سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ترورا

صفحو :9

ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اسٽيج تي تجربا ڪندي آهي، جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي. ڪڏهن ڪڏهن، عوام جي فرمائش تي، هوءَ اهڙا ڪلام به ڳائيندي آهي، جيڪي شاعرانه معيار جا نه هوندا آهن. پر اڄڪلهه هن ايئن ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

عابده پروين جي مقبوليت جو راز آهي مسلسل تخليقي عمل. مون هن کي، هڪ هڪ ڪلام تي هفتا محنت ڪندي ڏٺو آهي. ان کي هوءَ مختلف طريقن سان ڳائيندي. ان جي هڪ هڪ باريڪ تفصيل کي ڌار ڌار انداز ۾ ڳائي ڏسندي، انهن مان هر مختلف انداز تي غور ڪندي. مشورو ڪندي، ۽ جڏهن ڪو انگ پوريءَ ريت کپي ويو ته ان کي اختيار ڪندي. اها ڳالهه هر ڪلام جي ڌن (سر) مينڊ، مرڪيءَ، آلاپ سان لاڳو آهي.

تازو، هن منهنجي آڏو مفتون همايونيءَ، ۽ صاحب ڏني جا ڪلام ڳايا، جيڪي پندرهن سال اڳ ڳايا هيا- پر هن دفعي ڳالهه ئي ٻي هئي. انهن ڪلامن ۾ هن ايتريون ته ندرتون آنديون آهن، جو انهن ۾ وڌيڪ پختگي ۽ رچاءُ اچي ويو آهي. منهنجي خيال ۾ هڪ عظيم فنڪار لاءِ ڪابه بلندي آخري نه آهي. اها سخت محنت، ۽ اها تخليقي قوت عابده پروين کي اڃا به بلندين تي پهچائيندي.

هوءَ تنقيد جو نه فقط مرڪندي آدر ڀاءُ ڪندي آهي، پر ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي فن کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندي آهي، عام فنڪار وٽ اها ڳالهه آهي ئي ڪونه. پر اها ڳالهه پڻ فن جي بلندين تائين پهچڻ لاءِ ضروري آهي.

عابده پروين موسيقيءَ جي اونهاين ۾ ويندي آهي. سندس فن، نقاشيءَ وانگر ٻه- پاسائون (Two Dimensional) نه آهي، پر سنگتراشيءَ وانگر ٽه- پاسائون (Three Dimensional) آهي. مصوريءَ ۾، رڳو هڪ زاويو ئي نظر ايندو آهي، پر سنگتراشيءَ جي فن جي خوبصورتي، هر زوايي کان ماڻي سگهجي ٿو. عابده، سنگتراشيءَ وانگر، سرن جا مختلف پهلو ڏيکاريندي آهي.

ڀيروي، جنهن کي ڳائڻ تمام آسان آهي، اها عابده پروين وٽ اچي صفا مختلف ٿيو وڃي. هوءَ، ان راڳ کي هر مختلف زاويي کان ڇيڙيندي آهي ۽ ان جي رنگن جا ڌار ڌار شيڊ (Shade) ڏيکاريندي آهي- مٿان کان هيٺ، هڪ پاسي کان ٻي پاسي، ۽ مٿاڇري کان عميق اونهاين ۾.

عابده پروين جي فن کي ڏسندي، ٻه شعر دل تي ”تريو اچن، انهن مان هڪ ورڊس ورٿ جو آهي:

Blithe new comer I have heard

I hear thee and rejoice

 O cuckoo shall I call thee bird,

Or but a Wandering voice.

ٻيو شعر شاهه لطيف جو آهي:

’رڃن ۾ رڙ ٿي، ته ڪر ڪوول جي ڪوڪ،

ولوڙو ۽ ’ووڪ ايءُ نان آهي عشق جو.

 

هو ڏوٿي هو ڏينهن

پير حسام الدين راشدي، سنڌ جو فخر لائق تاريخ نويس ۽ تاريخ دان آهي. پر ڳالهه رڳو ايستائين ناهي، هو بذات خود سنڌ جي تاريخ پڻ آهي. هن جو سينو، تاريخ جي هڪ اهم دور جو ذخيرو آهي. تاريخ جا ماهر، ڪتابن جي ڪر، کوٽي، حقيقت جون چڻنگون ڳولهي لهندا آهن، پر پير صاحب، سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باب جو اکين ڏٺو ۽ دلئيون محسوس ٿيل بيان ڪيو آهي.

هونءَ ته گذريل دور جون ڳالهيون تاريخ جي ڪتابن ۾ به ملنديون آهن ۽ تازي گذريل دور جو احوال وڏڙن ۽ وڏڙين کان به ٻڌبو رهبو آهي، پر اهي ڳالهيون، اهو شخص ڪري، جنهن کي تاريخ جي اونهي مطالعي جو پس منظر، وسيع نظر، پنهنجي طور جي اهم سياسي ادبي توڙي سماجي شخصيتن سان گهرا ۽ ويجها تعلقات، هڪ حساس، درد مند دل، وطن سان بي انتها پيار ۽ ان سان گڏ ڳالهه ڪرڻ جو وڻندڙ اسلوب هجي، ته اها ڳالهه ئي اور ٿيو پوي.

