سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

باب: --

صفحو :36

نقلت لها، سيري وآرخي زنا مها، ولا تعديني من جناڪ المعلل.

مطلب: مون هن کي چيو ته تون پنهنجو ڪم ڪندي رهه ۽ اٺ جي ناڪيلي ڍلي ڪر، پر خدا جي واسطي مون کي پنهنجي ڀريل اڀريل جوڀن کان پري ته نه ڪر.

اسلام اچڻ کان پوءِ عورتن جو رتبو ڪجهه بدليو ته اها روايت به بدلي، دنيا جي ٻئي ادب تي نظر وجهڻ سان ديومالائيءَ قصن کان وٺي اهو جنس جو موضوع شاعرن ڪم آندو آهي. دنيا جي قديم تهذيب جنهن جي ٻولي پڙهي وئي آهي. سا سميري تهذيب آهي. موجوده ڏکڻ عراق جي شهري رياست جيڪا 0082 ق. م جي هئي ان مان مليل شاعريءَ ۾ گل گامش جو داستان ملي ٿو جيڪو ڏند ڪٿا آهي. ان ۾ پڻ عورت ۽ مرد جي تعلق کي تمام کولي بيان ڪيو ويو آهي:

عورت! اب تو اپني چهاتيان کهول دي،
او اپني پيرون کو ننگا کردي.
تاکه و تيري بهرپور جواني پر قابض هوجائي.
 

ور ٻئي هنڌ هي لفظ ملن ٿا:

پهر ساحره ني بند قبا کهولا، اور ساري مسرتين اس کي (گل گامرش) کي سانسون ۾ انڊيل دين، پهر عورت ني مرد مين کيف و انبساط کي ايک دنيا آباد کردي، جس کي خالق صرف عورت هي هوسڪتي هي.

اها  خبر نه آهي ته عورت جي وڏائي بيان ڪئي وئي آهي. يا مرد جي لذت جو نقشو چٽڻ جي ڪوشش آهي. انهن داستانن جو اصل پس منظر معلوم هئڻ کان سواءِ ڪجهه چوڻ ٺيڪ ناهي. جيتوڻيڪ ديومالائي ادب ۾ اڪثر ڪري تقدس ۽ پاڪيزگيءَ جو عنصر هوندو آهي پر ڏٺو وڃي ته عورت جي جسم جي عضون جو ذڪر  انهي ۾ گهڻو ڪيو ويو آهي. پوءِ جي دورن جي معلوم شاعرن مان مختلف ملڪن جي حوالي سان هومر، ڪاليداس، والميڪي، شيڪسپئر، جامي ۽ ڪيترن ٻين شاعرن پڻ اهو ئي رويو اختيار ڪيو آهي. ايران جي صوفي شاعرن ته تصوف ۽ معرفت تي جنهن انداز ۾ لکيو. ان کي مجازي رنگ سڏيو ويو آهي. ان ۾ معشوق جي حسن جو ذڪر ڪندي سندس انگن جو ذڪر تمام کولي ڪيو ويو آهي. مولانا جاميءَ ته حد ئي ڪري ڇڏي جو يوسف زليخا جي حوالي سان تمام اگهاڙا شعر چيا، حافظ جي معشوق جو وري هي تصور آهي:

مئي دو ساله و معشوق چارده ساله،
همين بس است مرا صحبت صغيرو کبير.
 

اردوءَ ۾ به صوفي شاعرن جو حال مختلف ڪونه آهي. انهن صوفين وٽ انهن ڳالهين تي زور هئڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته گوشي نشيني ۽ اڪيلي  تجرد جي زندگي گذارڻ جي ڪري انهن مان اڪثر جنسي بک جو شڪار هئا. هو خانقاهن ۾ رهڻ جا عادي هئا. ان ڪري سندن تجرد جي زندگي سندن انهي فطري جذبي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري حقيقت جي باري ۾ به پنهنجن خيالن کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيا. جيڪو سماج رنگين مزاج هوندو آهي. ۽ عيش پرستي عام ته ان زماني جي شاعري به اهڙي هوندي آهي. شاعرن وٽ عيش پرستيءَ جا ٻه موضوع عام هوندا آهن. عورت ۽ شراب اها راءِ ايراني شاعريءَ سان لاڳو ٿئي ٿي وري اردو شاعريءَ بابت راءِ تي ٿا نظر وجهون.

اردو شاعري رکاکت مين ايراني شاعري سي بهي بڙهه کر هي محبت کا تصور بهت هي ادنيٰ اور گنده هي. عاشق بوالهواس هوتا هي اور طالب وصل. معشوق عفت و پرهيزگاري سي دور عشاق کي پهلو گرماتا رهتا هي.

