موهن گيهاڻيءَ پشم گولن سان ته ننڍپڻ ياد ڏياريو.
مون کانئس پڇيو، ”تون ڪٿي رهندو هئين؟“
هن ڪراچيءَ جي جمشيد روڊ تي هڪ جاءِ جو ڏس ڏنو.
”پڙهندو ڪٿي هئين؟“
هن هڪ اسڪول جو ٻڌايو.
”شام جو راند ڪٿي ڪندو هئين.“
هن جنهن ميدان جو ڏس ڏنو، مون ڇرڪ ڀريو. ”ڇا تون
روز شام جو اتي ايندو هئين؟“
”ها، مان ايندو هئس.“ موهن چيو.
”ارجن؟“
”ها ارجن!“
پوءِ مون کي خبر پيئي ته موهن مون کان ڪجهه ننڍو
آهي، پر اسان ٻنهي، 47-1946 ۾، ڪراچيءَ ۾ گڏ
رانديون کيڏيون آهن.“
موهن رڙ ڪري سڀني کي ٻڌايو، ”موهن ۽ تنوير ننڍي
هوندي ساڳئي ميدان ۾ گڏ رانديون کيڏيون آهن.“ ۽
اسان ٻنهي اٿي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتو، ننڍپڻ جا يار،
چاليهن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ مليا. وري ڳوڙها،
وري ڳراٽيون، وري ٽهڪ، شال وري وري ملون. شال ملي
وري نه وڇڙون.
العين ۾ ٺهيل فن سٽي
(Fun city)
آمريڪا جي ڊزني لئنڊ جي طرز تي ٺاهي اٿائون، پر ان
۾ به عربن پنهنجي اصلي ثقافت قائم رکي آهي. هيءَ
شهر ميلن تي پکڙيل آهي. رسيتوران ۽ شيڊ خوبصورت
تنبن جي نموني تي ٺهيل. اهڙيءَ طرح عربن جي خانه
بدوش بدوي سماج اکين اڏو اچي وڃي. پر انهن تنبن
وانگر ٺهيل عمارتن ۾ جديد زندگيءَ جي هر سهوليت
موجود، پري کان ڏسو ته هيءَ ريستوران تنبوءَ ۾
آهي، ان ۾ ڇا هوندو، پر اندر وڃو ته خوبصورت آرام
دهه فرنيچر، ايئر ڪنڊيشن! جديد يورپي طرز جا باٿ
روم.
فن سٽيءَ ۾ ساوڪ ئي ساوڪ آهي، وسيع ڇٻرون وڏا وڏا
وڻ، عجب لڳو جو هتي ٻٻرن جي وڻن جي چوڌاري عاليشان
۽ سهڻا ٿلها
(Plateform)
ٺهيل هئا، جيئن اسان وٽ چمپا، سمبل ۽ ٻين سينگار
جي وڻن
(Decorative Plants)
کي هوندا آهن، اتي سنڌيءَ جي اها چوڻي بلڪل ٺهڪي
آئي، جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت. پر ٻٻر قد
۾ ته ڪانڊيري کان سو دفعا وڏو آهي، ۽ وڻ به آهي!
هڪ نقلي ڍنڍ ٺاهي اٿائون، ڏاڍي سهڻي. هنڌ هنڌ ان
نقلي ڍنڍ مٿان خوبصورت ڊزائين واريون پليون.
اسان هڪ تنبو نما ريستوران ڀرسان، هڪ ڪشاديءَ ڇٻر
تي چادرون وڇائي پڪنڪ جي شروعات ڪئي.
گهمڻ نڪتاسين. عجب قسم جا چوڏيل ۽ ميري گورائونڊ،
چيائون پئي ته اهو فن سٽيءَ ميلن ۾ آهي، اسان ٿوري
دير چڪر هڻي ٿڪجي اچي چادرن تي ليٽياسين، وري ٻار
وٺي ويا.
شيام، موتيءَ، مون، گوپ ۽ موهن پئي ڪچهريون ڪيون ۽
ٻار پئي قسم قاسم جي چوڏيلن تي چڙهيا، هڪ ريل گاڏي
ڏاڍي خطرناڪ هئي، ريل جو پٽو ور وڪڙ. اوچتو وڪڙ،
اوچتي اتانهين چاڙهي، اوچتي اتانهين لاهي. مٿي
آسمان ڏي وڃي وري اوچتو هيٺ پاتال ۾ ڪري. هڪ هنڌ
ان ريل جو پٽو سائيڪل جي ڦيٿي وانگر گول ريل مٿي
چڙهي صفا ابتي ٿي وڃي. ويٺلن جون ٽنگون مٿي، ۽ مٿو
هيٺ. صفا ابتا. اسانکي پريان بيٺي ڏسندي ئي ڊپ پئي
ٿيو، پر ٻارن مزو پئي ورتو.
منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿيو. موٽي ڇٻر تي وڇايل
چادرن تي آياسين. وندنا ۽ توپ دال پوريون ڪڍيون.