هيءُ ڪتاب، هونءَ ته لکيل ڪتاب آهي، پر پير صاحب جي اسلوب مان ’ڳالهايل ڪتاب‘ ٿو لڳي. پير صاحب وطن کان دور، پرديس ۾ موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا، وطن جي يادگيرين کي سميٽي لکندو ٿو رهي. اهڙي انداز ۾ ڄڻ سندس آڏو ڪو ويٺو آهي، جنهن سان رهاڻ ڪري رهيو آهي. قصو سنڌيءَ جي چيدي شاعر، نواز علي نياز جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿو ۽ اڳتي هلي، ان دور جي سڄيءَ سنڌ جي ادبي، سماجي، ثقافتي، سياسي توڙي اقتصادي حالتن کي پنهني ڀاڪر ۾ آڻي ٿو ڇڏي، ۽ ذڪر هلندي، وچ ۾ بار بار، نواز علي نياز جو ذڪر ائين ٿو ورجائجي، ڄڻ ڪنهن ڪافيءَ جي مصرعي کان پوءِ ٿل ورجائبو آهي. ان ٽيڪنيڪ ڪتاب ۾ معنوي رڌم پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ڪو ڪافي ڳائيندڙ، هر مصرعي کان پوءِ ٿل ورجائيندو آهي، ۽ ڪافيءَ جي پڄاڻي ٻه ٿل جي ورجائڻ سان ڪندو آهي، تيئن پير صاحب ڪتاب جي پڄاڻي به نواز علي نياز جي ذڪر سان ڪئي آهي. ڪتاب ختم ڪرڻ وقت ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڪنهن سريلي ڳائيڻي مترنم ڪافي ڳائي ختم ڪئي هجي.

وچ ۾ ادبي محفلن جو ذڪر، سياسي ٺاهه ڊاهه جا قصا، زميندارن جا رعب تاب ۽ انگريز جي آڏو ليلڙاٽيون، هارين جي ابتر حالت، مطلبي مولوين جي وعظن جا احوال، آفيسرن جا بيان، صحافت جون خبرون، بازارين جو بهاريون، عشقبازن جا اڌما، هاج ۽ ان جي چاهيندڙن جا حال ۽ اهي به گدا شاهه جي ڪلام جي روشنيءَ ۾، قسمين قسمين ڪردار، طرح طرح جو ماحول، ائين ٿو لڳي ڄڻ هن ڪتاب جو ڪئنوس ڪنهن ميورل تصوير جيان وسيع آهي. ڄڻ ڪنهن ماهر موسيقار، آلاپ ڪري، موسيقيءَ جي ٻولن کي سرجي هر جاءِ تي هر رنگ ۾ ڳايو آهي.

پير صاحب هن ڪتاب ۾ چند لاڙڪاڻي جي ٻولي استعمال ڪئي آهي. لکت ۾ اهوئي لهجو، قائم رکيو اٿائين. ان ڪري به مون هن ڪتاب کي ’ڳالهايل ڪتاب‘ (Spoken Book) سڏيو آهي. لاڙڪاڻي وارا جمع ٺاهڻ وقت ’ي‘ کي حذف ڪيو ڇڏين.

مثال طور ڀت جو جمع ڀتين بدران ڪن ڀتن. پير صاحب جي هن ڪتاب، لاڙڪاڻي واري لهجي کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هونءَ به ٿورا سال بعد، ڪوبه لهجو اصلي صورت ۾ سلامت نه رهندو. اچ وڃ جي سهو.لت، ريڊيو ۽ ٽي وي، ڪتاب ۽ تعليم جي عام ٿيڻ، معياري لهجي کي ئي رائج ڪندا. انڪري هڪ لهجي جو هن ڪتاب ذريعي محفوظ سمجهي وڃڻ به هڪ اهم ضرورت جو پورو ٿيڻ آهي.

پير صاحب جي ادبي ڪئريئر جي شروعات افساني لکڻ سان ٿي، اها خبر ٿورن ماڻهن کي هوندي. پير صاحب جي هن ڪتاب کي پڙهي حيرت ٿي، ته خشڪ، مغز ڦاڙ ريسرچ اسڪالر، نه فقط هڪ زنده دل انسان آهي، پر هڪ زنده دل ليکڪ پڻ. اهو ته پير صاحب ويجهن دوستن ۽ مداحن کي معلوم آهي، ته پير صاحب، ذهين خوش طبع، ۽ حد کان وڌيڪ باذوق انسان آهي، پر لکت ۾ پير صاحب ايڏو شگفته، رنگين، ظريف ۽ نفيس ڪڏهن به نه رهيو آهي، جيڏو هن ڪتاب ۾. هن ڪتاب ۾ پير صاحب جو فن افسانه نگاريءَ جي هڪ اهم جزي ڪردارنگاريءَ جو ڪمال ڏيکاريو آهي. ڪيترا گوناگون ڪردار آهن، جن ۾ هڪ ٻئي جو ضد، ڪي مغرور وڏيرا، ڪي خان وڏي جهڙا سچا سٻاجها دوست، ڪي مطلبي مولوي، ته ڪي مولانا چستيءَ جهڙا صاف سٿرا ماڻهو ڪي ڪرڙا ڪامورا ته ڪي عيساڻيءَ جهڙا دلبر فيلسوف ٽائيپ آفيسر ڪي مولانا ظفر علي خان جهڙا جوشيلا، پر هوش کان خالي ليڊر، ته ڪي سنجيده سياسي رهنما. مطلب ته هيءَ ان دور جي سنڌ جي ماڻهن جي هڪ Cross section جو هڪ اونهو نفسياتي ۽ سماجي اڀياس آهي.

