سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :18

عام طور تي عورت لاءِ چيو ۽ سمجهيو ويندو آهي ته اها ڳهن ڳٺن، مڻين موتين ۽ قيمتي ويسن وڳن جي شوقين هوندي آهي ۽ اهي شيون سندس ڪمزوري هونديون آهن، پر مارئيءَ جي ڪردار ڄڻ ته ان ڳالهه کي ئي غلط ثابت ڪري ڇڏيو.

جن ڪراين ڪچ جا، ور ساهيڙيون سي،
ات اڪنڊي آهيان، منهن ماروءَ جي،
پکن سين نه پاڙيان، هنڌ هتي جا هي،
اهل اباڻن کي، مري شال ماڻيان.
 

يا

سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون
پٽولا پهنوار کي، عمر آڇ مَ تون
ورُ لوئيءَ جي لُون، ڏاڏاڻن ڏنيام جا.

مينڍا ڌوءِ نه مارئيءَ، محلين مارونئان ڌار،
پايو ميٽُ ملير ري، منڌ نه ويڙهي وار،
جا هتيجن هار، سا ڪيئن وهندي ڪوٽ ۾.
 

۽

محلين ماندي مارئي، ڏٺم منهن مَلورَ،
اڻڀا سڻڀا نه ڪري، سونهن وڃايس سورَ
پيس لوهه لطيف چي، لڏيس ڪوڏ ڪپورَ
چتَ جنين جا چور، سي مکي مَرڪ نه ڪنديون.

----

        سينگار عورت جو شوق هوندو آهي پر اهو سينگار هوءَ صرف پنهنجن من گهرئي مڙس لاءِ ڪرڻ چاهيندي آهي، اهو مارئي ثابت ڪري ڏيکاريو. عورت کي سماج ۾ هڪ ڪمزور ۽ لاچار فرد ڪري سمجهيو ويندو آهي پر عمر بادشاهه اڳيان پنهنجي آزادي ۽ حق لاءِ مضبوط ارادي سان قائم رهڻ ۽ آخر ڪار اهي حاصل ڪرڻ سان اهو مفروضو به ڄڻ ته غلط ثابت ٿي وڃي ٿو.

ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون ۽ زنجير،
پيڪڙا پيرن ۾ ڪوٺين اندير ڪير،
چاري چوگانن ۾، واهيت ڪن وزير،
ڇَن نه ڇڄي آهيان، اهڙي سٽ سرير،
مارو ڄام ملير، پڇج ڪي پنهوار کي.
 

        غربت ۽ اڻ هوند ۾ انسان پنهنجي اڳيان ضرورت کان وڌيڪ آسائشون ڏسي يا ته لالچ ۾ اچي ويندو آهي يا وري احساس محرومي جو شڪار ٿي ويندو آهي، پر مارئي نه ڪو ڪنهن لالچ ۾ آئي نه ئي کيس ڪو احساس محرومي يا احساس ڪمتري محسوس ٿيو ۽ هوءَ پنهنجن غريب مائٽن، سندن غريباڻن ڪکن، مسڪيني حالن، جهنگلي کاڌن ۽ پراڻن ڪپڙن تي فخر ٿي ڪري ۽ انهن کي ياد ڪري روئي رڙي ٿي:

جيها جي تيها مون سي مارو مڃيا
مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ مِها
منهنجي آه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي!

--

تن ساڏوهين سڌ مران، ڏنگا جنين ڏار

ڀڻي ساڻ  ڀتار،  پائر  پيرون  چونڊيان

---

وينديس وطن سامُهين،  ملير  منهنجو   ماڳ

ڏُٿ چونڊينديس ڏيهه ۾،  ساڻ   سرتين  ساڳ،

ته مون سنئون سڀاڳ، جي ويجهي ٿيان ور کي.

        اها انساني ڪردار جي عظمت آهي ۽ مارئي يقيناً هڪ عظيم عورت هئي جنهن شاهه صاحب کي سندس گرويده بنائي ڇڏيو. هُن کيس سُر مارئيءَ جي سورمي ڪري پنهنجي شاعريءَ ذريعي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.

        انهيءَ سُر ۽ ڪردار ذريعي شاهه کي حب الوطنيءَ جو فلسفو بيان ڪرڻ ۾ آساني ٿي يا ان وقت جي سماج ۾ موجود طبقاتي ننڍ وڏائي ۽ سماجي ڏاڍ کي عيان ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ماڻهن ۾ ان کان آزادي جو جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪيائين؟ يا وقت جي سماجي معروضي حالتن جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ بيتن جو سهارو ورتائين؟ هُن ماڻهن ۾ هن سُر ذريعي عزت نفس، خودداري ۽ انا کي اڀاري استحصال کان نجات لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو اتساهه ٿي ڀريو؟ يا وري عمر، مارئي، مارن ۽ ملير جي مام ۾ الاهي اسرارن کي ٿي عيان ڪيائين؟

