سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :25

جنهن درياهه سوين سهڻيون ٻوڙي ڇڏيون اهو به هن جي جذبي اڳيان جهڙو ٻڏي ويو. شرم کان مرم کان.

سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ،

وهه   وڃائيو پاڻ، هڻين ڪنڌ ڪپن سين.

اها آهي هڪ عورت جي عزم جي انتها ۽ شاهه صاحب ان کي ساراهيو آهي. اها مثالي جرئت ڪنهن مرد ۾ ڪانه ملندي. خود ميهار به ان جرئت کان وانجهو آهي. ميهار جي طلب سکڻي آهي. ان ۾ سهڻي واري ڳالهه ئي ڪانهي. تڏهن ته شاهه صاحب ميهار جي محبت جي بيان ۾ هڪ به بيت ڪونه چيو آهي. البت سهڻيءَ جي مرڻ کان پوءِ ان جو اظهار ڪرايو اٿس. جڏهن سهڻي ڪچي دلي تي درياهه ۾ گهڙي ۽ اهو وچ درياهه ۾ ڀرڻ لڳو تڏهن وٺي ميهار کي سڏ ڪيائين.

ڪچي ڪٽ نه جهليو، ڀيلو سهي نه ڀَرَ،

هٿين  پيرين  آڱرين،  ٻانهن  ڇڏيو  ٻر،

ساهَڙ سگهو ور، پيس  منهن مهراڻ جي.

ويچاريءَ کي واڳون، ڄرڪا، ۽ مڇ ورائي ويا. ڪيڏانهن ويس  وار، ڪيڏانهن چوڙا، ڪيڏانهن ٻانهن، ڪيڏانهن ٽنگ، اصل ڀاڱا ٿي وئي.

گهڙي گهڙو هٿ ڪري، الاهي تُهار،
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسي کي سنسار،
چوڙا ٻيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لڙيس وار،
لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيليون ٿرنئون ڌار،
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
 

انهيءَ وچ ۾ ميهار ڇا ڪيو؟

ميهار ملاحن کي اڀو آڇي اڇ،
آئون پڻ وجهان هٿڙا، ائين پڻ وجهو رڇ،
ڪنڌي ڪن ڪڻڇ، مان هون سلامت سپرين.
 

ڪڏهن وري بيٺو ملاحن کي منٿون ڪري ته مون کي ٻيڙي ۾ چاڙهي وٺي هلو.

ميهار ملاحن  کي   اڀو  ڪري سڏ،

ادا! انهي پار  جا،  موڙي  اچو  مڏ،

ويا جي وهه گڏ، هلو ته ڏوريون ان کي.

۽ جڏهن سهڻي نظرن کان اوجهل ٿي ويس تڏهن ٿو درياهه کي دانهن ڏي.

ڪنڌي جهليو ڪانهه، عاشق اڀو   آهون ڪري،

تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهن جي ٻانهن،

درياهه توتي  دانهن،  ڏيندس  ڏينهن  قيام جي.

شاهه صاحب جي ان بيت ۾ هڪ قسم جي حيرت آهي. طنز به آهي  ته عاشق ۽ ڪنڌيءَ تي بيٺو آهي؟ سو به ڪانهن جهلي، سهارو وٺي ۽ بيٺو درياهه کي دانهن ڏي، جڏهن سڀ ڪجهه ختم ٿيو ويو تڏهن سڏ ورائڻ مان ڇا وريو؟

اهو مرد ۽ عورت جي ڪردار ۾ وڏو تفاوت ۽ تضاد ڏيکاريو اٿس جيڪو گهڻو ڪري عشقيه داستانن ۾ موجود آهي ۽ شاهه ان کي اڀاريو به گهڻو آهي. هو عورت جي سهپ جي قوت ۽ عشق جي طاقت جو اعتراف ڪندي کيس مڃتا ٿو ڏي.

