماڻهن وٽ ويندي هئي ۽ گهڻي مشهور ٿي وئي. اها مشهوري هن کي ڏکي لڳندي هئي. سو هڪ ڏينهن مڙس کي چيائين ته ”آئيندي آءٌ خاندان کي پالڻ لاءِ ٻين مردن وٽ ڪانه ويندس“ ان تان مڙس ڪاوڙجي بند ڪري ڇڏيس ۽ گهڻو پريشان ڪيائينس. آخر ان مائيءَ پنهنجي پٽن جي مدد سان مڙس کي گنگاندي ۾ اڇلائي ڇڏيو. جتان هو بچي نڪتو ۽ پوءِ عورتن جي لاءِ سزا طور اهڙو قانون ٺاهيائين. (30) – ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو حوالو هن ريت آهي: ”رفته رفته عورت کي عصمت و پاکدامني پر زياده زور ديا جاني لگا اور شوهر کي جا بي جا اطاعت اس پر فرض قرار دي گئي جس کا نتيجا يه نکلا کي زندگي کي دوسري اعليٰ شعبون کو وه نظر انداز کرني لگي اور عام طور پر اس کي سماجي حيثيت زوال پذير هوتي گئي.“ (31)

The story of the Indo – Aryan women is a trageic tale of gradual subjection beginning from the legendry age of free love and ending up in he middle ages when they had lost all individuality and were even made to mount the funeral pyres of their husbands”. (32)

        انڊو آرين عورتن جي غلاميءَ جو داستان ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي جنهن ۾ آزاد جنسي زندگيءَ واري دور کان وچئين دور تائين هنن پنهنجي حيثيت ۽ انفراديت وڃائي، ايتريقدر جو هو مڙس جي چتا سان گڏ سڙي مرڻ تي مجبور ٿي ڪيون ويون ۽ ائين ستي لڪڙيءَ جي ظالم رسم شروع ٿي.

        ستيءَ جي رسم ان کانپوءِ قديم هندستان ۾ صدين تائين رائج رهي ۽ هاڻي قانوني طرح بند ڪئي وئي آهي ته به ڏورانهن علائقن ۾ ماڻهو اها عمل ۾ آڻيندا رهندا آهن. يونانين ان رسم جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان رسم کي وحشيانه سڏيندي اهو به لکيو آهي ته ڪيتريون زالون خوشيءَ سان به ستي ٿينديون هيون، اها رسم سنڌ ۾ گهڻو وقت رائج رهي آهي. رگويد ۾ سنڌ جي هڪ راجا سونيه ڀاوييه جو ذڪر آهي جنهن جي راڻيءَ جو نالو روماسا هو ”ان کي ڏهه نياڻيون هيون سي ڏهه ئي هڪ رشيءَ نالي ڪاڪشون کي پرڻيائين ۽ ججهو ڌن مال ڏنائينس. ان رشيءَ راجا سونيه ڀاوييه جي نالي سندس دان استتي ڳائي جا رگويد منڊل پهرئين ۾ ڏنل آهي اها هن طرح آهي. ”سنڌ جي راجا مون کي هڪ سو نشڪ (سونا سڪا) هڪ سو گهوڙا، هڪ سو ڏاند، هڪ هزار ۽ سٺ ڳنئون ۽ يارهن رٿ ڏنا (ڏهن زالن لاءِ ڏهه رٿ ۽ يارهون رٿ ڪاڪشون رشيءَ لاءِ)، هر هڪ رٿ ۾ چار چار سنڌي گهوڙا ٻڌل هئا جن تي موتين سان جڙيل سنج هئا. سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه هيترو دان ڪري پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو آهي.“ (33)

مٿيئن مثال مان ثابت ٿيو ته پراچين سنڌ ۾ هڪ ماڻهو سان گهڻين ڀينرن جي شادي جائز هئي ۽ ڏاج ڏيڻ جو به راجائن مهاراجائن وٽ رواج هو.