سنڌي شاعرن وٽ محبت جو تصور تمام اوچو آهي. ان ڪري عاشق معشوق جو هڪ ٻئي لاءِ لڇڻ ڦٿڪڻ، ملڻ لاءِ ماندو ٿيڻ ۽ وصل جون ڪيفيتون تمام خوبصورت لفظن ۾ بيان ٿيل آهن. جيتوڻيڪ پوءِ جي دورن ۾ فارسي غزلن جي اثر ۾ سنڌي جي ڪن شاعرن جسم ۽ جنس جي حوالي سان شاعري ڪئي جن ۾ گدا سرفهرست آهي. پر اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن مان ڪنهن به ڪو اهڙو خيال ڪونه ڏنو. هنن وٽ محبوب جو بلند تخيل هئڻ ڪري حسن جي بيان جا پنهنجا معيار هئا. هو ڄڻ ان خيال جا هئا ته حسن جو ادراڪ ٿيندو ئي قاصلي تان آهي. گهڻو ويجهو کان ته ڪو به چهرو صاف نظر ڪونه ايندو آهي. بلڪه هڪ حد کان پوءِ ته نظر ئي ڪونه ايندو آهي. هڪ خيال آهي ته انسان کي حسن جو شعور ئي ائين ٿيو هوندو جو هن جنسي جذبي کي نظري علامتن ۾ بدلائي ان کي وڌيڪ وسيع ڪيو هوندو. ان ڪري محبوب جو جسم سموري فطرت تي حاوي ٿي ويو ۽ خود محبوب جي جسم ۾ فطرت جا سڀئي انڊلٺ رنگ ۽ روپ سميٽجي ويا هوندا.

اعليٰ سنڌي شاعرن ڪڏهن به ذهني لذت خاطر حسن جو بيان ڪونه ڪيو. نه هنن محبوب جي جسم جي انگن ۽ عضون جي ننڍ وڏائي، گولائي سڊولتا ۽ سونهن کي ساراهيو نه ئي عورت کي ڪو سيڪس سمبل يا تفريح جو ذريعو بنايو. لوڪ شاعرن سينگار، بيتن ۾ ضرور ائين ڪيو پر پوءِ ان قسم جي شاعري ڪنهن اعليَ مقصد لاءِ ڪيل به ڪانهي ۽ نه ئي ڪلاسيڪي شاعريءَ جهڙو درجو مليل اٿس:

شاهه جي سورمين پنهنجن محبوبن جي حسن جي گهڻئي سراهه ڪئي آهي پر ان ۾ ڪٿي به ڪا اهڙي ڳالهه نظر نه ٿي اچي. سندس شاعري ۾ وصل جي تياريءَ ۾ سينگار ڪري خوشبو لائي اونداهيءَ ۾ ملڻ جو تصور آهي پر ڪيڏو نه خوبصورت انداز ۾:

چنڊ چٽائي تنهنجي، سهائيءَ ۾ سور،
لايان لال لڱن کي، چندن ڀري ٻور،
ڪوماڻو ڪپور، مون واجهائيندي پرينءَ کي.
 

شاهه صاحب جي رسالي ۾ سرمعذوري جي پهرئين داستان جي پڇاڙي ۾ ڏنل وائيءَ جي آخري سٽ آهي:

پريان جي پستان جو فاقوئي فرحت

شاعريءَ ۾ عورت جي بدن ۽ انگن جي ذڪر جي سلسلي ۾ انهيءَ سٽ جو حوالو اڪثر ڏنو ويندو آهي. هن سٽ جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هنن لفظن ۾ ڪئي آهيمحبوب جي بوس و ڪنار کان محروم رهڻ ۾ ئي فرحت آهي اها سٽ  شاهه صاحب سان منسوب ڪرڻ نه صرف ساڻس بي انصافي آهي پر سنڌي عورت سان به ناانصافي آهي. جيڪا سنڌي سماج ۾ هر طرح سان پيڙهيل، گهٽ درجي جي گولي ٻانهي  ۽ بي حيثيت بي اهميت هستي هئڻ جي باوجود هڪ قسم جي عزت رکي ٿي ۽ سنڌي سماج سندس مان ۽ مريادا جو لحاظ ڪندو رهيو آهي. ڇو جو هوءَ ڪردار جي پنهنجي هڪ سونهن رکي ٿي. هن کي ڪنهن به بلند پايه ۽ اعليَ شاعر اگهاڙو ڪونه ڪيو آهي. نه ئي ٻين ٻولين جي روايت موجب هن کي جنس جي علامت سمجهيو آهي. ڏنو وڃي ته شاهه صاحب جي پوري رسالي ۾ اها واحد سٽ آهي. جيڪا اهڙومضمون رکي ٿي. جيڪڏهن ان سٽ جي معنيَ تي غور ٿو ڪجي ته ان مان ڪا معنيَ به ڪانه ٿي نڪري. پستان جو فاقو فرحت ڪهڙي قسم جي سنڌي آهي؟ ان مان ڪهڙو مفهوم ٿو نڪري، ڪهڙي تشبيهه آهي، ان ۾؟ سر مارئيءَ ۾ بيت آهي:

ڪارا ڪراين ۾ سون  اسان کي  سُوءَ

ور جيڏي سين جوءَ، فاقو فرحت ڀانيان.

