هيءُ فضل چانهه لاءِ مٿان بيهي، دريءَ مان سڏ ڪندو
هو، پرنسپال وانگر وات ڇٻو ڪري، گول آواز ۾ چوندو
هو ”ڪئنٽين“ هن جي ان رڙ جي ڪري پڙهڻ وارن جو پڙهڻ
ڊسٽرب ٿيندو هو ۽ سمهڻ وارن جي ننڊ گهڻيئي دفعا هن
کي سمجهايوسين ته هيٺ لهي وڃي ڪئنٽين واري کي آرڊر
ڏئي اچ، پر هن جي اهائي ڪار.
آخر اسان هڪ اٽڪل ڪئي.
جڏهن فضل پڙهي گهري ننڊ ۾ سمهي پيو ته هڪ ڄڻي مٿي
وڃي، ساڳي ئي گول مول آواز ۾ پڪاريو، ’ڪئنٽين.‘
ڪئنٽين وارو ان آواز تي هريل هو، ان چانهه جي ٽري
تيار ڪري وڃي فضل جو اواز تي هريل هو، ان چانهه جي
ٽري تير ڪري وڃي فضل جو در کڙڪايو. فضل ننڊ مان
اکيون مهٽي اٿيو ۽ هن کي گاريون ڏئي چيائين، ”ڪس
ني منگائي ٿي چاءِ، خواه مخواه نيند خراب کرتي
هو.“
ان کانپوءِ نه هن ڪنٽين واري کي رڙيون ڪري سڏ ڪيو،
نه اسان ڊسٽرب ٿياسين، جند ئي ڇٽي پئي.
حاضري ڪلاس ۾ حاضري مهل نمبر پڪاريو ويندو هو.
جيڪو ڪلاس ۾ نه ايندو هو، دوست يار کي چئي ڇڏيندو
هو ته منهنجي نمبر تي
Yes Sir
چئي ڇڏجانءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن غير
حاضر شاگرد جا گهڻا همدرد دوست هوندا هئا ۽ ان جي
نمبر پڪارڻ تي سڀني کان
Yes Sir
نڪري ويندو هو، ۽ پروفيسر سمجهي
ويندو هو ته
Proxy
پيا ڪن ۽ ان شاگرد کي غير حاضر ڪري ڇڏيندو هو.
شاگردن هڪ اٽڪل ڪئي جو جڏهن ’الف‘ جو نمبر پڪاريو
ويندو هو ته هن جي
Yes Sir
چوڻ سان گڏ ٻه ٽي ڄڻا
Yes Sir
چوندا هئا، پروفيسر ان کي
Proxy
سمجهي کيس غير حاضر ڪري ڇڏيندو هو. ڪلاس مان ٻاهر
نڪرڻ تي اسان جي مٿان گارين جو وسڪارو لائي ڏيندو
هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن سمجهو ته روز روز غير
حاضر ٿيڻ ڪري امتحان جو فارم نه موڪليو ويندو، ان
ڪري هن کي هر پروفيسر سان ملي وضاحت ڪرڻي پئي ته
دراصل هو ڪلاس ۾ موجود هوندو آهي ۽ شاگرد ساڻس
چرچو ڪندا آهن. ان کانپوءِ جڏهن هن جي حاضريءَ جو
نمبر ايندو هو ۽ ڇوڪرا ڪورس ۾
Yes Sir
چوندا هئا ته هو اٿي بيهي دانهون ڪندو هو ۽ چوندو
هو ته ڏسو مان حاضر آهيان ۽ پروفيسرن کي به کل اچي
ويندي هئي.
هاڻي اچو استادن تي.
جورس جو پيپر
هڪ جورس جو پروفيسر هوندو هو، گنجو، ڊينڊو ۽
عينڪي، پهريائين پيپر آئوٽ ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ
يونيورسٽيءَ دٻنامو لکيس ته پڪو ٿي ويو. اسان زور
ڪيس ته پيپر نه ٿو ٻڌائين ته پوءِ سڀني کي پاس ڪر.
هن چيو ته ”سڀني کي پاس ڪندس ته يونيورسٽي ڇا
چوندي، توهان ميٽنگ ڪري فيصلو ڪيو ۽ هڪ والنٽيئر
نڪري ته ان کي فيل ڪريان.“ ان کان پيپر ڪڍڻ جو ٻيو
طريقو ڪڍيوسين، هن کي چوندا هئاسين، ”سائين فلاڻو
Copper sulphate Poisoning
ٿو پڙهي، اجايو وقت ٿو وڃائي.“
هو چوندو هو، ”نه نه، اهو ڀلي پڙهي“ معنيٰ اهو
سوال پيپر ۾ ايندو ٻيو چوندو هو، ”سائين مان
Rape
وارو چيپٽر پڙهان؟“ هو چوندو هو،
“You will waste your time”
معنيٰ پيپر ۾ اهو سوال ڪونهي. ائين ڪري اسان
امتحان پاس ڪيو.
