جپاني هائيڪو، تانگ گهراڻي جي چيني تصويرن وانگر،
خال
(sp ice)
کي ڀرڻ کان سواءِ ئي ڀري ٿو.
وجدان، فوري ٿيندو آهي. جيئن رنگن جي سڃاڻپ (ان
لاءِ سوچڻ جي وقت جي ضرورت نه هوندي آهي.)
”هر فن لازمي طرح معروضي
(objective)
هوندو آهي. اُهو سمجهائيندو نه آهي، پر پيش ڪندو
آهي.“ وليم ڪارلوس وليمس
(William Carlos Williams).
”جنهن هائيڪو مان موضوع جو ستر کان اسي سيڪڙو
اظهار ٿئي، اهو سٺو آهي. ۽ جيڪي هائيڪو پنجاهه کان
سٺ سيڪڙو موضوع جو اظهار ڪن، اهي چڱا آهن.“- باشو
(Basho)
اسان کي صفتون نه کپن، (ڇو ته اهي) اسانجي احساسن
کي ڌنڌلو ٿيون ڪري ڇڏين. نه ڪو تشبيهون يا
استعارا. رڳو وٿون
(objects)
هجن، جيڪي پنهنجو ڪارج ادا ڪن.
هائيڪو ۽ تصوير ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي. اها آهي ته
ڪنهن وٿ
(object)
کي پيش ڪرڻ- سواءِ ڪنهن تبصري جي.
بنيادي اصول
هائيڪو روش؛
ڪنهن پروڙ لاءِ تيار هجڻ، ان پروڙ لاءِ ئي، ۽ ان
جي قيمت پروڙ کان ٻاهر نه آهي.
باشوءَ جي ’هائيڪي جي فن‘ ۾ تازن ۽ اوائلي جذبن
(crude feelings)
کان پاسو ڪيو
ويو آهي. اهڙي قسم جا جذبا جهڙوڪ خوشي، ڪاوڙ، دک.
اهي سڀ داخلي
(subjective)
آهن، ۽ داخليت جو هڪ نمونو آهن.
جڏهن ڪو شخص ڪنهن وٿُ
(object)
۾ دلچسپي ٿو وٺي، ۽ ان ۾ ان وٿ جي ڪري ئي ان ۾
شامل
(Invatve)
ٿي وڃي ٿو، ته هائيڪو روش پيدا ٿي ٿئي.
جمالياتي پروڙ
Aesthetic Experience
”ان پروڙ دوران، پروڙ حاصل ڪندڙ کي، جيڪو هو ڏسي
يا ٻڌي ٿو، يا پروڙي ٿو، ان کان اڳ ڪا پروڙ نه ٿي
رهي.
شعور مڪمل طور تي ايڪو ٿي وڃي ٿو. شاعر جي فطرت ۽
ماحول هڪ ٿي وڃن ٿا.“- اوٽسُو جي
(Otsuji)
ڪو به موضوع اهڙو ناهي جيڪو هائيڪو لاءِ ٺهڪندڙ
ناهي.
- باشو
هائيڪو پل
(Haiku Moment)
هائيڪو پل اُهو پل آهي، جڏهن ڪنهن جو احساس هڪ
’نرواڻ‘ جهڙي روشنيءَ سان متوازن ٿي وڃي. شاعر جي
فطرت ۽ ماحول گڏجي هڪ وحدت ٿي وڃن.
هائيڪو پلُ هڪ قسم جو جمالياتي پل
(Aesthetic Moment)
آهي.
”اهو جيڪو ٽن کان پنجن تائين هائيڪو پنهنجي
زندگيءَ ۾ تخليق ڪري ٿو اهو هائيڪو جو شاعر آهي.
اهو جيڪو ڏهن تائين پهچي ٿو اهو (هائيڪو جو) استاد
آهي.“- باشو
هائيڪو فطرت
* اهي، جيڪي ڪنهن شيءِ تي پوري مهارت رکڻ کان
سواءِ هائيڪو لکن ٿا اهي ملمحي باز آهن. اهي ملمحي
باز رڳو لفظن جا چونڊيندڙ آهن، ۽ ڪنهن نئين پروڙ
(experiences)
کي تخليق ڪري نٿا سگهن.
