سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ترورا

صفحو :11

رچرڊس جي عملي تنقيد (Practical Criticism) جي اصول موجب هيٺيان شعر، شاعري جي نالي ٻڌائڻ کانسواءِ ڪن ماڻهن کي ڏجن، ۽ سندن خوبين ۾ خامين تي بحث ڪرائجي، ته اهي پڙهندڙ هي شعر اياز گل جانه پر ڪنهن چڱي Established شاعر جا سمجهندا.

چاهت اهڙو رنگ رچايو،

چهرا چنڊ ستارا ٿي پيا.

 

يادون، سپنا خط اوهان جا،

جيئڻ ڪاڻ سهارا ٿي پيا.

 

ڪيترا ٿاٻڙيا، ٿڙيا آهيون،

گهرجي درتي اچي پڄڻ تائين.

 

جي ڪنهن کي به پيار ناهن،

ڪيڏا سي ويچارا وو!

 

منهنجي ياد ائين رهندئي جيئن،

ذهنن تي ڪا لوڪ ڪهاڻي.

 

سچ جي سج جي تاو اڳيان سدا،

ڪوڙ جي برف جا ڪوٽ رجندا رهن.

 

اڄ غزل رات پرين! واهه جو لکجي ويندو،

ذهن منهنجي تي سندءِ ياد جو ڪڙڪو آهي.

 

پيٽ بکئي لئه ڀڳڙن لپ آ، ڄڻ ڪا موتين مٺ،

ڇيهان ڇيهان سورهيه ڇاتي،، ڪانئر گهايل پٺ.

ڇڏ ڇڏ، ڇيڳ نه ڪر او ڇوري!

اسان جي مشرق ۾ اڃ مسئلا آهن. سماجي مسئلن جو ذڪر مغربي شاعريءَ ۾ ان ڪري ختم ٿي ويو، جو اتي هرڪو پيٽ ڀري کائي ٿو، بيماري، غلاظت ۽ گندگي ناهي، سياسي ۽ قومي آزادي آهي. اسان اڃا اتي نه پهتا آهيون، پر اسان اڃا انهن مسئلن کي روايتي انداز ۾ شاعريءَ ۾ رائج ڪري شاعريءَ توڙي مسئلن ٻنهي کي بي اثر ڪري ڇڏيو آهي اياز گل ان ڏس ۾ انهن ٿورن شاعرن مان آهي، جن انهن مسئلن کي روايتي نه بنايو آهي، پر دل جي سچائيءَ سان، فنائتي نموني ۾، نواڻ سان ڀري پيش ڪيو آهي جيئن:

 

نفرت، ڪاوڙ ٻول ڪڙا ڄڻ،

پوهه جا آهن پارا وو.

 

امن جي جيئري لاش تي ٿي ڏئي،

جنگ جي کوڳ ڳجهه لامارا.

 

هتي لفظ ’کوڳ ڳجهه‘ شاعريءَ لاءِ نئون آهي، ۽ ڪيترن پڙهندڙن کي غير شاعراڻو لڳندو، پر ايليٽ ڪنهن به لفظ کي شاعريءَ مان نيڪالي نه ٿو ڏئي، رڳو شاعر کي ڪتب آڻڻ جو ڍنگ هجي. اياز گل کي اهو ڏانءُ آهي. ’کوڳ ڳجهه نفرت، پيدا ڪرڻ جو سٺو ذريعو آهي.

اياز گل وٽ نظم، غزل، آزاد نظم، ترائيل، دوها، بيت ۽ ٽيڙو سڀ آهي، پر گهڻن نظمن ۽ آزاد نظمن ۾ روايتي انقلاب پسندي مٿس غالب اچي وئي آهي، ۽ ترائيلن ۾ اڄڪلهه جي مقبول ڌنن جو پڙاڏو ٿو ٻڌجي، اڳتي هلي انهن ڳالهين کان مٿڀرو ٿي سوچڻ گهرجي.