        ”هيل تائين تصوف کان وٺي قومي سياسي جدوجهد تائين مختلف معنائون حاصل ڪيون ويون آهن. اصل ۾ هر شاهڪار تخليق وانگي ڀٽائيءَ جا بيت به هڪ کان وڌيڪ مگر هڪ ٻئي کي هٿي ڏيندڙ معنائون ڏين ٿا. (15) پر ڪن جاين تي عالمن جون ڪيل تشريحون وري هڪ ٻئي جو تضاد پيون ظاهر ڪن..... انهن تضادن مان ڪن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سُر مارئيءَ سان حب الوطنيءَ جو حوالو لاڳو ڪرڻ بلڪل صحيح آهي پر ان لاءِ جدا جدا علامتون بيان ڪيون ويون آهن. مثال طور جي مارئي خود ”سنڌ“ جي علامت آهي ۽ اها آزاديءَ لاءِ بي چين آهي پر پنهنجن ماڻهن جي بي حسي ۽ لاپرواهيءَ تي ڏکويل ته پوءِ کيت ڇا جي علامت آهي؟ جنهن سان هن لائون لڌيون هيون. ملير ڇا جي علامت آهي؟ جنهن سان ان جو لاڳاپو هو... ۽ جيڪڏهن ائين ٿو سمجهجي ته مارئي علامت آهي عام سنڌي ماڻهوءَ جي جيڪو غلام آهي، ڏاڍ جو شڪار آهي ته پوءِ مارو ڇا جي علامت آهن؟ اهي غريب سهي پر آزاد آهن، پنهنجيءَ وارا آهن.

        جيڪڏهن روحاني راز ٿا پروڙيون ۽ ڏسون ٿا ته عمر ڪوٽ هيءَ دنيا ۽ ملير اصلوڪو وطن ۽ وحدانيت جي وادي آهي ۽ مارئي پاڪ روح جيڪو پنهنجي اصل ڏانهن ورڻ ٿو چاهي ته پوءِ ڇا اهو سمجهجي ته اتي (وحدانيت جي واديءَ ۾) ٿر جهڙو رڻ پٽ، ڏڪار ۽ بک هوندي، جتي ماڻهو مرون پکي پکڻ ابر آسري هوندا يا وري خانه بدوشن وانگي پيا پاڻيءَ جي کڏن، دُٻن ۽ تلائن پٺيان رلندا وتندا، جتي رهندڙ ٻيا روح (مارو) ڏکيا بکيا ۽ اڃيا هوندا ۽ ”آڻين چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا ”جي مصداق روزاني قوت لاءِ حيران هوندا.

        جيڪڏهن مارئي پاڪ ۽ سچي روح جي علامت آهي ته ان کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ۾ قيد وبند مليو  ڪهڙي جرم جي سزا کيس ڀوڳڻي پئي؟ نه صرف اهو پر ان سموري امتحان کانپوءِ کيس ملير ۾ (عالم ارواح ۾) وڃي هڪ ٻئي امتحان مان گذري پنهنجو ست ثابت ڪرڻو پيو. جيڪڏهن عمر مان مراد نفس آهي ته پوءِ ان جو هڪ روح سان ڪهڙو واسطو؟ اهو ته ڳوليندو ڪنهن ڪمزور ڪردار انسان کي جيڪو سندس دام ۾ جلدي ڦاسي پوي.

        علامتن ۽ تمثيلن کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين شاهه جي ڪردارن جي ۽ واقعن جي ورتاءَ (Treatment) کي سمجهجي.

        شاهه لطيف جوعورت بابت نظريو واضح ۽ چٽو نظر ئي تڏهن ايندو جڏهن هر قسم جي علامتن ۽ تمثيلن ۽ ٻٽين معنائن کي پاسيرو رکندي مارئيءَ کي محض هڪ سنڌي عورت هئڻ جي ناتي ڏسجي ۽ پرکجي. علامتون ۽ تمثيل پنهنجي جاءِ تي، پر ڪوبه ڪردار پنهنجي ماحول، سماج ۽ ماڻهن جي حوالي سان سڃاڻبو ته ان جو انساني جوهر وڌيڪ صحيح نموني محسوس ڪري ۽ چٽي سگهجي ٿو.