اڪثر روايتن ۾ ميهار جي ان ڪمزوري يا درياهه ۾ نه ٽپڻ جو اهو عذر ڏنو ويو آهي ته هن پنهنجي ران جو ٽڪر ڪپي سهڻي کي پڇائي کارايو هو. ان ڪري بيمار ۽ ڪمزور ٿي ويو ۽ درياهه  ۾ ڪونه ٽپي سگهيو پر منهنجي خيال ۾ اڄ جي دور ۾ راوين جي واتان بيان ٿيل اهڙين اڻ ٿيڻن ۽ ناممڪن ڳالهين تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي. ران جو ٽڪر ڪپي کارائڻ سان عشق جو رتبو وڌي ڪونه ٿو مرڳو ئي انساني گوشت کائڻ ۽ کارائڻ جو تصور ڪري ڪرڀ ٿي محسوس ٿئي.  شاهه صاحب به اهڙو ڪو اشارو ڪونه ڏنو آهي.

سهڻيءَ جي قربانيءَ جي ته ڪا برابري ڪانهي. مرڻو ته هڪ ڏينهن هر ڪنهن کي آهي پر جي سهڻيءَ وانگر پنهنجي من جي مراد ماڻڻ لاءِ مرجي ته اهو وڌيڪ بهتر ناهي؟ اهو وڌيڪ اطمينان ڏيندڙ ناهي؟ ائين ڪرڻ سان جيئن سهڻي پنهنجو نالو سچن عاشقن ۾ لکائي وئي تيئن هر  ڪو لکائي سگهي ٿو. سهڻي پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ جدوجهد ڪندي ٻڏي مئي ته سندس مرڻ به مانائتو ٿيو ۽ پاڻ به مان واري بڻي.

ته ڪر ڪئن سُئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏ تان نه هئي،
چُڪيءَ تنهن چري ڪي، جو ڏنس ان ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڏو قرب ڪُهي،
هونءَ ئي هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
 

جيئن اڳ ذڪر ٿيو ته اڪثر لوڪ داستانن جي پڇاڙي ۾ سورمن ۽ سورمين جي موت جي صورت ۾ سندس هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ مشاهدو ماڻڻ جو ذڪر ڪيو ويندو هو. جيڪو لڳي ٿو ته دل کي خوش ڪرڻ ۽ الميي (Tragedy) جي انتهائي ڏکوئيندڙ احساس کي جهڪو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو هو. خاص ڪري عورت جو انت گهڻو ڪري اهڙو ئي هوندو هو ان جو سبب اهو آهي جو گهڻو ڪري سمورا قصا جاگيرداري دور جا آهن. ۽ ان سماج ۾ عورت جي پنهنجي ڪا هستي يا مرضي ڪانه هوندي هئي. کيس بي زبان بي وس سمجهي عشق جي راند ۾ شطرنج جي مهرن وانگر ”ٿيڻي“ هٿان مارايو ويندو هو ۽ پوءِ اها مرڻ کان پوءِ مشاهدي ماڻڻ جي سمجهاڻي (justification)  ڏني ويندي هئي.

هن سموري سر ۾ شاهه صاحب پاڻ سهڻي جي سموري واردات بيان ڪئي  آهي. سسئي جي ڀيٽ ۾ سهڻيءَ جي واتان گهٽ اظهار ڪرايو اٿس. ان ڪري هن ۾ سسئيءَ وانگر سورن جو ذڪر گهٽ آهي”۽ اهو قدرتي آهي ته جڏهن آدمي پنهنجن سورمن جو پاڻ ذڪر ڪندو آهي ته اهو وڌيڪ دل ڀڄائيندڙ ٿيندو آهي.“(16)

سهڻيءَ جا سور ٻين سورمين کان وڌيڪ هوندي به هوءَ ٻاهر ٻاڦ ڪانه ٿي ڪڍي سگهي. ها عشق جي پڙ ۾ پير پٺتي نه ڌريائين نه ان کي لڄايائين. هن نيهن ڪرڻ جھاتو ٿي. سندس سڪ جهلڻ جي هئي نه پلڻ جي. راتو ڏينهان ميهار ئي من ۾ هئس ۽ پنهنجو قول ۽ وفا نڀائيندي سر ڏيئي سرخرو ٿي وئي.

حوالا

(1)                 نظاماڻي الله بخش، سر سهڻي جو مطالعو، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد، ص ب.