جديد سنڌي شاعريءَ، جتي ٻولي ۽ ادب کي ڪي نيون ۽ سهڻيون ڳالهيون ڏنيون، اتي ڪي عام پسند جون عادتون، پڻ پيدا ڪيائين. شمشير، امداد، الطاف، انور پيرزادو، نعيم ۽ ٻيا شاعر، اهي ’عام پسند‘ واري جادوءَ کي توڙڻ ۾ ڪامياب ويا آهن، اياز گل به انهن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اڏام جي شروعات ڪري چڪو آهي. اميد ته هو جيئن تمام تڪڙو وڌي رهيو آهي، ان ئي رفتار سان اڃا به اڳتي وڌندو رهندو.

آخر شاعريءَ کي اڳتي وڌڻو ته آهي، پوءِ فارسي زده غزل جي روايت هجي، يا اڄوڪيءَ شاعريءَ جون ’عام پسند‘ روايتون، انهن سڀني کي اڳتي وڌڻو آهي.

 

سي ڏينهن هيا

هونءَ هر انسان ماضيءَ جي جوڙ آهي، پر ميڊيڪل ڪاليج جي ماضي، جيئرو جاڳندو ماضي آهي. ڀيڻ نسرين جي خط، ان ماضيءَ کي جاڳائي ڇڏيو. جي لکڻ تي اچجي، ته هڪ هڪ ڏينهن، هڪ هڪ گهڙيءَ جو احوال لکبو وڃجي. اتي گذريل هر پل پيارو ۽ قيمتي آهي. هر گهڙيءَ جي ياد هڪ گهاءُ آهي.

اتي بي فڪريءَ جا ٽهڪ به هئا، اڻ ڏٺي مستقبل جا وسوسا، به جرئت ۽ همت به هئي، ته اٿاهه مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جون گهڙيون به گذريون. انتهائي هراس ۽ دٻاءَ جي وقت مان به گذرياسين، ته وڏي آواز سان بغاوت جا نعرا به هنياسين. محبتون به هيون، ته نفرتون به. پر نفرتون وقتي ۽ محبتون ازلي. سهڻا چهرا به هئا، جيڪي سدا ٻهڪندڙ هئا، ته ڪومايل ۽ مرجهايل ڪوجها منهن به-مسخرا به هئا ته انتهائي سنجيدهه به! ڪتابن جا ڪيڙا به هئا ته ملنگ موالي به. ڀونئر جان هر گل تي ڦيرا ڏيندڙ به هئا، ته پتنگ جيان مچ ۾ ٽپڻ وارا به.

اهي سڀ يادون آهن، جيڪي ان ايم-بي-بي-ايس جي ڊگريءَ کان وڌيڪ قيمتي ۽ پياريون آهن، جيڪا مون ان ڪاليج مان آندي آهي. 32 ابن سينا هال جي ڪمري سان جيترو لڳاءُ آهي، اهو هن سينگاريل گهر سان به نه آهي. مان ماضيءَ جي پيدائشي آهيان، منهنجو مستقبل به منهنجي ماضيءَ مان ئي ٺهندو. هي آهن ڪجهه ماضيءَ جا واقعا، جيڪي مرڻ گهڙيءَ تائين نه وسرندا.