        مارئيءَ جو ڪردار جيئن لطيف سمجهيو ۽ سمجهايو آهي اهو هڪ عام سنڌي (ٿري) عورت جو ڪردار آهي جنهن کي پنهنجن اباڻن، انهن جي جُوءِ سان اڻميو پيار ۽ ان پيار کي ئي شاهه سائينءَ مان ڏنو آهي ۽ ان کي اهڙيءَ ريت ڳايو اٿس جو اهو مثال بنجي ويو آهي – اتي اسان تمثيل کي جنم وٺندي ڏسون ٿا. سُر مارئيءَ پڙهڻ سان حب الوطنيءَ جو جيڪو جذبو اڀري ٿو سو هڪ سڀاويڪ ۽ فطري (Natural) جذبو آهي جنهن کي ڪنهن علامت ۾ ڍڪي پيش ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. مارئي کي هڪ عام ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾ ڏسجي ۽ سندس ڪهاڻيءَ ۽ ڪردار کي جيئن اها اصل داستان ۾ بيان ٿيل آهي، تڏهن به اهڙو تاثر اڀري ٿو پر لطيف جي پارس لفظن جهڙوڪر ان جذبي کي سونو ڪري ڇڏيو آهي.

        سنڌي عورت واقعي ته پنهنجن اباڻن سان اهڙي ئي محبت ڪندي آهي جهڙي مارئيءَ ڪئي، هن کي پنهنجا اباڻا ڪکَ اهڙا ئي پيارا هوندا آهن جهڙو مارئيءَ کي ملير، ۽ پنهنجي وَرَ سان اهڙا ئي روح جا رشتا هوندا آهن جهڙا مارئيءَ جا کيت سان هئا. هن کي دنيا جي ڪابه طاقت ڪابه لالچ انهن کان ڌار نٿي ڪري سگهي، انهن کي وسارڻ تي آماده نٿي ڪري سگهي. مارئي جيڪڏهن علامت آهي ته هڪ عام سنڌي عورت جي، جيڪا پنهنجي سماج جي هڪ ڏاڍي مرد جي ڏاڍ جو شڪار ٿي قيد بند ۾ قابو ٿي ٿئي ۽ هو کيس هر طرح سان هيسائڻ يا رام ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري پر هوءَ ارادي جي اٽل ۽ ڪردار جي ڏول آهي، پنهنجي جسم و جان کي پنهنجن مارن جي امانت سمجهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي خيانت جو تصور به پاپ ٿي ڀانئي. اهو اسان جي عورت جو ئي وَڙُ آهي جو هوءَ لوئيءَ جي لڄ رکي ٿي، ۽ شاهي شان، سون مِين بدران غريباڻي حال ۽ پيار جي سڳي کي وڌيڪ مان ٿي ڏي.

مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ  ۾  لائون

سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،

عمر جو آئون، ڪيئن پٽ پهريان  سومرا.

        هوءَ سون تي سيڻ مٽائڻ وارن مان ڪانه هئي ”مارئي ۾ شاهه عورت پڻي جو آدرش پيش ڪيو آهي. “ اها ڳالهه سو سيڪڙو صحيح آهي پر ساڳئي وقت ائين پڻ چيو ويو آهي ته ”عصمت بنا عورت عورت نه ليکبي. زال جو سَتُ سندس بي بهاڳهڻو آهي جنهن جي سنڀال ڪرڻ سندس مُکيه فرض آهي“ (17). اها زيادتي آهي. عمر جهڙن جابر ۽ ظالم بادشاهن يا مردن جي اڳيان جيڪڏهن بي وس عورت جو وس نه هلي، ته ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ عصمت ۽ سَتُ ته دل جي پاڪائي جو نالو هئڻ کپي، جذبي جي سچائيءَ جو نالو هئڻ کپي – باقي دل ۽ مَنَ ۾ ناپاڪ خيال هجن ته ظاهري جسماني ست ڪهڙي ڪم جو؟ هونءَ به ڏٺو وڃي ته اهو سبق صدين کان عورت کي ملندو اچي، خاص ڪري مشرقي عورت کي، ۽ جيڪڏهن اها فخر جي ڳالهه آهي ته به چئي سگهجي ٿو ته سنڌي عورت پنهنجو سيل ۽ سَتُ هميشه قائم رکيو آهي ۽ هوءَ هميشه پنهنجي ذهن ۽ جسم جي پاڪيزگيءَ کي، ٻين جي پابندين يا نصيحتن جي ڪري نه، پر پنهنجي سنڌي خمير جي ڪري، پنهنجي پخته ڪردار جي ڪري قائم رکندي آئي آهي. مارئيءَ جي حوالي سان به ڏٺو وڃي ته جڏهن سندس سهيليون نياپو ٿيون موڪلينس ته اسان کي نه لڄائجان:

جو ڏيهه ڏاڏاڻي آئيو، ڏنم تنهن طعنو
پائي ويهه مَ پلنگين، ڳچيءَ سر ڳانو
مٿان لڪ لطيف چئي، کانءِ مَ خزانو
سرتين سيل چوائيو، جور هڻي جانو
ٿيو سڏ سمانو، حرف لئي هيڪڙي.
 

