سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ترورا

صفحو :1

ترورا

تنوير عباسي

پنهنجي طرفان

سهڻي پبليڪيشنس جي پاران تنوير عباسيءَ جو هيءُ ٻيو ڪتاب ڇپيو اٿئون. انهيءَ کان اڳ سندس سفرنامون ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ ڇپيو هوسين. اتفاق سان هن ڪتاب ۾ پڻ تنوير جو ’دبئي جو سفرنامون‘ شامل آهي.

هيءُ ڪتاب انهيءَ لحاظ کان منفرد آهي ته هن ۾ تنوير جا ادبي مضمون به شامل آهن، اديبن تي لکيل خاڪا به ڪتابن تي تبصرا ۽ يادگيريون به شامل آهن. وڏي ڳالهه اها ته دبئي جو اڻ ڇپيل سفرنامون پڻ شامل آهي. هر سنڌي پڙهندڙ جي اُها خواهش ضرور هوندي ته هو سنڌيءَ جي عظيم شاعر نارايڻ شيام سان ملي ۽ هن سفرنامي ۾ تنوير، نارايڻ شيام سان ملڻ جي ڪنهن حد تائين خواهش پوري ڪئي آهي.

تنوير جا مضمون، خاص ڪري ’آزاد نظم‘، ’هائيڪو‘، سنڌي جديد شاعري‘ اهڙا مضمون آهن، جن جي افاديت هر دور ۾ محسوس ٿيندي.

اميد ته اِهو ڪتاب نه فقط پڙهندڙ پسند ڪندا، بلڪ اِهو ڪتاب نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.

ادارو
 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

رڳو ٿيون رباب

(شعر جو مجموعو)

شعر

(شعر جو مجموعو)

جي ماريه نه موت

(ترجمو)

ٻاراڻا ٻول

(چونڊ ۽ ترتيب)

شاهه لطيف جي شاعري

(تحقيق ۽ تنقيد)

سج تريءَ هيٺان

(شعر جو مجموعو)

جديد سنڌي شاعري

(چونڊ ۽ ترتيب)

خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام

(تحقيق ۽ ترتيب)

نانڪ يوسف جو ڪلام

(تحقيق ۽ ترتيب)

ڏوري ڏوري ڏيهه

(سفر نامو)

شاهه لطيف جي شاعري (ٻيو ڀاڱو)

(تحقيق ۽ تنقيد)

هيءَ ڌرتي

(شعر جو مجموعو)

 

آزاد نظم

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم عام جام آهي. خاص ڪري نئين ٽهيءَ جا شاعر، پنهنجي انقلابي ۽ باغي جذبن کي، هر پابنديءَ کان آزاد ڪرڻ لاءِ هن صنف کي وڌيڪ استعمال ڪن ٿا. اڪثر مخزنن، توڙي اخبارن جي ادبي صفحن ۾، لفظن کي هڪ ٻئي هيٺان رکي ڇاپيل شين کي آزاد نظم چيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. فڪري توڙي موضوعاتي طور تي، اخباري خبر، مختصر افساني، پوسٽر ۽ پمفليٽ جي مضمون کي پڻ آزاد نظم ڪري پڙهيو، لکيو، شايع ڪيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو.

عام طرح ايئن ڀانيو ٿو وڃي ته آزاد نظم جي معنيٰ آهي، قافيي، رديف، بحر وزن توڙي موضوع ۽ ٽيڪنيڪ کان آزادي. هر ڇڙواڳيءَ کي آزاد نظم جو نالو ڏنو ويو آهي، ان ڪري قدامت پسند شاعرن ۽ نقادن، آزاد نظم کي ادبي دنيا مان ئي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، ڇو ته هنن پڻ آزاد نظم جي نالي ۾ ڇپجندڙ هر شيءِ کي آزاد نظم سمجهيو آهي. ان ڳالهه جي رد عمل ۾، بغاوت طور، اسان جي نوجوانن تهان ئي وڌيڪ ڇڙواڳي اختيار ڪئي آهي ۽ ان ڪوشش ۾، آزاد نظم جي فن، ٽيڪنيڪ ارتقا کان بي خبر رهي، خطرناڪ قدم کنيا آهن، جن آزاد نظم جي مقبوليت کي وڏو ڇيهو رسايو آهي.