* ”هڪ پل ۾، جڏهن اسانجو ذهني عمل فري گهٽ هڪ
لاشعوري صورتحال سان واصل ٿي وڃي ٿو، يعني جڏهن
خارجي ۽ داخلي حيثيت جو تعلق ختم ٿي وڃي ٿو، ۽
(مشاهدو ڪندڙ ۽ مشاهدو ٿيندڙ جي وچ ۾ ڪوبه ويڇو نه
ٿو رهي)، ان وقت اسان کي بهترين جمالياتي گهڙيءَ
جو وجدان حاصل ٿئي ٿو، اهو ئي پل آهي، جنهن لاءِ
چيو ويندو آهي ته ڪو فطرت ۾ اندر پيهي، ان سان هڪ
ٿي ويندو آهي.“ – اوٽسو جي
* ”5- 5 هائيڪو جو وڏي ۾ وڏو عنصر آهي، پر سورهن
ارڙهن، ۽ پنجويهن اچارن جا هائيڪو به ملن ٿا.
5-7-5 کان سواءِ ٻيا ردم به استعمال ڪيا وڃن ٿا.
اسان سڀني قسمن کي هائيڪو جو نالو ڏئي سگهون ٿا.
پر الڳ الڳ انهن کي پنجويهن اچارن جو هائيڪو يا
5-7-5 وارو هائيڪو چوڻ کپي.“
شڪي
(Shiki)
* جينروڪو (1703-1667) ۾ ٽينهي (88-1591) جي دور ۾
سياست، اقتصاديت، اخلاقيات، ريتن رسمن ۽ تعليم جو
بنياد طبقاتي طريقي
(class system)
تي هو.
”ان ئي دور ۾ هائيڪو جو جنم ٿيو ۽ ان جي فن جي
تڪميل ٿي. موجوده ميجي دور (1911-1668) هڪ آزاد
آدرش مان اسريو آهي، جنهن ۾ سياست، اقتصاديات،
اخلاقيات، ريتن رسمن ۽ تعليم جو بنياد مساوات جي
اصولن تي آهي.
هائيڪو، جيڪي هن دور سان لاڳاپو رکن ٿا، اهي
جينروڪو ۽ ٽينيمي دور جي هائيڪن جي اهل
(imnitation)
نه ٿيندا. جينسروڪو ۽ ٽينيمي دور استحصال ۽ طبقاتي
معاشري جي اثر هيٺ هئا-.... اڄ، جڏهن طبقاتي
معاشرو ختم ڪيو ويو آهي، ۽ استحصال جي جاءِ تي
آزاد خيالي موجود آهي، ته هائيڪو لاءِ پراڻو ڍانچو
قائم رکڻ غير فطري آهي، هتان هائيڪو جو نئون لاڙو
جنم وٺي ٿو. ان سببان ئي ان لاڙي کي هائيڪو جي
تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي تبديلي- هڪ انقلاب سڏيو ٿو
وڃي.“
__ هيڪي گودو
(Hekigodo)
”هائيڪو جو انوکو عنصر ان جي جاگيرداري دور واري
گهاڙيٽي ۾ آهي. اهو آهي 5-7-5 جو مقرر گهاڙيٽو ۽
ان جو موسم متعلق موضوع
(seasonatl theme).
اهو جاگيرداري دور جو گهاڙيٽو، سماج جي ارتقا سان
ڀُري ٿو پوي ۽ جلد ئي، عام شاعريءَ ۾ ڳري ٿو وڃي،
’آزاد هائيڪو‘ رڳو ان جو وقتي گهاڙيٽو آهي. ان
حقيقت جو مطلب آهي، ته ايترو ننڍڙو گهاڙيٽو
پرولتاري ۽ انقلابي مواد کي بيان نه ٿو ڪري سگهي.
جي اسان اهڙي گهاڙيٽي کي چنبڙي پونداسين، ته اهو
رڳو مروڙيل مواد ۽ مروڙيل نظريا ڏيندو. شاعريءَ ۾
تخفيفي گهاڙيٽي جي معنيٰ آهي بورجوا هائيڪو آڏو
هار مڃڻ. ان ڪري پرولتاري هائيڪوءَ کي شاعريءَ ۾
ڳري وڃڻ گهرجي.“
- ڪوري بياشي
(Kuribayashi)
”عام طرح ماڻهو سمجهن ته هائيڪو شاعريءَ جو هڪ
گهاڙيٽو آهي، جيڪو 17 اچارن جو آهي، ۽ 5-7-5 اچارن
جي ٽن سٽن تي مشتمل آهي. هو پنهنجا خيال ۽ احساس
ازحد آزاديءَ سان هن گهاڙيٽي ۾ ظاهر ڪن ٿا ۽ ان
مان حظ وٺن ٿا. اهو ئي وڏي ۾ وڏو سبب آهي جو
هائيڪو اڃا تائين شاعريءَ جي دنيا ۾ موجود آهي.“
[هائيڪو جو وڏي ۾ وڏو زنده شاعر.]