        ويدن کانپوءِ برهمڻ ۽ اپنشد عيسوي سن کان اٽڪل ڇهه سو سال اڳ لکيا ويا، انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڇوڪريون شادي کان اڳ ڳچ عمر علم ۽ اڀياس ۾ گذارينديون هيون ۽ جوان پتي حاصل ڪرڻ لاءِ برهمچارڻيون ٿي رهنديون هيون... رامائڻ ۾ استريءَ جو گهڻو مان هو. مهارشي والميڪ پاڻ چيو آهي ته ”هن ۾ جڳ جي آدرشي ناري سڀيتا جي چرتر جي تصوير آهي“. ڇوڪرين کي پنهنجو ور چونڊڻ جي آزادي هئي خود سيتا به سوئيمور ۾ رامچندر کي چونڊيو هو. (34)

        مها ڀارت جي زماني ۾ زالن جو درجو چڱيرو هو. کين هار سينگار جي موڪل هئي ۽ ٻي به هر ڪا آزادي هئي پر تڏهن به ڪي واقعا اهڙا بيان ٿيل آهن جن ۾ سندن لاءِ ڌڪار ظاهر ٿئي ٿي کين ٻرندڙ باهه، مايا ڇري جي ڌار، زهر ۽ نانگ سان ڀيٽيو ويو آهي. (35)

        ويدڪ دور کانپوءِ وارين لکتن ۾ گهرو ۽ سماجي زندگيءَ جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ ڄاڻ گِرهه سوترن (grahya sutras) مان پوي ٿي. جيڪي برهمڻن ۽ اپنشدن واري ساڳئي دور ۾ لکيا ويا. عورتن جي باري ۾ مکيه ڳالهه شادين جي مختلف قسمن جي صورت ۾ ملي ٿي. برهما، ديوا، پراجا، پتيه، ارشا، گنڌا روا، اسورا پئسا جا ۽ راڪشس شادين جا قسم آهن. (36) جن ۾ يا مائٽ پنهنجي ڌيئرن کي پرڻائي ڏيندا هئا، يا وڪڻي ڏيندا هئا يا اهي زبردستي کنيون وينديون هيون. ڪڏهن وري هو پنهنجي پسند سان شادي ڪنديون هيون... گنڌاروا شادي پنهنجي پسند سان ڪيل شادي هوندي آهي. (ڪاليداس جي شڪنتلا راجا دشنيت سان اهڙي شادي ڪئي هئي)

        سمرتين مان منوسمرتي ۽ نارد سمرتي ۾ عورتن لاءِ متضاد ڳالهيون ملن ٿيون. سمرتيون هڪ قسم جا قانون يا اصول آهن. منوءَ جي سمرتيءَ ۾ لکيل آهي ته ”ديوتا انهن گهرن کان خوش ٿيندا آهن جن ۾ عورتن جي عزت ڪئي وڃي.“ (37) وري ٻئي هنڌ لکيل آهي ته ”هنن (عورتن) جي ڪيتري به سنڀال ڪجي ته به سچيون نه رهنديون ان ڪري مردن لاءِ ضروري آهي ته .کين بانديون ڪري سمجهن.“ منو ۽ ڪوٽليه کي ضرورت جي وقت استرين کي مار ڏيڻ تي به اعتراض ڪونهي. نارد ۽ برهپتي جو ته رايو آهي ته جيڪڏهن استريون پنهنجي سيل ۽ ست تي قائم نٿيون رهن ته کين موت جي سزا ڏيڻ به واجب آهي.“ (38) منوءَ جي قانون ۾ ورثي ۾ ڇوڪريءَ جو حصو ڀاءُ جي حصي کان چوٿون مقرر ڪيو ويو هو شاديءَ کاپوءِ پيءُ جي ملڪيت ۾ ڪوبه حصو ڪونه هو. ”استري ڌن ”هڪ قسم جو مهر هو جيڪو مڙس شاديءَ وقت تحفي طور ڏيندو هو ۽ واپس نٿي وٺي سگهيو“.(39)

ڇهين صدي قبل مسيح ۾ اتر هندستان ۾ ٻڌمت جو زور نظر اچي ٿو جيڪو برهمڻ جي سخت ۽ ڪٽر اصولن، ذات پات جي ننڊ وڏائي ۽ جانورن جي قربانيءَ جي خلاف هڪ قسم جي بغاوت هئي. سنڌ ۾ ٻڌ مذهب جو اثر به چڱوئي وقت رهيو.