سنڌيءَ ۾ آزاد نظم لکڻ نارائڻ شيام، شيخ راز، شيخ اياز ۽ هري دلگير شروع ڪيو. ان کان پوءِ بشير مورياڻي، شمشير الحيدري، سراج، غلام محمد گرامي بردي سنڌيءَ، گوورڌن محبوباڻي، موهن ڪلپنا، امداد حسيني، عبدالحڪيم ارشد، تاج بلوچ ۽ الطاف عباسيءَ کان ٿيندي، هيءَ صنف اياز گل، نصير مرزا، واجد ۽ ذوالفقار سيال تائين پهتي آهي.

هن صنف جي ارتقا ۽ فن تي سنڌيءَ ۾ تمام ٿورو ڪم ٿيو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو نئين ٽهيءَ جا شاعر اڻڄاڻائيءَ ڪري، هن صنف جو صحيح استعمال نه ٿا ڪن ۽ بي راهه روئي جو شڪار ٿي ويا آهن. آزاد نظم تي سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿيو آهي. اهوشمشير الحيدري ۽ شيخ عبدالرزاق راز ڪيو آهي. بشير مورياڻيءَ پڻ ٽماهي مهراڻ ڏي لکيل ادبي خطن ۾ هن صنف بابت ڪجهه لکيو آهي.

آزاد نظم جي باري ۾ وڏي ۾ وڏي غلط فهمي ۽ خوش فهمي اها آهي، ته اهو هر پابنديءَ کان آزاد آهي. ’نظم‘ هر حال ۾ ’نظم‘ آهي. پوءِ اهو آزاد هجي يا پابندي. نظم نه مختصر افساني جو پلاٽ آهي، نه پمفليٽ يا پوسٽر جو مضمون ۽ نه اخباري خبر، ان ۾ ڪا نه ڪا شعريت، ڪا نه ڪا نغمگي ضروري آهي.

آزاد نظم جو وڏو شاعر، ٽي ايس ايليٽ لکي ٿو ته: ”جيستائين آزاد نظم (free verse) جو تعلق آهي، مون ان جي باري ۾ پنجويهه سال اڳ ۾ راءِ ڏئي ڇڏي هئي ته محنت ڪرڻ واري لاءِ ڪوبه نظم آزاد نه آهي.

گهڻو ئي خراب نثر آزاد نظم جي نالي ۾ لکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ لکندڙن خراب نثر يا خراب نظم لکيو آهي. يا خراب شعر هڪ نه ٻئي اسٽائيل ۾ لکيو، اهو منهنجي لاءِ بي معنيٰ آهي. رڳو هڪ برو شاعر ئي آزاد نظم کي هيئت کان نجات سمجهي ان جو آڌر ڀاءُ ڪندو.

اهو (آزاد نظم) مئل هيئت جي خلاف انقلاب هو. هڪ نئين هيئت (گهاڙ يٽي) لاءِ تياري هئي يا پراڻيءَ هيئت (گهاڙيٽي) کي نئين ڪرڻ جي ڪوشش. اها شعر جي اندروني وحدت تي منحصر هئي، جيڪا هر شعر لاءِ انوکي هوندي آهي.

آزاد نظم جو هڪ ٻيو وڏو شاعر، ازرا پائونڊ لکي ٿو: ”منهنجي خيال ۾ آزاد نظم تڏهن لکڻ گهرجي، جڏهن اهو تمام ضروري هجي. رڳو تڏهن، جڏهن اها شيءِ هڪ اهڙو ردم ٺاهي، جيڪو موجوده روايتي بحرن کان وڌيڪ حسين هجي، وڌيڪ حقيقي هجي ۽ جذبن جي وڌيڪ بهتر نموني ۾ ترجماني ڪري سگهي. جيڪو روايتي بحرن کان مايوس ڪري ڇڏي.“

آزاد نظم جي هن صديءَ جي ٻن وڏي ۾ وڏن شاعرن جي راءِ ۾ آزاد نظم لکڻ وڏي محنت ٿو گهري ۽ اهو تڏهن ئي لکجي، جڏهن اهڙو ردم تخليق ٿي سگهي، جيڪو موجوده سڀني بحرن کان نئون ته هجي، پر انهن کان وڌيڪ حسين، حقيقي جذبن جو ترجمان هجي.