(2)                 بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، مشهور سنڌي قصا، عشقيه داستان، 6، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976، ص 2

(3)                ايضاً، ص 30

(4)                گربخشاڻي هوتچند، مولچند، روح رهاڻ، ايڊوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي، 1936، ص 66.

(5)                شاهواڻي غلام محمد، شاهه جو رسالو، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد، ص 27.

(6)                 Lalwani, lilaram watamal  The life, Religion and Poetry, of shah latif sindhi kitab ghar  indus publications Karachi1985, p70

(7)                پروفيسر شارب باردي ڍولي، پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ لاهور، 1985، ص 272.

(8)                شيخ اياز، رساله شاهه عبداللطيف، شاهه عبداللطيف ڪي ڪلام ڪا منظوم اردو ترجمه، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ص 61.

(9)                 Ansari akram The Divine In flux- symbolism in latifs Poetry. Institue of Sindhology, Sindh University JamShoro. p.132.

(10)            قريشي عبدالغفور، پنجاب ادب دي ڪهاڻي، اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد، 1987، ص 157.

(11)             بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، مشهور سنڌي قصا، سنڌ جا عشقيه داستان، 6، سورٺ راءِ ڏياج،۽ هير رانجهو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976، ص، 198. (قصو هير رانجهي جو اصل ڇپيل 1885)

(12)             پروفيسر شارب ، بار دي ڍولي، پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ لاهور، ص 272.

(13)              Ansari akram The Divine Influx- symbolism in latifs Poetry p.133.

(14)               گربخشاڻي ڊاڪٽر هوتچند، مولچند، روح رهاڻ، 72.

(15)              Ansari akram The Divine Influx- symbolism in latifs p.133.

(16)             ڀمڀاڻي، پروفيسر نارائڻ داس، شاهه جون سورميون، مڪتبه اسحاقيه جهونا مارڪيٽ ڪراچي، ص 58

سُر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جو ڪردار

سُر ڪاموڏ هڪڙو ننڍڙو سُر آهي، ننڍڙي ذات جي معصوم دل واري نماڻي نينگر نوريءَ جو سُر آهي. پر اصل ۾ ڏٺو وڃي ته هن ننڍڙي سُر ۾ وڏو فسلفو سمايل آهي. ننڍي ذات وارن جي وڏائي بيان ٿيل آهي. ننڍڙي نماڻي نينگر جو وڏو ڪردار  ڏيکاريل آهي.

شاهه سائين اهڙو مفڪر آهي، جنهن پنهنجي هر تخليق کي ڪنهن خاص مقصد ۽ مراد لاءِ ٿي جھاتو، وٽس ان لاءِ وڏا محرڪ هئا، سندس اندر جي اڌمن، جذبن جي جولاني ۽ خيالن جي خوبي سندس هر تخليق کي اهڙو روپ ڏنو جو اها هر دور ۾ ۽ هر جاءِ لاءِ يڪسان سچي ثابت ٿي سگهي ٿي.

