سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :34

هڪ ڀيري جڏهن هو آيا ته موکيءَ وٽ پراڻو سنڌيل شراب جو مٽ هو ئي ڪونه، هڪ ڪنڊ ۾ پيل هڪ پراڻو مٽ جو کولي ته ان ۾ نانگ مئو پيو هو، پهرين ته سوچيائين ته متارن کي موٽائي ڇڏيان پر پوءِ سندن سڌ ۽ هير ڏسي چئي ڪانه سگهي، ۽ اهو نانگ وارو شراب کين وٽيون ڀري ڏنائين، جيڪو هو پي ويا، انهي شراب هنن کي ڏاڍو ڪيف ۽ سرور ڏنو ۽ موکيءَ کي آفرينون ڏيندا خوش ٿي موٽي ويا وري سال کن کان پوءِ وري آيا، موکيءَ منڌ پيارين، پر اهو مزو ئي ڪونه آين ۽ ور ور ڪري اهو ساڳيو شراب گهرڻ لڳا جيڪو پر سال پيتو هئائون.

گهٽن ۽ گهٽڪن، وٽيون پيئن وهه گاڏيون،
برخيز برهه ساقي پيار کي پرين،
پڪن نه پرچين، مٽ تڪيائون منجهيان.
 

موکيءَ لاچار ٿي کين انهيءَ منڌ جي اصل  حقيقت ڏسين، متارا پاڻ سان اها ويساهه گهاتي ٻڌي يا الائجي انهي سپ جي سراپ کان اتي جو اتي مري پيا، اصل هيبت کان هانءُ ڦاتي پين، ويچاري موکي ڏاڍي پشيمان ٿي، من ڏاڍي ملامت ڪيس.

متارا مري ويا، موکي تونه مرين،

ڪيهي پر پرين، ڏکي ڏاتارن ري.

ماڻهن به متارا مارڻ جا مهڻا ڏنس، چون ته اصل ۾ ڌيءَ به قاتل ماءُ جي آهي ان مان ٻي ڪهڙي اميد رکبي:

موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،

وٽيون ڏئي  وات،  متارا  جنهن  ماريا.

موکيءَ جو ميخانو ويران ٿي ويو، هن ويچاري جو ته ڏوهه ئي ڪونه هو، زهر اثر ڪري ها ته اهي پيئڻ مهل مرن ها،  هي ته انهيءَ موکيءَ جي ويڻ کان مئا هئا:

سري ڪين ڪئون، ويڻ موکيءَ جي ماريا،
ڪو جو سخن ڪلاڙ جو، پتي تي پئون،
تهان پوءِ ٿئون، مرڻ متارن کي.
 

پر ماڻهن کي ڪير سمجهائي، ماڻس به ڏاڍي ناراض ٿيس. متارن کي هڪ بٺي تي دفن ڪيائون ۽ جڏهن ڪجهه وقت کان پوءِ موکي مئي ته ان کي به ات ئي پوريائون.

شاهه صاحب موکيءَ جي خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ تي شڪ نه ٿو ڪري:

موکيءَ مٺو نه گهريا، وهه نه وهاٽيا،
سرڪيءَ ڪاڻ سيد چئي، اتي ٿي اٽيا،
جي ڳالهين ڳڱاٽيا، تن بٺن پاسي بٺيون.
 

هو سماج جي هٿ ٺوڪين ٺيڪيدارن وانگي شراب جي بٺي ۽ هٽ هلائيندڙ هڪ عورت کي ڪو ڪريل  ڪردار انسان سمجهڻ بدران سندس سچائيءَ جو قائل آهي. هو موکي ۽ متارن جي وچ ۾ ويساهه، خلوص ۽ پنهنجائپ جي ان رشتي کي ٿو ڏسي جنهن سبب متارا زهر مليل شراب به پي ويا ۽ جي مئا ته ان زهر کان نه پر ويساهه جي ٽٽڻ سببان مئا، اها شاهه صاحب جي ذهني وسعت ۽ روشن خيالي آهي ۽ سندس نظر ۾ عورت جي عزت آهي جو هن موکيءَ کي روايتي ساقيءَ واري ڪا به خصوصيت ڪانه ڏني. نه ته فارسي ۽ اردو شاعريءَ ۾ ساقيءَ سان ميخوارن جو ڪهڙو رشتو ۽ رويو هوندو آهي اهو اسان ڄاڻون ٿا:

جهوم ڪر اٺتي هين ليڪن پهر سنبهل جاتي هين،

سامنا ساقي ڪا هي، گستاخيان ڪيون  ڪر  ڪرين.

موکي هئي جهڙي منهن جي ملوڪ اهڙو مست ڪندڙ سندس مڌ هو، معرفت ۽ محبت جو مڌ، چاهه ۽ چاهت جو چڪو، جڏهن پريت جي پياسن کي ملندو هو ته هو مست ۽ مگن ٿي ويندا هئا. اهو مڌ عشق ۽ الفت جو مڌ هو. سچ ۽ سڪ جو مڌ هو، جيڪو شاهه صاحب برهه جي پياڪن کي پيارڻڻ جي صلاح ٿي ڏنس.

هندو هڏ ۾ سنڌ، لاءِ پياڪن، پاهنجو،
پوڄ پيارج پنهيئڙا ويندا وٺيو ڪنڌ،
ته هٽ تنهنجي هنڌ، موکي! ڪو مان لهي.

حوالا

1.                  بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مشهور سنڌي قصا، جلد ٻيو، سنڌ جا عشقيه داستان 1، سنڌ ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1963، ص 3، 4.

2.                 رضوي، ڊاڪٽر وقار احمد، تاريخ جديد، اردو غزل، نيشنل بڪ فائونڊيشن، اسلام آباد، 1988، ص 319.

3.                 ملڪ نديم، شاهه جا ڪردار موکي ۽ متارا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ينگ لياري ويلفيئر سينٽر، ص 91.

باب ڇهون

شاهه جو پيش ڪيل عورت جو روپ

1.                  شاهه، شاعري ۽ عورت

2.                 شاهه جون سورميون

شاهه، شاعري ۽ عورت

شاعريءَ ۾ سونهن جي حوالي سان عورت جو ذڪر ڪندي شاعرن ڪهڙو رويو اختيار ڪيو آهي؟ ڪن عشق سان لاڳاپيل سونهن جي تجربي کي بيان ڪيو آهي؟ ڪن جبلي ۽ جسماني تعلق جسماني سونهن جا گڻ ڳايا آهن. ڪن ڪردارن جي سونهن کي ڳايو آهي. ته ڪن جي نظرن چهري جو طواف ڪري ان مان اندر ۾ جهاتي پاتي آهي ته ڪن ماڳهين ڪپڙا لاهي کيس اگهاڙو ڪري پوءِ سندس انگن جي سونهن ۽ سڊولتا جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن. ان سموري اظهار پٺيان شاعر جي سماجي ۽ ثقافتي قدرن ۽ نفسياتي ڪيفيت جو عمل دخل هوندو آهي.  سنڌي شاعرن ۽ خاص ڪري شاهه لطيف جي اظهار کي سمجهڻ لاءِ ٿورو گهڻو ٻين ٻولين جي شاعرن جي اظهار کي به ڏسڻو پوندو ۽ اهو سندن تهذيب تمدني سماجي ۽ نفسياتي پس منظر جي حوالي سان ٿي سگهندو.