مردي جي چماٽ

نوان نوان ڪاليج ۾ داخل ٿياسين. ڊسيڪشن هال ۾ اڃا ڪن ڇوڪرن کي ڊپ پئي ٿيو. اسان جنهن مردي جي ڊسيڪشن ٿي ڪئي، ان کي Rigor Mortis هئي، ان جي ڪري ان جي ٻانهن مٿي ٿي وئي هئي، سهوليت لاءِ پٽيءَ سان مردي جي ٻانهن ڇڪي ٽيبل جي ٽنگ سان ٻڌي وئي هئي. تريءَ (Palm) جي ڊسيڪشن تي هڪ ڊڄڻو ڪاٺياواڙي هو. اسان پير جي تريءَ جي ڊسيڪشن پئي ڪئي، اوچتو مون کي شرارت جو خيال آيو ۽ جيئن اهو ڊڄڻو ڪاٺياواڙي تريءَ تي جهڪي ڊسيڪشن ڪري رهيو هو، ته مون اها پٽي ڪٽي ڇڏي جيڪا ان مردي جي هٿ کي ٽيبل سان ڇڪي جهلي بيٺي هئي ۽ اوچتو مردي جو هٿ ٺڪاءُ وڃي ڪاٺياواڙيءَ جي منهن کي لڳو. هو دانهن ڪندي وٺي ڀڳو. چئي:

”مارتا هلآ مردا مارتا هلآ “

اسان کلي کلي بس ڪئي ۽ پوءِ هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي واپس اندر وياسين، پر تڏهن به هو قسم کڻي ويو ته مردي مون کي چماٽ هنئي آهي. هفتو کن پوءِ به هو ڊڄي ڊسيڪشن ڪندو هو.

Do not Confuse

هڪ ڇوڪرو هو الف. نالو نه وٺبو ڇو ته هاڻي وڏو ماڻهو آهي. ان جي اها حالت هئي ته ڪانه ڪا بدافعالائي هوندي هيس. جي ڪپڙال سٺا هوندا هئس ته شيو نه ڪندو هو، جي شيو ڪندو ته بوٽ پالش ٿيل نه هوندس، جي ٻيو سڀ ٺيڪ هوندو ته وارن کي ڦڻي ڏنل نه هوندس. مطلب ته ڪانه ڪا ڪسر رهي هوندي هيس. الف کي طوطي جيان رٽڻ جي عادت هئي. اصل سڀ ڪتاب برزبان ياد ڪتاب توهان کي هٿ ۾ ڏئي پڙهندو ويندو مجال جي اکر هيٺ مٿي ٿئي. هڪ دفعي امتحان ۾ ان کان پروفيسر پڇيو ته Pectineal tigament ڇا آهي؟ هن شروع ڪيو:

“Do not confuse Your self with Pectineal Ligament and Pectineal part of inguinal Ligament”

امتحان وٺڻ وارو ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو- چي:

“What do you think you fool. I will confuse myself?

ڀلا ويچارو الف ڇا ڪري، ڪننگهام جي ڊسڪيٽر ۾ ائين لکيل هو، جيڪو هن رٽيو ۽ ٻڌايو هئائين، ته اسٽيج ٽيسٽ ۾ اهو ٻڌائيندو هو ته:

“Now the dissectors of head and neek Should join with dissetors of upper limb.”

سلائيڊس (Slides) کي چوندو هو Slice. چئي: ”هلو ته سيلائيز ڏسي اچون.“

جرنل مون تو پاري کي چانهه پياري ٺهرائيندو هو.

Toxic Efficts

’ب‘ ويچارو ڏاڍو سادو هو. هن سان ايتريون ته حالتون ٿيون جو آخر هو ميڊيڪل ڪاليج ڇڏي ويو، اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ ايندو آهي ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيندو آهيانس. هن جون ڳالهيون به گهڻيون آهن پر هڪڙي لکان ٿو.

هن غريب جا وار ڇڻندا هئا، گنجي ٿيڻ جو سخت خطرو هئس. عشق به هليس پئي، جي گنجو ٿئي ها ته عشق ۾ گهاري پئجي وڃيس ها. اسان جي چونڪڙيءَ صلاح ڪئي ته همراهه جي وارن جي صفائي ڪجي. پوءِ سڀني هڪ رٿ ٺاهي ۽ هن کي وٺي خيروي (آفتاب خيروي) جي ڪمري ۾ آياسين، رٿا موجب هيٺيون ڊرامو ٿيو، علوي: (آفتاب کي) يار خيروي اڳي تنهنجا وار ڇڻندا هئا، هاڻي وري نڪري آيا آهن.