        تڏهن اهو طعنو اصل سهڻ جهڙو نٿي سمجهي. ڀلا ائين ٿي به سگهي ٿو ڇا؟ چوي ٿي:

مون ماڙيءَ جو  سومرا، ٻنين پارين ڏک،

هت عمر جو اُهک، هُت مارو ڏينم ميهڻا!

 

        سندس ملڪ ملير ۾ غربت آهي، مسڪيني حال اٿن، عام پورهيتن وانگي مردن سان گڏ زالون به پيون پورهيو ڪن، پاڻي ڀرين، موڪ مِها چونڊين، ڏٿ ڏونرا، پيرون پڪا ميڙڻ وڃن، مال ڌڻ چارين ۽ ائين ڪندي هو مردن سان گڏ هلن گهمن، ملن، نه ڪا جهل اٿن نه پل اٿن، ته به هر ڪو پاڻ سان گڏ ٻئي جي لڄ جو رکپال هوندو آهي. اهو آزاد ماحول ئي سندن پاڪيزگي جو سبب هوندو آهي، نه ته جتي پابنديون هونديون آهن، پردا ۽ پهرا هوندا آهن، سختيون هونديون آهن اتي بغاوتون جنم وٺنديون آهن، اتي فرسٽريشن سببان برائيون جنم وٺنديون آهن. مارئي آزاد ماحول جي پليل هئي. پنهنجي مڙس واري هئي، ملير ۾ پنهنجي ڏکي سکي زندگيءَ  مان مطمئن هئي، ان کي عمر بادشاهه سنئين راهه تان هٽائي نه سگهيو:

  جي گهر گهاريم ڏينهڙا، هيڪاندي حضور
  سيئي سڪان، ساريان، پچان پائرَ پور
  هميراڻا هٿڙا، ڪين مڃينديس مور
  سنجهي ست گذاريان، اچين شال اسور
  درا ٿيان مَ دور، مارو ڄام ملير جي.
 

        ان جي برعڪس عمر جو ڪردار آهي جنهن کي اسان جا ڪي محقق ۽ عالم ساراهين ٿا ته هن اختيار هوندي به زوري ڪانه ڪئي ۽ مارئيءَ جي مرضيءَ خلاف سندس سيل ڪونه ڀڳو. زوري باقي ڇا کي چئبوآهي؟ پنهنجون راڻيون هوندي به پرائي ڄائيءَ (سا به رعيت مان) ۾ اک وجهڻ، ان کي زوري ڀڄائي اچڻ، ان کي لالچون ڏيڻ، دڙڪا ڏيڻ ۽ قيد ڪرڻ اهي سڀ ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته هُن هر ڪو حيلو هلايو پر اها مارئيءَ جي هوڏ هئي، ضد هو، مرندي مري وڃڻ جو عزم هو، جو هو کيس هٿ لائي ڪونه سگهيو. هن کي پڪ ٿي هوندي ته هن ڇوڪريءَ ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ هيءَ پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ اهو گهنگهر ڳچيءَ ۾ وجهڻ نه چاهيو هوندائين نه ته انهيءَ طبقي جي ساک ۽ پت ته هر ڪنهن تي پڌري آهي.

        شاهه لطيف انهيءَ سببان ئي مارئيءَ کي ايتري اهميت ڏني آهي، ۽ هن سُر ۾ باقي ٻين سڀني ڪردارن کي، کيت سميت، ايترو ڪونه آندو اٿس. هو هڪ ڪنئري دل وارو فنڪار هو، هن مارئيءَ جي پيڙا کي دل مان محسوس ڪيو هوندو، ان ڪري ئي هن سُر ۾ ٻن انتهائن، ٻن ضدن جو ڀرپور ٽڪراءُ ڏيکاريو اٿس.

        هڪ طرف هڪ ڪمزور، نماڻي، غريب ۽ مسڪين نينگر آهي ته ٻئي طرف وقت جو بادشاهه آهي جيڪو طاقت به رکي ٿو ته دولت به. هڪ طرف مارئيءَ جي اڳيان پنهنجي مارن جي غربت آهي، جهانگين جا جهوپا آهن، غريباڻا کاڌا ۽ کاڄ، پُسيون پڪا، ڏٿ ڏونرا ۽ غريباڻو پائڻ چوڙڻ آهي، اها هڪڙي انتها آهي ته عمر جا آڇيل محل ماڙيون قيمتي ويس وڳا، ستر ڇيون خوراڪون ۽ شاهي رهڻ سهڻ بي انتها آهي. محروميءَ جي انتها شايد انهن آڇن اڳيان هار کائي وڃي ها پر مارئي ڪو عام انسان ڪانه هئي، هوءَ هڪ آدرشي انسان هئي، هڪ آدرشي عورت هئي، ادنيٰ طبقي جي هڪ عورت هوندي به هوءَ تمام اعليٰ ڪردار جي مالڪ هئي. مارن ويچارن ته عمر جي ڊپ کان يا پنهنجي اپهچ هئڻ جي احساس کان هن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو، جو اڳي به ائين ٿيندي ڏٺو هوندائون، پر هوءَ سندن مجبورين کي سمجهندي به کين مياري ٿي ڀانئي:

لنگڙياري لوءَ ۾، جنين لئه ٿياس

تنين تر جيترو، پلڪ  نه  پُڇياس

        جهروڪن جهوريو هنئون، ڪوٺين آئون ڪٺياس

        مارن منجهه مُياس، نات ماڙين ماريس ڪينيڪي

        هن سمجهيو ٿي ته منهنجن پنهنجن سار نه لڌي آهي، تڏهن به عمر طرفان آڇيل ڪنهن به قسم جو سک نه قبوليائين، بلڪه پنهنجي پاڻ کي جهڙو ڪر ڪين جهڙو ڪري ڇڏيائين. هر قسم جي خوشي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيائين:

   جا عمر! تو مُلُ عيد، سا اسان سوءَ ورتي سومرا
   ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد
   سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا!
 

        سج جهڙي صورت ۽ مورت مارئيءَ پنهنجي قيد ۽ بند جو ڪارڻ ئي پنهنجي انهيءَ سونهن کي سمجهيو هو... هڪ ته عمر جي ڏنل ڏکن ماريو هئس، ٻيو مارن جي محبت ماري هئي، ٽيون وري ڊپ هئس ته متان منهنجي سونهن عمر جي نيت خراب ڪري سو ويچاريءَ ڄڻ ته پنهنجي ذات کان ئي پئي انڪار ڪيو ۽ جيتوڻيڪ ڊپ هئس ته سونهن وڃايم ته وطن وڃي ور کي به الائجي وڻندس الائجي نه، ته به پاڻ وساري ڇڏيائين.

سونهن وڃايم سومرا،  وطن  وڃان  ڪيئن

حسن ڌارن هيئن، پسان ڪيئن پهنوار کي!

        ويچاري عورت هونءَ به مصيبت ۾ ته هينئن به ڏچي ۾. شاهه صاحب مارئيءَ جي صورت ۾ سنڌي عورت کي ڳايو آهي، سندس ڏکن سورن کي ڳايو آهي، سندس ڊپ ۽ وسوسن کي ڳايو آهي، سندس هيڻي حال کي ڳايو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس سونهن ۽ ست کي ڳايو آهي ۽ ائين کيس امر ڪري ڇڏيو اٿس.

        مارئيءَ جو ڪردار ثابت ٿو ڪري ته عورت ۾ تمام اعليٰ ۽ اُتم انساني جوهر موجود آهن. ٻين انسانن وانگر انسان آهي جڪي چڱا به ٿين خراب به، لالچي به ٿين ته لاطمع به. جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ڪا ڪچائي ماڻهن کي عورت ۾ نظر اچي (ليلان جو مڻيي تي موهجڻ) ته مارئيءَ جي روپ ۾ ان کان پختو ۽ تمام گهڻو مٿانهون ڪردار ٿو اڀري اچي. جيڪو نه ڪنهن لالچ ۾ اچڻو آهي نه ڪنهن ڊپ کان ڊڄڻو آهي. هوءَ هڪ باهمت، بهادر نياڻي آهي. جڏهن چوي ٿي ته:

  جي لوڻ لڱن لائيين، چيري چيري چيم،
  مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
  جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پهنوارسين.
 

        تڏهن ظاهر ٿئي ٿو ته هن تي جسماني ظلم به ڪيو ويو هو پر ته به سندس ارادو اڏول رهيو. وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ۽ هن لوڪ ڪهاڻيءَ جو سڀ کان وڏو ڏکوئيندڙ (tragic) پهلو اهو آهي ته ههڙي ڪردار ۽ سيرت جي ڇوڪريءَ کي پنهنجن مائٽن به ڪونه سڃاتو ۽ جڏهن واپس وري ته پنهنجو سيل ۽ ست ثابت ڪرڻ لاءِ، روايت موجب، تتل سيخ هٿ ۾ کڻي باهه جي مچ مان گذرڻو پيس. ان موقعي لاءِ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته شايد ته ”جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي ڪين ٿيام.“

        هن ڌارئين بادشاهه جي قيد ۽ بند ۾ جيڪو وقت گذاريو، جيڪا پيڙا سٺي تنهن شايد کيس اهڙي تڪليف ڪانه ڏني هوندي جهڙي پنهنجن اباڻن جي ان رويي ڏني هوندي. سندس هٿ پير ته سڙڻ کان بيشڪ بچي ويا پر يقيناً سندس دل سڙي رک ٿي وئي هوندي – اهو آهي هن سماج جو ورتاءُ عورت سان، جيڪو اسان جي شاهه لطيف کي نه آئڙيو ۽ هن انهيءَ ڪهاڻي جي ان حصي کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو. هو ڄڻ ته ان ڳالهه ۾ يقين ئي نٿو ڪري. ”هن کي اهو شانائتو نه لڳو ته مارئي، جا مائٽن جي مرم ۾ رهي، جنهن کي گهوٽس کيت سين ڪوبه دلاسو يا پيغام ڪونه موڪليو تنهن ۾ سندس پتي گمان آڻي، کانئس اهڙي ڪٺن آزمائش وٺي“ (18).