اڄوڪي ڏينهن لاءِ قمر خاص دال پورين جي فرمائش ڪئي
هئي. کليل هوا ۽ سهڻي ساٿ ۾ دال پورين ڏاڍو مزو
ڏنو. چٽڻي ملي ته ڪاڪي ڀيرومل آڏاواڻيءَ جو مهراڻ
جي پهرئين دور ۾ ڇپيل مضمون ’دال مصالحو چٽڻيءَ
سان‘ ياد اچي ويو.
موتيءَ بس جي ڊرائيور کي سڏي دال پوريون ڏنيون.
جڏهن ڊرائيور دال پوريون وٺي ويو، ته مون موتيءَ
کي چيو، ”موتي، هيءَ ته پٺاڻ ٿو لڳي.“
موتيءَ وراڻيو، ”ها، پٺاڻ آهي.“
مون چيو، ”مسلمان ضرور هوندو.“
”ها، مسلمان، پاڪستاني مسلمان.“ موتيءَ وراڻيو.
”پاڪستاني مسلمان، سو به پٺاڻ. ان لاءِ ته دال گار
برابر آهي.“
اها خبر موتيءَ کي نه هئي.، چيومانس، ”آئنده
پاڪستان مسلمان ۽ پٺاڻ کي دال نه کارائجانءِ.“
ان تي مونکي هڪ لطيفو ياد آيو. سلطان ڪوٽ جو هڪ
سنڌي پٺاڻ هو ۽ پٺاڻ هئڻ ڪري پڪو مسلمان هو ۽ دال
کان ونءُ ويندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڍي بک لڳل هئس. گهر
اچي زال کان پڇيائين، ”ڇا چاڙهيو اٿئي.“ زال
وراڻيس، ”دال گوشت.“ همراهه ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو،
۽ ديڳڙيون ڦيرائي کڻي ڀت سان هنيائين. زال چيائين،
”دال ۽ گوشت- اشراف ۽ ڪميني کي تو گڏ وهاريو آهي.
خبردار جو وري دال گوشت چاڙهيو اٿئي.“
اهو لطيفو مون هڪ تقرير ۾ به ٻڌايو هو، ۽ ان جي
تشبيهه ان دور سان ڏني هيم، جڏهن مارشل لا به هو
ته چونڊون ٿين پيون. اصل دال گوشت گڏ هئا.
ماني کائي ٻيا ته گهمڻ ويا. مان ۽ موتي پنهنجو
پنهنجو عينڪون لاهي، چادرن تي ليٽي پياسين ۽ اکيون
ٻوٽي ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳاسين. پر ننڊ ڪيئن
اچي. ڀرسان تنڀن ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪرن مان زور زور
سان عربي گانا وڄي رهيا هئا ۽ اهڙا لائوڊ اسپيڪر،
فن سٽيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لڳل هئا، انهن مان نماز وقت
ٻانگ ۽ باقي وقت عربي موسيقي پئي ٻڌڻ ۾ آئي. مون
ننڊ جي پچر ڇڏي، ۽ گهمڻ نڪري ويس، پر موتي سامان
جي سنڀال جو بهانو ڪري اکيون ٻوٽي ليٽيو رهيو.
جيتوڻيڪ سامان چوري ٿيڻ ناممڪن هو. موهن گيهاڻيءَ
ٻڌايو ته سندس گهر جي ڪنجي گم ٿي ويئي. هنن کي
ڪوبه چاٻي ٺاهڻ وارو نه مليو، ڇو ته هن ملڪ ۾ ڪلف
جي ڪونجي ٺاهڻ وارو نه مليو، ڇو ته هن ملڪ ۾ ڪلف
جي ڪنجي ٺاهڻ وڏو ڏوهه آهي. لاچار هنن تالو ڀڳو ۽
جيسين نئون تالي وارو هنئڊل فٽ ڪرائين. تيسين ٻه
ٽي ڏينهن گهر بنا ڪلف جي ڇڏي هليا ويندا هئا، ته
به چوري نه ٿين. مان ۽ قمر پڻ هوٽل جي ڪمري ۾
سامان، زيور ۽ پئسا ڇڏي ويندا هئاسين. پر ڪڏهن به
هڪ ڪکُ به هيٺ مٿي نه ٿيو.
سانجهيءَ جو سامان ويڙهي بس ۾ واپس ورياسين. دُشي
۽ جئه ڳالهيون ڪندا هليا. کلائيندا هليا. جئه،
ڊگهو سنهڙو، شيام وانگر سانورو. ٻئي ڇوڪرا کلمک،
لطيفن تي لطيفا ٻڌائيندا وڃن، کلندا کلائيندا وڃن.
هنن پنهنجا ملبارين سان ڪيل عملي لطيفا
(Practical Jokes)
ٻڌايا. هو ٻئي ملبارين کي ڏاڍو چيڙائيندا آهن،
العين جا ملباري به هنن کان بچيل ڪونه هئا. بسا
مان ويٺي، هڪ دڪان ڏي اشارو ڪري هڪ ٻئي کي ياد
ڏياريائون ته ان ملباريءَ کي ڪيئن نه چيڙايو
هيوسين.
کلندا کلندا رات جو واپس دبئي پهتاسين. ٻيا سڀ
دوست ٿڪل هجڻ جي ڪري پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا،
رڳو مان، شيام ۽ قمر موتيءَ جي گهر وياسين.