مون سان دوستي ٿي وئي هيس. هر دفعي پيپر آئوٽ ٿيڻ
کانپوءِ مون کان پڇندو هو، ”عباسي، ڇوڪرا ڇاٿا
چون،
Intelligent
سوالن وارو پيپر اسان عمر ۾ نه ڏنو.“
پوٰ هر ڇهين مهيني منهنجي ڊيوٽي هئي ته، ”جڏهن
ڇوڪرا جورس جو پيپر ڏئي موٽن، ته مان کانئن راءِ
معلوم ڪري کيس ٻڌايان ته پيپر ڪيئن هو.“
هڪ سال مون ڪنهن کي واعدو ڪيو هو ته توکي جورس جو
پيپر هٿ ڪري ڏيندس. هن گهڻيون لاهيون چاڙهيون ڏنم،
پر هيءَ پڪو ٿيو بيٺو هو. مان فڪر ۾ بيٺو هوس ته
شاگرد ان ڏينهن هائيجن جو پيپر ڏئي نڪتا، هيڏانهن
هيءُ پئي آيو. هن کان ڪا تاريخ وسري وئي هئي، جيئن
مان ڇوڪرن سان بيٺو هيس ته هن مون کي سڏ ڪري، پاسي
تي وٺي وڃي رازداريءَ مان چيو، ”ڪيئن ٿو ڀانئين
منهنجو پيپر؟“
مون پهرين ڳالهه نه سمجهي ۽ پڇيم، ”ڪهڙو پيپر؟“
چيائين، ”هي جو ڇورا پيپر ڏئي آيا آهن ڇا ٿو
ڀانئين؟ پڇيو اٿئين ته پيپر ڪيئن هو؟“
مان سمجهي ويس ته همراهه کان تاريخ وسري وئي آهي.
سو منهن چٻو ڪري چيم، ”واهه جو پيپر ڪڍيو اٿو، هن
سال جهڙو ردي پيپر مون عمر نه ڏٺو.“
”ڇو ردي پيپر هو؟“ همراهه کي باهه وٺي وئي.
”سڀ ڪارنر ڪئسچن هئا.“ مون چيو.
”ڪهڙا هئا ڪارنر ڪئسچن؟“
”سائين هو
Injury
وارو سوال ته واهيات هو.“
”ڇو
Liver
جو
Injuries
سوال واهيات آهي؟“
”ڀلا
Poisoning
وارو ته ڪارنر
Question
هو.“
”Arsenic
Poisoning
ڪارنر
Question
آهي؟“ هن رڙ ڪري چيو.
اهڙيءَ طرح مون هن کان ٽي چار سوال ڪرايا ته هڪ
شاگرد ولي محمد ٻرڙو آيو، ۽ نوٽبڪ کولي، قلم ڪڍي
هن کي چيائين، ”سائين ڪجهه
Important
سوال لکايو.“
هن چيو، ”اڙي پيپر اڄ ٿي ويو. هاڻي ٿو
Important
سوال پڇين.
آهي ڪٿي؟“
ولي محمد ٻرڙي چيو، ”سائين اڄ هائيجن جو پيپر هو،
اوهان جو پيپر سڀاڻي آهي.“
مان کسڪڻ تي هيس ته هن ٻئي هٿ چيلهه تي رکي، اکيون
ڦوٽاري وائڙن وانگر پهرين مون ڏي، پوءِ ولي محمد
ڏي ڏسي چيو، ”توهان جو پيپر سڀاڻي آهي؟ ماڻهو ڏاڍا
حرامي آهن، جي تون اڃا ٻه منٽ دير ڪرين، ته هي مون
کان سڄو پيپر ڪڍي وڃي ها.“ ۽ مون وٺي ڊوڙ پاتي.
نجيب کي دٻائڻ
ڪرنل نجيب جي پهرئين دور ۾ هن کان هرڪو ڊڄندو هو.
هن جو اهو ڏهڪاءُ جن ڏٺو تن کي هن جي ٻئي دور جي
ڏهڪاءُ ذري برابر به ملعلوم نه ٿيو. هيءُ جورس
وارو همراهه به جڏهن نجيب جي آفيس مان نڪرندو هو
ته ذرڙ کان ڪياڙيءَ تائين رومال گهمائيندي پگهر
اگهندي نڪرندو هو.