خيروي: ها يار مان به صفا گنجو ٿي وڃان ها، پر بچي ويس.

ب: (اتاولوٿي) بچي وئين، ڪيئن بچين يار!

خيروي: بس يار، هڪ دوست لنڊن مان هڪ ڪريم موڪلي، اها نئين ڊسڪوري آهي، اڃان پاڪستان ۾ نه آئي آهي، ان کي استعمال ڪرڻ سان وار وري ڄمي آيا.

ب: يار اها مونکي به گهرائي ڏي.

علوي: ها يار، پنهنجو دوست آهي، هن جو ڪم ضرور ڪر.

مان: ها خيروي اها ڪريم لنڊن مان ضرور گهراءِ.

خيروي: اها بچيل ڪريم پئي هوندي، پر الائي ڪٿي رکي اٿم.

ڳوليان ٿو، جي لڌي ته ڏيندو مانس.

پوِ مان ۽ علوي ٻئي خيرويءَ کي منٿون ڪرڻ لڳاسين: ٻيلي نالو ٿي خدا جو جلدي ڳول.

پوءِ روز ’ب‘ اسان کي چوندو هو ته ”يار خيرويءَ کي چئو ته ڪريم ڏئي نه.“

آخر ڪجهه ڏينهن پڪائي ڪري، خيروي هڪ شيشيءَ ۾ رموونگ ڪريم وجهي کڻي آيو.

چيائين: ڏاڍي ڳولها کان پوءِ لڌي اٿم شايد Date Expire ٿي وئي اٿس، جي toxic effect ٿين ته مون تي نه اٿو.

پوءِ اهو ڏينهن ڏاڍو عجيب هو جنهن ڏينهن ’ب‘ اها ڪريم استعمال ڪئي.

اسان سڀ وڃي غسلخاني جي ٻاهران بيٺاسين، گهڙيءَ کانپوءِ آواز آيو. ”ابول-هاڻي ڇا ٿيندو؟“

مرهم پٽيءَ پاسي واري باٿ روم مان مٿي چڙهي ڏٺو، ته ’ب‘ صاحب جا وار هيٺ فرش تي پيا آهن، هو انهن کي انتهائي ڏک مان هٿ ۾ کڻي، مٿي تي رکي چوي پيو ته ”ابول هاڻي ڇا ٿيندو.“

پر ان شخص جي ڪمال جي سادگي ڏسو، جڏهن ماڻهن چيس ته توکي هنن بيوقوف بنايو آهي، ته هن چيو ته توهان اسان کي ويڙهايو ٿا. ڪريم جي Date Expire ٿي وئي هئي ۽ ان جا Toxic effects ٿيا هئا. هڪ ٻيو واقعو ’ب‘ جو ٻڌي ڇڏيو.

پرائي ٽاءِ.

هڪ فنڪشن تي ’ب‘ سٺي ٽاءِ پائي آيو. ٻئي ڏينهن منوهر چيس، ”يار نثار واري ٽاءِ توکي ڏاڍي ٺهي پئي.“