        شاهه جي مارئيءَ اصل قصي جي مارئيءَ کان مٿانهون مان ماڻيو آهي. ان مان شاهه جي فلسفي جي ڄاڻ پوي ٿي ته هو عورت جي سچائيءَ ۾ شڪ آڻڻ به گناهه ٿو سمجهي. هوءَ، جنهن پنهنجي ماروءَ، سانگين، ساهيڙين ۽ سرتين کي ساريندي رت جا ڳوڙها ٿي ڳاڙيا، جنهن کي پڪ هئي ته مون سان ساهيڙيون به ڪونه رسنديون، تنهن کي خود سندس مارو مهڻو ڏيندو اهو ته هن سوچيو به ڪونه هوندو:

  مون سين ماروئڙن، ڪهڙيءَ ريت رسنديون
  چوٽيءَ ۾ چيڙهه پيو، پين رت ڄيون،
  نيڻن ننڊ وهُ ٿئي، ساري ساڏوهيون،
  هتي جي هيون، ته سڌ ته پين سيل جي.
 

        ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي لفظن ۾ ان ڳالهه کي وڌيڪ واضح ٿو ڪري سگهجي ته عام ڪهاڻيءَ ۾ جيڪا مارئيءَ سان بي انصافي ٿيل آهي سان شاهه پنهنجي سورميءَ سان ٿيڻ نٿو ڏي. ”ڇا اهو انصاف آهي ته جا زال ڀتار لاءِ هيتريون سختيون هموار ڪري تنهن جو ڀتار قدر نه ڪري کيس ڏوهي ٺهرائي؟“ اصل ڪهاڻي جي ڪوجهائيءَ کي شاهه پنهنجي ڏاهپ سان لڪائي ويو آهي. مارئيءَ کي مان ڏيئي، ان سچي سورميءَ کي صحيح مقام ڏنو آهي ۽ ظاهري طرح سان هڪ نٻل ناريءَ جو هڪ نهايت ئي سگهارو ڪردار ڏيکاريو آهي. سندس جذبو ته ڏسو:

        آئون ڪيئن سوڙيين سمهان، مون ور گهاري وِلَ،
        کٿيريءَ تان کلَ، عمر! ڪج مَ اهڙي.
 

        ان قسم جي احساس جي گداز ۽ خيال جي اوچائي کي ذهن ۾ رکو ته مڃڻو پوندو ته:

“Sublimity, elevation and sincerity must characterize patriotic lyric” (19)

        احساس جي اِها بلند سطح لطيف جو ئي مرڪ آهي ۽ هن ڪهاڻيءَ ۽ ان جي ڪردارن شاهه کي اهڙو ته محرڪ ڏنو جو هن جي اندر جو شاعر بي چين ٿي ويو. انهيءَ محرڪ، انهيءَ inspiration هن کان هڪ ته ”مارئي“ – هڪ عورت کي سچي سورمي ڪري پيش ڪرايو ٻيو هن کي موقعو مليو ته ان مثالي ۽ آئيڊيئل ڪردار جي معرفت ڪو پيغام، ڪو فلسفو، ڪا نئين سوچ پيش ڪري، ڇاڪاڻ جو فنڪار هئڻ سان گڏوگڏ ”ڀٽائيءَ جي سماجي دانشور واري حيثيت اتاهين هئي. لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ هڪ اکر سوچي سمجهي توري تڪي استعمال ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح ڀٽائي جيڪي لفظ توڙي خيال نظر انداز ڪيا آهن اهي به غير اهم ۽ اڻ لاڳاپيل ڀانئي نظر انداز ڪيا آهن“ (20).

        ان طرح سان شاهه سُر مارئيءَ کي جيڪڏهن ڪنهن به حوالي سان علامت طور استعمال ڪيو آهي ته اهو به جاچي سگهجي ٿو. سائين جي ايم سيد جو خيال آهي ته شاهه اسان جو قومي شاعر آهي ۽ قومي شاعر ”ملڪ ۽ قوم سان محبت رکڻ ڪري ماڻهن جي سياسي، اخلاقي، اقتصادي حالتن جو غور سان مطالعو ڪرڻ بعد، قوم جي ڪمزورين، خامين، مشڪلاتن ۽ خوبين کان بخوبي واقفيت حاصل ڪرڻ بعد، انهن جي ڪارڻن ۽ سببن تي فڪر ٿا ڪن. قوم جو ماضي، حال ۽ مستقبل سندن اڳيان رهي ٿو، پوءِ هو قوم لاءِ ڪو نصب العين مقرر ڪن ٿا ۽ انهيءَ تي پهچڻ لاءِ، جي خيال ۽ تجويزون سندن دماغ ۾ رهن ٿيون، تن سڀني ڳالهين کي هو پنهنجي ڪلام ۾ قوم اڳيان پيغام جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا.“ (21)