زندگيءَ جي حقيقت اها آهي ته اها سدا کان بدلجندي ۽ ارتقاءَ پذير رهندي آئي آهي. ان جا تهذيبي ۽ تمدني قدر به بدلجندا رهيا آهن. يعني سماج ۽ ثقافت ٻئي اڳتي وڌندڙ آهن. انهن سان لاڳاپيل لطيف ۽ غير لطيف فن به ڦرندا گهرندا ۽ اڳتي وڌندا رهيا آهن. انهيءَ تبديلي ۽ ارتقا جي ذهني رهنمائي ڪرڻ وارا انهن جا ڏاها فنڪار، شاعر، اديب ۽ سياستدان هوندا اهن. ادب هڪ اهڙو لطيف فن آهي. جيڪو انساني ذهن جي هڪ تخليقي عمل (creative activity) هئڻ ڪري هميشه اڳتي ئي وڌندو رهيو آهي. ۽ شاعري ان جي بلڪل شروعاتي ۽ بنيادي صورت رهي آهي ۽ اها به زندگيءَ جي تهذيبي ۽ تمدني قدرن سان وابسته هئڻ ڪري، قدرن جي تبديل ٿيڻ سان گڏ بدلجندي رهي آهي. پر هر جديد قدرن پنهنجي قديم قدر مان اسرندو آهي ۽ ان تي پنهنجو پايو استوار ڪندو آهي اها قديم قدرن جي تاريخي اهميت آهي.

زندگيءَ جون ڪي دائمي صداقتون به هونديون آهن، جيڪي تبديل نه ٿينديون آهن. جيڪي قديم کان  جديد ادب ۾ منتقل ٿينديون اينديون آهن. ڇاڪاڻ جو ادب انهي زندگيءَ جو ئي ته عڪاس آهي. سنڌي شاعري الائجي ڪڏهن وجود ۾ آئي ۽ شروع ۾ ڪهڙا مرحلا طئي ڪيائين. ان جا قدر ڪهڙا هئا. ان کان پوءِ  ان ۾ ڪهڙيون تبديلون آيون؟ موهن جي دڙي جي قديم سڌريل سماج جا اهڃاڻ ۽ ان جي سڀيتا کي ڏسندي اندازا ته گهڻئ لڳائي سگهجن ٿا پر بهتر اهو آهي ته اسين پاڻ کي صرف معلوم شاعريءَ تائين محدود رکون. جڏهن کان اسان کي سنڌي شاعري ملي ٿي. لوڪ روايت کان ڪلاسيڪي شاعريءَ تائين(ويندي هن مهل تائين) ان ۾ هڪ لاڳيتي ارتقا، نظر اچي ٿي نه صرف فارم ۽ گهاڙيٽي ۾ پر موضوع ۽ خيال ۾ به هڪ سلسلو آهي. جيڪو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته هر جديد قدر، قديم قدر مان اسرندو رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪي روايتون ٽوڙي نيون روايتون قائم ڪرڻ جا به ثبوت ملن ٿا. سنڌي شاعريءَ جي اوسر جا اوائلي سرچشما ڪهڙا به هجن بيت ۽ وائيءَ جي ڪلاسيڪي هيئت ان جو بنياد آهن. اهي ٻيئ صنفون آڳاٽيون آهن جيڪي فارسي بحرن تي ٻڌل نه آهن. پر سنڌي شاعريءَ جو سڀ کان عظيم سرمايو آهن. بيت هندي ڇند تي ٻڌل آهي ۽ وائي راڳداري جي اصولن تي، پنهنجي ماضيءَ جي زندهه روايتن جي حفاظت سان گڏ هر ڪا شاعري پنهنجي دور جون نيون روايتون به قائم ڪندي آهي ڇو ته ان جو پنهنجو زمانو ۽ بدليل حالتون هونديون آهن.

اسان ڏٺو ته موضوع يا خيال جي لحاظ کان ڪلاسيڪي شاعرن جي سلسلي ۾ قاضي قادن کان شاهه لطيف تائين هڪ وحدت نظر اچي ٿي. پر اها محض هڪ خاص حوالي، تصوف جي حوالي سان آهي. باقي زندگيءَ جي عام مسئلن جي حوالي سان شاهه لطيف وٽ وڌيڪ واضح تصور ملي ٿو. سنڌي بيتن واري بنيادي شاعري موضوع جي شاعري (Theme poetry) آهي، جيڪا مخصوص ڪهاڻين جي خاص ماحول خاص ڪردارن انهن جي عمل ۽ رد عمل ۽ اهڙين ئي ٻين حالتن تي مشتمل آهي.