هڪ ڏينهن اسان ڪئنٽين ۾ ويٺا هئاسين ته هي همراهه
ڏاڍو خوش خوش پئي آيو، اچي چيائين، ”نجيب- نجيب-
اجايو کڻي مٿي تي چاڙهيو اٿو، اڄ دٻائي آيومانس،
سمجهي ڇا ٿو پاڻ کي.“ اسان چيو، ”مبارڪ هجيو، وڏي
همٿ ڪئي اٿو. ڀلا ٻڌايو ته ڪيئن دٻايوس؟“
چيائين، ”مان آفيس ۾ ويس ته اچي بگڙيو، چيائين،
Get out
مان وري به چريس ڪونه. پوءِ جڏهن پنهنجي مرضي ٿي
تڏهن آفيس مان نڪري آيس“
پوءِ هو پنهنجي ان ننڍڙي همت تي ڇاتي ڦنڊائي، مرڪي
چوڻ لڳو، ”اجايو هن کان ٿا ڊڄن.“
هي يادگيرين جو سلسلو هليو آهي ته بند نه ٿيندو.
مان ميڊيڪل ڪاليج مان پنهنجو ماضي به ساڻ کڻي آيو
آهيان، سونهري ڏينهن جي ساٿيءَ کي پنهنجو جيون
ساٿي بنايو اٿم. اونداهين ۾، اٿاهه مايوسين جي
اونهين غفائن ۾ به اسان ٻنهي گڏجي اميد جا ڏيئا
ٻاريا آهن. مان ماضيءَ مان هٿين خالي نه آيو آهيان
۽ اتان اهڙي شيءَ ساڻ آندي اٿم، جيڪا مرڻ گهڙيءَ
تائين مون سان گڏ رهندي ۽ منهنجي آهي.
اهو قصو هڪ ڌار داستان آهي، جو هيءَ ياگيرين لکڻ
جو سلسلو جاري رهيو ته اڃا گهڻائي داستان لکبا، في
الحال ته:
اسان ۽ پرين هون برابر ڏينهڙا.
(لطيف مخزن 76-1975)
ڊبل خان ۽ ڊئزي
ميڊيڪل ڪاليج جي زندگيءَ ۾ نرسون هڪ اهم شعبو آهن.
اسان جي شاگرديءَ جي زماني ۾ اهو شعبو تهائين اهم
هو جو ڇوڪرين جي تعداد تمام گهٽ هوندو هو. هر ڪلاس
۾ اٺن يا ڏهن کان مٿي ڇوڪريون نه هونديون هيون.
انهن تائين پڄڻ ۽ رهائي رسائي ڪرڻ تمام ٿورن جو ڪم
هو. گهڻي تعداد ۾ ڇوڪرا نرسن سان خوشگوار تعلقات
پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺندا هئا. نرسون به اهڙيون
پٿر دل نه ٿينديون آهن، هميشه مرڪڻ سندن عادت
هوندي آهي. ڊاڪٽر سان ڳالهائڻ ۽ سندس ويجهو پوڻ
سندن لاءِ فخر جي ڳالهه هوندي آهي ۽ نوان نوان
نڪتل هائوس آفيسر ته سندن لاءِ نعمت هوندا آهن، ڇو
ته هائوس جاب کانپوءِ ڊاڪٽر شادي ڪرڻ ۽ گهر وسائڻ
لاءِ آتا هوندا آهن. نرسن جي
Species
۾ به هر قسم جا نمونا هوندا هئا. ڪي سهڻيون من
مهڻيون، گلاب جي گل جيان رنگ ته ڪن جي مرڪ ۾ رابيل
جي مهڪ، ڪن جي چال ۾ وڄ جا وراڪا ته ڪن جا وار
ڪڪرن جان ڪارونڀار، ڪن جي اکين ۾ سچن موتين جو
جرڪو، ته ڪن جي قد صليب جو قد. ڪي اهڙيون ويچاريون
ڪوجهيون به هونديون آهن جن ڏانهن ڪو نهاريندو به
نه هو.
انهن جي مايوس دليون ’اڱڻ ٻهاريان‘ ۽ اکيون ’واٽون
نهاريان‘ جو مثال هيون. انهن مان هڪ ڊئزي به هئي.