        ڪنهن به ملڪ ۾ ڪا به تبديلي آڻڻ کان اڳ ذهني تبديلي آڻڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. سماجي ارتقاء لاءِ تبديلي زنده قومن لاءِ تمام ضروري هوندي آهي ۽ ان عمل لاءِ قوم جا ڏاها، مفڪر ۽ شاعر هميشه سندن سونهان ۽ رهبر بنجي کين سنئين دڳ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. شاهه جي دور جو سنڌي سماج طبقاتي ننڍ وڏائي وارو سماج هو، ان ۾ صدين جي غلاميءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪئين خرابيون هيون، جيڪي ريتن رسمن ۽ روايتن جي نالي ۾ وڻ-ويڙهيءَ وانگر هن کي کوکلو ۽ پورو ڪري چڪيون هيون ۽ انهن کي ختم ڪرڻ يا بدلائڻ يا انهن جي خلاف آواز اٿارڻ جو ساهس ڪنهن ۾ به ڪونه هو. اهڙي دور ۾ شاهه جهڙي هڪ قومي شاعر ۽ سماجي دانشور جي سخت ضرورت هئي جيڪو ماڻهن جي شعور تي اثر انداز ٿئي ۽ شاهه اها ضرورت پوري ڪئي. شاهه جو شعر سندس دور جو قومي شعور اڀارڻ جو ذريعو بنجي ويو. ڌارين جي غلاميءَ جا ٻه سو سال گذارڻ کانپوءِ پنهنجي سنڌي حاڪمن ڪلهوڙن جي اچڻ سان ماڻهن آزاديءَ جو احساس ته ماڻيو هو ۽ هو ”هڪ نئين اجتماعي شعور مان واقف ٿي رهيا هئا، پنهنجي اهميت جي شعور جو احساس اڀري رهيو هو، جيئن سانوڻ ۾ ڀريل ڪڪر اتر کان اوڀڙ کائي ايندا آهن ۽ وڌندا وڌندا سڄي وايو منڊل تي ڇانئجي ويندا آهن. شاهه جو شعر اسان وٽ اسان جي ان اڀريل قومي شعور جي احساس جو اظهار ۽ اسان جي سماجي وجود جي اهميت جو ۽ ان جي قسمت جي بنيادي سوال جي حل جو نشان آهي. شاهه جي حساس ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي غلاميءَ جي جهنم جي خلاف ڪنهن پربهار ۽ روح پرور مسرت جي بهشت جو خواب جلوه گر ٿيو هو“ (22). ان قومي آزاديءَ جون اصل نعمتون معاشي آزادي ۽ سماجي انصاف وري به ماڻهن کي ملڻ مشڪل هئا ڇاڪاڻ جو اهو ”زرعي سماج وارو دور هو، ۽ ان وقت هلندڙ اخلاقي قدر ساڳيا زرعي جاگيرداري سماج وارا هئا جيڪي سنڌ ۾ صدين کان رائج هئا“ (23). ان ڪري عوام انهن جو شڪار هو، انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ، انهن کان بغاوت ڪرڻ لاءِ قومي اتحاد جي ضرورت هئي جيڪو ان وقت جي سنڌي عوام ۾ ڊگهي غلامي ۽ اندروني سازشن سبب ناپيد هو. شاه صاحب انهيءَ صورتحال مان واقف هو. جهوڪ واري شاهه عنايت شهيد وارو واقعو پڻ اهڙين حالتن جو عڪاس سندس اڳيان ٿي گذريو هو (جڏهن 1718 ۾ پاڻ 28 سالن جو هو) هن کي قومي ٻڌيءَ جي ضرورت جو نه صرف احساس هو بلڪ ان لاءِ کيس ڪنهن آواز، ڪنهن سڏ ڏيڻ واري جي ضرورت محسوس ٿي-تڏهن هن ”مارئي“ جي ڪردار ۾ ڄڻ ته اهو ڪردار هٿ ڪيو. ان ذريعي پاڻ جيڪو پيغام ڏيڻ ٿي چاهيائين سو به ڏيئي ٿي سگهيو ۽ ماڻهن ۾ قومي شعور ۽ سماجي معاشي آزاديءَ لاءِ اتساهه ڏياريندڙ طور مارئيءَ کي به علامت ڪري پيش ڪيائين، جيڪا ڌرتيءَ جي غريب اٻوجهه ماڻهن جي علامت مارن جو ئي هڏ چم هئي، انهن منجهان ئي هڪ ڪمزور فرد هئي، جنهن کي حالتن ايڏو مضبوط ڪري ڇڏيو جو هوءَ ڳچيءَ ڳانا لوهه جا پائڻ کان به ڪانه ڊني، نه ئي ڪي ڪوٽ ڪڙا کيس لوڏي ٿي سگهيا، نڪو وري ڪا