’مجلس محققين‘ جيڪا گانڌي گارڊن جو ’زو‘ جو هڪ حصو هئي ۽ مدي خارج، رٽائر ٿيل ڪامورن تي مشتمل هئي، هڪ مڪمل افسانو آهي، ته ٻئي طرف سنڌي ڪامورن جي ان طبقي جي هڪ مڪمل اسٽڊي پڻ.

هن ڪتاب ذريعي ڪيترن ئي آزاديءَ جي نام نهاد سورمن جي اصليت ظاهر ٿي ٿئي، ته ڪيترا مخلص، خاموش سياسي ورڪر پڻ اڀري ٿا اچن، جيڪي هونءَ اڻ ڄاتا ۽ اڻ ڳاتا دفن ٿي وڃن ها. هڪ پاسي انگريز جي حڪومت پنهنجي پوري دٻدٻي سان ڪامورا شاهيءَ جي سهاري هلي رهي هئي، ته ٻئي پاسي آزاديءَ جون تحريڪون اُسري رهيون هيون. هڪ طرف هندو مسلم اتحاد جا نعرا لڳي رهيا هئا، ته ٻئي پاسي شڪ شبها ۽ نفرتون جنم وٺڻ لڳيون. هڪ طرف چانڊوڪين راتين ۾، کليل ميدانن ۾، ڪافيءَ جون محفلون پئي ٿيون ته ٻئي طرف مشاعرا شروع ٿيا، جن جو رنگ ڍنگ نشست برخواست، موضوع ۽ مضمون اوپرو هيو. هڪ پاسي زميندارن جي گهوڙن مصرين جا پاڻي ٿي پيتا، ته ٻئي طرف انسان بک بيماريءَ ۾ بي عمليءَ جو سڪار ٿي رهيا.

هن ڪتاب ۾ پير صاحب ڪيترين ئي حقيقتن کي بي نقاب ڪيو آهي. انهن مان ٻه ادبي حقيقتون سنڌي ادب جي تاريخ جون اهم ڪڙيون آهن، جي پير صاحب جي ڪتاب ذريعي اها حقيقت پڌري نه ٿئي ها، ته سنڌيءَ ۾ اردو رنگ واري غزل جي شروعات اڻ سمجهيل رهجي وڃي ها. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اردو فارسي نموني جي غزل جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن اسان جي ٽالپر حڪمران قيدي ٿي، مٽيا برج ۾ اوڌجي آخري حڪمران ۽ اردوءُ Decadent ڪلچر جي وارث واجد علي شاهه سان گڏ رهيا، جيڪو پڻ اهڙي قسم جي شاعري ڪندو هو.

واجد علي شاهه جي صحبت جي اثر هيٺ ئي، سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن اهڙي قسم جي شاعري شروع ڪئي ۽ پوءِ سنڌ ۾ ان کي همٿايو، ۽ گدا شاهه کان پوءِ سنڌي غزل تي به اهڙو رنگ چڙهي ويو.

ٻي اهم حقيقت، جيڪا اسان جي ادبي تاريخ جي اهم ڪڙي آهي، ۽ پير صاحب جي ڪتاب ذريعي اسان تائين پهتي آهي، اها آهي شاعري جي آداب جي شروعات جي باري ۾. پير صاحب جي لکڻ موجب سنڌي مشاعرا اڳ به ٿيندا هئا، پر انهن ۾ ’عرض ڪيو اٿم‘ ’ارشاد‘ ’سبحان الله‘ وغيره وارا آداب تڏهن داخل ٿيا، جڏهن اردوءَ جي مشهور شاعر اڪبر الهه آباديءَ جو شاگرد عبدالمجيد صديقي، لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ اتان جي مشاعرن ۾ اهي آداب شروع ڪرايائين ۽ عروض جي گرفت به وڌيڪ مظبوط ٿيندي وئي.

پير صاحب جي ڪردار نگاريءَ جا ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. پير صاحب جي بيان ڪيل ڪن ڪردارن سان منهنجي ڏيٺ ويٺ رهي آهي، پر ٻن ڪردارن کي ته مون تمام قريب کان ڏٺو آهي، جو اهي ٻئي منهنجي ناناڻن مان هئا، اهي هئا، مرحوم امام الدين ضامن ۽ رئيس نجم الدين نجم. پير صاحب سندن جيڪو قلمي نقشو ڪڍيو آهي، اهو هو بهو منهنجي يادگيرين سان ملي ٿو اچي. ان مان ثابت آهي ته پير صاحب کي نه فقط ڪردار نگاريءَ جي فن جو ڏانءَ ۽ ڏات آهي، پر هو پنهنجي لکڻيءَ ۾ انتهائي Accurate ۽ ايماندار آهي.

ڪراچيءَ جي ٿيئٽريڪل ڪمپنين جي شروعات هجي، خلافت تحريڪ هجي. مولوين جا وعظل ۽ وعظن تي جهيڙا هجن، اخبارن کي ڪڍڻ ۽ هلائڻ جو ذڪر هجي، خان وڏو هجي، مرحوم عيساڻي هجي، آغا نظر علي هجي، ملان ٽلو هجي، ملان ڪهاڙو هجي، سڀ ڪردار پنهنجي اصلوڪي رنگ ۾ پنهنجي مڙني خوبين ۽ خامين سميت پير صاحب جي ڪتاب ۾ موجود آهن. ايتريقدر جو ويجهن دوستن جي غلطين ۽ اوڻاين کي به پيار، خلوص ۽ محبت سان پيش ڪيو اٿائين. مولائي شيدائي جو پيءُ فوت ٿئي، ان رات ئي مولائي کيس فلم تي وٺي ٿو وڃي. انهن سڀني واقعن ۽ ڪردارن کي بيان ڪرڻ ۾ پير صاحب ايمانداريءَ کان ڪم ورتو آهي. پر هڪڙي ڳالهه، جيڪا هن ڪتاب کي هڪ وڏو ڪتاب ۽ هن ڪتاب جي ليکڪ کي هڪ عظيم ليکڪ ٿي بنائي، اها هيءَ آهي، ته ڪنهن به ڪردار جي اوڻائي يا ڪمزوريءَ جو ذڪر ان نموني ۾ به ڪيل آهي، جو ان ڪردار سان نفرت ٿئي. پير صاحب چندي باز ۽ چندي خور مولوين جو ذڪر به هلڪي ڀوڳ Light Humor جي انداز ۾ ڪيو آهي.