ڪيوشي ٽڪاهاما
(Kyoshi Takahama)
ٽي عنصر
وٿ
زمان
مڪان
وَٿُن
(Objects)
کي زمان ۽ مڪان ۾ (وقت ۽ ماڳ) معين ڪرڻ
locates)
ڪرڻ) هائيڪو جو اصل فن آهي.
هائيڪو ۾ ٽي عنصر آهي:
when? Where? What?
ڪڏهن؟ ڪٿي؟ ڇا؟
ڪڏهن؟
(زمان) وقت
اهو هڪ موسمي موضوع آهي.
”موسمي عنصر فطري شيءِ پاڻ آهي. پنهنجي سموريءَ
فطري حيثيت ۾. ان جو ڪم آهي فطرت جو اهڃاڻ ڏيڻ.“ –
آٽسوجي
ڪٿي؟
(مڪان) ماڳ
* ماڳ موسمي عنصر سان توازن ۾ هوندو آهي.
* ڪڏهن ڪڏهن ان کي درگذر ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي
پڙهندڙ جي قابليت تي ڇڏيو ويندو آهي ته خال ڀري.
ڇا؟
(وٿ)
* ”هائيڪو جو لطف ان نُڪتي ۾ آهي جو لکندڙ جي
احساس کي وجود حاصل ٿئي. نه ان ۾ ته فطرت جي هڪ
ڳُتيل تصوير ڏيکاري وڃي.“ – اوٽسوجي
* ”پائين (وڻ) جي باري ۾ پائين کان سکو.
بانس
(bamboo)
جي باري ۾ بانس کان.“ – باشو
* ”استعارو، هائيڪو شاعر لاءِ رڪاوٽ آهي.
* سڌي اظهار لاءِ تمام ٿوريون صفتون ۽ تمام ٿورا
ظرف استعمال ڪرڻ کپن.
* ڪيترائي
جپاني هائيڪو آهن، جن ۾ هڪ به فعل، صفت يا ظرف نه
آهي،. سچ ته هائيڪو اسم جي شاعري آهي.“
- ڪيوشي ٽڪاهاما
ٽن عنصرن جو لاڳاپو
* ”وٿُن
(objects)
کي، هڪ تنظيم سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رکڻ سان
هڪ ’نرواڻ’ جهڙو احساس ملي ٿو، اهڙيءَ طرح جيئن هڪ
نظر ۾ ئي وجدان حاصل ٿئي ٿو.“ – اوٽسوجي
* شاعر، لفظن سان، ’زمان‘ جي احساس کي پيدا ڪري،
’هائيڪو پل‘ تخليق ڪري ٿو، انهن لفظن کي سندن ردم
۽ روانيءَ سان گڏ گڏ، هائيڪو جاٽئي عنصر هڪ ايڪو
بنائين ٿا. جيئن موسيقي سُرن سان اڳتي ٿي وڌي،
تيئن هائيڪو اڳتي ٿو وڌي.
* ”مواد جي خيال کان هر هائيڪو ۾ هڪ ساهي
(pause)
هوندي آهي. اها ساهي، ڪنهن سٽ جي آخر ۾ ايندي آهي
۽ ان جي اثر هيٺ سڄي هائيڪو جو ردم مضبوط ٿي ويندو
آهي. عام طرح ان جو نقشو ايئن هوندو آهي، جو ٻه
حصا ملي، هڪ سڄو هائيڪو ٺاهيندا آهن. مثال طور 5-
ساهي7-5 يا پنج ست – ساهي پنج.. پراڻي ۽ نئين
هائيڪو جي ساهيءَ جي ڀيٽ ڪبي ته معلوم ٿيندو نئين
هائيڪوءَ ۾ ساهي هائيڪوءَ جي وچ ۾، ستين يا اٺين
اچار کان پوءِ ٿي اچي، بر عڪس انجي پراڻي هائيڪوءَ
۾ پنجين يا ٻارهين اچار کان پوءِ ساهي ٿي اچي.“ –
اوٽسوجي
* ”ان دور (1910- ڌاري) ۾ هائيڪوءَ جي گهاڙيٽي ۾
تبديليءَ جا مطالبا زور وٺندا ويا. گهڻن ئي نون
گهاڙيتن تي تجربا ڪيا ويا. خيالن جي پيچيدگيءَ سبب
انهن گهاڙيٽن مستطيل
(rectangular)
ٿيندو ويو.