جوءَ لفظ  جي معنيٰ گربخشاڻيءَ بک  ۽ لنگهڻ ڏني آهي. ان سٽ جي لفظي معنيٰ ٿئي ٿي. ڀلي جيڏين سان بک، انهيءَ بک(يا لنگهڻ) کي فرحت ٿي ڀانيان فاقو جوءَ سان هم معنيٰ لفظ طور استعمال ڪري انهيءَ بک يا لنگهڻ جي تاثر کي اڀاريو ويو آهي. پر مٿين سٽ ۾ پستان ۽ فاقي جي وچ ۾ معنيَ جي ڪهڙي هڪجهڙائي يا ڪهڙو تاثر ٿو اڀري؟ هروڀرو ۽ زوريءَ فاقي لفظ کي بوس و ڪنار کان محروميءَ جي معنيَ ڏئي ٺهڪايو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ ته اها سٽ شاهه صاحب جي آهي ئي ڪانه يا اهو لفظ اتي ڪنهن پوءِ جي سگهڙ يا شاعر جي ڪار ستاني آهي. ان ڳالهه جي ثابتي طور هڪ ٻيو دليل به پيش ڪري سگهجي ٿو. سو اهو ته سر معذوري ۾ يا سسئيءَ جي ڪنهن به سر ۾ يا ٻين سڀني سرن ۾ اظهار ڪندڙ عورت آهي ۽ سندس مخاطب محبوب مرد، هتي سسئي پنهونءَ لاءِ پئي ڳائي ۽ ان کان اڳين سٽ آهي:

حزن هوت پنهونءَ جو رڳيائي راحت.

پوءِ آهي:

پريان جي پستان جو فاقو ئي فرحت.

هاڻي ڏسو ته سسئي (هڪ عورت) جي زبان مان پنهون (هڪ مرد) جي لاءِ اها سٽ ڪيئن ٿي لڳي؟ بلڪل غلط!

شاهه صاحب کي اهڙو اظهار ڪرڻو هجي ها ته ان لاءِ بهترين سر مومل راڻي جو هو جنهن ۾ ڪنوارين جي سونهن جي سموري سنسار جو ذڪر آهي. مومل ۽ سندس ساهيڙين جي سجايل سموري مانڊاڻ ۾ عاشقن کي عام دعوت هئي ۽ ڪنواريون ڪنيائون هار سينگار ڪري کين موهڻ لاءِ جوڀن ۽ جمال جو عام نظارو لڳايو ويٺيون هيون. شاهه صاحب جيڪڏهن چاهي ها ته انهن جي عضون ۽ انگن جو زڪر ڪري ها ۽ اهو اتي اهڙو معيوب به نه لڳي ها. پير حسام الدين راشديءَ بلڪل صحيح چيو آهي ته سنڌي شاعرن نه پنهنجي معشوق جي پستانن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نه ئي محبوب جي چپن تي چميون ڏيڻ جو وٽن مذڪور آيو آهي. سنڌ جا عاشق ته فقط عشق کي چمي سر تي چائيندا آهن.

سوچڻ جي ڳالهه ته اها آهي ته عورت جي جسم جي خاص بناوٽ، ساڻس جسماني تعلق ۽ ان سان لاڳاپيل مرد شاعرن جو موضوع بنجي سگهن ٿا ته مرد جو جسم سندس انگ ۽ ان سان لاڳاپيل لذت عورتن جي شاعريءَ جو موضوع ڇونه ٿا ٿي سگهن؟ جڏهن ڪنهن عمل ۾ مرد ۽ عورت ٻئي شامل آهن. اتي رڳو عورت جي جسم جو حوالو ڇو هجي؟ جيڪا شاعري عورت واتان ٿئي ان ۾ به عورت کي اگهاڙو ڪيو وڃي ۽ جيڪا مرد جي زبان مان نڪري ان ۾ به عورت کي تفريح جو سامان سمجهيو وڃي؟ ان جو سبب اهو آهي ته مرد هميشه کان عورت کي برابر جو انسان ۽ زندگيءَ جو پارٽنر سمجهڻ بدران صرف پنهنجي استعمال جي شي سمجهيو آهي. ٻيو سبب اهو آهي ته مرد صرف يه چاهتا هي که عورت هو اور اپنا آپ اسکي حوالي کردي، ليکن عورت کي ليئي صرف مرد کا هونا کافي نهين هي، جب تک مرد کا اراده اور آرزو اس کي ليئي وقف نه هوجائي، تو ظاهر هي که عورت کا منتهائي نظر مرد کا جسم  نهين بلڪه اسکا اراده اور آرزو هي.

هندي ۽ سنڌيءَ شاعريءَ ۾ شاعريءَ عورت واتان ٿيل آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن، هنن وٽ عورت عاشق آهي، سو ڪيئن؟ جڏهن ته معاشري ۾ اهڙو ڪوبه تصور ڪونهي. ان لاءِ نقادن وٽ مختلف جواب آهن.

فطرت کا تقاضا يه هي که عشق و محبت کي جذبات عورت کي جانب سي پيدا هون کيونکه عشق کي پهلي تڙپ کي ابتدا عورت هي، کي ننهي سي دل ۾ پيدا هوتي هي. وه هي پهلي مرد کي سحر طراز آنکهون کي آگي سر نياز جهکاتي هي، پهلي وه هي مرد کي تيغ ابرو کا شکار هوتي هي، اور پهلي وه هي هجر و فراق کي درد سي گراهتي هي.