        ”ٻڌ ڌرم جي آچارين ۽ ڀکشن جو ويچار هو ته استري مڪتيءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. خود سدارٿ (گوتم ٻڌ) ٻين دنياوي پدارٿن عيش آرام سان گڏ پتنيءَ کي به سچ جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهي سندس تياڳ ڪيو هو. ٻڌ جي سنگهه ۾ اول استرين جي داخلا تي بندش پيل هئي پر پوءِ ٻڌ سماج ۾ هنن جو دک ۽ پيڙا ڏسي سنگهه ۾ هنن لاءِ دروازا کولي ڇڏيا.“ (40) ”قديم دور ۾ راجه اشوڪ جي ڌيءَ سنگهمترا جو منفرد مثال آهي جيڪا ٻڌ مبلغ جي حيثيت ۾ لنڪا تائين وئي هئي جتي هن عورتن جي سنگهه جو بنياد رکيو.“ (41)

        مهاتما گوتم ٻڌ شاديءَ کي نرواڻ جي راهه جي وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ سمجهندو هو. جنسي تعلق هن جي نظر ۾ ناپسنديده عمل هو ۽ پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ وڏي خوبي! البت جيڪو ماڻهو عام زندگيءَ ۾ گهر گرهستيءَ جو خواهان هجي، اهو شادي جي معاهدي (contract) ۾ وڃي سگهيو ٿي. هن جا اصول جيتوڻيڪ عورتن کي ناپسند ٿا ڪن پر انهيءَ مذهب اچڻ کانپوءِ مجموعي طرح عورتن لاءِ ڪجهه چڱيون ڳالهيون ٿيون. ننڍڙي هوندي جي شادي بند ٿي وئي. ستيءَ جي رسم روڪجي وئي ۽ وڌوا وهانءُ جي اجازت ملي، جيڪي هندو مذهب جون وڏيون خاميون هيون.

All told, Buddism and its secular notions of marriage had held in check sati and child marriage. No widow expected to remain single in memory of her dead husband. She could either marry or join nunnery. (42)

        ٻڌ عورتن کي پنهنجي سماج ۾ هندو عورتن جي ڀيٽ ۾ مٿانهون درجو حاصل هو ۽ هو آزاد ۽ خودمختيار هيون.

Buddism recognized the individuality and independence of women and their title to salvation in their own right, whether married or unmarried. (43)

        هندستان مان اٺين صدي عيسويءَ ۾ ٻڌمت جو زور ٽٽڻ کانپوءِ وري اهي ساڳيون رسمون موٽي آيون ۽ عورت پنهنجا ڪافي حق وڃايا ۽ سندس لاءِ سڀ کان اونداهو دور اهوئي هو. ننڍي عمر جي شادي، ستيءَ جي رسم، ديوداسين طور سندن مقرري وڏيون خرابيون هيون. پراڻن ۽ ڌرم شاسترن جو اهو دور عورت لاءِ بلڪل سٺو ڪونه هو. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جو اثر پوءِ به نظر اچي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ راءِ گهراڻي جي راجائن جي دور ۾ ”حڪومت جي نائبن توڙي سنڌي عوام جو ڌرم ٻڌ هو“ (44) جنهن کانپوءِ چچ بن سيلائج تخت تي ويٺو ۽ برهمڻ راڄ جو بنياد وڌائين. چچ جي زماني ۾ عورتن جي حالت ڪيئن هئي؟ سندس پٽ ڏاهر جو زمانو ڪيئن هو؟