رات جي مانيءَ تي ٿوري محفل ڄمي. ٿڪ سبب ننڊا کڙا
هئاسين، پر تنهن هوندي به پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا
رهياسين. ڪهڙا ٿڪ، ڇا جي ننڊ. وري ڪو موتيءَ، ڪلا
۽ شيام جو ساٿ ملندو ڇا؟ هن ڪچهريءَ ۾، اسان سان
موتيءَ ۽ ڪلا جا ٻار، سنڌو ۽ شري به شامل ٿيا.
سنڌوءَ ۽ شريءَ کي مان ۽ قمر تڏهن کان سڃاڻون،
جڏهن ڪلا ’ممتا جون لهرون‘ لکيون. اهو ڪتاب
1963-64ع ڌاري ڇپيو. ڪلا جو پنهنجي ٻارن جي باري ۾
لکيل اهو ڪتاب ماءُ جي جذبي
(Motherly Instina)
تي بهترين ۽ انوکو ڪتاب آهي. ان ڪتاب تي قمر تبصرو
به ڪيو هو، جيڪو ’ڪونج‘ ۾ ڇپيو هو.
ٻئي لڄارا- پر نئينءَ ٽهيءَ واري حقيقت پسند سوچ
رکندڙ. وقت ڪيڏو نه وڌي ويو آهي. ’ممتا جي لهرن‘
وارا ننڍڙا پتڪڙا بار، روشن سج جيان ڪاپار تي چڙهي
آيا آهن. شال اها ٽهي نسري، اڳتي وڌي، اسان کان به
اڳتي، ۽ ائين ئي ته ارتقا ۽ اوسر ٿيندي آهي سماج
جي. هر ايندڙ ٽهي اڳيئن ٽهيءَ کان بهتر هجڻ گهرجي.
جي ائين نه ٿيندو ته تاريخ اڳتي نه وڌندي. سماج
اڳتي نه وڌندو. انسانيت جي ارتقا بيهجي ويندي.
مون ۽ موتيءَ واري ٽهي حقيقت پسند هئي، پر رومانوي
۽ جذباتي، اسان وٽ
Romantic Realism
هئي. هن ٽهيءَ وٽ خالص حقيقت پسندي آهي.
شري سٺو شاعر آهي. پر هنديءَ ۾ شعر چوي. هن پنهنجا
شعر ٻڌايا. سڀ شعر سٺا هئا، پر خاص ڪري هڪ سٽ هانو
۾ کُپي ويئي:
اس دور کي سيتا بهي تو عصمت فروش هي.
ٻئي ڏينهن قمر ۽ ڪلا جو پروگرام شاپنگ جو هو. هو
شاپنگ تي ويون ته مان ۽ موهن گهمڻ نڪتاسين. مونکي
بلئرڊ جو ڪيو
(Cue)
وٺڻو هو هڪ نئون پائيپ. ايئن بزار ۾ چڪر ڏيندي اهي
شيون پڇائيندا رهياسين. بزار ۾ هڪ هنڌ موهن کي
سندس دوست مليو. مون کي ڏسي، موهن کان پڇيائين ته
”هيءُ ڪير آهي؟“
وري يڪدم چيائين، ”چڱو، تون نه ٻڌاءِ. مان سڃاڻي
ويس. مان ٿو توکي ٻڌايان، هيءُ موتي پرڪاش جو ڀاءُ
آهي نه؟“
مون موهن کي چپ رهڻ جو اشارو ڪيو. مان ننهن کان
چوٽيءَ تائين رجي ويس. منهنجو وار وار وائبريٽ
(Vibrate)
ڪرڻ لڳو. لرزي ۾ اچي ويو.
جڏهن هو دوست موڪلائي اڳتي وڌيو ته مون موهن کي
چيو، ”موهن، مون انڪري توکي روڪيو ته تون هن جي
ڳالهه جي ترديد نه ڪر، موتي ۽ مان اهڃاڻي طور تي
ڀائر آهيون ئي.“
موهن چيو، ”ان ڪري ته ان رات مون تنهنجي ۽ موتيءَ
جي باري ۾ هندستاني فلمن وارن جاڙن ڀائرن جو مثال
ڏنوهو.“
موهن گيهاڻي سٺو نقاد آهي پر سندس تنقيد رڳو ادب
تائين محدود نه آهي. ادب کان سواءِ ڪپڙو لٽو، رهڻ
ڪرڻ، کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻڻ. هر ڳالهه ۾ سندس ذوق
نفيس آهي. ڪپڙو وٺبو ته ان تي به تنقيد ڪندو، ته
هن ۾ هيءَ خامي آهي. هن ۾ هيءَ خوبي هجي ها. بوٽ
وٺبو ته ان تي به تبصور ڪندو. پاڻ ڪا شيِءِ خريد
ڪندو ته ڀلي مهانگي هجي، پر هجي اعليٰ قسم جي، بي
عيب. سندس اصول آهي ته چئن ردي قميصن کان هڪ سٺي
قميص بهتر آهي. دوستن ۽ عزيزن لاءِ ڪا شيءَ
سوکڙيءَ طور وٺندو ته اها به اعليٰ قسم جي.