ٻيو خيال وري ان جي ابتڙ آهي  جيئن اڳ چيو ويو آهي ته قبائلي سماجن ۾ عورت جو وجود اهڙي حيثيت رکي ٿو، جو مرد ان جو طالب بنجي ٿو ۽ شاعر به اهو ئي بيان ڪن ٿا. پر هندستاني اپکنڊ جون حالتون مختلف رهيون آهن. اتي عام طرح امن ۽ سڪون جي ڪيفيت وڌيڪ رهي. عربن وانگر قبائلي جنگين يا يورپ وانگر پاڻ وڙهڻ جو رواج ڪونه هو. ڪجهه علائقن کي ڇڏي باقي علائقن ۾ زراعت جو پيشو هوندو هو. جنهن ۾ مردن سان گڏ عورتون به نيري آسمان هيٺان ساين ٻنين ۾ آزادي سان ڪم ڪرڻ کان سواءِ خوشيءَ جي موقعن تي جهونگارينديون ڳائينديون به هيون ۽ رات جو آرام سان ٻچڙن کي لوليون ڏئي سمهارينديون هيون. جيڪي ٿورا گهڻا جهيڙا ٿيندا هوندا تن ۾ عورت تي ڪو وڏو اثر ڪونه پوندو هوندو ان ڪري سندن تعداد مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو عورت جي ان گهڻائي سببان هر مرد کي ته عورت ملڻ آسان هئي ۽ کيس حاصل ڪرڻ ۾ جدوجهد جو ڪو به سوال ڪونه هو ان ڪري گهڻين عورتن لاءِ هڪ مرد هوندو هو ۽ هر ڪا ان جو پيار پائڻ لاءِ ڪوشان هوندي هئي. سندس توجهه ۽ محبت حاصل ڪرڻ لاءِ بيچين هوندي هئي. هڪ مرد جو گهڻين عورتن جي وچ ۾ ڪرشن بنجي هولي کيڏڻ ڪا اهم ڳالهه ڪانه هئي، دشنيت وانگي گهڻين زالن هوندي به شڪنتلا جهڙي فتني کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري وٺڻ روزمره ۾ داخل هو. ان ڪري قدرتي طرح سان سندس دل ۾ اهي تمام جذبا پيدا ٿيڻ کپن جيڪي ٻين ملڪن ۾ مرد ۾ پيدا ٿي سگهن ٿا.

هندو ڪلچر ۾ مڙس کي ديوتا سمجهڻ، صبح جو سندس پير چمڻ، مٿ تي سنڌور جو تلڪ لڳائڻ ۽ هڪ بت وانگر کيس سجدو ڪرڻ کان سواءِ مرڻ کان پوءِ سندس چتا سان ستي ٿي مرڻ يا سڄي عمر سندس نالي تي ويهي رهڻ  جو رواج نظر ٿو اچي. انهن ڳالهين مان محققن اهو اندازو لڳايو ته انهيءَ سبب هندي شاعر عشق محبت جا جذبا عورت واتان ٿو چورائي، اها حقيقت آهي ته هندستان ۾ اهڙو ماحول ملي ٿو جتي هڪ مڙس جون گهڻيون زالون هجن ۽ سنڌ ۾ پڻ ائين ئي رهيو آهي پر صرف مٿين طبقي ۾.

The Society in Sindh in the end of 14th Century was polygamous at least amongst the nobility and royalty.

چوڏهين صدي جي پڇاڙي ۾ سنڌ ۾ گهڻين شادين جو رواج هو. خاص ڪري مٿئين طبقي ۾ ۽ اها به حقيقت آهي ته انهن طبقن جي عورت کي مڙس جي محبت ۽ توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي هوندي.

She accordingly had to struggle hard to excel herself in the art of monopolizing the polygamous husband The king had many queens and concubines but for her, king was her only groom.

زال کي اهو هڪڙو ئي مڙس هوندو پر مڙس جون گهڻيون زالون ۽ ڪنيزون هونديون هيون، ان ڏس ۾ ليلا چنيسر، مومل راڻي ۽ نوري ڄام تماچي جا قصا گواهه آهن.