“As to the condition of women, we leran from Chachnama that Chach married the widow of a Lohana Prince, whom he had subjugated, that Suhandi, though she was the wife of a Rajput, kept some sort of purdah, and that Dahar’s sister and other women of his family burnt them selves to death in the good old fashion introduced by Rajput heroines. The story of the tragic fate of Dahar’s daughters after they wreaked their vengeance on Mohammad Kasim is well known”. (45)

        مطلب ته چچنامي مان عورتن جي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. چچ هڪ لهاڻي شهزادي (راءِ سهاسي) جي بيوه سان شادي ڪئي هئي. سُهندي هڪ راجپوت جي زال هوندي به هڪ قسم جو پردو ڪندي هئي. راجا ڏاهر جي ڀيڻ ۽ ٻين عورتن راجپوت سورمين جي روايت موجب پاڻ کي ساڙي ماريو، ڏاهر جي ڌيئرن جو محمد بن قاسم کان بدلو وٺڻ کانپوءِ ڪهڙو حشر ٿيو، اها ڪهاڻي به هر ڪو ڄاڻي ٿو. محمد بن قاسم کان بدلو وٺڻ لاءِ راجا ڏاهر جي ڌيئرن هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي جو خليفي کيس مارائي ڇڏيو. تحفتہ الڪرام جو منصف لکي ٿو ”جڏهن ڏاهر جون ٻه ڌيئر“ پرمل ديو ۽ سورج ديو“ خليفي جي خدمت ۾ پهتيون تڏهن خليفي سندن حسن ڏسي انهن کي پنهنجي لاءِ پسند ڪيو، پر سندن وحشت ۽ بيدلي ختم ڪرڻ خاطر، انهن کي حرم ۾ هشيار داين جي حوالي ڪيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ انهن مان هڪڙيءَ کي بستري تي گهرايائين. پر ڇاڪاڻ ته پيءُ جي قتل جو ناسور اڃا چڪي رهيو هوس سو خليفي کي چيائين ته ”اسان خليفي جي لائق ناهيون ڇو ته محمد بن قاسم اسان کي پنهنجي ڪم آندو هو“ خليفو هي ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ هڪدم پنهنجي هٿ سان حڪم روانو ڪيائين ته محمد بن قاسم کي هن حڪم پهچڻ شرط، پاڻ کي ڪچي چمڙي ۾ بند ڪري حضور ۾ پهچائڻ گهرجي.“ (46)

        مٿين ڳالهين مان هي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا: سنڌ ۾ عورتن جو ڪردار تمام مٿانهون هو. هو پنهنجي پاڻ کي ڌارين جي ور چڙهڻ کان ماري ڇڏڻ وڌيڪ بهتر سمجهنديون هيون، منجهن همت ۽ بهادري هئي. عقل جي کيڏ سان وقت جي خليفي جي ناپاڪ مقصد کان به پاڻ بچائي ويون ته گڏوگڏ پنهنجي خاندان جي تباهي جو بدلو به ورتائون.

        ”اموي دور ۾ نو مسلم سنڌي خواتين لاءِ غسل لاءِ جدا حمام هئا ۽ خواتين کي بازار مان سودي خريد ڪرڻ جي اجازت هئي... سلاطين دهليءَ جي زماني ۾ عربيءَ کانسواءِ فارسيء ۽ تفسير جي تعليم به ملڻ لڳي. ازانسواءِ ڇوڪرين کي شمشير زني، نيزي بازي ۽ فن مصوري جي تعليم به ملڻ لڳي.“ (47)