رعايتن، مراعتن جي لالچ هن کي پنهنجي عزم تان ڦيرائي ٿي سگهي. مارئيءَ جي ڪردار ۽ ان سان گذريل سموري واردات جي انفرادي مثال مان هن اجتماعي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مارئيءَ جو ڪردار مقصد ۾ حائل رڪاوٽن کي استقامت سان پري هٽائڻ جو ڪردار آهي، مارئيءَ جو ڪردار ڪانئرپ جي مذمت جو ڪردار آهي. مارئيءَ جو ڪردار سنڌ جي لوئيءَ جي لڄ جو ڪردار آهي. مارئي جو ڪردار سنڌ جي تاريخ جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي“ (24). مارئيءَ جي ڪردار ۾ موجود گڻ اهڙا گڻ آهن جيڪي تاريخ کي بدلائڻ جي طاقت رکن ٿا، شاهه جي دور جي سنڌ ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل موجود هو، عام ماڻهن ۾ اهڙن گڻن جي گهٽتائي هئي ۽ شاهه انهيءَ قصي ۽ ڪردارن جي معرفت اهي گڻ پيدا ڪرڻ چاهيا. ان ڪري هن آزادي، انصاف، عزت نفس، همت، غيرت، جدوجهد جو جذبو، مستقل مزاجي، ثابت قدمي، جيءُ مٺو نه ڪرڻ، خطرن کان نه ڊڄڻ، لالچ ۾ نه اچڻ، مقصد ماڻڻ جو عزم ڪرڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ اُميد کي هٿان نه ڇڏڻ جهڙا گڻ پنهنجي هن سُر ۾ آندا. اُن دور جا ماڻهو ڏکيا بکيا هوندي به خود دار بنجي ٿي سگهيا. جيئن مارئيءَ ۽ مارن عمر جي هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو هو تيئن شاهه چاهيو ٿي ته سندس عوام به مٿئين طبقي جو ساٿي ۽ سهيوڳي ٿيڻ جو خيال ڇڏي ڏي ته ڪو به زور ۽ زبردستي کين ان طبقي جو دست نگر ٿيڻ لاءِ مجبورنٿي ڪري سگهيو. هو معاشي طرح سان غلام هئا، غريب هئا ۽ هيڻا هئا. جي وٽن ڪجهه هو ته اها هئي سندن عزت نفس، انا ۽ پاڪيزگي، جيڪا هنن کي هر قيمت تي قائم رکڻي هئي. ان ڪري مارئيءَ جي ”لوئي“ انهيءَ عزت نفس جو اهڃاڻ بنجي وئي ۽ عمر ڪوٽ ڄڻ ته پرماريت جو، غلاميءَ جو نشان بنجي ويو. ملير ڏانهن سندس ڇڪ انهيءَ آزاد رياست ڏانهن ڇڪ جو اهڃاڻ هو جتي آزادي هوندي به بک هئي اڻهوند هئي، جيتوڻيڪ آزاديءَ جي رُکي ٽڪر کي قيد بند جي عمدن کاڌن کان وڌيڪ ڄاڻايو اٿس ته به اهڙي اڻهوند ۽ بک ڇو هجي؟ ان ڪري انهيءَ انتهائي حد تي پهتل غريبيءَ جو عڪس پيش ڪيائين. ان جو ڪارڻ ماڻهن جو سندن حالت زار ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ به ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جو اتساهه ڏيارڻ به:

  آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
  منجهان لنب لطيف چئي، چائر ڪيو چاڙهين،
  پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙيءَ سان.

يا

آئون ڪيئن سوڙيين سمهان، مون وري گهاري رڃ

ور  اباڻن  سين  اُڃ،  کوءِ  شربت  تنهنجو  سومرا.

        هنن بيتن ۾ غريب ماڻهن جي کاڄ ڏانهن اشارو آهي، ڪهڙيون شيون هو آڻين ۽ چاڙهين ٿا ۽ کائين ٿا وري به مطمئن آهن. ڏٿ ، سائون ۽ لنب گاهن جا قسم آهن، انهن جا پن گل ۽ ٻج سندن کاڄ آهي، جيڪو کائڻ بابت مٿيون طبقو سوچي به نٿو سگهي. ائين ڇو آهي جو هڪڙن کي دنيا جون سڀ نعمتون ميسر آهن ۽ ٻيا پيٽ ڀرڻ لاءِ حيران؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com