مومل چوي ٿي.تون گهڻين جو گهوٽ، من ور تونهين هيڪڙو يا ليلان جا لفظ آهن ته ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ وغيره پر تڏهن به عورت واتان شاعري ڪرڻ لاءِ انهي دليل کي سنڌي شاعرن سان سو سيڪڙو لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ طرف ڏسو ته گهڻيون زالون ته عرب سماج ۾ به هونديون آهن ۽ وري ٻئي طرف هندستان ۾ گهڻن مڙسن جو به رواج رهيو آهي. معنيٰ ته اهو مفروضو صحيح ناهي. سنڌي شاعريءَ ۾ عورت واتان اظهار لاءِ اها ڳالهه قبول نه ٿي ڪري سگهجي. . هڪ ته اهو گهڻين شادين جو رواج رڳو مٿين طبقي ۾ آهي ۽ اسان جي شاعريءَ جا سڀئي ڪردار مٿين طبقي مان ڪونه آهن ڪردارن جي اڪثريت هيٺين طبقي سان تعلق رکي ٿي. جن ۾ اها بد رسم نه هئڻ برابر آهي. ٻيو ته سنڌ ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ زالن جو تعداد ڪڏهن به وڌيڪ ڪونه رهيو آهي. سنڌي سماج ۾ ٽڪن تي سڱ ڏيڻ عيوض يا بدو انساني وڪري ۽ مٽا سٽا جا ناپسنديده عمل سهي اهو ثابت ڪن ٿا ته هنن وٽ عورت ملهائتي شي آهي ۽ ملهائتي يا قيمتي شي اها ٿيندي آهي جيڪا ڏکيائي سان ملي. جيڪا گهٽ هجي. اها ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته هتي عورتن جو تعداد مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ يا برابر هو ۽ آهي ۽ هر مرد کي هڪ عورت ئي ملي ٿي سگهي ۽ هر عورت کي هڪ مرد. ٻي ثابتي اها آهي ته جن سماجن ۾ عورتن جو تعداد مردن کان وڌيڪ هوندو آهي. اتي ڇوڪري جي سڱ سان گڏ گهڻو ئي ڏاج پڻ آڇيو ويندو آهي. نج سنڌي سماج ۾ ڏاج جو رواج بلڪل نه جهڙو رهيو آهي. نه ئي ڇوڪريءَ جا مائٽ ان جي آڇ ڪندا آهن(پوءِ جي دورن ۾ ڌارين قومن جي اثر ۾ اچي اهو رواج هتي به آيو) پاڻ ڇوڪري وارا ٻئي مٿا کڻي پاڻ ئي سڀ خرچ ڪندا آهن. ان جو مطلب ته ڇوڪريءَ جي طلب وڌيڪ آهي. بهرحال جيڪڏهن ائين نه به هجي ها ته پوءِ به طالب عورتون پاڻ شاعري ڪن ها مرد شاعر سندن زبان مان طلب ڇو ظاهر ڪن ها!

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته حسن ۽ عشق وصل ۽ فراق جي جذبن جي اظهار لاءِ مرد شاعر عورت جي زبان ڇو استعمال ڪئي؟

ان ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو خيال آهي ته سنڌ وارن جو ته ڄڻ هي يقيني نظريو آهي ته نفسياتي طور عورت ئي محبت جو عملبردار آهي. شاهه صاحب چوي ٿوهلو ته پسون سهڻي جا ڪري ڄاڻي نينهن انهيءَ ڪري نج سنڌي شاعريءَ جي بيت ۾ خواهه ڪافيءَ ۾ هر شاعر پنهنجي عاشقانه احساسات ۽ جذبات کي ضمير مونث ۾ ادا ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ ته مرد شاعرن اهو محسوس ڪيو هوندو ته انهن احساسن ۾ عورت وڌيڪ مخلص آهي. سندس جذبي ۾ سچائي آهي ۽ پنهنجي عشق جي اظهار ۾ اهڙي سچائي پيدا ڪرڻ لاءِ هنن عورت بنجي اظهار ڪيو. ٻيو ته هن سماج ۾ مرد جو عورت لاءِ مرڻ، سندس جدائيءَ ۾ جلڻ، ڏک ج اظهار ڪرڻ، روئڻ رڙڻ ڪمزوريءَ جي نشاني ۽ مردانگيءَ جي خلاف سمجهي انهن کان منع ڪيو ويندو آهي. انهي ڪري به انهن عورت بنجي پنهنجيون اهي فطري ڪيفيتون ظاهر ڪرڻ ۾ سولائي ڀانئي هوندي. وري هن علائقي ۾ مروج لوڪ داستانن ۾ عورتن جون عشق جي راهه ۾ بي مثال قربانيون، ڏک سهڻ جي قوت ۽ ٻيون خوبيون سامهون آيون هونديون ته انهن کي ڳائيندي ڳائيندي شاعرن کي پاڻ به انهن جي وجود ۾ لڪائي پنهنجي اندر جو اظهار ڪيو. ۽ شاهه صاحب جهڙي شاعر کي اها روايت ان ڪري به وڻي هوندي جو ان ذريعي هو سنڌ جي پيڙهيل، غلام ۽ ڏکويل عورت جو آواز بنجي ٿي سگهيو.

هر سماج ۾ مهذب هئڻ جي نشاني ان سماج ۾ عورت ڏانهن رويي مان ظاهر ٿي ٿئي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت ڏانهن روش جا ٻه مختلف دور معلوم ٿا ٿين. هڪ ان وقت جي جاگيرداري سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ ٻيو انهن قدرن کان هٽي عورت جي خود اعتمادي ۽ خود اختياريءَ جي نمائندگي ٿو ڪري. سنڌ ۾ عورت کي هميشه ثانوي حيثيت ڏني وئي آهي. هن کي پنهنجا سمورا جذبا احساس ۽ تمنائون ختم ڪري سموري زندگي مرد لاءِ قربان ڪري ڇڏڻي پوندي آهي ۽ سڄي عمر خود اختياري ترڪ ڪري. مرد جي ئي خواهش جي پورائيءَ لاءِ وقف ڪرڻي پوندي آهي. شاهه صاحب عورت جي انهي پوزيشن کي سمجهيو ٿي. هن سماج جي نفسيات کي به سمجهيو ٿي. هن ڏٺو ته ٻيا ته ٺهيو پر خود عورت به پاڻ کي گهٽ ۽ ڪين جهڙو ٿي سمجهي. اها صدين جي غلاميءَ مان پيدا ٿيل لازمي حالت هئي انهن ڳالهين کي ماڻهن جي دماغ مان ڪڍڻ ته ڏکيو هو پر خود عورت کي به اهو سمجهائڻ آسان ڪونه هو ته پاڻ هڪ انفرادي وجود رکندڙ انسان آهي. منجهس ڪهڙا گڻ آهن. ڪهڙيون صلاحيتون آهن. عورت جي ان ڏتڙيل حالت جو رڳو شعور پيدا ڪرڻ ئي وڏي ڳالهه هجي ها ۽ شاهه صاحب اهڙو شعور ڏيڻ لاءِ نه صرف عورت جي ڪردار جي ڀرپور عڪاسي انهيءَ ساڳئي ڪمزور روپ ۾ به ڪئي جنهن ۾ هوءَ ڏاڍ جو شڪار هئي پر سندس ٻيو روپ تمام بهادر، اڏول ۽  اوچو روپ هو.