ڊئزي ڇا هئي، رنگ پراڻي بورچي خاني جي دونها ٽيل
ڀت جان، جنهن تي ڏاڍيءَ فراخدليءَ سان پائوڊر جو
استعمال ائين لڳندو هو، ڄڻ ان تي چوني جو هڪ هٿ
ڪوٽ
(Coat)
چاڙهي، ٻيو هٿ چاڙهڻ وسري ويو
هجي. وار گهڊيدار پر ضرورت کان وڌيڪ ۽ ٻنهي ڪلهن
تائين پکڙيل ڄڻ جن ڪڍڻ وارا خطرناڪ ڀوپا وارن ڪلهن
تائين پکيڙي ڇڏيندا آهن. اکيون ڄڻ ڀت ۾ ٻه سوراخ،
بت ضرورت کان وڌيڪ ۽ قد ضرورت آهر. چيلهه جي ور
(Curve)
جي بدن سڌي سنئين ليڪ. صبح جو بس مان ڇوڪرا لهندا
ته آسائتون اکيون کڻي بيٺي هوندي، ته من ڪو مون ڏي
نهاري، وارڊ ۾ جنهن هائوس آفيسر جي ڊيوٽي هوندي،
ان تي حد کان وڌيڪ مهربان.
چاهيون پيارڻ، سندن هر حڪم جي پوئواري ڪرڻ (مريضن
جي چارٽ تي لکيل ڊاڪٽر جي هدايتن
(Instraction)
کي اسپتال جي محاوري ۾ حڪم
(Order)
چيو ويندو آهي) ڊاڪٽر کي سرديءَ ۾ هيٽر ۽ گرميءَ ۾
پکي جي ڀرسان جاءِ ڏيڻ کان وٺي، سندن ڪپڙن، وارن
اکين جي تعريف ڪرڻ تائين وڃي پهچندي هئي. هوءَ سڄو
سال اهو ڪوشش ڪندي هئي ته هائوس آفيسر کي پنهنجي
سمارٽ ۽
(Effiicient)
هجڻ جو يقين ڏياري.
هر سال، سندس وارڊ ۾ مقرر ٿيل هائوس آفيسر جي
تعريف، پنهنجي هاسٽل ۽ ميس ۾ شروع ڪندي هئي، اتان
نرسن ذريعي هلي، سڄي اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي اسٽاف
تائين پهچندي هئي ۽ هر سال اهو اعلان ٿيندو هو ته
ڊئزي فلاڻي تي عاشق آهي، سندس رمارڪ ڪجهه اهي
هوندا هئا:
”فلانو ڪيڏو نه سمارٽ آهي.“ ”ڪيڏو نه سٺو آهي.“
”ڪهڙا نه سهڻا ڪپڙا ٿو پائي.“ ”ڪيڏو نه ڪم ۾ ماهر
آهي.“ وغيره. پوءِ ان کان اڳتي هلي، ”فلاڻو مون کي
ڏسي ٿو.“ ”فلاڻو مون کي پسند ٿو ڪري.“ تائين وڃي
پهچندا هئا، تان جو وري نئين آيل هائوس آفيسر جو
ٽرم پورو ٿي ويندو هو ۽ ڊئزي وري نئين آيل هائوس
آفيسر تي طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪندي هئي ۽ اڳئين
لاءِ چوندي هئي، ”هو بيوفا هو.“ ”هو فلرٽ هو.“ ”هن
کي ڪپڙن پائڻ جي به تميز ڪانه هئي.“ ”هن کي ميڊيسن
جي ڪا خبر نه هئي.“
جنهن سال اسان فائينل پاس ڪري هائوس سرجن ٿياسين
(1960) ان سال سندس حصي ۾ هڪ سادو، ڊگهو ۽ شرميلو
ڇوڪرو آيو، جنهن کي اسان ڊبل خان چوندا هياسين ڇو
ته اڳيان ۽ پٺيان خان هو. ڊئزيءَ معمول مطابق هن
تي ڏور وجهڻ شروع ڪيا پر هو ايترو ته سادو ۽
شرميلو هو، جو ڊئزيءَ اڳيان ڳالهائي ئي نه سگهندو
هو ۽ جي ڊئزي ساڻس ڳالهائيندي هئي ته سندس منهن تي
شرم کان ڳوڙهاڻ اچي ويندي هئي، ان تي ڊئزي ويتري
وڌيڪ ڏانهس ڇڪجي ويندي هئي.
دوست يار ڊبل خان کي ڪيترائي داوپيچ ۽ ڊائلاگ
سيکاريندا هئا پر هيءُ همراهه صفا چٽ هو، ڪو به
ٻوٽو باري نه سگهيو، آخر هن جا هي پرڪار ڏسي يار
دوست صلاح ڪري هڪڙي پروگرام تي بيٺا.
ڊئزيءَ کي ڊبل خان جي غير موجودگيءَ ۾ پٽيون
پڙهائڻ لڳا ته ويچارو ڊبل خان ڏاڍو شرميلو آهي، ۽
توسان سنئون سڌو ڳالهائي نه ٿو سگهي، ان ڪري هاڻي
اسان جي ذريعي نياپا ايندا ويندا، پوءِ اڳ اڳ ۾ هڪ
ٻئي سان پيار جو اظهار ٿيو ڀلا نياپا آڻيندڙ ۽
نيندڙ به اسان جا يار سو ڊبل خان جا ڊائلاگ دليان
ٺاهي کيس ٻڌائيندا هئاسين. ڊبل خان کي به ان تي
راضي ڪري ڇڏيوسين ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جيڪو ڪيون، ان
جي آڏو نه اچي ۽ ان جي ترديد نه ڪري. هلي هلي
ڊئزيءَ کي پڪ ٿي ويئي ته ڊبل خان سندس آخري منزل
آهي، جنهن لاءِ هوءَ سالن کان نهاريندي رهي آهي.
هاڻي ڊبل خان به سندس آڏو مرڪڻ ۽ خاموش ويهي رهڻ
شروع ڪيو، ڳالهائي سگهڻ اڃا سندس وس ۾ ڪونه هو.
جڏهن ڳالهه اتي پهتي ته يارن پنهنجو اصلي پروگرام
شروع ڪيو. ڊئزيءَ کان چانهه بسڪوٽ وغيره سان
متواضع ته هميشه ٿيندي هئي ۽ ان ۾ ڊبل خان ۽ ٻيا
دوست حصيدار هوندا هئا پر هي پروگرام ڪجهه اڳڀرو
هو.
هڪ شام ، هڪ دوست ڊئزيءَ کي چيو ”ڊبل خان اڄ سڄو
ڏينهن ماني نه کاڌي آهي“ ”ڇو؟“ ڊئزيءَ جا ترائي
نڪري ويا.
”ان ڪري جو اڃا مني آڊر نه پهتو اٿس، ميس ۾ ماني
بند ٿي وئي اٿس.“ ”پر اسان دوستن به منتٿون ڪيون
اٿس پر هو مڃي ئي نه ٿو، اسان جي ماني نه ٿو
کائي.“ ”دوستن ۽ منهنجي مانيءَ ۾ فرق آهي، مان
پنهنجي هٿن سان مرغي ٺاهي اينديس، ڏسجو ڪيئن نه ٿو
کائي.“ ”منهنجي هوندي هو بک ڪاٽي باقي مان ڇا لاءِ
آهيان؟“ ڊئزي ڪجهه شرارت، ڪجهه يقين سان چيو.
آخر فيصلو ائين ٿيو جو، جيئن ته ڊبل خان شرميلو
آهي انڪري هو اسپتال ۾ ماني نه کائيندو، ائين
بدنامي به ٿيندي جو سڀني کي خبر پئجي ويندي، سو
ماني ٺاهي ڊئزي اسان جي حوالي ڪري. پوءِ اها ماني
آئي ۽ ان ۾ ڊبل خان سان گڏ سڀني دوستن کاڌو. ٻئي
ڏينهن جڏهن ڊئزيءَ ڊبل خان کان مرغيءَ جي پسند اچڻ
جي باري ۾ پڇيو، ته ڊبل خان ڪجهه شرمائجي مرڪي ڏنو
۽ ڊئزي کي پڪ ٿي وئي ته سندس محنت سجائي وئي آهي.
ائين سڄو سال اسان جا دوست ڊئزيءَ کان ڊبل خان جي
نالي ۾ فرمائشون ڪري شيون وصول ڪندا رهيا ۽ سڄي سنگت موجون ڪندي رهي.
هڪ ڏينهن هڪ دوست ڊئزيءَ کي چيو، ”اڄ تو ڊبل خان
جي قميص ڏٺي؟“
”ڇو-ڇا ٿيو؟“ ڊئزيءَ واراڻيو.
”عجيب آهي ڊئزي معنيٰ ته تنهنجي ڊبل خان ۾ به ڪابه
دلچسپي نه رهي آهي.“ ڊئزي ڊڄي وئي، چيائين ”خدا نه
ڪري.“
هن همراهه وڌيڪ چيو، ”اڄ ڊبل خان جي قميض بنا
استريءَ هئي ان ڪري جو مائٽ غريب اٿس، هن وٽ رڳو
هڪ قميض آهي، جيڪا ڌوئي پاڻ استري ڪري پائيندو آهي
۽ ڪالهه استري ڪرڻ جو وقت به نه مليس ته ائين ئي
پائي آيو.“ ”ته پوءِ مون کي سندس ڪالر جي ماپ
ٻڌاءِ ته مان ٻه ٽي قميصون وٺي ڏيانس.“ هن يڪدم
پنهنجي ماپ ٻڌايس ڊبل خان جي ڪالر جي ماپ ڪنهن کي
ياد هئي؟
ٻئي ڏينهن ٻه فرسٽ ڪلاس ريڊي ميڊ قميصون اچي ويون،
جن کي ٻن دوستن کي ڏٺو ويو. هڪ جنهن ڪالر جي ماپ
ٻڌائي، ٻيو اهو جنهن کي پوري آئي. ڊبل خان کي نصيب
نه ٿي ڇو ته هو بت ۾ ڪجهه ڀريل هو.