پير صاحب انهن ليکڪن مان آهي، جن جي انسان جي بنيادي چڱائيءَ ۾ ايمان آهي، جن جي نظر ۾ انسان احسن تقويم آهي ۽ ان جي خراب ڪرڻ ۾ سماج جو ڏوهه آهي. پير صاحب جا بيان ڪيل سڀ ڪردار اهڙا آهن، جن جون ڪمزوريون ۽ خاميون چيڙائيندڙ نه پر وڻندڙ ۽ کلائيندڙ ٿيون لڳن.

هن ڪتاب جي ٻي وڏي خوبي هيءَ آهي، ته هي ڪتاب ان دور جي هر طبقي جي زندگيءَ جو نقشو پيش ٿو ڪري، جتي ان جي وڏيري جو ذڪر آهي، جنهن جا ڪپڙا به ولايت مان سبجي ايندا هئا، ته اتي ان ٺيڙهيءَ جي مدرسي مان ڀڄي آيل، چيڙاڪ ۽ بد مزاج بورچيءَ جو به بيان آهي، جيڪو راشدي صاحب کي ’مريڙي‘ جي ڀاڄي ٺاهي ڏيندو هو.

پير صاحب هي ڪتاب منيلا ۾ لکيو، جڏهن پاڻ موت ۽ حياتيءَ جي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا هو. ظاهر آهي ته مصنف پنهنجي داخلي ڪيفيتن جو اظاهر ئي ڪيو هوندو. هونءَ به چوندا آهن ته موت کي آڏو ڏسندڙ جو بيان صحيح هوندو آهي. هيءُ به پير صاحب جي Dying Declearation آهي، جنهن جي سٽ سٽ ۾ ايمانداري ۽ لفظ لفظ ۾ حقيقت آهي پوءِ اهو راشدي صاحب جي داخلي ڪيفيت جو نتيجو ڇو نه هجي.

اهڙي ڳالهه جيڪا پير صاحب جي داخلي ڪيفيت جو اظاهر آهي، سا آهي سندس ماضيءَ سان بي انتها پيار. پير صاحب سنڌي عورت جي مساڳ لڳل چپن، اڻ ڪٽيل وارن ۽ ڪجل جي تعريف ٿو ڪري. هن کي جديد فئشن نه ٿو آئڙي. ساڳي طرح ڪافين ۽ بيتن جي محفلن تائين ئي محدود رهڻ ٿو چاهي، پر ثقافت جي پاڻيءَ جان هڪ جاءِ تي بيهي رهي ته ڌپ ڪري وڃي، ثقافت (Dynamic) متحرڪ آهي، نه ڪي جامد.

تاريخ سدائين تبديل ٿيندي آهي، اڳتي وڌندي آهي، اها ڳالهه اسان جي فخر لائق تاريخ نويس کي نه آئڙي. آخر اڻ ڪٽيل وڏن، جوئن سان ڀريل وارن کان ڪٽيل، شئمپو ٿيل خوشبو لڳل وار ڪهڙي صورت ۾ گهٽ آهن؟

هن ڪتاب مان سنڌ جا نوجوان ليکڪ، هڪ اهم سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. اهو هيءُ، ته پنهنجي يادگيرين کي محفوظ ڪيو. اهائي اسان جي دور جي صحيح تاريخ ٿيندي. جيڪي ڪجهه ڏسو وائسو، محسوس ڪريو ۽ سوچيو، ان کي رڪارڊ ڪندا رهو. ڇپڻ جي تڪڙ ناهي، جي پنجاهه سال پوءِ به اهو محفوظ ٿيل يادن جو ذخيرو ڇپيو ته ڪيتريون ئي حقيقتون بي نقاب ٿي پونديون.

بهرحال پير صاحب جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ۾ هڪ دور جي جيئري جاڳندي تاريخ آهي، جنهن کي پڙهي ائين لڳو، ڄڻ پير صاحب ماضيءَ جي کاڻ مان هيرا آڻي اسان کي آڇيا آهن. پير صاحب جيڪا سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪئي، اها نه فقط سنڌ، پر سڄيءَ دنيا تسليم ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب ان سڄي تحقيق تي حاوي آهي، ڇو ته هن ڪتاب ۾ لئبررين جي قبرن مان کوٽيل ڪتاب مان پڙهيل ڳالهيون نه، پر حساس دل، روشن اکين جا تجربا، مشاهدا ۽ احساس بيان ٿيل آهن.

 

قاضي قادن جو ڪلام

مولف: هيرو ٺڪر.

پوڄا پبليڪيشنس، 16313/8-سي، لارينس روڊ، دهلي 110035

قيمت: رواجي 00/12، پڪو جلد 00/15

مهاڳ جئرم داس دولتررام دعائون: رام پنجواڻي.