هن ڏٺو هو ته ان سماج ۾ ملڪ جا حاڪم جڏهن مرضي پوي کين کوهه تان کڻي ٿي سگهيا. ست لاءِ مڙس زال جي پرک وٺي کيس آڙاهه پار ڪرڻ جو چِئي ٿي سگهيا. ڍنڍ تي سير ڪندي غريب ماڻهن جي ڌي کي ڏسي ڪو شاهوڪار مرد ساڻس پرڻجي ٿي سگهيو پر ڪا وڏي گهراڻي ڪنهن غريب سان رشتو جوڙي نه ٿي سگهي. مائٽ بنا مرضي ڌي کي پرڻائي ٿي سگهيا ۽ ساهرا محبوب سان ملڻ تان کيس ٻوڙي ماري ٿي سگهيا! پسند جي شاديءَ ڪرڻ سببان ڏير ڀاڄائيءَ کي ڏک ڏئي وڇوڙو وجهي ٿي ويا. مڙس ننڍڙي غلطيءَ تان ڏهاڳ ڏئي، پاڻ ٻي ننڍي نيٽي پرڻجڻ جو بهانو ڳولي ٿي ورتو. مرد پنهنجون زالون هوندي به ٻي ماڻڻ لاءِ چانگي تي چڙهي ٿي آيا، پر عورت دل وندرائڻ لاءِ ڀيڻ کي ڀاڪر پائي گنگهار بنجي ٿي وئي. مڙس گهڻيون شاديون ڪري ٿي سگهيا. سرتيون ڪنزيون رکي ٿي سگهيا ۽ عورت ڪنهن ٻئي جو تصور به ڪري نه ٿي سگهي. اهو سڀ ڪجهه هوندي به، ظلم جي ان گهاڻي ۾ پيڙهجندي به، سماج جي سيکاريل، سبق موجب عورت پاڻ کي مرد جي جتيءَ جيهي ٿي سمجهيو ۽ سندس ڪتي مٿان قربان ٿيڻ لاءِ تيار هئي.

ڪتو جي ڪانءُ، پريان سندي پار  جو،

انهيءَ جي مٿان آءُ، ڪوڙين قربان ٿيان.

شاهه صاحب جي دور ۾ عورتن جي ڪردارن ۾ انهي بي انتها بيوسي نماڻائي ۽ غلاميءَ جا سڀئي اهڃاڻ موجود هئا. شاهه صاحب اهو سمورو سماجي سيٽ اپ ڏيکارڻ سان گڏوگڏ عورتن جو هڪ ٻيو روپ ماڻهن کي ڏيکارڻ چاهيو، هڪ مختلف ۽ نئون روپ.

ته هنن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون صلاحيتون آهن ته هو حب الوطني، قرباني، ڪردار جي بلندي، مستقل مزاجيءَ جي وصفن سان مردن کان وڌيڪ ڀرپور آهن ته هو احساس ڪمتريءَ جو شڪار بنايون ويون آهن. ته غريبيءَ ۾ به هنن ۾ گڻ آهن. ته هو زوريءَ مڙهيل مڙسن کان انڪار به ڪري ٿي سگهيون ۽ پنهنجي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ محبوب ماڻڻ لاءِ موت جي اکين ۾ اکيون وجهي موت کي مات ڪري ٿي سگهيون. درياهه کي ٻوڙي ٿي سگهيون ته هو چاهين ته پنهنجي پنهل لاءِ ڪنڊن لاءِ ڀريل راهن تي هلي ٿي سگهيون ۽ جبلن سان جهد ڪري ٿي سگهيون پنهنجي عزم ارادي سان روهه رتيون ڪري ٿي سگهيون. ته هو پنهنجي غلطين جو احساس ڪرڻ کان پوءِ ڏهاڳ جي ڏک کان بچي ٿي سگهيون، ته هو پنهنجي عقل جي کيڏ سان ڪيئن سوڍا سرچائي ٿي سگهيون. ته شاهه صاحب جون ڪردار عورتون حب الوطنيءَ جدوجهد ۽ بغاوت جي اهڃاڻن طور پيڙهيل قوم لاءِ پيغام بنجي ٿي سگهيون. ڇاڪاڻ جو بنيادي طرح سان سندس سڄو رسالوپيغام آهي. تڏهن ته پاڻ ئي چيو اٿس ته:

جي تو بيت ڀائنيا، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان  سندي پار  ڏي.