دبئي گهمياسين ته هن چيو ته هلو ته اڄ ’ديري‘
هلون. دبئيءَ جا ٻه حصا آهن. هڪ ’پار دبئي‘ ٻيو
’ديرو‘. پار دبئي کي عرب ’بار دبئي‘ چون، ڇو ته
عربيءَ ۾ (پ) آهي ئي ڪونه. عربن جي شهر تي اهو
نالو به ٻاهرين جي ڪري پيو. پار دبئي ۽ ديري جي وچ
۾ هڪ سامونڊي کاري
(Creek)
آهي. جنهن جي مٿان پليون، ته هيٺان هڪ سرنگهه
(Tunnel)
۽ مٿاڇري تي جهاز، ٻيڙيون ۽ لانچون آهن، جيڪو شهر
جي ٻنهي حصن کي ڳنڍين ٿيون.
منجهند کان پوءِ ديري وڃڻ جو پروگرام رٿيوسين.
منجهند جو قمر کي ساڻ وٺي، ٽئڪسي ڪري ديري وياسين.
دبئيءَ ۾ پهريون دفعو ٽئڪسيءَ جي ضرورت ٿي، پار
دبئي ته پنڌئي گهمي وٺجي ٿي، پر ديري لاءِ ٽئڪسيءَ
جي ضرورت پيش آئي جو ڪجهه پرڀرو پنڌ آهي. ٽئڪسي
سرنگهه ۾ گهڙي، سرنگهه ايتري روشن جو ان ۾ هر شي
نظر اچي، ان ۾ هوا ڪڍندڙ پکا ايترا ته لڳل هئا. جو
گهٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس ئي نه ٿئي.
دبئيءَ ۾ ٻه ڳالهيون عجيب لڳيون، هڪ ته اتي ريل،
بس يا ٻي
Public Transport
آهي ئي ڪونه، رڳو ٽئڪسيون. بسون جي آهن، ته ڪن
ادارن يا اسڪولن جون، جيڪو ملازمن يا شاگردن کي
گهر تان کڻن ۽ گهرتي پهچائن. ان جو سبب آهي پيٽرول
۽ ڪارين جي سستائي. گهڻن ماڻهن کي پنهنجيون ڪاريون
آهن. جن وٽ ناهن، اهي سولائي سان ٽئڪسي ڀاڙي ڪري
سگهن ٿا، جو پئٽرول جي سستائيءَ سبب ٽيڪسين جا
ڀاڙا گهٽ آهن.
ٻي عجيب ڳالهه، جنهن جو سبب سمجهه ۾ نه آيو. اها
آهي ٽپال جو نظام، هن ملڪ ۾ ٽپاليءَ جو وجود ئي
ڪونهي، جيڪو گهر گهر وڃي خط، پارسل، رجسٽريون، مني
آرڊر ۽ وي پيون ورهائي. جنهن ماڻهوءَ کان ائڊريس
پڇ اهو پوسٽ باڪس نمبر ٻڌائي. سڀني جي ٽپال پوسٽ
آفيس وارا ان پوسٽ باڪس ۾ وجهن جتان هو پاڻ کڻي
اچي يا ماڻهو موڪلي گهرائي وٺي.
موهن، مان ۽ قمر ديري جي وڏي ۾ وڏي شاپنگ سينٽر ۾
پهتاسين. منهنجا طاق لڳي ويا. قمر چيو، ”هيءُ ته
لنڊن جي برنيٽ ڪراس کان به وڌيڪ آهي. سنگ مرمر جا
لسا چمڪندڙ فرش، روشنين- رنگبرنگي روشنين سان
سينگاريل، هڪ ٻئي کان مختلف ڊزائين وارا ڦوهارا،
ائين لڳو ڄڻ پاڻيءَ سان گڏ خوبصورت ڳاڙهيون سايون
۽ سونهري روشنيون انهن ڦوهارن مان نڪري، مٿي اڇل
کائي هيٺ ڪري رهيون هيون. هر شيءَ موجود، بٽڻ ۽
سئي ڌاڳي کان وٺي موٽر ڪار تائين، هر قسم جا شعبا
هئا. هر قسم جا دڪان هئا. بوٽ، ڪپڙا، راندين جو
سامان، کاڌي جو سامان خريد ڪري سگهي.
مان ۽ موهن گهمندا ڪتابن جي دڪان تي پهتاسين. گهڻو
تڻو عربي ڪتاب هئا. عربن جي تاريخ متعلق ڪجهه ناول
۽ افسانا. ٽيڪنيڪل ڪتاب عربيءَ ۾ بلڪل نه هئا.
ڪجهه انگريزي ڪتاب هئا. عربي ڪلچر، تاريخ جي باري
۾. ڪجهه عربي جا لکيل ڪجهه يورپين جا. ڪجهه مشهور
ڪلاسيڪي انگريزي ادب جا ڪتاب، پر گهڻو حصو جاسوسي
۽ مارا ماريءَ وارن ڪتابن جو هو. موهن ٻڌايو ته
هتي ڪتابن تي، ۽ فلمن جي ڪئسيٽن تي سخت سينسرشپ
ٿيندي آهي. مون کي لڳو ته هتي جي سينسرشپ اسان جي
ملڪ کان به وڌيڪ سخت آهي.