شاهه جي دور جو سماج تضادن جو سماج هو. ان تضادن واري سماج ۾ جتي هڪڙا مراعات وارا طبقا (Privilaged classes) هئا ۽ ٻيا محروم طبقا (deprived classes) هئا. هڪڙن وٽ دنيا جون سڀ نعمتون هيون ۽ سندن ضرورت کان گهڻو وڌيڪ هين ۽ ٻين وٽ ڪجهه به ڪونه هو. بنيادي انساني ضرورت جون شيون به ڪونه هيون. هڪڙا سارو ڏينهن ڪجهه به نه ڪرڻ جي باوجود سکيا هئا ۽ ٻيا اسر کان اٿي سمهاڻي تائين هڏ هڻي به پيٽ بکيا هئا. هڪڙا سست، ڪاهل، ڪم چور، پرائي مال تي پرمار اچي ذات وارا سڏبا هئا. شاهه، ملان ۽ قاضي ڪوٺبا هئا ۽ ٻيا پورهيو ڪرڻ وارا، پگهر وهائڻ وارا، پرماريت جو شڪار، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، مهاڻا، ماڇي، موچي، ساٽي، نيچ ذات وارا سڏبا هئا. ۽ ڌڪاريا ويندا هئا. انهن ٻن طبقن ۾ آسمان ۽ زمين جو فرق هو. منهنجن وڏي وڇوٽي هئي. اوچ نيچ، ذات پات جا ڀيد ڀاو اوج تي هئا. شاهه صاحب کي اهي ڀيد ڀاوَ پسند ڪونه هئا سندن ويچار ۾ اهي ويڇا وڏي خرابي هئا. پاڻ پهرين ورسايل طبقي مان هئڻ جي باوجود محروم طبقن سان ٻڌل يا ڪميٽيڊ هو. ڌرتيءَ ۽ ڌوڙ ۾ ان جي ڌڌڙ ٿيل انسانن سان سندس اٽوٽ انگ هو. پورهئي ۽ پورهيتن لاءِ وٽس مان هو. جهڙي ريت مارئي هڪ ماڙيچي پنهنجي سر مارئي ۾ سچي سورمي ڪري پيش ڪيائين  تهڙي ريت نوري، هڪ مهاڻي پنهنجي هن سر ۾ هڪ اعليٰ وصفن واري ڇوڪري ڪري ڏيکاري اٿس.

مارئي جا مائٽ ماڙيچا هئا. سنڌي سماج ۾ گهٽ درجي ۽ ذات جا ماڻهو سمجهيا ويندا هئا ۽ اهو وساري ته اهي هن ڌرتي جا اصلوڪا وارث آهن  ماڻهو کين ڌڪاريندا رهيا آهن. شاهه سائينءَ انهن کي پنهنجي رسالي ۾ مارئي جي حب الوطنيءَ جي حوالي سان سموري سنڌي قوم جو فخر  بنائي ڇڏيو ۽.... اڄ هر سنڌي نياڻي پاڻ کي فخر سان ”مارئي“ ٿي سڏائي.

ساڳيءَ طرح مهاڻن جو ڪم مڇيءَ سان هئڻ ڪري ککي ڌپ ۽ گندگيءَ جو احساس گڏي کين سماج جي سڀ کان هيٺيئن سطح جا انسان سمجهيو ويندو هو. انهن جي رنگت عام پورهيو ڪندڙن وانگي ڪاري، ڪوجهي، مور نه موچاري، ۽ انهن جا جسم ڇڇيءَ هاڻا سمجهي ڪو اچي ذات وارو پاسي ۾ وهارڻ کان به ڪيٻائيندو هو پاند سان پاند لڳڻ ته پري ٿيو.

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،

پاند جنين جي پاند سين، لڳو  ٿئي  لڄ،

سمون ڄام، سهڄ، اڀو ڪري  ان  سين.

اهڙن ڌڪاريل انسانن جي ڌيءَ نوريءَ کي هن سر ۾ شاهه سائين اهڙو مان مرتبو ڏنو آهي جو اها پنهنجن ماڻهن جو مرڪ ٿي وئي آهي. سنڌ جا اهي لوڪ داستان ماڻهن جا اڳ ٻڌل سئل هئا ۽ ماڻهو انهن مان واقف هئا. پر جيستائين شاهه سائين انهن کي پنهنجي پارس لفظن سان ڇهي سون نه ڪيو تيستائين نه مارئي ملڪ جي محبت جو اهڃاڻ بڻي، نه ئي نوريءَ  کي خودداريءَ ۽ عزت نفس جي حوالي سان ڪنهن ڄاتو. هنن سورمين ۽ سندن مائٽن جي گهرو زندگي، سماجي حالت، سندن ڌنڌي ڌاڙي جي ڄاڻ، سندن پورهين جي تمام گهٽ مڃتا   ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ ۽ سندن انتهائي غربت ۽ مفلسيءَ جو نقشو چٽڻ کان پوءِ  شاهه صاحب وري سندن ڪردار جي انتهائي بلندي ٿو ڏيکاري. ائين ڪرڻ سان ڄڻ ته هو انهيءَ عام تاثر جي نفي ٿو ڪري ته ڪو انساني پورهيو ۽ پورهيت نيچ ٿي سگهن ٿا. سندن نظرئي مطابق ”ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي“ انساني جوهر ته پاڻ محنت سان وڌيڪ نمايان ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب هر قسم جو هٿ جو پورهيو ڪندڙن کي ۽ سندن ڪم کي ساراهيو آهي ۽ انهن جي اعليٰ ڪردار جي پنهنجي بيتن ۾ ساک ڏني آهي. ڪنڀر، ڪوري، لهر، ٺاٺارا، مهاڻا، ماڇي ۽ هاري ناري سندن ڪلام ۾ اعليٰ انسان آهن.