        ان کان پوءِ سنڌ ۾ سومرن ۽ سمن جون حڪومتون خالص مڪاني هيون. ڪجهه وقت ارغونن ترخانن حڪومت ڪئي. مغلن جو زوال آيو ته سنڌ ۾ هڪ ڀيرو وري سنڌي النسل حڪومت قائم ٿي جيڪا ڪلهوڙن جي وڏي ڏاڍي آدم ڪلهوڙي قائم ڪئي. انهي سومري دور جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان سنڌ جي عورت جو جيڪو حال نظر اچي ٿو سو گهڻو ڪري انهن دورن جي شاعريءَ ۾ موجود عورتن جي ڪردارن مان واضح آهي. سومرن جي دور ۾ دودي چنيسر جي قصي جي حوالي سان ٻاگهل ٻائيءَ جي ڪردار کانسواءِ تاري ٻائيءَ جو ڪردار به نظر اچي ٿو جيڪا دودي سومري (پهرئين) جي ڌيءَ هئي. 481هه ۾ پيءَ جي وفات کانپوءِ سندس صغير ڀاءَ سنگهار ” جيسين گادي سنڀالڻ جي لائق ٿئي تيسين تاري ٻائيءَ ڏهه سال حڪومت جي چرخي کي خوش اسلوبيءَ سان هلايو... شهاب الدين عرف سنگهار جي 503 هه ۾ مرڻ بعد سندس زال همون ٻائي درڪ جي قلعي تي حڪومت ڪرڻ لڳي. هوءَ هڪڙي باغي سومري سردار سان ميدان ۾ مقابلو ڪندي پنهنجي ٻن ڀائرن سميت شهيد ٿي وئي... دهليءَ جي تخت تي رضيه سلطانه مردانگي سان حڪومت ٿي هلائي.“ (48) پر اها پوءِ جي دور جي آهي اها 634 هه ۾ تخت تي ويٺي هئي ۽ همون ٻائيءَ کان اٽڪل سوا سو سال پوءِ جي ڳالهه آهي. ٻين تاريخي، نيم تاريخي داستانن جي ڪردارن کي شاعريءَ جي حوالي سان جاچينداسين.

        سمن، ارغونن، ترخانن جي دور ۾ عورتن جي باري ۾ محترم مولائي شيدائي لکي ٿو: ” سنڌي عورتون مغلن کان وڌيڪ مضبوط هيون ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پردي جو رواج فقط اميرن ۽ پيرن ۾ رائج هو، باقي ڳوٺاڻيون زالون نه رڳو گهر جو ڪم ڪار ڪنديون هيون پر مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي کيتيءَ جي ڪمن ۾ حصو وٺنديون هيون. چوپائي مال جي پرورش جو بار به هاريءَ جي زال جي ڪلهن تي هو. سندس زندگي سرسبز کليل ميدانن ۽ جهوپڙين ۾ گذارڻ ڪري تازي ۽ قوت حيات کان مالا مال هئي. اڄ به جيتري آزادي ڳوٺاڻي سنڌي زال کي مليل آهي اوتري شهري زالن کي مليل ڪانهي. هاريءَ جي زال پنهنجي اتم پيشي ڪاشت گاري ڪري پردي کان بي نياز آهي.“ (49)

        سنڌ جي تاريخ ۾ عورت جو اهو فعال ڪردار سڀني کان وڌيڪ توجهه لائق آهي. مٿئين طبقي جي عورتن کي پردي، ذات جي برتري ۽ ٻين سببن ڪري ڪابه آزادي حاصل ڪانه هئي. سنڌ ۾ مغلن ۽ ٻين حاڪم طبقن جون عورتون پيرن فقيرن تي وينديون هيون، سنڌي زالن اهو کانئن سکيو، پردو ڪرڻ ۽ برقعو پائڻ جو سنڌي زالن ۾ رواج انهن وڌو. سڱ ٻاهر نه ڏيڻ جي بدعت انهن آندي. ”ٻئي طرف سنڌي شهري ڇوڪرين کي گهرن ۾ تعليم ملڻ کانسواءِ چرخي ڪتڻ جو هنر سيکاريو ويندو هو. گهرو هنرن ان دور ۾ گهڻي ترقي ڪئي. باريڪ ڪتيل سٽ واپاري وڏي قيمت تي خريد ڪندا هئا. اميراڻي گهراڻي جي ڇوڪرين جا چرخا چندن ۽ عاج جا هئا. ڪپڙو اڻڻ سنڌ جو مکيه هنر هو.“ (50)

        ڪلهوڙن جي دور ۾ جاگيرداري نظام رائج هو، ان ۾ عورتن جي حيثيت تمام ڪريل هئي جنهن کي محسوس ڪندي وقت جي ڏاهن شعوري طرح کيس پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو.

        ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ عورتن جي حالت جو نقشو انگريز سياحن ۽ حڪومت جي ڪارندن جي احوالن مان ڏسي سگهجي ٿو. مسٽر پوسٽنس سنڌ جي ماڻهن کي مختلف گروهن ۾ ورهائيندي عام سنڌين جتن، مهاڻن، ٻروچن ۽ ٻين ٻاهران آيل قومن جو ذڪر ڪندي سندن عورتن جي باري ۾ لکي ٿو:

Their women are, throughout the country noted for their beauty and to their credit, be it also spoken, for their chastity. They work as hard as men and the labour of tending, driving home their flocks, milking the cattle etc. is fairly divided. (51)

        پوري ملڪ ۾ هنن جون زالون پنهنجي سونهن ۽ پاڪيزگي جي لحاظ کان اهم آهن. اهي مردن وانگر سخت محنت ڪن ٿيون ۽ جانورن جي ڌڻن کي ڌارڻ، چارڻ ۽ ڏهڻ جو ڪم گڏجي ڪن ٿيون. وري مهاڻن جي زالن جي باري ۾ لکي ٿو:

The women share the labour, equally with the men, and a sturdy lass is generally seen steering or paddling the boat whilst the man works at the nets. (52)

        هنن جون زالون به مردن سان گڏ پورهيو ڪن ٿيون. اڪثر ڪا مضبوط عورت ٻيڙي هلائيندي نظر ايندي جڏهن ته مڙس ڄار سان مصروف هوندو. جيڪي ذاتيون ڌارين حاڪم طبقن سان گڏيل هيون ۽ کين معاشي برتري حاصل هئي، تن جو ذڪر جدا سري هيٺ ڪندي ٻڌائي ٿو ته انهن ۾ افغان، ايراني، سيد ۽ شهر ۾ رهندڙ شاهوڪار هندو شامل آهن. اهي سنڌ ۾ گهڻو وقت رهي سنڌي ٿي ويا آهن ۽ ساڳي ٻولي ڳالهائين ٿا پر منجهن هڪ قسم جو احساس برتري ملي ٿو، خاص ڪري مذهبي برتريءَ جو شڪار ملن ۽ پيرن ۾.

Lazy Sayads and worthless professors of religious zeal are patronized in Sindh to a degree elsewhere un-known. They are essentially a priest ridden people. The Sindhian shows no liberality but in feeding lazy Sayads, no zeal but in propagating the faith, no spirit but in celebrating the Ede Festival and no taste but in ornamenting old tombs. (53)

        ڪاهل سيد ۽ بيڪار مذهبي ملان جي سنڌ ۾ ايتري ته سرپرستي ڪئي ٿي وڃي جنهن جو مثال ڪٿي ڪونه ملندو. هي بنيادي طرح انهيءَ ملائيت جو شڪار ٿيل ماڻهو آهن. هنن وٽ سيدن کي ويهي کارائڻ جو جذبو آهي، سندن عقيدي جي ڦهلاءَ جو اونو اٿن، عيد جو جشن ملهائڻ جو شوق اٿن ۽ پراڻن مقبرن کي سجائڻ جو سليقو اٿن. ٻيو ڪجهه به ڪونه اٿن. ظاهر آهي ته اهڙي سماج ۾ عام ماڻهوءَ وانگي عورت به استحصال جو شڪار هئي ۽ ان جو زميوار بنيادي طرح مٿيون طبقو هو، خاص ڪري ڪلهوڙا ان جا ذميدار هئا. رچرڊ برٽن لکي ٿو:

The Kalhora family did much harm to the country by encouraging the immigration of Sayads, Moolas and a host of religious locusts, who did little more than take from the people all they could and flocked in from Bokhara, Shiraz, Hindoostan and other direction”. (54)

        سڀني کان وڌيڪ ڪلهوڙن سنڌين کي نقصان پهچايو جو هنن سيدن، ملن ۽ ٻين مذهبي ماڪڙ جي اچڻ کي همٿايو، جن ماڻهن جو الهه تلهه ڦري ٿي ورتو. اهي بخارا، شيراز، هندستان ۽ ٻين طرفن کان ڌڻن جي صورت ۾ ايندا هئا. ظاهر آهي ته جڏهن عام ماڻهو معاشي طور تباهه حال هوندو ته وهم وسوسا ۽ غلط رسمن ۾ پناهه ڳوليندو، سندن عورتون پڻ ساڳي پستيءَ ۾ هونديون، سندن ڏکوئيندڙ حالت جي باري ۾ برٽن لکي ٿو ته: سنڌ ۾ ”هڪ شريف ماڻهو پنهنجي گهر واريءَ کي ويم ۾ مرڻ ڏيندو پر ڪو ويڄ يا حڪيم نه گهرائيندو. تنهن کانسواءِ ويم جو ڪم رڳو دايون ڄاڻن، ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جي ويم سولو هوندو آهي ته واهه نه ته مائيءَ جو ٿيو خاتمو. اهڙين حالتن ۾ ٻيو علاج هوندو آهي صدقو ڪرڻ، دعائون پڙهڻ ۽ مريض جي سٿر ۾ تعويذ ٻڌڻ. جي مائي هيٺ مٿي ٿي ته گارين جو وسڪارو هوندو آهي جنن تي“. (55) وڌيڪ لکي ٿو: ”سونهن جي نقطه نظر کان سنڌ جي زال رنگ، روش ۽ جسم ۾ اولهه هندستان جي زالن کان سرس آهي. صوبي جي اترئين ڀاڱي ۾ خاص ڪري مٿئين طبقي جي زالن ۾ چڱو حسن آهي. افسوس آهي ته زالن جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي، ٿوريون عورتون پنهنجي زبان پڙهي سگهنديون آهن، لکڻ ته انهيءَ کان به گهٽ ڄاڻنديون هونديون. سمجهڻ کانسواءِ قرآن پڙهڻ هڪ وڏي ڳالهه سمجهي ويندي آهي. وڏن شهرن ۾ فقط چار پنج زالون مس ملنديون جي فارسيءَ جو ڪو خط هجي ڪري سگهن. تنهن هوندي به ڪي اهڙيون زالون آهن جيڪي ڇوڪرين کي تعليم ڏين ٿيون. اڪثر سنڌي ماڻهو ان راءِ جا آهن ته زالون اهڙيون مڪريل آهن جو سندن خيال جي دائري کي وسيع ڪرڻ ۽ سندن هٿ ۾ قلم جهڙو هٿيار ڏيڻ خطري کان خالي ناهي، سنڌي زالن ۾ هندستاني زالن واري نزاڪت نه آهي، نه وري افغاني، ايراني زالن واري چترائي، سنڌي زالن جي اٿن ويهڻ جو نمونو سنجيدو ۽ فضيلت وارو هوندو آهي. هن ملڪ ۾ حمامن جو رواج ڪونه آهي ۽ زالن جو مردن سان ميل گهٽ ٿئي ٿو ان ڪري سنڌي زال آزاد طبع نه آهي. هوءَ گفتي جي پڪي به ڪانهي، هر هنڌ.... انساني فطرت وانگر سنڌ ۾ پڻ عشق بازيءَ جا ڪيترا مثال ٻڌبا آهن... سنڌ جون زالون اُچن ۽ قيمتي ڪپڙن جون شوقين آهن، کين گهڻن زيورن پائڻ جو به شوق هوندو آهي پر هو هندستان جي زالن وانگر هروڀرو فضول سينگار ڪونه ڪنديون آهن.“ (56) انگريزن جي دور ۾ گڏيل هندستان ۾ مجموعي طرح سان عورتن جي تعليم جي سلسلي ۾ گهڻي پيش قدمي ٿي ۽ عورتن جي حالت کي سڌارڻ لاءِ شعوري ڪوششون ٿيون ۽ ڪيترائي قانون اهڙا پاس ٿيا جن عورتن کي فائدو رسايو.