بهرحال ڊئزي
روز پڇندي هئي، ”هي نئين قميص ڇو نه ٿو پائي اچي؟“
جواب ملندو هيس، ”تنهنجي آڏو پائيندي شرمائي ٿو،
تنهنڪري رڳو اسپتال کان ٻاهر پائيندو آهي.“
”هاءِ مان قربان.“ ڊئزيءَ اکيون اڌ ٻوٽي چيو.
اهي دوست جن جي حصي ۾ قميصون آيون اهي به اسپتال ۾
پائي نه ايندا هئا، ته متان معاملو خراب ٿي وڃي.
هائوس جاب جو سڄو سال انهيءَ ڍنگ سان گذريو. سال
پورو ٿيو ته ڊبل خان ڪاڏي، ڊئزي ڪاڏي ۽ ڊئزيءَ وري
چوڻ شروع ڪيو ”بيوفا نڪتو“ ۽ وري نئين سال نئين
شڪار جي ڳولا ۾ لڳي وئي.
ستن اٺن سالن کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ اسپتال ۾ ملي،
وهي ڪجهه موٽيل هيس پر جذبا اهي ئي جوان، مون جڏهن
کانئس پڇيو ته ”هتي ڪو سمارٽ ڊاڪٽر ناهي؟“ هڪ
ڊاڪٽر جي تعريف ۾ لڳي وئي، ائين ڄڻ اهو ساڻس سڀاڻي
ئي شادي ڪرڻ وارو آهي ۽ مون کي لطيف جو بيت ياد
اچي ويو:
ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت،
من اندر لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
سو ڊئزيءَ جي من اندر جي لوچ به اڃا تائين ماٺي نه
ٿي آهي.
هڪ عجيب شاگرد
عمر ۾ سڀني هم ڪلاسن کان وڏو، ويتر جو ڏاڙهي، (ان
وقت ڏاڙهي رکائڻ جو فئشن نه هوندو هو) سو سڀڪو
معتبر سمجهندو هئس. ڪلاس ۾ اچڻ کان ڪٿائيندو هو.
گهڻو ڪري ڪئنٽين، لان يا ڏاڪڻ تي نظر ايندو هو. تو
مون پارا ساد نويل ڇوڪرا گڏ ڪيو ڪچهري لايون ويٺو
هوندو هو. منهن موهيڙن سان ڀريل هوندو هئس، انهن
کي پٽيندو به هو، ڏاڙهي به کنهندو هو ۽ ڳالهه به
ڪندو هو. هن جي هڪ اسپيشلسٽي هوندي هئي. اها هئي
ڇوڪريون ڇوڪريون به رڳو ميڊيڪل شاگرد، نرسن تي اک
به نه ٻڏندي هئس. ڇوڪرين جي جيپن ۽ ڪارن جا نمبر
برزبان ياد هوندا هئيس. جي ڪنهن جي ڳالهه ڪرڻي
هوندس ته ڇوريءَ جي نالي جي بدران ان جي گاڏيءَ جو
نمبر چئي ڳالهه ڪندو. مثلاً: ”اڄ منجهند 3512 تلڪ
چاڙهيءَ تي فلاڻي دڪان تي هئي.“ يعني ان نمبر
واريءَ گاڏيءَ تي ايندڙ ڇوڪري.
هن کي ڇوڪرين جي روزانه ڊائري الائي ڪٿان هٿ ايندي
هئي. نوس نوس هن جي عادت هئي، چئي ”فلاڻي ڇوڪري اڄ
فلاڻي دڪان تي وئي، اتان فلاڻي گهر وئي ۽ ان
کانپوءِ فلاڻي فلم ڌٺائين.“
ڪاليج جا رومان هن جي لاءِ معمولي ڳالهه هئي، جي
ڪنهن ڇوڪريءَ ڪنهن ڇوڪري ڏانهن نهاري مرڪيو، ان جي
ته کيس پڪ خبر پوندي پر جي ڪنهن ڇوڪري فقط چور
نظرن سان ڪنهن ڏي نهاريو ته اهو به هن کان ڳجهو نه
رهندو.