انساني صورت ۾ سيرت جو دولت ۽ شاهي جاهه ۽ جلال سان ڪو به واسطو ڪونهي. هو ثابت ٿو ڪري ته انساني ڪردار جون خوبيون ڪنهن مصنوعيت جون به محتاج ڪونه آهن.

”نوري مهاڻي آهي، مڇي وڍي وڪڻڻ سندس ڪرت ۽ ڪسب آهي، پر وٽس سونهن آهي. ٻاهر جي به ته اندر جي به! سندس سيرت ۾ سلڇڻائي آهي. ان ڳهه ڳٺي جي سينگار سان ئي هوءَ آرائشي هار سينگار ڪندڙ سمين ۽ سومرين تي فوقيت ۽ برتري ماڻي ٿي. هوءَ اعليٰ ۽ اتم مڪان ماڻي ٿي. ڄام ملڪ جو حاڪم ۽ اقتدار جو مالڪ آهي. هو ان گهٽ ذات  پورهيت عورت سان پيار ٿو ڪري ۽ عشق ۾ ذات پات جي مت ڀيد، طبقاتي ننڍ وڏائيءَ ۽ حاڪم محڪوم، راجا ۽ پرجا جي سنڌيءَ کي ريٽي ريبي ٿو ڇڏي. ڄام سمون ۽ نوري مهاڻي هڪ جان ٻه قالب ٿي ٿا وڃن. ڄام کي پنهنجي سماجي درجي جي باري ۾ ڪو به احساس برتري نه آهي ۽ نه اهڙي ذهني مونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو.“(1)

شاهه لطيف پاڻ به اوچي سماجي پد کي ڇڏي غريبي ۾ گذارڻ بهتر ڄاتو هو. هن وقت جي درباري، علمي ۽ ادبي ٻولي فارسي ڇڏي پنهنجي پيڙهيل عوام جي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ ڪئي ۽ پنهنجا ڪردار به انهن ئي مٽي هاڻن ماڻهن کي بڻايائين. سهڻن ماڻهن، سرهاڻ ڀريل وجودن ۽ محلن ماڙين بدران پگهر هاڻن پورهيتن، مور نه موچارن ماڻهن جي نماڻي طبقي جو اڀياس ڪري انهن جي زندگيءَ جو نقش چٽيائين.

ڄاريون، کاريون، ڇجھ، ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهن، وهن سر ٻانڌئين، سڀيئي  بدبوءِ هاڻ،
لڌڙن جئن لطيف  چئي،  پاڻي  وجهن  پاڻ،
تن ملاحن جو ماڻ، سمي سر ڪئو پانهنجي.
 

”جهڙا تهڙا، سادا، سودا، نماڻا، ڪارا، ڪوحا جن جي گوڏ ۾ گند آهن، جن مان ککيءَ ۽ ڇڇيءَ جي ڌپ پئي اچي، اهي منهنجا آهن. مان انهن کي مڃيان ٿو. انهن ۾ منهنجو ايمان آهي ۽ انهن مٿان اڏيل ڪوٽ کي ڪيرڻ جي آس رکان ٿو، اهو آهي شاهه لطيف جيڪو ملڪ جي مٽي ۽ ان جي ماڻهن ۾ غير مشروط مڃتا ٿو رکي.“