صفحا: مقدمه: 83 متن 60.

قاضي قادن جا وڌيڪ بيت هٿ اچڻ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ ۽ تحقيق لاءِ نوان باب کوليا آهن. اهو اسان جي ادب لاءِ هڪ نيڪ فال آهي ۽ اسان جي ادبي روايتن جي قدامت جو وڏو ثبوت پڻ.

شري هيري ٺڪر، هڪ مٺ (مڙهيءَ) مان هن ڪلام کي هٿ ڪري ان جو پڙهڻيون قائم ڪري ان کي ڇپايو آهي، جنهن لاءِ کيس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙا محقق ۽ عالم به مبارڪون ڏئي چڪا آهن.

قاضي قادن جو ڪلام، ڀارت جي هرياڻا صوبي ۾ راڻيلا نالي ڳوٺ مان هٿ آيو آهي، جتي هڪ پستڪ ۾ ڪبير، سورداس، دادو ديال، شاهه حسين ۽ ٻين جي ڪلام سان گڏ ارڙهين صديءَ ۾ لکيو ويو هو.

هن واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو، ته سنڌيءَ جو وڏو ادبي ذخيرو ديوناگري لپيءَ ۾ موجود آهي. ڪجهه سال اڳ سراج پڻ برٽش ميوزم لئبررِيءَ مان، ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل سنڌي بيت (جيڪي شاهه صاحب کان به اڳ جا هئا ڳولي ڪڍيا ۽ انهن جي باري ۾ نئين زندگيءَ ۾ هڪ مضمون لکيو.

ان حقيقت کي آڏو رکي اهو لازمي ٿيو پوي، ته سنڌي قديم ادب تي کوجنا ڪرڻ لاءِ اسان جي عالمن ۽ محققن کي ديوناگري لپي سکڻ کپي ۽ ان ۾ لکيل پراڻن ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي.

ٻي ڳالهه، جيڪا هن واقعي مان واضح ٿي ٿئي، هندن جي پوتر جاين تي مسلمانن شاعرن جو ڪلام، هندن جي مذهبي توڙي ادبي شخصيتن سان گڏوگڏ رکيو ويو آهي.

اها ان دور جي بي تعصيب سماج جي خوبي آهي.

جتي سورداس، ميران ٻائي ۽ گرونانڪ آهن ته اتي شيخ فريد، شاهه حسين ۽ قاضي قادن پڻ آهن.

قاضي قادن جي ڪلام کي هرياڻا توڙي برهانپور تائين مشهوري ملي ان زماني ۾ سنڌ جو علم فضل ڪيڏو نه ڦهليو، اها ڳالهه به خوشيءَ جهڙي آهي.

قاضي قادن

قاضي قادن تي هيري ٺڪر جي ڪتاب ڇپجڻ سان ئي ادبي ماحول ۾ چرپر آئي. سنڌ جي مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس مبارڪون ڏنيون. هو صاحب تفصيلي تبصرو ڪجهه وقت کانپوءِ لکندو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ’قاضي قادن‘ ۽ ’قاضي قاضن‘ نالي جي صحت تي بحث ڪيو آهي ۽ ڀڳت گرڌاري لال لکيو آهي ته: اهو ڪلام، جيڪو هيري ٺڪر ڇپايو آهي، سو ماڳهين ميان مير جو آهي، نه قاضي قادن جو.

انهن سڀني مسئلن جي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ لاءِ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تفصيلي محققانه تبصري جو انتظار رهندو. جنهن جي باري ۾ هن صاحب ’هلال پاڪستان‘ واري ڇپيل خط ۾ اظهار ڪيو آهي. بهرحال انهن مسئلن تي ٿوري ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته بهتر آهي.

قاضي قاضن يا قاضي قادن

اول اول، سڀني تاريخن ۾ ’قاضي قادن‘ يا ’قاضن‘ لکيل آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ۾ ’قاضي قادن‘ لکيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکڻ موجب بنا دليل ۽ بنا سن جي آهي. ڊاڪٽر عبدالمجيد مختلف قديم ڪتابن جي حوالن سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اصل نالو ”قاضن“ آهي. هيري ٺڪر جي باري ۾ هن صاحب لکيو آهي ته هن ’قاضي قادن! ڊاڪٽر بلوچ تقليد ۾ استعمال ڪيو آهي. حالانڪ هيري ٺڪر صاف لکيو آهي ته اصل هٿ آيل قلمي نسخي ۾ ’ڪاجي ڪاجن‘ لکيل آهي. اهو قلمي نسخو جيڪو راڻيه جي مٺ ۾ موجود آهي، قدم آهي ان ڪري ان جي لکجڻ جو وقت به قاضي قادن کي سڀ کان ويجهو آهي، ان ڪري ان جي روايت کي ئي تسليم ڪرڻ گهرجي.

ميان مير جو مسئلو

ڀڳت گرڌاري لال انهن شعرن کي قاضي قادن جا تسليم نه ٿو ڪري ۽ لکي ٿو اهي سندس ڀاڻيجي ميان مير سنڌيءَ جا آهن، جيڪي اڃا تائين ڀڳت ميان مير جي نالي ڳائيندا ٿا رهن. هو صاحب لکي ٿو ته پاڻ ڀڳت هريداس جو چيلو آهي، هن صاحب اهو به لکيو آهي ته ميان مير سنڌي، قاضي قادن کان ملڪي مسئلن جي اختلاف تان ڪاوڙجي، پنجاب هليو ويو هو.