هو نوٽ بوڪ کولي ٻڌائي سگهندو هو ته فلاني ڇوڪري،
فلاڻي لپ اسٽڪ، فلاڻي ڪريم، فلاڻو سينٽ ۽ فلاڻو
پائوڊر استعمال ڪندي آهي، جي ڪا ڇوڪري اتان
لنگهندي ته چوندي ’فارول سينٽ.‘
اسان کي پوءَ خبر پئي ته هو تلڪ چاڙهيءَ جي اڪثر
جنرل اسٽور تي وڃي ويهندو هو، جتان اڪثر ڇوڪريون
ڪاسميٽڪس خريد ڪنديون هيون. جنرل اسٽور وارن سان
ايتري ته دوستي ٿي ويس جو ڇوڪرين جي بريزئر جي
سائز به ٻڌائي سگهندو هو. عجب جي ڳالهه ته سندس
سوٽيون ماساتيون به اسان جي ڪاليج جون شاگرداڻيون
هيون.
زور جو عشق
چوندا آهن ته عشق ٿي ويندو آهي، ڪيو نه ويندو آهي
پر ڪي چون ته عشق ڪيو ويندو آهي، اُهي ٻئي ڳالهيون
صحيح ٿي سگهن ٿيون، پر ’عشق ڪرايو ويندو آهي‘ ان
تي عام ماڻهوءَ کي اعتبار گهٽ ايندو پر ڪڏهن ڪڏهن،
هزارن ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿي وڃي ٿو.
اسان پهرين سال ميڊيڪل ۾ داخل ٿياسون ته هر قسم جا
شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيون، وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ
ٿي. انهن ۾ هڪ شفيق به هو، اصل ڪتابي ڪيڙو، نه
ڪنهن سان ڳالهائي نه ڪنهن سان ٻولهائي، نه ڪئنٽين،
نه ڪچهري، نه فلم نه راڳ، رڳو ڪتاب، جي فري پيرڊ
ملي ته به ڪتاب ۾ منهن، جي گهر وڃوس ته به ڪتاب ۾
منهن، سامهون سهڻي ڇوڪري مليس ته به ڪتاب ۾ منهن،
ڪتاب کانسواءِ ٻي ڳالهه ئي نه هئي. قد جو پورو
پنو، جسم لهڪاريل، منهن ڊگهو ڪتابي پر ماس کان
خالي، عينڪ اکين تي. ’جوانيءَ ۾ پيريءَ‘ جو جيئرو
جاڳندو مثال هو. نوٽس وٺڻ ۽ نوٽبڪ ٺاهڻ جو ماهر،
اکر اهڙا سهڻا لکندو جو موتين جا داڻا، ڊرائنگ
اهري ڄڻ آرٽسٽ جي ڪڍيل آهي، نه ڪنهن سان
ڳالهائيندو نه ٻولهائيندو، پيو نوٽبڪ ٺاهيندو ۽
ڊرائنگ ڪڍندو.
اهڙو همراهه عشق ڪري، اِهو عجيب سانحو آهي. ٿيو
ائين جو مون کي ائناٽاميءَ ڊپارٽمينٽ وارن شريف
ترين شاگردن سمجهي، ڇوڪرين سان ڊسيڪشن پارٽنر ڪيو.
شفيق جي ڊسيڪشن ٽيبل اسان جي پاسي ۾ هئي، مون سان
ڊسيڪشن پارٽنر ڇوڪرين ۾ هڪ سج ورني، سون جي رنگ
جهڙي ڇوڪري هئي، جنهن جا چپ لاليءَ کانسواءِ
سدائين لال ۽ اکيون ڪجل کانسواءِ قاتل هيون، هن جا
ڳل گلابي ۽ سندس ڏند موتيءَ جي مالها هئي. شفيق جي
ليبل جا سڀ ساٿي گهڙيءَ گهڙيءَ اسان جي ٽيبل ڏانهن
نظر ڪندا هئا، پر هيءُ شفيق، ڊيڊ باڊيءَ سان ايترو
محو هوندو هو. جو مجال آهي جو اک مٿي کڻي ڏسي، ته
مردن جي دنيا کان ٻاهر ڪا جيئري جاڳندي دنيا به
آهي، جيڪا حقيقت آهي.
هن جو اهو حال ڏسي، سندس ٽيبل پارٽنرن فيصلو ڪيو
ته هن کي ’عشق ڪرائبو.‘ پهريون پهريون اهو فرض مون
تي رکيو ويو، ته مان ساڻس ان سج ورنيءَ جي سونهن
جي تعريف ڪري، کيس آماده ڪريان ته ان ڏي به ڪڏهن
غلط انداز نظر ڪري. پر ان همراه تي ان جو اثر ائين
ٿيو، جيئن ملان جي مٿان موسيقيءَ جو. هڪ ڏينهن هڻي
وڃي هنڌ ڪيم. چيومانس، ”سج ورني تنهنجي ٽيبل وٽان
لنگهندي تنهنجيون
Figures
ڏٺيون، چيائين ته هن جو جرنل ڏاڍو خوبصورت آهي.“
اِهو ڌڪ نشاني تي لڳو، همراهه ڪجهه مرڪيو، ٻئي
ڏينهن چيومانس، ”تنهنجي
Hand Writing
جي به تعريف ٿي ڪري.“
پوءِ روز ڪو نه ڪو ڊائلاگ کيس ٻڌائبو هو. مون سان
گڏ ان سازش ۾ هڪ ڇوڪري به شامل ٿي، جيڪا پڻ اسان
جي ڊسيڪشن پارٽنر هئي. اسان ٻنهي کان وڌيڪ معتبر
راوي ڪهڙو ٿي پئي سگهيو جيڪو ’سج ورنيءَ‘ سان گڏ
روز ٽي چار ڪلاڪ ڊسيڪشن جا گڏ هجي.