اهو هڪڙي قسم جو اسان جو قومي مزاج هو جنهن کي نمايان ڪيو اٿس. هن ملڪ جي اصلوڪن رهاڪن، اصلي وارثن ڪڏهن به ڌن ۽ دولت کي گهڻو مان ڪونه ڏنو آهي. ڪجهه ورسايل طبقا قومي ڌاري کان ڌار ٿي سگهن ٿا. جن کي پنهنجو مرتبو ۽ مراعتون پياريون هيون. هن ڌرتي جي اصل ڌڻين هميشه ڌن ۽ ڌن وارن کي ڌڪاريو آهي. اهي ئي اصل ۾ لطيف جا ڪردار آهن، اهي ئي عام ماڻهوءَ سندس موضوع آهن. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو آهي ته پنهنجن اوصافن جي ڪري، پنهنجو من ماري ٻين کي سک پهچائڻ سبب، پڻ اگهاڙو رهي ٻين جو تن ڍڪائڻ وارو اعليٰ انسان آهي.

پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ،

ڍڪي اگهاڙن کي ڪين ڍڪيائين پاڻ،

ٻيهر ڄاپي پاڻ، ابر  جي  اوصاف  کي.

ان ڪري مختلف سرن ۾ پاڻ جن ڪردارن کي ڳايو اٿس، سي سماج جا ڪمزور ڪردار آهن. هن شهزادين ۽ شهزادن کي گهٽ ۽ غريبن کي وڌيڪ ڳايو آهي. سر ڪاموڏ ۾ به نوريءَ ۽ سندس مهاڻن مائٽن جي ڄام تماچي ۽ سندس وڏ گهراڻين راڻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عڪاسي ڪئي اٿس.

عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ فنڪار ڪائنات جي مختلف منظرن کي مختلف انداز ۾ ماڻيندو آهي يا Concieve ڪندو آهي. سندس مشاهدي جي قوت به ٻين کان تيز هوندي آهي ۽ جيڪڏهن وٽس انهيءَ انوکي تجربي کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جي قوت آهي ۽ انهيءَ ماڻيل يا concieve ڪيل منظر جو چٽ چٽڻ لاءِ لفظن جي جادوگريءَ ڄاڻي ٿو ته اسان کي اهڙيون لفظي تصويرون ڏيکاري سگهي ٿو جن ڏانهن هونءَ جيڪر اسان جو ڌيان به نه وڃي. لطيف فطرت جو اهڙو مشاهدو ماڻيو هو ۽ وٽس اهڙي قوت هئي جنهن سان هن اسان جي اڳيان جيئريون جاڳنديون تصويرون چٽي بيهاريون آهن. جڏهن چوي ٿو.

هيٺ جر، مٿ مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،

اچي وڃي وچ  ۾،  تماچيءَ  جو ساءُ،

لڳي اتر واءُ، ڪينجهر  هندورو ٿئي.

تڏهن ڪينجهر ۽ ان جو ڪنارو پنهنجي پوريءَ سونهن سان اکين اڳيان اچيو بيهي، سنسڪرت جي مها ڪلاڪار ڪاليداس لاءِ چيو ويندو آهي ته سندس سڀ کان وڏي خوبي سندس منظر نگاري ۽ عڪسيت آهي ۽ هن اهڙا خوبصورت ۽ نيچرل عڪس چٽيا آهن جو اصل فوٽو گرافيءَ جو گمان ٿيندو آهي. سو شاهه لطيف لاءِ به اسين چئي سگهون ٿا ته سندس فطرت جي عڪاسي اهڙي ته فطري ۽ اصلوڪي لڳندي آهي جو اصل منظر اکين اڳيان اچيو بيهي ۽ بقول تنوير عباسيءَ جي ”هن جي شاعراڻي عڪاسي فوٽو گرافي نه پر ان کان به وڌيڪ واضح ٿئ ٿي، جنهن ۾ منظر ۽ پسمنظر ٻئي چٽا ۽ صاف بيٺا هوندا آهن.“

سر ڪاموڏ ۾ شاهه صاحب جي منظر نگاري انتهائي بلنديءَ تي نظر ٿي اچي. هو بظاهر خوبصورت منظرن جا چٽ نه ٿو چٽي، بلڪه هر اها شي جيڪا ڏسي ٿو، سندس موضوع بنجي سگهي ٿي. بقول علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي.