”مستطيل گهاڙيٽو اهو گهاڙيٽو آهي، جنهن کي
سولائيءَ سان لکي سگهجي ٿو، جيستائين اُچاري ردم
جو واسطو آهي، ته اهو مستطيل گهاڙيٽي ۾ سولائيءَ
سان سمائجي سگهي ٿو...... مستطيل گهاڙيٽن ۾
5-5-3-5 وارو گهاڙيٽو بهترين آهي. 5-5-5-3 وارو
گهاڙيٽو اهڙو سٺو نه آهي.“- ايسٽورواڊي
(Eisuro lde)
* ”ساهيءَ مان شين جو اهو شعاع ٿو نڪري، جيڪو
شعرکي ڀري ٿو ڇڏي. بلڪل ائين سُمي تصويرن
(Sumi paintings)
۾ فنڪار پنهنجي سلڪ جي خالن کي ڀرڻ کان سواءِ ئي
ڀري ٿو ڇڏي.
* ”جيڪڏهن اسان 5-7-5 جي گهاڙيٽي کي ٽڪنڊو گهاڙيٽو
چئون، ته نئين لاڙي جي اسڪول وارن جي گهاڙيٽي کي،
ٻن ٽڪنڊن مان ٺهيل (يعني مستطيل) چونداسين. جيڪڏهن
ٽڪنڊي گهاڙيٽي جو هڪ مرڪز آهي، ته مستطيل گهاڙيٽي
جا ٻه مرڪز ٿيندا. انڪري اهو ماحول ۽ موڊ، ٻنهي جي
اپٽار ڪري سگهي ٿو. ٽڪنڊي گهاڙيٽي ۾ موسم موضوع
(seasonal theme)
مرڪزن جي حيثيت رکندو آهي. انڪري اهو روايتي طور
ان موسمي موضوع تائين ئي دلچسپ رهندو آهي، پر
مستطيل گهاڙيٽي ۾ اهو لازمي نه آهي، انڪري اسان
روايتي موسمي موضوع کان آزادي حاصل ڪري ماحول ۽
موڊ جي اپٽار آزاديءَ سان ڪري سگهون ٿا.“- ڪيوري
بياشي
(Kuribayashi)
* هيڪي گوڊو
(Hekigodo)
جي نئين لاڙي واري اسڪول ’آزاد هائيڪو اسڪول‘ جي
رهبري ڪئي، جنهن جو سربراهه سيسينسوئي
(Seisensui)
وڌيڪ انتها پسند هو. هن هيڪي گوڊو کان به وڌيڪ هن
گهاڙيٽي جي آزادي گهري.
* نتيجي طور انهن جو اثر نالي ماتر رهيو آهي. هن
وقت، ڪلاسيڪي اسڪول جو اثر قائم آهي. جنهن جو
گهاڙيٽو 5-7-5 آهي. ۽ ان جي اڳوڻي ڪيوشي
(Kyoshi)
ڪري رهيو آهي، جيڪو شڪيءَ
(Shiki)
جو عظيم زندهه شاگرد آهي. شڪيءَ اڻويهينءَ صديءَ
جي شروعات ۾ هائيڪو کي نئون جنم ڏنو.
قلمجڻ
(Crystallization)
* لفظن جا ٻه ڪارج آهن. هڪ
(Denotation)
ٻيو
(Connation)
* هائيڪو شاعريءَ ۾ رواجي لفظ ڪتب آڻبا آهن.“-
باشو
* ”بنا اڻ ٽر هجڻ جي احساس جي، هائيڪو اصلي هائيڪو
نه آهي.“ - باشو
(مثال- ڪانو وارو هائيڪو. ان ۾ ڪانو، ڇڻيل ٽاري يا
سرءُ جي شام کي ٻئي ڪنهن وٽ، مثلاًً هنج، اونهاري،
سان بدلائي نه ٿو سگهجي.
هيءَ ڇڻيل ٽاري
ويٺل هڪڙو ڪانءُ
سرءُ جي سانجهي
هائيڪو ردم
* ”ردم پنهنجي تخليق پاڻ ٿو ڪري. ان کي اڳواٽ
ترتيب نه ڏجي.“ – اوٽسوجي
* ڪانو واري هائيڪوءَ ۾، نظر (بصارت) کي سڏ
(appeal)
آهي. ڪئميلا واري هائيڪو ۾ تحريڪ جي اپٽار آهي. هر
هائيڪو، حقيقت بنجڻ لاءِ پنهنجي ردم پاڻ ٿو پيدا
ڪري. بلڪل اهڙيءَ طرح، جيئن هو شاعراڻا وجدان لاءِ
پنهنجو گهاڙيٽو پاڻ گهڙي ٿو.
* اچارن جي ترتيب هيٺينءَ ريت ٿي سگهي ٿي.