پهرين ڳالهه، ته دارا شڪوه جو مرشد ميان مير سنڌي، قاضي قادن جو ڀاڻيجو نه، پر سندس ڏهٽو هو ۽ هو قاضي قادن جي وفات وقت هڪ سال جو هو. ان ڪري هن جو قاضي قادن سان ملڪي مسئلن تي ڪاوڙجي پنجاب لڏي وڃڻ ممڪن ئي ناهي. ٻيو ميان مير سنڌيءَ جو دور قاضي قادن کان پوءِ جو دور آهي ۽ ان وقت جي سنڌي ٻولي، جيڪا اسان کي ملي ٿي، قاضي قادن جي ڪلام کان پوءِ جي ٿي لڳي. قاضي قادن جي هٿ آيل بيتن جي زبان مان ئي لڳي ٿو ته اها قديم آهي. ان ڪري بنا ڪنهن سند جي ۽ تاريخي حوالي جي، انهن بيتن کي ميان مير سنڌيءَ جي نالي منسوب ڪرڻ زيادتي آهي.

قاضي قادن جو سياسي ڪردار

قاضي قادن جي شخصيت سنڌ جي تاريخ ۾ تڪراري رهي آهي. هو سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ رهيو، سيد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو، شاهه بيگ جي لشڪر جي ڦرلٽ ۾ سندس ٻار ٻچا قيد ٿيا ۽ هو چرين وانگر کين ڳوليندو وتيو. نيٺ ڪوشش ڪري اها ڦرلٽ بند ڪرايائين. سيد حيدر سنائيءَ کي سندس مرشد قاتل جي فتويٰ ڏني، ۽ پاڻ خاص صلاحڪارن مان هو.

قاضي قادن جي شاعري ۽ سندس سياسي ڪردار ٻه متضاد شيون آهن، پر اهڙا مثال ٻيا به آهن جو ڪي بلند پايي جا شاعر سياسي طور تي بلڪل ئي اُبتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. غالب جو مثال آهي، اقبال اوڊيرا جا قصيدا لکيا ۽ خود اسان جي دور ۾ به مثال ملي سگهن ٿا.

 

قاضي قادن جي شاعري

قاضي قادن جي شاعريءَ جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو ننڍي کنڊ جي شاعراڻين روايتن کان پوريءَ طرح واقف هو، ۽ انجو اونهو اڀياس ڪيو هئائين. هو هو ته شريعت جو صاحب، پر تڏهن به صوفين وانگر ڪتاب جي علم کي ننديو اٿائين:

زيران زبران آيتان، ڪتيبان جي پڙهئه،

ايهه سبائي سک، جان جان پريان نه مڙءِ.

 

پڙهندو پئي ويو ڪوڙين لک قرآن،

لکي لوڪ نه سگهيو، پاڻي اندر پاڻ.

قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ ڪيترا اهڙا موضوع آهن، جن جي روايت هن وٽان ئي شروع ٿي آهي، ۽ اهي موضوع اڳتي هلي سنڌي شاعرن جا پسنديده موضوع ٿي پيا. شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت ته انهن موضوعن تي سڄا سر لکيا. ’ڪارايل‘ جي هنج جي اوائلي صورت قاضي قادن وٽ اجها هيءَ آهي:

در پورا سي گهران، حقيقتا هنجهه،

ڪوڙين هنڌان ڪڻ چڳن، سر پاڻيءَ جي منجهه.

ڪلياڻ جي ’ويد ۽ واڍوڙ‘ جي ابتدائي شڪل به قاضي قادن وٽ ملي ٿي:

انهان اندر ماهه، ٻاهر ڌڪ نه پڌرا،

ويد ڪريندو دانهه، پسان سي واڍوڙيا.

قاضي قادن هن بيت ۾ سسئيءَ جو نالو ته نه کنيو آهي پر ان جو پس منظر سسئيءَ پنهون جو داستان ٿو ڀانئجي:

لڳي وڃان پير، دانهان ڪندي ڏونگر

سوئي سڄڻ ميڙ، جنهين هئون ڏکڻي.

ساڳي طرح بيت 35،34 ۾ رامڪلي جوڳين ۽ بيت 61،60 ۾ ’ملان‘ ۽ بيت 72 ۾ ڏهيسر جو ذڪر آهي. انهن موضوعن ۽ مضمونن، جن جي قاضي قادن شروعات ڪئي، اهي صدين تائين سنڌي شاعريءَ تي اثر انداز رهيا. ائين ٿو لڳي ته سسئي، ڪلياڻ، ڪارايل، رامڪلي، سورٺ ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جا ٻيا سر قاضي قادن جي شاعريءَ کان متاثر ٿيل آهن.

قاضي قادن جي شعر جو گهاڙيٽو

دوهي ۽ سورٺي مان بيت جي ارتقا جا ابتدائي اهڃاڻ پڻ قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ لڀن ٿا. دوها ڇند به قاضي قادن وٽ آهي، جيئن:

جتي سنسار سچ سان سه جا سائين ساڻ هوءَ،

تو پڌر هي ٻيڙا تري، جه ٿانءَ نير نه ڪوءِ.

سورٺا ڇند جا مثال پڻ ملن ٿا جن ۾ قافيو ٻنهي مصراعن جي وچ ۾ ٿو اچي:

سيڻان هنڌو سگيو، پپيهو آيو،

لکي لوڪ نه سگهيو، اسان ڳالهايو.