“As to the objects, he picks up any thing that falls in his way, be it a dried thornbush, a swan, a cloud or a yogi walking in the mountains, the formal side of the object does not concern him. it is only. singnificance that inspires him and  he expresses it”

هن بيت ۾ ڏسو ته ڪيڏو نه چٽو عيني عڪسي منظر (Vivid visual image) آهي.

هيٺ جر، مٿي مڃر ڪنڌيءَ ڪونر ترن
ورئي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ٿئي.
 

ان ۾ روشني آهي، ساوڪ آهي، گل آهن، پاڻي آهي ۽ ڍنڍ جو مڪمل نقشو آهي. ۽ اها ئي بتهرن عڪاسي (imagery) سمجهي ويندي آهي. ادب ۽ عڪسيت جي باري ۾ چيو ويو آهي ته.

“The elements of visual imagery are colour, light and shade and line”

لفظن جي سهڻي جڙاءُ سان جيڪو حسن ۽ جمال پيدا ڪيو ويو آهي، منظرن جي حقيقي تصوير ڪشي سان جيڪي عڪس پيدا ڪيا ويا آهن، اهي تمام اعليٰ قسم جي فنڪاري ڏيکارين ٿا.”شاهه ڪينجهر جي نيڻن ٺار نظارن جو نهايت نرالو ۽ نرمل نقشو چٽيو آهي، جنهن جي مطالعي مان نوري ۽ ڄام تماچي، ڪنول ۽ ڪوڻيون، وڻراهه، مياڻيون ۽ ملاح، مڃر ۽ موتي اکين آڏو اچي ٿا وڃن. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هينئر ڄام تماچي ۽ نوري هڪ خوبصورت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪينجهر جو سير ڪري رهيا آهن ۽ اتر واءُ لڳڻ ڪري ڪينجهر هندوري وانگر جهومي رهي آهي.“

مي هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هو.
 

هو رڳو نظارن جا عڪس ڪونه ٿو چٽي، پر انسانن جا، ڪردارن جا اهڙا روپ ٿو  ڏيکاري جو اهو يقين ٿو ٿي وڃي ته هن جو انساني نفسيات جو گوناگونيءَ کان سواءِ ماڻهن جي ظاهري شڪل شبيهه ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو تمام ڳوڙهو مشاهدو ڪيل آهي.

ڪاريون ڪوجهيون ڪوڙيون، مور نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
انين جي آريون، سميءَ ريءَ ڪير سهي.
 

اتي اسين ڏسون ٿا ته فنڪار رڳو ظاهري طور سهڻن منظرن ۽ ماڻهن جي عڪاسي نه ٿو ڪري بلڪه بظاهر بدصورت بدبودار ۽ اڻ وڻندڙ شين ۾ به هو هڪ قسم جي سونهن ٿو پسي.

“Literature is not made only of images of the beautiful and delicate and the refined moon light, roses and clouds, these, are often falsely supposed to be the only proper subjects of art there are also found images of a stench of vomit  and dry throat of extreme thirst”

مهاڻا سنڌ جي هڪ قديم قوم آهن، سندن نقشو چٽيندي جڏهن چوي ٿو.

کاڄ جنين جو ککيون، مال جنين جو مڏ،

سمي سي ئي سيڻ ڪيا، هيڻا جنين هڏ،

ڄام پرتئي لڏ، سانگين جي سيد چئي.

تڏهن سندن لهجي ۾ ڪيڏو نه پيار ۽ پاٻوهه آهي. نوري واتان ڄام کي پارت ٿو ڪري، هي ويچارا غريب ۽ هيڻا آهن ۽ وٽن ڪو سمر ڪونهي. ان ڪري اهي توکي پرتا آهن.

اهو سمورو پس منظر آهي ۽ انهي جو پيش منظر آهي ”نوري جو ڪردار“ جيڪو سموري سر جو مرڪزي  ڪردار آهي. جيڪو پنهنجي ڪرداري خوبين جي ڪري اهميت جو حامل آهي. شاهه سائين نوريءَ جي ڪرداري خوبي سندس نياز ۽ نئڙت کي ڄاڻايو آهي. کيس وڏائي کان ونءُ ويندڙ ۽ تڪبر کان توبهن ڪيل ڏيکاريو اٿس. ۽ انهي ڪري ئي  وڏ گهراڻين راڻين وچ ۾ پٽ راڻي بڻجي ويئي ۽ پوءِ به پنهنجا مهڻا مائٽ ۽ انهن جي پر نه ڇڏيائين. سندس وجهه سان تماچي به انهن مسڪينن تي مهربان ٿيو ۽ کين ورسائي ڇڏيائين.