مون کي نئون تماڪ ڇڪڻ جو پائيپ ۽ بلئرڊ کيڏڻ جو
ڪيو وٺڻو هو. انڪري دڪان گهمندا رهياسين. قمر کي
پنهنجي ليکي اڪيلو ڇڏي ڏنوسين، جيئن هوءَ پنهنجي
پسند جون شيون چونڊي سگهي. گهمي گهمي ٿڪجي پياسين.
مان ۽ موهن قمر جي انتظار ڪرڻ لاءِ اچي هڪ
ريستوران ۽ ويٺاسين.
مون موهن کي چيو، ”قمر جي عادت آهي ته سکر،
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ بزار بند ڪرائي پوءِ موٽندي
آهي. جڏهن پوليس وارا سيٽيون وڄائي دڪان بند
ڪرائيندا آهن، تڏهن قمر شاپنگ جي پچر ڇڏيندي آهي.“
ٿيو به ائين، جڏهين سپر مارڪيٽ بند ٿيڻ لڳو، تڏهن
قمر ظاهر ٿي. شڪايت اها ته ”اڃا ڪيتريون شيون رهجي
وييون آهن. سڀاڻي وري اينداسين.“
مون ۽ موهن هڪ ٻئي ڏي نهاري مرڪيو ۽ قمر لاءِ
ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو. فارسيءَ ۾ چوندا آهن:
ڪندهم جنس باهم جنس پرواز
ڪبوتر با ڪبوتر باز با باز
قمر کي ڪافي ڏاڍي وڻندي آهي، انڪري مان چوندو
آهيان.
ڪند هم رنگ باهم رنگ پرواز.
موهن کي ان ڏينهن هڪ اڇي کاڌيءَ جهڙي ڪپڙي جي نفيس
۽ شاندار ڪوٽ ڏاڍو وڻيو. اٽڪل اڍائي هزار روپين جو
هو. وٺي نه سگهيو. انڪري ڏک ٿيس. پر پڪ اٿم ته اڄ
تائين وٺي چڪو هوندو.
ٻيو ڏينهن دبئيءَ ۾ اسان جو آخري ڏينهن هو. اسان
کي ويزا ستن ڏينهن جي هئي، پر اسان واريءَ ايئر
لائين جي اڏام اٺين ڏينهن هئي. هڪ ڏينهن لاءِ ويزا
جو مدو وڌرائڻو پيو. پاسپورٽون ويزا آفيس ويل
هيون. موتيءَ پڪ ڏني هئي ته وقت سر پاسپورٽون ملي
وينديون. اسان سامان ٻڌي رکيو. اسان ۽ دوست سڀ
اداس هئاسين. ان ڏينهن منجهند جو 3 وڳي ڌاري
موتيءَ جي فون آئي ”ويزا تي صحيح ڪرڻ وارو عرب
آفيسر موڪل تي ويل آهي. انڪري توهان نه وڃي
سگهندو.“
مون چيو مانس، ”يار موتي ڪجهه نه ڪجهه ڪر. الاهي
ڏينهن ٿي ويا آهن.“
شام جو سڀ دوست آيا، جڏهن خبر پين ته اسان نه ٿا
وڃون ته خوشيءَ جا نعرا هڻڻ لڳا، اسان به سندن سڪ
خلوص ۽ قرب خاطر خوشيءَ سان انهن حالتن سان ذهني
ٺاهه ڪيو.
شام جو اسانجي ئي هوٽل م دوستن ڊنر ڏني هئي.
ميزبان هئا موهن شرما، صاحب لال بجاج. سڀ دبئيءَ
جا وڏا بزنيس مين هئا، ڏاڍي پاٻوهه ۽ قرب جو اظهار
ڪيائون. ننڍڙو مشاعرو به ٿيو، شيام موتيءَ مون ۽
ٻين دوستن شعر پڙهيا. خوبصورتيءَ سان سينگاريل
لذيز طعامن واري ڊنر ٽيبل تي ماني کاڌي سين.
ٻئي ڏينهن قمر جئه سان بزار ويئي. قمر جي فطرت هر
عمر جي ماڻهن سان ٺهڪي اچي، خاص ڪري ٻارن سان. هر
ڪنهن سان کلمک، دشي ۽ جئه قمر سان اهڙو هري ويا جو
گهڙي گهڙيءَ وتن ٻيا آنٽي آنٽي ڪندا.
قمر بزار مان موٽي اچي ٻڌايو ته اڄ هڪ ريستوران ۾
هڪ عجيب نظارو ڏٺو هيائين. هوٽل جو بئرو، گراهڪن
اڳيان ٿالهيون رکي ويو، پوءِ جنهن گراهڪ جي ٿالهي
خالي پئي ٿئي، ان ۾ بنا گهرڻ جي ڀاڄي يا ٻوڙ
وجهندو وڃي، ٻوڙ جا ڪرمنڊل هٿ ۾ کنيو هڪ ٽيبل کان
ٻئي تي ڦرندو وتي. بلڪل ائين پيو ماني کارائي،
جيئن ماءُ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کارائيندي آهي.“
دوستن چيو ته اها گجراتين جي هوٽل هوندي، گجراتي
بلڪل انهي نموني کاڌو کارائيندا آهن.