دوها سورٺا ميل جا مثال پڻ آهن:

سچي سائينءَ سان تو م ڪر ڪوڙي ڪوڙيان،

جي ٿو منجهه هيان، وو سڀ ڪلي پرکڻو.

ٻن سٽن وارا بيت گهڻا آهن، پر قاضي قادن وٽ ٻن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارن بيتن جا مثال پڻ موجود آهن:

سچ پيارا سائينيان، سائينءَ سچ سهاءِ،

سچي منگل نه دهئه، سچي سرپ نه کاءِ،

سچ سمنڊان سر چڙهئه، ڪوڙ ڪکائين باهه،

جڏهون ڪڏهن ڪوڙ کي ڏيندو سچ سزاءِ.

تون آڌار سڌار تون، تون اڏائون اڏ،

تون اکڙين مون، تون ئي اندر هڏ،

ڳل لڳي ڳالهه چوان، ڪيهي حاجت سڏ.

ٻن سٽن کان وڌيڪ ستن وارن بيتن ۾ قافيو سڀني سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ ٿو اچي. قاصي قادن جي هٿ آيل بيتن مان، هيٺين بيتن ۾ سندس مشاهدي جي قوت، اصليت ۽ فڪر جي باريڪين جا اهڃاڻ ملن ٿا:

جي سالورو سڌ لهي، ڪنوالا سندي ڪاءِ،

تو پيو پاتال ۾، هوند نه مٽي کاءِ.

روز محشر ڏينهڙي، ستر سج تپن،

سڀوئي جر ڀانئيان، جي مون پرين مڙن.

ماو مصلو وير هائي ويئي وساريون،

عيد ڪرينديو ڪير، ماکي سڄڻ گڏيو.

جيئن ڦڦڙ ماهه ۾، ائين روزا عيد نماز،

اڃا آهي ڪاءِ ٻي، الله دي حاج.

شري هيري ٺڪر هن بيت جي معنيٰ ٺيڪ نه ڪئي آهي.

چوندا آهن ”ڦڦڙ نه گوشت“ معنيٰ ماس ۾ ڦڦڙ کي گهٽ اهميت حاصل آهي، تئين روزن ۽ عيد نماز کي ’ٻي حاج‘ کان گهٽ ڀانئجي. هن جو مفهوم شاهه لطيف جي بيت ”ايءُ پڻ چڱم ڪم“ سان ملي ٿو اچي.

ڏيهه لٿا سنجها پئي، اڳون آئي رات،

کڙا پڪاري پاتلي، ٻيڙا وات.

 

پريان سندي ڳالهڙي مر منجهن لئي هوءِ،

ٻڌائين ٻين کي، ڪيهو ڪاجُ سريوءِ.

 

ڪڏهن ٻيريءَ ٻور، ڪڏهن ڦل نه هڪڙو،

ڪڏهن پريان جا پور، ڪڏهن سڪان سڏ کي

 

جي سائين سون سچ، تو ڀو ڪوڙا ستڙي،

اڀي ڪرنچ، توڙي اڱرڙا پلئه.

مٿي ڏنل بيتن جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي شاعري قاضي قادن جي دور ۾ ايتري رچيل ۽ ترقي يافته هئي جو ان ۾ ڳوڙها ۽ پيچيده خيال، ڀانت ڀانت جا موضوع، مشاهدي ۽ مطالع جا نتيجا اچي ٿي سگهيا ۽ فيلسوفيانه توڙي صوفيانه ڀڳتي توڙي ويدانت جا مضمون سمائجي ٿي سگهيا.

شاهه لطيف تي قاضي قادن جو اثر

هر شاعر تي پنهنجي ابتدائي دور ۾ کانئس اڳ جي مشهور شاعرن جو اثر پوندو آهي. ڪي ادبي روايتون هونديون آهن، جن جو بيان ڪي شاعر وجهندا آهن ته ٻيا وري انهن روايتن کي سنواري، سينگاري، ڇلي گهڙي، فن جي بلندين تائين پهچائيندا آهن. قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ شاهه عنايت جي روايتن کي شاهه لطيف پنهنجي فن سان سوڌي سنواري، ڇلي گهڙي چوٽ تي پهچايو. قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ اهي اهڃاڻ ملن ٿا جن روايتن تي هلي، سنڌي شاعري اڳتي وڌي ۽ شاهه لطيف وٽ پنهنجي انتهائي بلنديءَ تي پهتي. قاضي قادن کوٽائي ڪري پيڙهه ٻڌي، شاهه ڪريم ۽ شاهه عنايت ان تي اوساري ڪري ڍانچو تيار ڪيو ۽ شاهه لطيف ان کي رنگ روپ هڻي سينگاري، سنواري ان کي هڪ خوبصورت عمارت بنايو.

قاضي قادن جا بيت آهن:

لائي لام الف سان ڪاتب لکين جيئن،

مون هينئڙو پرين سان لڳو آهي تيئن.

 

ڪايا مهه ڏيئي، پيٺا جي درياهه ۾،

پسندا سيئي، ماڻڪ اکڙين سين.

 

ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور ئي ولها،

هوئي جر سالور، لڌي نه ڪنولان نه ڪر.

عين قصر در مک، ڪوڙين سهسين کڙڪيان،

جان ئي ڪرين پرک، تان ئي سڄڻ سامهان.

پتو ڦٿو پيٽ ۾، وڍي ملان ماهه،

ڏوئين ڏٺي ڌوڙ ۽ الله اوري آءُ.

 

ستو سڄي رات، مهه ڍڪي مئن جيئن،

نه تو سنبل تات، نه جهوري تو آهه ڪا.