”سکي جيوت ماڻيندي به دکن وارو سمو نه وسارڻ، سهاڳ جي سيج ڀريندي به انگلن آرن کان پري رهڻ، بي عيب هوندي به پاڻ کي عيبدار سمجهڻ، هميشه شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ اعليٰ هستين جو لڇڻ آهي. نوريءَ جي سيرت مان شاهه صاحب ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪي انسان سکن ۾ رهي به مرمامتا ٿين ٿا ۽ مٿانهين مرتبي تي هوندي به ڪنڌ هيٺ اٿن.“ عام زندگيِءَ ۾ به ڏٺو وڃي ته سونهن ۽ نمرتا، حسن ۽ حليمائي جو ميلاپ وڻندڙ لڳندو آهي. جي حسين ماڻهو مغرور هوندو ته بنهه ڪونه وڻندو پر جي حسين هئڻ سان گڏ حليم به  هوندو ته دل کٽي وٺندو.

نوريءَ ۾ ظاهري سونهن به گهڻي هئي جنهن تي ڄام موهت ٿيو هو. ان جو نظارو به نروار ڪيو ويو آهي. لطيف چوي ٿو.

ڪينجهر ۾ باهه ٻري، هيڏي ويل ڪياءِ،
نڪو ورن وڄ جو، نه ڪو شمس شعاع،
لٿو پانڌ مهاء، مٿي چڙهندي مڪڙي.
 

انهي سڀاڳي سونهن سندس مائٽن کي گهڻئي مراعتون وٺي ڏنيون ۽ پاڻ به تماچي جي توجهه جو مرڪز بڻي.

تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو، جهڙي سونهن سندياس،
مڏ مياڻيون، مڪڙا، مڙئي معاف ٿياس،
مورڇل مٿاس، اڀو تماچي تي هڻي.
 

هن جي نه صرف صورت سهڻي هئي پر سڀاءُ ۽ هلت چلت جي به سهڻي هئي جو گمان پئي ٿيو ڄڻ ته ڪو شاهي اصل نسل هئس.

هٿين پرين ارکڻين، منهن نه مهاڻي،
جئن سڳو وچ سرندڙي، تئين راڻين ۾ راڻي،
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾.
 

پر سندس اصل سونهن لطيف جي نظر ۾ ٻي  آهي.

نوريءَ جي نياز جو، عجب اجهل هوءِ،
سمون سر سڀن ۾، مي مور ڇئو سوءِ،
اچيو اڀين پوءِ، حجت ڀڳت راڻين.
 

سندس اجري من ۾ نڪو گيرب آهي نه گاءُ ان ڪري وڻي ٿي.

مهاڻي جي من ۾ نه گيرت نه گاءُ،
نيڻن سين ناز ڪري، ريجهايائين راءُ،
سمون سڀن  ملاءُ، هيريائين حرفت سين.
 

نوري جو اهڙو ڪردار ڪيئن ٿيو؟ هوءَ راڻي ٿي وڃڻ کان پوءَ به هر وقت اهو ڇو ٿي ورجائي ته:

تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،
پسي راڻين روءِ، متان ماڱر  مٽئين.
 

انهيءَ نئڙت ۽ نياز، کانڌ ۽ کميا جو اصل سبب ڪهڙو هو، ان کي سمجهڻ لاءِ هن سر جو سماجي ۽ اخلاقي پسمنظر ڏسڻو پوندو. ڪهاڻيءَ جي ارتقا سان گڏ نوريءَ جي ڪردار تي نظر وجهڻي پوندي. ڄام تماچي جي ڪردار کان سواءِ سندس ٻين راڻين سمين ۽ سومرين جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com