همراهه باهه ٿي ويو ”نثار واري ٽاءِ. پڻس جي تاءِ. اها ته منهنجي هئي.“

وري ٻيو ڪو ملندس، اهو به ساڳي ڳالهه ڪندس. اهڙيءَ طرح جڏهن اٺ ڏهه ڄڻا رٿيل پروگرام موجب ائين چوندس، ته مان چوندو مانس، ”يار ڇو ٿو بدنامي کڻين. موٽائي ڏئينس اها ٽاءِ.“ هو قسم به کڻندو ته ٽاءِ منهنجي آهي، پر چوندومانس: ’عزت ٽاءِ کان مٿي آهي؟‘ ۽ ’لهو ماڻهن کي چوندو ٿو وتي ته مان هن جي ٽاءِ کائي ويو آهيان ته وٺي پنهنجي ٽاءِ.‘ پوءِ اها ٽاءِ نثار جي ٿي ويندي. ڪڏهن ڪڏهن پئسن لاءِ به ائين ڪبو هو ته: ’يار فلاڻي جا ويهه روپيا ڇو نه ٿو موٽائين.‘ ’ويهه روپيا. مون ڪڏهن ورتا اٿمانس؟‘ وري ٻيو ساڳي ڳالهه ڪندس. رامجي ۽ ٽن ٺڳن وانگر جڏهن هن کي ته ’يار عزت جو سوال آهي، ويهه روپيا عزت کان مٿي ناهن.‘ ته هو ويهه روپيا کڻي وڃي ان جي منهن تي هڻندو، چئي: ’وٺ پنهنجا پوءِ انهن ويهه رپين مان خوب لئه ڪبي.

جانورن کي ڇيڙڻ.

هڪ ٿلهو ڊگهو ڪسرتي جوان هو ۽ گهنڊي وار هئس ۽ داداگير به هو. ان کان سڀ ڊڄندا هئا ۽ مان به ڊڄندو هئس، پر منهنجو دوست به هو. اونهاري ۾ نيري نيڪر پائي، ڪمري جو در کولي گاز ڊور (Gause Door) بولٽ ڪري، بتي ٻاري، ويهي پڙهندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ Zoo ۾ ڪو جانور- نه گنجي، نه سٿڻ، نيري نيڪر، ٿلهو متارو ۽ گاز مان صاف نظر ايندو هو. امتحان ويجها هئا، اسان هن وٽ ڪچهريءَ لاءِ ويندا هئاسين ته گاذ ڊور نه کوليندو۽ چوندو هو: ’هلو هلو مون کي پڙهڻو آهي.‘ اسان گهڻو ئي چئونس ته در کول ته ڪجهه ويهي ڪچهري ڪريون يا ٻاهر گهمڻ هلون. پر هو گاريون ڏئي موٽائي ڇڏيندو هو. مون ڇا ڪيو جو هڪ ڪاغذ تي ٿلهن اکرن ۾ لکيم: ’جانورون ڪو ڇيڙنا منع هي.‘ ان کي کونئر لڳائي هن جي درتي هڻي آيس. جيڪو به هن جي ڪمري وٽان لنگهي، اهو پهرين اهو نوٽس ڏسي هن کي ڏسي ۽ پوءِ ڏند ڪڍيو هليو وڃي. هڪ- ٻه- ٽي- آخر گهڻن ڄڻن کي کلندو ڏسي، هن کان رهيو نه ٿيو. هنن کي سڏي چيائين:

’اڙي اهي ڏندڙا ڇاتي ٿا ڪڍو؟ مون کي ٻڌايو ته مان به کلان.‘

هن غريب سمجهيو هو ته ڪو شايد نئون لطيفو ٿيو آهي.

جڏهن هنن کيس پنهنجي کلڻ جو سبب ٻڌايو ته هن کي کلڻ بدران روئڻ اچي ويو. اهو نوٽس لاهي سڌو آيو مون وٽ (هو رازداري جون ڳالهيون مون سان ڪندو هو) مان اندر ۾ پئي ڏڪيس. هن همراهه جي گار جي رئي پئي پئي، چي: ’ڳولي ڏي جنهن هي ڪم ڪيو آهي.‘

مون انجام ڪيو ته ٽن ڏينهن اندر ڏوهي پيدا ڪندس، پوءِ هو همراهه ويو. روز پڇاٿيندي هئي ته ڏوهيءَ جو پتو پيو؟ روز مان چوندو هيس ته اڃا هٿ نه ٿو اچي. آخر هڪ ڏينهن چيم: ’همراهه هٿ آيو آهي، توکان ساهه ٿو نڪريس. آهي به پنهنجو دوست، چوي ٿو ته مون کي معافي ڏي.‘

’اڙي ڪير آ، لغاري؟‘

نه هن کي اها جرئت ڪيئن ٿيندي.‘

’ته ٻيو ڪير آ، فلاڻو....؟‘

’نه يار، ان کي ايترو عقل ئي ڪونهي.‘

’ته ٻڌاءِ ٻيو ڪير آ؟‘

’بس، معافي ڏئينس ته ٻڌايانءِ.‘

’چڱو يار معاف ڪيومانس، چوين به ٿو پنهنجو دوست آهي، وڃي ڌوڙ پائي.‘

۽ پوءِ کيس ڊڄندي ڊڄندي ٻڌايم ته هو منهنجو ڪارنامو هو.