هن بيتن ۾ ليڪ ڏنل محاورا شاهه لطيف وٽ به ملن ٿا ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته قاضي قادن جو اثر شاهه لطيف جي دور تائين به رهيو.

شري هيري ٺڪر جي لکڻ موجب ”ساهتڪ کيتر ۾ ڪرامتون نه ٿينديون آهن.“ (ص23)

هر شاعر ڪنهن ماحول ۽ پس منظر جي پيداوار هوندو آهي. قاضي قادن تي پنهنجي همعصرن ۽ اڳ وارن شاعرن ڪبير، سورداس، شيخ فريد، گرو نانڪ ۽ ميران ٻائيءَ جو اثر آهي (ص 29).

ڪي بيت گرو گرنٿ ۾ پڻ دارو ديال جي نالي آهن (ص 43) جن جي ٻولي سنڌي آهي، هيري ٺڪر وٽل جيڪي دارو ديال جا بيت آهن، تن مان هو صاحب اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته اهي بيت هن قاضي قادن کان متاثر ٿي چيا آهن. اهي سڀ ڳالهيون شري هيري ٺڪر جي ڳالهه ته ’ادبي کيتر ۽ ڪرامتون نه ٿينديون آهن.“ جي ثابتي آهن. قاصي قادن پاڻ کان اڳ شاعرن تان اثر ورتو ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ شاعرن تي اثر وڌائين.

هيري ٺڪر جي هيءَ ادبي کوجنا، سنڌي ادب تي هڪ احسان آهي. بهتر هو ته اصل نسخي جا فوٽو پڻ ڏنا وڃن ها.

ان تصنيف سنڌي عالمن ۽ ماهرن لاءِ نيون راهون کوليون آهن.

هن ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، شري موتي لعل جوتواڻي، شري منگهارام ملڪاڻي ۽ ٻين ماهرن کي قلم کڻڻ گهرجي ۽ پنهنجا رايا ڏيڻ گهرجن.

صفحي 106 جي سٽ پنجين تي ’اقبال اوڊيرا جا قصيدا لکيا کي...‘ هيئن پڙهڻ گهرجي.

’اقبال برطانيه جي شهنشاهه جو قصيدو لکيو، ۽ هڪ دفي جليانه والا باغ ۾ ڪوس ڪرائيندڙ مائيڪل اوڊائر جي سڏايل جلسي ۾ انگريزن جي حڪومت جي تعريف ۾ شعر پڙهيو.‘

ڳاڙها هٿ پيلا چهرا

مون هڪ هنڌ اڳي به چيو آهي، ته جڏهن اسان جي ڪٽنب ۾ ٻار ڄمندو آهي ته اسان سهرا ڳائي، جهمر پائي خوشيون ڪندا آهيون. اسان جي ليکڪن جي ڪٽنب ۾، ڪتاب جو شايع ٿيڻ به اهڙي ئي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، اسان کي اها خوشي ڀرپور نموني ملهائڻ کپي.

مهاڪوي ٽئگور لکيو آهي: ’ ته هر نئون ڄاول ٻار اهو نياپو ٿو آڻي، ته خدا اڃا انسان کان مايوس نه ٿيو آهي.‘ ساڳي طرح سنڌي ٻولي ادب ۾، هر نئون شايع ٿيل ڪتاب اهو نياپو ٿو آڻي، ته سنڌي ٻولي ۽ ادب کان مايوس ٿيڻ ڪفر آهي.

آخر هن ٻوسٽ ۾، تخليق کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهجي. هتي مون کي فرينچ نوبل پرائيز کڻندڙ شاعر سينٽ جان پرس جون سٽون ياد ٿيون اچن:

Fautil crier? Faulil c’reer?

Quidone nous cre’e en cet instant?

Et contre la morte elle-me’ me

Ne’stil que de cre’er?

ماتم ڪجي يا تخليق ڪجي؟ اسان مان ڪير آهي، جو هن پل تخليق ٿو ڪري؟ ۽ موت (آهي به ڇا؟ جي آڏو- تخليق ڪرڻ کانسواءِ ٻيو؟)

ته موت جو جواب تخليق آهي. موت مري ته نه ٿو سگهي پر تخليق ذريعي زندگي ته قائم رهي سگهي ٿي.

هڪ دفعي پڪاسو کان پڇيائون ته نئين نسل جا ڪهڙا فنڪار آهن؟ هن جواب ڏنو ته ’مان‘- مان به جيڪر ساڳيو جواب ڏيان، الائي نئين ٽهيءَ وارا مون کي قبول ڪن يا نه. پر منهنجي راءِ ۾ فنڪار کي سدا بهار رهڻ کپي. منهنجو هڪ دوست، جيڪو تازو آمريڪا مان ٿي آيو آهي ۽ تعليم سان واسطو اٿس، ان ٻڌايو ته اتي، اعليٰ تعليم ۾ هر پروفيسر کي وڌ پنج- ڇهه شاگرد آهن، جن تي هو محنت ڪري کين ماهر ٿو بنائي ۽ پروفيسر پنهنجي ڪاميابي ان ۾ ٿو سمجهي، جو شاگرد کانئس به وڌيڪ مهارت حاصل ڪن، سو منهنجي وجود جي ڪاميابي اها ٿيندي، جو ذوالفقار سيال، اياز گل، تاج جويو، نصير مرزا، مختيار ملڪ ۽ ٻيا نوجوان- مون کان بهتر شعر لکي سگهن.


[1] ڏيڏر

[2] . منهنجو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org