Child marriage and widow burning had been stopped… widow re _marriage locally permitted. Female education was encouraged. Polygamy, though not abolished, was looked upon as old fashioned, prostitution was recognized as a social evil. Political equality of sexes was accepted. (57)

        1947 ۾ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ هنن ان ڏس ۾ رفتار تيز ڪئي ۽ سندن عورتون زندگيءَ جي هر ميدان ۾ اڳتي وڌيون. هندستان سان گڏ اهي سڀ ڳالهيون سنڌ ۾ به اصولي طرح ٿيڻ کپن ها... پر انهن کي قبول ڪرڻ وارو ذهن هتي ڪونه هو. هندن مان هندواڻيون رسمون ته آهستي آهستي ختم ٿي رهيون هيون پر مسلمانن انهن هندو رسمن سان گڏوگڏ عربن جو دور جاهليت جون ڪيتريون رسمون اختيار ڪري ورتيون هيون، جن کي پنهنجي ڪلچر جو نالو ڏيئي انهن تي عمل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. ڇوڪرين کي زنده دفن ته ڪونه ڪندا هئا پر اهي جيئري جهنم ۾ ضرور هيون. هندن ستيءَ جي رسم ڇڏي وڌوائن جي شاديءَ جو قانون قبول ڪري ورتو پر مسلمانن بيواهه عورت جي ٻيو  حق ڪرڻ کي گناهه بنائي سڄي عمر لاءِ اڇن ڪپڙن ۽ سکڻين ٻانهن سان محتاجيءَ جي حوالي ڪري ڄڻ ته کيس مڙس سان گڏ ماري ٿي ڇڏيو. ذات پات جي ويڇن ۽ اوچ نيچ جي ڦندن ۾ ڦاسي نياڻين کي حق بخشائي يا بي جوڙ شاديون ڪرائي ڄڻ ته زنده درگور ڪيو ٿي ويو... ڇا ان کان بهتر اهو ڪونه هو ته سچ پچ کين ڄمندي ئي قبر ۾ پورو وڃي ها!!!

        اها ڪهاڻي گهڻي پراڻي نه سهي... پر هاڻي ان ۾ نواڻ اچي رهي آهي. هيٺين طبقي ۾ مائي بختاور هڪ حقيقت بنجي چڪي آهي ۽ مٿئين طبقي ۾ به بي نظير همت ۽ حوصلو گڏ نظر اچن ٿا. علم ۽ ادب جي ميدان ۾ اڻ ڳڻيا نالا اڀري چڪا آهن... اهو سڀ ڪجهه ٿورا، تمام ٿورا موقعا ملڻ سان ممڪن ٿيو آهي... ٿوري گهڻي تعليم ، ٿورا گهڻا حق ۽ ٿوري گهڻي سجاڳيءَ جو اهو نتيجو نڪتو آهي پر جي سنڌي عورتن کي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي عورتن جيترا موقعا، حق ۽ آزاديون ملن ته جيڪر ڇا نه ڪن؟ سنڌي سماج جي وڏي ۾ وڏي خوبي منجهس آهي. ”اميد“ رکڻ جي ۽ ڪوشش ڪرڻ جي. اهوئي سبق اسان جي ڏاهن اسان کي ڏنو آهي... سهڻي شاهه لطيف ڏنو آهي.... تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com