هاڻي اچو انهن غلط فهمين ڏي، جن آزاد نظم کي سولو بنايو آهي سئنڊرس لکي ٿو ته ”آزاد نظم (free verse) اظهار جي آزادي ته ڏئي ٿو، پر ان سان گڏ شاعر تي پابنديون به وجهي ٿو. ڪو به شعر ايڏو خراب نه لڳندو آهي. جيترو هڪ ڪمزور آزاد نظم.“

سئنڊرس جي اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. ڪمزور پابند نظم قافيي، رديف، بحر ۽ وزن جي سهارن تي هلي ويندو ۽ ان جا ٻيا عيب انهن سيگارن ۾ لڪي ويندا، پر آزاد نظم کي ته اهي ٿوڻيون ٿنڀا ۽ ٽيڪون آهن ئي ڪونه. ان ڪري آزاد نظم جو عيب پري کان ئي پڌرا ٿيو پون.

سئنڊرس اڳتي لکي ٿو: ”ٻي غلط فهمي اها آهي، ته آزاد نظم بلڪل ئي ’بنا گهاڙيٽي‘ (بي هيئت formless) آهي. اها غلط فهمي حقيقت کان بعيد آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ ڪا ٻڌل (fixed) هيئت ناهي، پر هر شاعر کي پنهنجي شعر جي هڪ چٽسالي ڪرڻي آهي.

(Pattern) ٺاهڻو آهي، حقيقت ۾ شعر جي چٽسالي (Pattern) معنيٰ سان گڏوگڏ هجي.“

يعني بحر وزن ۽ گهاڙيٽي کان ٻاهر رهي به هڪ pattern جي ضرورت آهي. اهڙو pattern جيڪو معنيٰ سان هم آهنگ هجي. مشهور فرينچ شاعر پال ورلئين (Paul Verlain) لکي ٿو ته: ”اهو (آزاد نظم) لکڻيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ شاعر سڀ اڳوڻا بحر وزن رد ڪري، پنهنجي ذاتي ردم جي ذميواري کڻي ٿو.“

آزاد نظم جي سڀ کان وڏي پروپئگنڊا ڪندڙ ۽ ايجاد ڪندڙ جي ترورا دعويدار فرينچ شاعر گستائو لکيو آهي ته ”هن طريقي سان هر شاعر کي پنهنجي شعر جي هڪ خاص قسم جو احساس ٿيندو. ٺهيل ٺڪيل ۽ هڪ جهڙا ردم استعمال ڪري، پاڻ کان اڳ آيل ڪنهن شانائتي (glorified) شاعر جي تفليد ڪرڻ کان بهتر آهي ته هو ”پنهنجو ذاتي رڌم استعمال ڪري“ ۽ اهو ذاتي ردم تخليق ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سوچيو ته عربي، فارسيءَ جي بحرن ۽ ان جي اڻ ڳڻت زحافن ۽ هنديءَ جي ڇندن کان پري هٽي ڪو نئون ردم تخليق ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ، ڪيڏي نه ڏکئي ڳالهه آهي. آزاد نظم رڳو مروج گٺل پراڻن بحرن ۽ وزنن کان آزاديءَ جو نالو آهي، پر ردم کان آزاديءَ جو نالو نه آهي. آزاد نظم لکڻ وقت، شاعر کي سڀني مروج ۽ تقليدي ردم کي پاسيرو رکي، پنهنجو ذاتي ردم تخليق ڪرڻو ٿو پوي ۽ ان ذاتي ردم جي تخليق ڪيڏو نه محنت طلب آهي.

حقيقت ۾ آزاد نظم گهاڙيٽي ۾ انقلاب ٿي آيو. تجربن جي نواڻ جو نالو آهي آزاد نظم. گستائو کان جي راءِ موجب: ”شاعر جا ردم ذاتي هئڻ گهرجن. هو روايتي ردم (مروج بحر وزن) کان انڪار نه ڪندو، پر جديد شاعر کي حق آهي ته هو مروج بحر وزن ۽ ردمن کي ڇڏي ڏئي، ڇو ته هر شاعر کي پنهنجو ذاتي ردم هئڻ گهرجي. ردم ماترائن جي ڳاڻيٽي تي نه، پر ذاتي، آزاد ردم جي يونٽن تي آهي.

ان مان معلوم ٿيو ته آزاد نظم جي بنياد وجهندڙن، توڙي ان جي وڏن شاعرن، هن صنف کي صفا ڇڙواڳ نه، پر ڪن پابندين هيٺ تجربا ڪري ذاتي ردم‘ کي تخليق ڪرڻ جي صنف سڏيو آهي اهو ردم اڳي وانگر ماترائن جي ڳاڻيٽي تي ٻڌل نه آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته اهو ردم ڪيئن ٿو ٿئي: ”فرينچ آزاد شاعريءَ جو ننڍي ۾ ننڍو ايڪو آهي آواز، يا خيال ۾ وقفو. اهو وقفو تجنيس حرفيءَ يا ائسوننس سان ئي پيدا ٿي سگهي ٿو.“

انگريزيءَ ۾ ردم جو بنياد tonic accent تي آهي. جيڪو فرينچ ۾ نه آهي، ڇو ته فرينچ ۾ ڪن جملن يا محاورن ۾ ڪن لفظن تي زور stress ايندو آهي. هر فرينچ ساڳين ئي لفظن تي زور ڏيندو آهي. انڪري اهو اُچار جو زور ئي ردم جو بنياد ٿي پوي ٿو.