چيائين، ’مان به چوان ته ٻيو ڪنهن کي اهڙي همت ٿيندي جو مون سان چرچو ڪري.‘

پوءِ سچ پچ هن مون کي بخشي ڇڏيو.

نئون رڪارڊ

ابن سينا هال اڃا سمورو نه ٺهيو هو. ڪجهه ڪمراٺهيا هئا، جن جو اسان ڏهن ٻارنهن ڇوڪرن افتتاح ڪيو ۽ اچي ڪمرا والاريا. (سرڪاري طرح گهڻو پوءِ وزير صحت خان داد خان ڪيو) ڄامشوري ۾ سڄي سڃ هئي. رڳو پٺاڻ مزور جيڪي هاسٽل تي ڪم ڪندا هئا، انهن لاءِ جهوپڙا ٽائيپ هوٽلون هيون، اتي فلمي رڪارڊ وڄندا هئا ۽ اسان به اتي چانهه پيئندا هئاسين. رڪارڊ ڏاڏي آدم جي زماني جا ۽ گٺل هوندا هئا. اسان ان هوٽل جي پٺاڻ مالڪ کي چيو ته نوان رڪارڊ آڻ انجام ڪيو ته، ”خو ڪل تمڪو نيا رڪارڊ سنائيگا.“

ٻئي ڏينهن چانهه پيئڻ وياسين ته رڪارڊ اڳي کان به پراڻو هو.

هن کي چيائين ته ”لالا! هيءُ ڇاهي. نئون رڪارڊ ڪٿي آهي؟“

هن چيو، ”خو خدا ڪي قسم، يه آج هي دڪان سي لايا هون.“

هن ليکي نئون رڪارڊ معنيٰ نئين فلم جو نه، پر نئون خريد ڪيل رڪارڊ.

سٺو انتظام

شاگردن ۾ ڪي شاگرد اهڙا به هئا، جيڪي ڪاليج ۾ فقط اليڪشن، فنڪشن، اسٽرائيڪ يا امتحان جي وقت ڏسبا هئا، نه ته سڄو سال پڙهائيءَ کان گسائي ڪئنٽين يا اي-ون هوٽل تي ويٺا هوندا هئا، ’ت‘ انهن مان هڪ هو.

هڪ ڀيري لغاري مون وٽ آيو، چيائين، ”هل، هل، جلدي ڪر، ’ت‘ جو ڪمرو ته هلي ڏس. هن اهڙو ته سينگاريو آهي، جو هن کي بهترين ڪمري جو انعام مليو آهي.“

مان ڀڄندو ڀڄندو لغاريءَ سان ويس، ڏسان ته همراهه جو بوٽ کٽ تي آهي، ڪتاب پٽ تي، پئنٽ ڪرسيءَ تي ته جوراب ٽيبل تي.

ڪئنٽين

اسان جو هڪ پرنسيپال هو، جيڪو وات چٻو ڪري گول مول انگريزي اچار ڪڍندو هو، ان کي ڏسي ڪري ڪي شاگرد به ان وانگر ڳالهائڻ ۾ فخر سمجهندا هئا، فضل به انهن مان هڪ هو، امتحان ويجها هوندا هئا ته هاسٽل ۾ سڀ شاگرد دير تائين پڙهندا هئا.

ڪئنٽين وارو به چانهه رات جو دير تائين ڏيندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org