 

حوالا

(1)     شمشير الحيدري، سنڌي آزاد نظم جي اوسر، حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر اينڊ آرٽس، ڪراچي، 1987،ص، 10.

(2)              ايضاً، ص 15

(3)              ايضاً، ص 45

(4)              عابد سيد عابد علي، تنقيدي مضامين،مکتبه ميري لائبريري لاهور، 1966. ص 19

(5)              نياز محمد يعقوب، ديوان حافظ (ترجمو) آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد، ص، 12

(6)              عابد سيد عابد علي، تنقيدي مضامين،ص، 23.

(7)     جويو محمد ابراهيم، ڇڄ مَ قطاران،ساٿ چڙهندو لڪين، شاهه ۽ نوجوان شاهه عبداللطيف، ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچي، 1985، ص، 32.

(8)              ممتاز حسين، کلچر اور فرقه پرستي، نقد حيات، اله آباد، پبلشنگ هائوس، 1951، ص 23.

(9)              شيخ اياز، شاهه لطيف،ڀٽائي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڪميٽي، 228، ورسي يادگار، 1980.، ص 23.

(10)            Rieu, E.W. Introduction Homer, Iliad. The Penguin. Classics, Penguin Books private. Ltd, Victoria 1960.

(11)           بريلوي عبادت، اردو شاعري مين حب وطن کي روايت، سويرا، نيا اداره لاهور، نمبر 13، 14. ص 138.

(12)            Dirnk, Watar jhon. Patriotism in Literature. Willam and Norgate londonpp-13

(13)            Ibid, pp.111

(14)            Ibid, pp. 246

(15)    شمشيرالحيدري، انور هلائي، جرٿر تک تنوار، لطيف ادب جو ٽيون ڪتاب، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، ص 40، 14.

(16)            Sorley H.T Shah abdul latif of bhit, shidhi kitab ghar, Karachi. 1989. pp.237.

(17)          شيخ اياز، شاهه لطيف، 228، ورسي يادگار، ص 28.

(18)          پليجو رسول بخش، انڌا اونڌا ويڄ، انسائيڪلو پيڊيا، ڪارپوريشن، حيدرآباد، 1967.. ص 57، 58.

(19)          شيخ اياز، شاهه لطيف، 228، ورسي يادگار، ص، 24، 25.

(20)         بحوالا بزمي سيد ابو سعيد، هندي کي عشقيه شاعري، رساله نگار، جنور، 1936. ص، 93.

(21)          سبط حسن سيد، ماضي کي  مرزا، دانيال ڪراچي، ص، 331.

(22)         صديقي حمد علي، توازن اداره، عصر نو، ڪراچي، اکتوبر، 1968، ص، 91.

(23)         بريلوي عبادت، اردو شاعري مين عرياني، رساله ادب لطيف، لاهور، جولائي، 1944، ص، 10، 12.

(24)         اڪبر آبادي ، اختر انصاري، پرواز ڪراچي، جون 1948، ص، 12.

(25)         آغا وزير تنقيد و ادب اور مجلسي تنقيد، آئينه ادب، لاهور، 1981، ص، 43.

(26)         راشدي سيد حسام الدين، هو ڏوٿي هو ڏينهن، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص، 76.

(27)         مفتي ممتاز، عورت اور جنسيات، بهترين ادب، اداره ادب لطيف، مکتبه اردو، لاهور، 1947. ص، 100.

(28)         بزمي سيد ابو سعيد هندي کي عشقيه شاعري، نگار، ص، 64.

(29)         ايضاً.

(30)         ايضاً.

(31)            Hotchand Tirthdas:- songs, of kinhjar lake pardeep publication Hyderabad. 1963. pp 56

(32)         بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو، قسط 1، مهراڻ سيارو، 1955.

(33)         تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري(جلد ٻيو) نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1985. ص، 67.

شاهه جون سورميون ۽ عشق

شاهه جي رسالي ۾ لوڪ داستانن تي مبني جيڪي سر آهن تن ۾ مکيه ڪردار عورتن جا آهن. تن ۾ مارئي، نوري، سسئي، سهڻي، مومل، ليلا ۽ سورٺ اچي وڃن ٿيون. ان کان سواءِ وڻجارين، ڪاپائتين، موکي، سانگ جي وانڊي ۽ ڪيڏاري  جي سورمين جا ڪردار پڻ پنهنجي ليکي اهم آهن. انهنجي سيرت نگاري شاهه صاحب جي زندگيءَ ۽ انساني نفسيات جو گهرو مشاهدو ۽ مطالعو ڏيکاري ٿي. خاص ڪري عورتن جي زندگيءَ کي هن تمام ويجهڙائي کان ڏٺو ۽ پرکيو آهي. ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين ٻهراڙيءَ جي عورتن کي گهرن ۾ توڙي گهر کان ٻاهر اٿندي ويهندي، ڳالهائيندي، ٻولائيندي، ڪم ڪار ڪندي ۽ محبتون ونڊيندي ڏٺو آهي.