هونءَ دنيا جي مڃيل ڪلاسيڪي تصنيفن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انهن ۾ هڪ ڳالهه ساڳي موجود آهي. سا اها ته موضوع شاعر کي ملي محدود مين رهکر بهي ان حدود سي ماوريٰ هوکر عالم انسانت کي مشترڪه اقدار کو چهوني لگتا هي، بالفاظ ديگر کلاسيڪ کا موضوع بنيادي اور اساسي (fundamental) هوتا هي، اور ابتدائي (elemental) نهين. مثال طور شاهنامه فردوسي قديم ايران جي ثقافتي عظمت ۽ ان جي تاريخ جي لاهين چاڙهين جو داستان آهي. پر هن داستان ۾ ايران ۽ ان جي تاريخ بلڪه سموري انساني عالم جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو حوالو آهي. تمدني عروج ۽ زوال، مختلف قومن جي ميلاپ سان هڪ نئين تهذيب جو پيدا ٿيڻ، بهادريءَ جا داستان صرف ايران جي وطن پرستي نه پر ان کان وڌيڪ وسيع ۽ مفهوم ۾ موجود آهن. عورت جا ڪردار هڪ ئي وقت سخت جان به آهن ته ڪئنري دل وارا به، عشق محبت جا قصا قومي شعور سان لاڳاپيل آهن، ائين ٿو لڳي ته رستم، سهراب، تهمينه يا اسفند يار سڀئي علامتون آهن. ايراني سڃاڻپ هٽائي ڏسبو ته اهي سڀ انسان، فرشتا، شيطان، وفادار، غدار، بهادر ۽ گيدي ڪردار ڪنهن به ملڪ يا قوم جا ڪردار لڳن ٿا ۽ ائين محدود دائري جا ڪردار ۽ موضوع لا محدود ٿيندا نظر ايندا.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود داستانن ۽ ڪردارن جي لاءِ به اها ساڳئ ڳالهه چئ سگهجي ٿي اهي سنڌ جي سڃاڻپ سنڌ جو حوالو ۽ سنڌ سماج سان لاڳاپو رکندڙ هوندي به انسانيت جي وسيع دائري ۾ ڪنهن به هنڌ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا محسوس ڪري سگهجن ٿا. وري مثنوي مولانا روم جي داستانن جا مثال اسلامي تصوف جي حدن کان گهڻا مٿي، عالمگير آفاقي، تصور تائين وڃي ٿا پڄن. مولانا روم جو انداز ٿورو مختلف آهي. هو شخصي واردات ۽ ذاتي ڪيفيتن جو بيان ٿو ڪري. ۽ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ پنهنجي جذبي جي ان انفرادي شڪل کي ٿو بيان ڪري جنهن جو پاڻ تجربو ڪيو اٿس ۽ هو انهيءَ انفرادي ۽ شخصي تجربي کي اهڙي طرح سان ٿو بيان ڪري جو ان ۾ آفاقيت (universality) جو عنصر پيدا ٿيو پوي. حافظ جو مثال ڪجهه مختلف آهي. حافظ جي غزل ۾ جذبات ۽ آتم ڪهاڻيءَ جو بيان آهي. دل سوزو گذار جي جن منزلن مان لنگهي ٿي انهن جون تصويرون آهن، روح تي جيڪي گذريو ان جو ذڪر آهي. تڏهن به اهو هر ڪنهن کي پنهنجي دل تي گذريل ڪنهن واردات سان ٺهڪندو محسوس ٿيندو. حافظ کي ڪي زوال پذير ٿا چون ته ڪي فرار ڏانهن مائل ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کان منهن موڙيندڙ پر ته به هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته پاڻ شعر جي ذريعي شعور کي پڙهندڙ تائين آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو. شاهه صاحب به پنهنجي شعر ذريعي شعور کي پڙهندڙ تائين آڻڻ جي ساڳئي صلاحيت رکي ٿو پر  ٻنهي ۾ هڪڙو بنيادي فرق آهي اهو اهو ته حافظ اهڙن ماڻهن جي زندگيءَ جو ترجمان آهي. جيڪي حال ۾ ماڻيل هڪ خوشي جو پل ۽ لذت جو هڪ لمحو به محفوظ ڪرڻ چاهيندا آهن پر لطيف وٽ ان جي ابتڙ فلسفو آهي هو ته اهڙيرتيءَ جي رهاڻ کان بان ٿو ڪري جنهن سان روح اڙجي وڃي. حافظ جي غزل وارو لهجو اردو شاعرن وٽ قابل قبول آهي جنهن ۾ هو اظهار ۾ تمام بيباڪ آهي پر شاهه صاحب پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سماج جي تمدني ۽ تهذب قدرن جو لحاظ رکندي اگهاڙپ کان پاسو ڪيو آهي. ڪلاسڪ جو ٻيو معيار يا سڃاڻپ اها آهي ته تلخيقڪار جو ذهن متوازن هجي ۽ وه جهان ادب کو اخلاقي تبليغ کا آله ڪار نهين بناتا وهان ادب کي ذريعي اخلاقي نظامون کا قلع قمع بهي نهين کرنا چاهتا. ڪلاسيڪي اديب يا شاعر اخلاق جا ڪجهه بنيادي ماڻ ۽ معيار ۽ قبول ڪندو آهي ۽ هو عام مروج اخلاقي معيارن کان مٿانهون (Amoral) هوندو آهي ۽ اها ڪلاسيڪي ادب جي خاصيت رهي آهي پر هو اخلاق جو دشمن، مخالف يا (Immoral) ڪونه هوندو آهي. اها ڳالهه به شاهه صاحب جي شاعريءَ جي حوالي سان سهڻي جي ڪردار سان لاڳو ٿئي ٿي. سهڻي جي بغاوت کي صحيح سمجهڻ مان بد اخلاق يا (Immorality) جي حمايت جو نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي. ڇاڪاڻ جو سهڻي سماج جي جنهن اخلاقي نظام جي پابند هئي ان سندس حق کي مڃتا ڪانه ڏني هئي ۽ سندس انهيءَ حق تلفيءَ کيس جواز ڏنو هو. سندس اهڙي روش جو شاهه صاحب هتي عام مروج اخلاقيات کان مٿانهون يا روشن خيال رويو اختيار ڪيو آهي. ڪلاسيڪي ادب ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جي ته اهميت هوندي آهي پر ان ۾ ماحول، پنهنجي تهذيب ۽ تمدن يا ڪلچر يا ڪمٽمنٽ به ضروري هوندي آهي. اهڙي تخليق ۾ شاعر جي پنهنجي قوم پنهنجو بهترين عڪس ڏسڻ چاهيندي آهي. شاهه صاحب انهيءَ معيار تي به بلڪل پورو آهي. هن سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندي ان ۾ موجود سڀئي حقيقتون سامهون آنديون آهن.