هڪ خاص ڳالهه، جيڪا کيس (آزاد نظم کي) اڳوڻن گهاڙيٽن کان جدا ٿي ڪري، اها آهي باقاعدي ايندڙ اچارن سان ردم پيدا ڪرڻ، لهجي (accent) ۾ ٽي جزا آهن. Pitch (اوچائي) intensity (شدت) ۽ وقفو (duration). اچار جو وقفو ئي آهي جيڪو آزاد نظم جي ردم جو بنياد آهي.“

سئنڊرس لهجي (accent) جا ٻه قسم ٻڌائي ٿو: هڪ chromatic جنهن ۾ مرضيءَ سان ڪنهن تي زور ڏجي ٿو ۽ مختلف لفظن تي زور ڏيڻ سان معنيٰ ۾ ڪجهه فرق پيدا ٿيو پوي- مثال طور:

مان توکي پيار ڪريان ٿو

مان توکي پيار ڪريان ٿو

مان توکي پيار ڪريان ٿو.

مان، توکي ۽ پيار تي زور ڏيڻ سان لهجي جي تبديلي پيدا ٿئي ۽ اها لهجي جي تبديلي، ڳالهائيندڙ جي موڊ ۽ معنيٰ کي ظاهر ڪري ٿي.

لهجي جو ٻيو قسم آهي stressed-accent ان ۾ جيڏو ڊگهو ساهه کڻي اچار ڪڍبو، ته اوترو ئي ڊگهو اچار ٿيندو. اهو اڳ ڄاڻايل اچار جو وقفو آهي. سئنڊرس جا مٿيان خيال رڳو انگريزي ٻوليءَ سان لاڳو آهن، ڇو ته فرينچ ٻوليءَ ۾ هر اچار جي شدت طئه ٿيل آهي ۽ هر فرينچ ڳالهائڻ واري انهن ئي اچارن تي زور ڏيندو، نه انگريزيءَ وانگر ته پنهنجي اچارن کي مرضيءَ سان زور ڏئي سگهجي. سنڌيءَ ۾ پڻ اچارن تي زور موڊ يا معنيٰ مطابق گهٽائي وڌائي سگهجي ٿو.

جيئن:

”آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سّج

سج چنڊ تارا ۽ ڪتيون، تن کان تاب تکو هو.“

شاهه لطيف جي مٿين سٽن مان هڪ ۾ سج ۾ ج کي زورائيتو اچار (stressed) ۽ ٻئيءَ ۾ رواجي اچار آهي. نظم جو ردم، ٻوليءَ جي پنهنجي نغمگيءَ تي مدار ٿو رکي. هر ٻوليءَ کي موسيقيت جو پنهنجو پئٽرن (pattern) آهي ۽ شاعر کي اهو ضرور نظم آڏو رکڻ گهرجي.

ڪنهن ٻوليءَ جا گهاڙيٽا، ضروري ناهي، ته ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ به اوتري ئي نغمگي ڏين، جيڪو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڏين ٿا.

ان باري ۾ مئنسيل جون لکي ٿو ته ”فرينچ ردم کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ انگريز ۽ جرمن نقادن غلطي ڪئي آهي. هنن فرينچ شاعريءَ جي ردم کي پنهنجي مقامي شاعريءَ ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“

ٽي ايس ايليٽ جي راءِ ۾ ”گهاڙيٽا ڀڳا ويا آهن ۽ وري گهڙيا ويا آهن منهنجي يقين آهي ته ڪابه ٻولي جيستائين ساڳي ٻولي رهي ٿي، اها پنهنجا قاعدا ۽ پنهنجيون پابنديون مڙهي ٿي، ۽ پنهنجا مخصوص ردم ۽ آواز جا پئٽرن نافذ ٿي ڪري ۽ ٻولي سدا بدلجندي ٿي رهي. سٺي شاعر کي اهو سڀ ڪجهه قبول ڪري، ان جي بهترين استعمال ڪرڻ گهرجي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org