3=1+2،
يا 2+1، 4=1+3،
يا 3+1 يا2+3
انڪري پهرينءَ ۽ آخري سٽ جي ردم جي سٽا هيٺين
مختلف طريقن سان ٿي سگهي ٿي، جنهن جي اچارن جو جوڙ
پنج آهي.
الف:- 1:2:2
ب:- 2:1:2
ج:- 2:2:1
وچينءَ سٽ جي اچارن جي ممڪن سٽا هيءَ ٿي سگهي ٿي،
جن جو ست آهي:
الف:- 2:2:2:1
ب:- 2:2:1:2
ج:- 2:1:2:2
د:- 1:2:2:2
ان حالت ۾ ردم هيٺين عام مزاجن جا ٿي سگهن ٿا.
پنج اُچار
الف- 2:2:1: چڙهندڙ ردم- لسو- هلڪو
ب- 2:ا:2 متوازن ردم- فيصلا ڪن، خاموش
ج- 1:2:2 ڪرندڙ ردم- مسلسل، اشارو ڪندڙ
ست اُچار
الف:- 2:2:2:1: چڙهندڙ، لسو هلڪو
ب:- 2:2:1:2- فيصلا ڪن، هلڪو، خاموش
ج:- 2:1:2:2- مسلسل، مضبوظ
د:- 1:2:2:2- ڪرندڙ، زورائتو، تيز لچڪيدار
هائيڪو ۾ قافيو
* جڏهن ٻه قافيا ملن ٿا ته اهي هائيڪو جي چوڌاري
هڪ فرريم ٺاهن ٿا، جيئن ان جون ڪناريون تراشيل ۽
نمايان رهن.
* جڏهن آواز جي اهڙي هم آهنگي پيدا ٿي ٿئي ۽ اها
رڳو آواز جي لاءِ آهي، جيئن عاميانه جاز
(Jazz)
راڳن ۾، جتي قافيي جي اڳوٽ ئي خبر پئجيو وڃي، ته
انجو اثر ايترو سلجهيل نه ٿو ٿئي، ڇو ته انهن
عاميانه جاز راڳن ۾ گهڻو ڪري قافيي جي اڳواٽ خبر
پئجيو وڃي (جيئن رات ۽ لات)... جڏهن قافيو ان کان
سواءِ (يعني آوازي هم آهنگي کان سواءِ) ٻيو
ڪارج سر ڪري
ٿو، ته ان جو استعمال شعر جي مجموعي تاثر ۾ اضافو
ٿو ڪري.
* جڏهن قافيي طور ڪتب آندڙ لفظ اسم آهن ته هڪ سٺي
هائيڪو ۾ اهي ’ڪليدي لفظ‘
(key words)
ٿي وڃن ٿا.
* قافيي جو ٻيو ڪارج آهي عڪس کي وڌيڪ چٽو ۽
اثرائتو بنائڻ. چٽو ۽ اثرائتو به مرڪزي خيال کي
بنائڻ جي سواءِ ان جي سڌيءَ طرح نشاندهي ڪرڻ جي.
* اها چٽائي، قافيي ۾ ڪم آندڙ لفظن جي معنيٰ ۾
تضاد- سان به پيدا ٿي سگهي ٿي، جيئن پرڀات ۽ رات.
* جڏهن قافيو اڻ ٽر هوندو آهي، نه فقط قافيي جي ئي
حيثيت ۾، پر معنيٰ ۽ مطلب جي هڪ حصي وانگر ته اهو
هائيڪو ۾ پنهنجو ڪارج سر ڪندو آهي.
* مادي
(feminine)
قافيو حرف ساڪن سان ختم ٿيندو
آهي، مثال: ‘بهتر‘ نر
(masculine)
قافيو حرف ساڪن سان ٿيندو آهي جنهن اڳيان حرف علت
هوندو آهي. مثال ’يار‘ بي جنس
(hermaphrodite)
قافيو اهڙو قافيو هوندو آهي، جنهن ۾ نر قافيي جو
آخري اُچار مادي قافيي سان ملندو آهي، مثال
’زندگي.‘
* قافيي جو آخري ڪارج آهي مزاح طنز يا ٽوڪ پيدا
ڪرڻ.
هائيڪو ۽ تجنيس حرفي
تجنيس حرفي قافيي جي ويجهي مائيٽيائي آهي، ۽ ان
کان وڌيڪ جهوني آهي.
جتي قافيو حڪم ڏيندو آهي، اتي تجنيس حرفي جهيڻو
ڳالهائيندي آهي.
تجنيس حرفي ساڳين حروف جو هڪ ٻئي جي ڀرسان وارن
لفظن ۾ ورجاءُ آهي.
|