هونءَ ته روز موتيءَ جي گهر ڪلا جي هٿن جا کاڌا
کائيندا هئاسين، جنهن ۾ ڪلا جي سڪ جي سڳنڌ ۽ قرب
جي لذت هوندي هئي. ڪلا روز نوان نوان ۽ لزيز کاڌا،
مختلف قسمن جا ٺاهيندي هئي، ۽ هر هڪ مان رڳو چکي
ئي سگهندا هئاسين. ايترا ته طعام هوندا هئا، جو هڪ
هڪ گرهه مس کڻي سگهندا هئاسين. ڪلا کي منهنجي پسند
جو به خاص خيال هو. خبر پيس ته مونکي مڇي وڻندي
آهي، ته مڇي تيار. جي قمر چيو ته جهينگا پسند ڪندو
آهي ته ٻئي ڏينهن ٽيبل تي جهينگا موجود. ڪلا ۽
موتيءَ وٽان ايڏو قرب مليو جو ان جي موٽ ڏيڻ ممڪن
ئي نه آهي.
ان ڏينهن ڪلا کي ان ڳالهه تي راضي ڪيوسين ته هڪ
منجهند جي ماني ان گجراتي هوٽل ۾ کائجي ۽ اهو
نظارو ڏسجي، ته هي بئرا ڪيئن پيار سان ٿا ماني
کارائين.
شام جو عطا سان پروگرام رکيوسين. ديري وڃي، قمر
پنهنجي شاپنگ جي هانو تي ڪجهه ڇنڊا وڌا، رات جو
عطا طرفان ماني هئي، جنهن ۾ سڀ دوست موجود هئا.
سڀني دوستن جو قرب هڪ ٻئي کان وڌ هو. سڀني وٽ هڪ
جهڙو خلوص. ساڳيون پيار. پوءِ اهو دوست هند جو هجي
يا سنڌ جو.
ٻئي ڏينهن پروگرام ايئن ٺهيو شام جو ته مان ۽ موهن
پائيپ ۽ بلئرڊ جو ڪئيو خريد ڪرڻ وڃون، ته قمر، ڪلا
۽ روپ سان شاپنگ ڪري. ان کان اڳ صبوع جو دبئيءَ جو
پراڻو قلعو ڏسجي، ۽ منجهند جي ماني گجراتيءَ جي
هوٽل ۾ کائجي.
صبوح جو آرام سان اٿياسين. موهن، مان، قمر ۽ ٻيا
دوست قلعو ڏسڻ وياسين.
سڄيءَ دبئيءَ ۾ جديد عمارتن جي وچ ۾ قلعي جي بلند
عمارت، جديد ۽ قديم جو تضاد اڀاري رهي هئي. ان
عمارت کان سواءِ، سڄيءَ دبئي ۾ رڳو اسان ٻه ٽي
قديم طرز جون عمارتون ڏٺيون. جيڪي موهن ڳولي ڳولي،
سنهڙين گهٽين ۾ وٺي وڃي اسانکي ڏيکاريو اهي پٿر
جون هيون، ۽ مٿانئن ڪيل گچ جو ليپو، انهن کي قدامت
جو تاثر ڏيئي رهيو هو. در دريون ڪڙا ڪنڍا سڀ قديم.
موهيءَ انهن عمارتن جي باري ۾ چيو ته، ”هيءَ به
ٿورن ڏينهن جون مهمان آهن، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
هنن مان هر هڪ جي جاءِ تي ڪانه ڪا جديد گهڻ ماڙ
عمارت هوندي.“
گهمندي گهندي اچي کاريءَ
(Creek)
جي بندر تي بيٺاسين. کاري ته سمنڊ جوئي حصو آهي.
پر هتي درياهه جيتري مس پئي لڳي. اڳتي وڃي سوڙهي
ٿيندي، تان جو ختم. جيئن ڪراچيءَ ۾ نيٽي جيٽي.
کاريءَ ۾ ڊونڊيون، هوڙا، لانچون ۽ جهاز بيٺا هئا.
ٻڌايائون ته هن بندر تان لانچون ڪراچيءَ تائين وڃن
ٿيون. ڪي مسافر کڻن ۽ ڪي سامان
(Cargo)
ڪراچي پهچڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويندا آهن. گهمندي
گهمندي اچي دبئيءَ جي قديم قلعي وٽ پهتاسين، جنهن
کي بزار مان لنگهندي روز پري کان ڏسندا هئاسين.