اسان جي ٻهراڙي ۾ صبح کان ويندي لڙيءَ منجهند تائين زالن کي تر جي واندڪائي ڪانه ملندي هئي. گهر ڌياڻيون جو ٿيون. پنهنجن وٿاڻن جون راڻيون ۽ وارثياڻيون جو ٿيون. اسان جي ماين کي اسر ڏئي اٿڻو پوندو. اٿندي ئي کڻنديون هٿ ۾ ٻهاري، يا ويهي هلائينديون جنڊ، ڏڌ جي چاڏي ولوڙي مينهن ڀٽارين جو کير ڏهي، ان ۾ سباڻ جهنديون، اهي اوکا چوکا لاهي چلهه تي ويهنديون. نيرن پچائينديون، ٻارن کي کارائينديون،  ڪنگر جنهن ۾ مکڻ ڦٽي پيل هندي. ميل سوا پنڌ ڪري وڃي پوکن ۾ مڙسن کي کارائينديون. وري ويچاريون گهر اينديون ته منجهند جي ماني تائين مٿي کنهڻ جي واندڪائي ڪانه ملندن. رات جو چانور پيون سوئينديون، ڪن جي اڳيان اکريءَ ۾ ڪڻڪ يا ساريون پيل هونديون جن کي پيون مهري سان ڇڙينديون، يا ڇڄن ۾ وجهيو پيون ڇنڊينديون. ڪي پيون ڀرت ڀرينديون يا ويٺيون رليون ٽوپينديون، سج لهڻ ۾ اڃا ڪلاڪ ڏيڍ جي دير هوندي جو هر ڪا سهيلين ساهيڙين کي ساڻ ڪري دلا مٿن تي کڻي اچي کوهه جي پڳ تي پهچنديون. مارئي وارو واقعو کوهه تان کڄڻ تان شروع ٿيو.

 ڪن گهرن ۾ وري زالن کي شاهه صاحب اڏا اڻندي، ائٽن تي سٽ ڪتيندي، سٽ جا ڦوڙا ٺاهيندي، آتڻ ۾ ويهي اورون اوريندي، چرخا چوريندي ڏٺو هو. انهن سنڌي شاعريءَ کي ڪيترا ئي ڪردار ڏنا. ڪاپائتين جي مشهور ڪردارن کان سواءِانهي آتڻ تي ۽ انهن چرخن کي چوريندي ته ليلا کي چنيسر جو چت ٿيو، کيس اتي ئي سهاپو مليو ۽ اتان ئي سندس عشق جي آکاڻي اسري. ڪنڀرن جي چڪ تي ڪنڀارين کي ڪم ڪندي ۽ آوين تي ٿانو پچائيندي ڏٺائين تڏهن سهڻيءَ جي مائٽاڻي ڪرت جو ڏس مليس. درياهه ۽ ڍنڍن ڪناري مهاڻين، ساٽياڻين کي مڇيون ماريندي ۽ وڪڻندي ڏٺو هئائين ته نوريءَ جي سچي پچي تصوير ڪڍي سگهيو. گهاٽ تي کٽين ۽ کٽياڻين کي ڪپڙا ڌوئيندي، مير ڪڍندي، ڏٺائين ته سسئيءَ جي من جي صفائي نظر آيس. مطلب ته گهرن ۾ توڙي ٻاهر هن عورت کي گهڻو فعال ڪردار ادا ڪندي ڏٺو. کيس پنهنجي پيارن ۾ قرب ونڊيندي ڏٺو. ڌيئرن کي اباڻن جي اون هئي. ڀينرن ڀائرن کي ٿي ڀانئيو، مائرن اولاد تي ٿي آرو رکيو ته زالن پنهنجن مڙسن سان مثالي محبت ٿي ڪئي. مطلب ته عشق انهن جي عادت هئي. اهو ئي سبب آهي جو شاهه لطيف سميت سڀني سنڌي شاعرن عورت کي عاشق جو روپ ۽ مرد کي معشوق جو روپ ڏنو آهي. شاهه جي ڪلام جو محور اهو ئي عشق آهي، پاڻ ان کي ڪڏهن نينهن ڪڏهن سوز ۽ سڪ ته ڪڏهن قرب، اڪنڊ، اڪير، پرت، پيار ۽ ڪڏهن وري محبت سڏيو اٿس. عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ مروج قصن ۽ داستانن ۾ ڏسبو ته مرد عورتن جي محبت ۾ گرفتار کين حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليفون، مصيبتون سهن ٿا، مجنون ليلا جي لاءِ چريو ۽ ديوانو بنجي پئي صحرا ۾ رليو ۽ ماڻهن کان ڀتر کاڌا، فرهاد شيرين لاءِ جبل ٽڪي کير جون نهرون ٿي کوٽيون، روميو جولئيٽ جي لاءِ ڏک ڏاکڙا ڏٺا ان جي برعڪس سندس عورتن گهڻا سور ڪونه سٺا ۽ جي ڪجهه سٺا به ته شاعرن ۽ اديبن انهن کي گهٽ اهميت ڏني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com