هتي هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڪلاسڪ (classic) جدا شي آهي ۽ ڪلاسيڪي روايت (classicism) جدا آهي. انگريزي ادب ۾ ڪلاسزم ۽ رومانٽسزم جي روايتن جو جهيڙو ٻي شي هو. سنڌي جي ڪلاسيڪي شاعرن جو ذڪر ڪرڻ مهل قاضي قادن، شاهه ڪريم کان شاهه لطيف واري سلسلي جي شاعرن مان مراد آهي، جيڪي پنهنجي ڪلاسڪ يا شاهڪار تصنيف جي ڪري هڪ مٿانهون رتبو رکن ٿا ۽ انهيءَ ڪري کين ڪلاسيڪي شاعر سڏيو ويندو آهي. سنڌي شاعرن جو اهو طبقو ڪيئن ۽ ڪڏهن انهي ڪلاسڪ درجي تي پهتو؟ جيڪڏهن ان  ڳالهه تي غور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته جيئن هر ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪي ادب ۽ فن پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري جا ضامن ٿي پوندا آهن تيئن سنڌي شاعريءَ به پنهنجو ڪردار نڀايو. اها شاعري ماڻهن جي جذبن جي عڪاس هئڻ سان گڏوگڏ ماڻهن لاءِ فخر جو ڪارڻ بنجي ويندي آهي ۽ ان ڪلاسيڪي شاعريءَ جي پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ ان ٻوليءَ جي ادبي ماحول ۽ اجتماعي ۽ قومي شعور پختو ٿي ويندو آهي. ڪلاسيڪي ادب جي خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته اهو محض وندر لاءِ نه هوندو آهي بلڪه ان جي فڪر ۽ فلسفي مان قومي ساڃهه جا اهڃاڻ ملندا آهن ۽ اهو ادب ڄڻ ته ڪي قدر ۽ معيار مقرر ڪري ڏيندو آهي. جيڪي ايندڙ زمانن ۾ ماڻ ۽ ماپا بنجي ان ٻولي جي ترقيءَ ۽ ان جي ادب جي واڌاري جا اهڃاڻ ٿي رهندا آهن. اسان جي ٻوليءَ جو ڪلاسيڪي ادب ان دور ۾ وڌيڪ اڀريو جڏهن سنڌ جي ڇڙوڇڙ قوتن ۾ هڪ قسم جي سياسي وحدت جو تصور اڀريو. ميان نور محمد ڪلهوڙي ڪيترين خامين هوندي به، هڪ اهڙي اتحاد جو پايو چاليهن سالن جي ڪوششن سان وڌو هو جيڪو وقت جي ضرورت هو. سنڌ جي ترقي لاءِ ٿورا گهڻا قدم به کنيا هئائين ۽ ماڻهن ۾ ٿوري گهڻي خوشحالي جا آثار پيدا ٿيا. ان وحدت ۾ نادر شاهه ۽ مدد خان پٺاڻ جي حملن هڪ ڀيرو وري ڏار وجهي ڇڏيا پر ان جي نتيجي ۾ ڌارين تهذيب ۽ ڪلچر، فارسي ٻولي ۽ ادب بدران پهنجي تهذيب ٻولي ۽ ادب سان چاهه وڌيو. قومي شعور ۾ واڌارو ٿيو ۽ ائين سڌي ادب ڪمال حاصل ڪيو. اهو ئي دور هو جنهن ۾ لطيف پيدا ٿيو هو جنهن قومي شعور کي پختو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. قومي فڪر کي زندهه رکيو. فني معيار مقرر ڪيا ۽ائين پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي قابل فخر بنايو.شاهه غلاميءَ مان آزاد پنهنجي ديس جو ائين هڪ نبار آدرش ۽ دنيا ۾ پنهنجي آزاد  ديسواسين جي انساني حيثيت  ۽ قدر جو هڪ پر خلوص ۽ معصوم تصور آڏو رکيو. هو هڪ بيحد ملوڪ فرد هو. سدا پنهنجي ڌرتيءَ ۽  پنهنجي ماڻهن سان جڙيل، انهن جي هر ڏک ۽ هر خوشيءَ سان واڳيل، بيحد هڪ حساس، متلاشي ۽ باغي روح، فطري ۽ سماجي فضا ۾ گهريل انساني زندگيءَ جي اهميت ۽ ان جي منزل جي ڄاڻ چاهيندڙ، اهميت ڀلاين ڀريل پر اڪٿ، منزل پري کان پري پر سدا اکين آڏو ته جيئن انفرادي ۽ قومي زندگي جي ان اعليٰ اهيمت ۽ منزل ڏانهن وڌڻ ۾ جو ڪجهه ٿئي سو ڪجي... شاهه جو رسالو سنڌ جي ان آزاديءَ جي تلاش ۽ قومي تشخص ۽ خود اظهاريت جي اڌمي جو ترجمان آهي.