دبئي جو قلعو قديم آهي پر ننڍو. ڪوٽ ڏيجيءَ جي
قلعي جو چوٿين حصي جيترو مس ٿيندو. در مضبوط ڪاٺ
جو، قديم طرز جو اٿس. قلعي ۾، اتان جي قديم آثارن
جو ميوزيم آهي. اندر گهڙياسين ته عرب آفيسر موهن
کي ٽڪيٽون ئي نه ڏئي. چيائين قلعي ۾ ميوزيم بند
ٿيڻ ۾ باقي ويهه منٽ آهن، ۽ اوهان ويهن منٽن ۾ نه
موٽندو، انڪري ٽڪيٽون نه ملنديون. اوهانجي ڪري
اسان کي وڌيڪ وقت ويهڻو پوندو.
جڏهن قسم کڻي پڪ ڏياريسين ته هڪ منٽ به دير نه
ڪنداسين، تڏهن مس مس ٽڪيٽون ڏنائون.
اندر گهڙڻ سان دبئي شهر جا پراڻا ۽ نوان نقشا ۽
فوٽا هئا، پندرهن سال اڳ واريءَ دبئيءَ جو نقشو.
اڄ جي دبئيءَ جو نقشو. پندرهن سال اڳ واري شهر جو
فوٽو ۽ اڄ واري شهر جو فوٽو. عجب لڳو ته هن شهر
ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي، ۽ هڪ معمولي
ڪچي ننڍڙي ڳوٺڙي مان وڌي هڪ جديد بين الاقوامي شهر
بنجي ويو آهي.
ميوزيم ۾ ڪجهه اڳتي سندن پراڻيءَ تهذيب جا يادگار،
لباس، زيور، هٿيار، اٺن جا پاکڙا، ۽ ٻيا ساز سامان
پيل هئا، لڳو پئي ته عربن جي ثقافت ۾ اٺ ۽ عقاب کي
وڏي اهميت آهي.
قلعي اندر، هڪ جهوپڙي روايتي عربي گهر وانگر
سينگاريل هئي، ان ۾ تڏا، طول وهاڻا، ٿانو، ۽ ٻيو
گهرجي استعمال جون شيون پيل هيون.
هڪ ڪمري ۾ سامونڊي شين جو ذخيرو هو. پراڻي قسم جون
ٻيڙيون، بتيلا. انهن جو ساز سامان، مڇيءَ ڦاسائڻ
جي ڪنڍين جا مختلف قسم ۽ سائيز، ڄار، سپيون، ڪوڏ،
اڃا اسان ان ڪمري ۾ گهڙياسين ته ان جي سنڀاليندڙ
عرب تيز اکين ۽ تيز لهجي سان اسان کي نڪري وڃڻ
لاءِ چيو ۽ واچ ڏي اشارو ڪيائين. باقي چار منٽ
بچيا هئا. ان عرب جي هندستاني زيردست اسانکي چيو
ته ڀلي آرام سان گهمون. ان تي عرب آفيسر دڙڪو ڏنس،
جنهنجو جواب هندستانيءَ به دڙڪي سان ڏنو. اسان
جهيڙي کان پريشان ٿي، کين چيو ته وڙهو نه، اسان
وڃي رهيا آهيون.
باهر نڪرڻ وقت ڏٺوسين ته سنڀاليندڙ وٽ ان قلعي
توڙي امارتن جي قديم آثارن جي باري ۾ ڪي ئي ڪتاب
وڪري لاءِ پيا هئا. پر عرب آفيسر وقت پوري ٿيڻ سبب
انهن کي هٿ لائڻ ته ڇا، بيهي ڏسڻ به نه پيا ڏين.
قلعي مان هڪالجي موهي جي پيار ڀرئي ضد تي سندس گهر
وياسين. گهڙي کن مانجهاندو ڪري، جسم ۽ ذهن جو ٿڪ
لاهي، اچي گجراتيءَ جي هوٽل تي ديرو ڄمايوسين.
اهڙو قربائتو ورتاءُ، سڄيءَ عمر ۾ ڪنهن فائيو
اسٽار هوٽل ۾ به نه مليو. هن وڏين هوٽلن ۾ مصنوعي
آڌر ڀاءُ ۽ ادب، ۽ مشيني مرڪ هوندي آهي. هتي هر
شيءَ اصلي پئي لڳي. لڳي نه پئي پر اصلي هئي.
بئرو سڀني لاءِ ٿالهيون کڻي آيو. يعني ٽر ۾ پيل
ننڍڙين ننڍڙين پليٽن ۾ ٻوڙن ۽ ڀاڄين جا مختلف
نمونا، هڪ ڦلڪو تازو لٿل ۽ گرم. اهو کائي بس ڪر ته
اهڙوئي ٻيو ڦلڪو ٿالهيءَ ۾ رکندو وڃي. ڏهي، آچار ۽
پاپڙ، ٻوڙن ۽ ڀاڄين کان سواءِ. ڪنهن به ٻوڙ يا
ڀاڄيءَ جي پليٽ خالي ٿئي ته بنا چوڻ جي ان کي
ڀريندو وڃي بس تڏهن ڪن جڏهن کائڻ وارو توبهه ڪري.
اهڙي پيار سان ماني کارائڻ جو خبر ئي نه پوي ته
هوٽل ۾ آهيون يا گهر ۾.