پوءِ ته همراهه جون اکيون ڊيڊ باڊيءَ مان اٿي گهڙي
گهڙيءَ اسان جي ٽيبل ڏي ٿي آيو. ڪاپيون ڪتاب وسري
ويا، ان ڪاپيءَ ۾ جتي مردن جا هڏا، مشڪون ۽ دل
گردا ڇاپيندو هو، ان ۾ ان ’سج ورني‘ جا پورٽريٽ
ٺهڻ لڳا. هڪ هڪ صفحي تي ٽيهه چاليهه دفعا ان محبوب
جو نالو، خوش خط لکڻ لڳو.
جيڪا ڇوڪري مون سان گڏ سازش ۾ شريڪ هئي، ان انهيءَ
جو ناجائز فائدو ورتو، شفيق جو اهو نوٽبڪ چورائي
وڃي ’سج ورنيءَ‘ کي ڏيکاريو، رڳو مذاق خاطر.
’سج ورني‘ معمولي ڇوڪري نه هئي، هوءَ سنڌ جي گهڻي
مٿاهين خاندان مان هئي، جنهنجي حويلين تان نر پکي
پيو هڪلبو هو، سندس سنڀاليندڙ هڪ وڏو فراخدل
سياستدان هو، جنهن روايتي رسمون ٽوڙي هن ڇوريءَ کي
نه فقط پردي کان ٻاهر ڪڍيو پر ميڊيڪل ڪاليج پڻ
موڪليو هو.
اِها ڳالهه ’سج ورنيءَ‘ مذاق ڪري نه ورتي پر ٻئي
ڏينهن سندن ڀاءُ چئن پنجن پهلوانن سان اسان جي
ڪاليج آيو. شفيق کي سڏ ڪري، جيپ ۾ ويهاري، ٻاهر
وٺي سندس منهن ٺونشن سان سڄائي، موٽائي ڪاليج ڇڏي
ويو. اهي ڏينهن اهي شينهن وري شفيق عشق جو نالو نه
ورتو.
ان الف جا ڏاڍا مزيدار قصا آهن. ان کانسواءِ مزوئي
نه ايندو هو، جنهن ڏينهن بيمار ٿيندو هو يا غير
حاضر هوندو هو. هن رٽڻ جو هڪ طريقو ايجاد ڪيو هو،
اهو هو فارمولا. مثال طور جي هن کان پڇبو ته ٻڌاءِ
ته پينسلن ڪهڙن جيوڙن تي عمل ٿي ڪري ته يڪدم چوندو
”سعيده پنهنجي ماءُ سان پيشاب ڪيو.“ ان ڳالهه ۾
وڏي مام آهي. ان جي هر پهرئين اکر مان جيوڙي جو
نالو ٿو نڪري. سعيده مان
S
يعني
Staphlococci،
پنهنجي مان
P
يعني
Pheumococci،
ماءُ مان
M
يعني
Mineniegococ،
سان مان
S،
يعني
Strocptococci،
پيشان مان
P،
يعني
Pneumococci
۽ ڪيو مان
C،
يعني
Clastradiwn whelchai
اهڙي طرح هر سبجيڪٽ کي ياد ڪرڻ جا فارمولا ٺاهيا
هئا. ايٽيالاجي
Treatment, Signs Symptoms،
هر شيءَ فارمولن تي هلندي هئي. ڪي فارمولا ته عجيب
هئا، مثال طور
Don’t P-K
ڪڏهن ته امتحان ۾ هو اصل ڳالهه ٻڌائن بدران
فارمولا چئي وهندو هو. مٿال طور جي امتحان ۾ ڪنهن
پڇيس ته:
“Organisms Sensitive to penicillin”
ته هي ٺهه پهه جواب ڏيندو ”سعيده پنهنجي ماءُ سان
پيشاب ڪيو.“ هن الف جون ڳاليهون ايتريون ته آهن جو
ڪتاب ڀرجي وڃن. |