هن سنڌي شاعريءَ کي خالص پنهنجون روايتون ڏنيون ۽ ماڻهن کي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب تي فخر ڪرڻ سيکاريو. هن پنهنجي ماڻهن جا ڏک سک محسوس ڪري، سندن امنگن کي شاعريءَ ۾ آندو ۽ زندگيءَ جون فلسفيانه حقيقتون واضح ڪيون ۽ عام ماڻهن سان سڌو سنئون رابطو قائم ڪري کين ٻڌايو ته ظاهر حقيقت ڇا آهي ۽ اندروني ڇا. شاهه صاحب جو دور سياسي سماجي اٿل پٿل ۽ طوفانن جو دور هو. جيتوڻيڪ سندس زندگيءَ ۾ ملڪ ۾ عام معاشي سياسي ۽ سماجي ڪابه وڏي تبديلي ڪانه آئي نه ئي طبقاتي ويڇن ۾ ڪو فرق پيو پر ته به انهن خلاف هڪ قسم جو شعور ضرور پيدا ٿيو. هيٺيون طبقو هيڻائي جو اهڃاڻ هو ۽ مٿئن طبقي جون ڏاڍايون زور هيون. اهڙي ماحول ۾ شاهه صاحب جون همدرديون ظاهر آهي ته هيڻن سان ٿيڻيون هيون ۽ هن انهيءَ طبقي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو. پورهيت طبقن کي نمائندگي ڏنائين. جڏهن ته ساڳئي دور ۾ ساڳئي قسم جي ٻين ٻولين جي شاعريءَ ۾ به ڏسبو ته گهڻو ڪري ڪردار مٿين طبقي مان کنيا ويندا هئا. جن جو تعلق ورسايل، سرڪاري درٻاري ۽ شاهي خاندانن سان هوندو هو. انهن جي تفصيل کي پورهيتن جي سر مارئيءَ جي حوالي سان واضح ڪيوسين. اسان جي هن دور جي ادب ۾ عوام سان همدردي ۽ وطن سان محبت نمايان نظر اچي ٿي ۽ جيتوڻيڪ اهڙيون قومي تحريڪون يا وطني آزاديءَ جي سياست موجود نه هيون پر هن سماج ۾ نا برابري، مذهبي، تفرقا ۽ تعصب ضرور هئا. جن جي نتيجي ۾ صوفي مت هڪ تحريڪ جي صورت ۾ اڀرندو نظر اچي ٿو. جنهن جي ڪري ان دور جي شاعرن اهڙن تعصبن خلاف زبردست هلچل هلائي ۽ ماڻهن ۾ منجهن انساني ڀائپي ۽ انسانيت ناتي هڪ جهڙائي جا آدرش ڏيڻ جي ڪوشش ملي ٿي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي مسلڪ سان سچو رهندي ٻين جي مسلڪ جو احترام ڪرڻ جو درس ملي ٿو:

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ مَ آهيين، جڻيو تو ته جڳاءِ،
تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شريڪ سين.
 

شاهه کي منافقيءَ کان نفرت هئي. هن جي اهڙي قسم جي فڪر جو اثر اڄ تائين اسان جي ڪلچر تي نظر اچي ٿو. ڏٺو وڃي ته تصوف سنڌ جي تاريخي حوالي ۾ هڪ ضرورت طور آيو ۽ قبول ڪيو ويو. ڇاڪاڻ جو ان ذريعي اسان جي سنڌ جي ڏاهن شاعرن انسانن وچ ۾ تعصب، ۽ نفرتن جي بنياد تي پيدا ٿيل ويڇن کي ختم ڪري، انساني ڀائپي جو درس ڏنو ۽ ان ۾ عالمي امن جو تصور ۽ پيار جو پيغام سمايل هو. شاهه لطيف جي پيار جو پيغام ۽ عالمي امن جو تصورسائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار جي حوالي سان دوست مٺا دلدار  عالم سڀ آباد ڪرين. ۾ بلڪل چٽو آهي ۽ ان کي سماجي حوالي سان ئي ڏسڻ گهرجي. اهو سماج ڪلهوڙن جي دور جو جاگيردارانه سماج هجي يا اڄ جو سماج جيڪو ان جاگيردار نظام جي باقيات کي سانڍي رکڻ سبب ڪو گهڻو مختلف ڪونه ٿي سگهي آهي. مسلمان، صوفين رامانج واري ڀڳتي تحريڪ جو به اثر قبول ڪيو ڇاڪاڻ جو ان جي خاص خوبين ۾ به پيار، پاٻوهه، ڀائپي موجود هئا ۽ اها ذات پات، دين، ڌرم جي ڌوڪن ۽ تفاوتن سببان پيدا ٿيل نفرتن کي ختم ڪري انساني محبت جو پرچار ڪرڻ لڳي ۽ صدين کان ٻانڀڻن، راجپوتن ۽ اچي ذات وارن جي ظلم جو شڪار عام ماڻهن، پورهيتن ۽ گهٽ ذاتين لاءِ نئون پيغام کڻي آئي هئي. اهو هڪ قسم جو انقلاب هو جنهن هندي تصوف جو روپ ورتو. اس هدني تصوف ني ايک ايسا روپ دهارن کيا، که بالآخر ڪفر و ايمان کي جهڳڙي مڻني لڳي، قلندر ني جوڳي کا بهيس بدلا اور جوڳي ني گيروا لباس زيب تن کيا.

اڳي جا صوفي دنيا ترڪ ڪري ڪنڊ وٺي ويهي الله الله ڪندا هئا، هو هن دنيا کي شر سان ڀريل سمجهندا هئا. ان ڪري روحاني توانائي ۽ خير کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن دنيا کان پري رهڻ تي زور ڏيندا هئا پر شاهه جو تصوف دنيا ترڪ ڪري حجري ۾ ويهي رهڻ وارو ڪونه هو.  بلڪه زندگيءَ جي حقيقت کي ڄاڻڻ، قبول ڪرڻ ۽ ورتائڻ جو تصوف هو جنهن ۾ ترڪ بدران طلب هئي. تلاش هئي، جيڪا زندگيءَ کي روان دوان ۽ متحرڪ رکڻ جي ڪوشش هئي. اهو فسلفو ابن العربي ۽ امام غزاليءَ جهڙن عالمن جو ڏنل هو. ابن العربيءَ جهڙن جليل القدر مفڪرن هن رد عمل (ترڪ دنيا) کان پاسو ڪيو ۽ منطقي طور تي عام مادي ۽ روحاني تعلق کي جديد فلسفي جي روشنيءَ ۾ تمام سهڻي نموني سان بيان ڪيو جو پوءِ جا مفڪر ۽ صوفي انهن کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي ڪونه سگهيا. شاهه صاحب اهي اثر سڌو سنئون قبول نه به ڪيا هجن پر مولانا روم جي مثنويءَ ذريعي اهي خيال ۽ نظريا مٿس اثر انداز ٿيا هوندا. شاهه صاحب زندگيءَ کي ڪنهن مقصد سان لاڳاپي ان جو طلب ۽ تلاش لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏڻ ۽ راهه ۾ ايندڙ هر قسم جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي نه ليکڻ ک سچي عشق جون علامتون بنائي پيش ڪري ٿو ۽ وٽس ان راهه ۾ آيل موت جي به هڪ خاص اهميت آهي:

اڳي  پوءِ  مران،  مرُ  مران  مارڳ ۾.

مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com