ماني کائي پنهنجي ڪمري ۾ ٿوري دير آجهاپ ڪري. مان،
شيام، قمر ۽ موهن، رام بخشاڻيءَ وٽ ياسين، جنهن
اسان کي چانهه تي سڏايو هو.
رام بخشاڻي ڪيترين ئي ڪمپنين جو مالڪ آهي. هو
دبئيءَ جي ڌنڌي تي ڇانيل آهي. ڏاڍو مصروف آهي، پر
ان هوندي به هن اسان لاءِ ٿورو وقت ڪڍيو.
تمام مهذب، شائستو ۽ قربائتو. سنڌ جا احوال
ورتائين. ٻڌي چيائين ته ”يار، هندستان ۾ به ساڳيا
هال آهن. پر ڏس، هتي دبئيءَ ۾ ڪيئن سڌري ويا
آهيون. هاڻي به هندستان ۾ ڪار هلائبي ته
بيپرواهيءَ سان، پر هتي ائين نٿا ڪريون. فضيلت سان
ٿا هلايون. قاعدو قانون سخت آهي نه.“
رام بخشاڻيءَ جي اصلي واقفيت سنڌ ۾ موٽي اچڻ تي
ٿي. اسان هن کي رڳو بزنيس مئن سمجهيو هو. سنڌ ۾
موتيءَ جا ڏنل سنڌي ڊرامن جا ڪئسيٽ ڏٺاسين جيڪي
تازو دبئيءَ ۾ اسٽيج ڪيا ويا هئا، ته رام بخشاڻي
ٻنهي ڊرامن ۾ موجود، هڪ ۾ هن رٽائر فوجيءَ جو، ته
ٻئي ۾ وياج خور جو رول ڪيو آهي. ٻئي ڊراما ڏسي لڳو
ته ههڙو مصروف ماڻهو ۽ خوشحال شخص، انهن ڊرامن ۾
ريهرسل ۽ ائڪٽنگ لاءِ وقت ڪڍي، اها وڏي ڳالهه اهي.
اها سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان محبت آهي. اها خبر
ان وقت نه هئي، جڏهن رام بخشاڻيءَ جي چانهه پي
رهيا هئاسين.
رات جي ماني صاحب لال بجاج وٽ هئي. صاحب لال بجاج
ڊگهو، گورو، کلمک، ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ وارو.
هن کي ڏسي مون کي ننڍپڻ جو دوست منوهر ياد اچي
ويو. هي تازو دوست ٿيو هو، انڪري منوهر جيتري بي
تڪلفي نه ٿي، پر تڏهن به ويجهائپ محسوس ٿي. هن
ٻڌايو ته سندس والدين سنڌ ۾ آهن ۽ هو هر ڇهين
مهيني سنڌ ۾ ايندو آهي. اياز، ڀٽيءَ فتاح ۽ ٻين
دوستن کي سڃاڻي، سنڌ ۾، هڪ دفعو هن کي بي ڏوهي جيل
۾ وڌائون. هندو سمجهي (جيئن جنگ جي وقت اسان جي
ملڪ ۾ ٿيندو آهي) ان کان پوءِ دبئي هليو آيو ۽
ڏاڍي مزي ۾ آهي.
هن ۽ سندس شريمتيءَ، مهمانيءَ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي.
مان ۽ قمر، موتي ۽ ڪلا، ۽ موهن شرما هئاسين. کاڌو
۽ پيتو سڀ اعليٰ قسم جو هو. رات جو هو پنهنجي ڪار
تي اسان کي هوٽل ڇڏي آيو. حالانڪ هوٽل کان سندس
جاءِ سڏ پنڌ تي هئي هڪ دلچسپ واقعو ياد آيو، جيڪو
دبئي جي رهائش جي شروعاتي ڏينهن جو آهي.
گوپ، مون کي، قمر کي، ۽ شيام کي بيچ (سمنڊ جو
ڪنارو) گهمائڻ وٺي هليو. اسان ڪار مان لهي، ان بيچ
تي، جنهن کي ’شڪاگو بيچ‘ پئي چيائون، تازي سامونڊي
هوا به پئي کاڌي، ڳالهيون به پئي ڪيون، لهندڙ سج
جا نظارا به پئي ڏٺا، ۽ واريءَ تي پنڌ به پئي ڪيو.
ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ جي لهرن جي ويجهو به وياسين پئي.
اوچتو هڪ جيپ تيز رفتار سان آئي. ان ۾ ڪجهه عرب
ويٺل هئا. جيپ سمنڊ جي ڪناري سان دور دور هلي
ويئي، وري موٽي آئي. ائين پنج ڇهه چڪر سامونڊي
ڪناري جا هڻي موٽي ويئي.
اسان ڏاڍو کلياسين ۽ چيوسين ته عرب ائين جيپ ۾ بيچ
گهمندا آهن.
مونکي ڪراچيءَ جو هڪ واقعو ياد آيو، ڪراچيءَ ۾،
شام جو هڪ دوست سان ملڻ وياسين. سندس بنگلي ۾
گهڙياسين ته هو پنهنجي ڪار ۾ بنگلي کان ٻاهر نڪري
رهيو هيو. اسان کي ڏسي ڪار بيهاري لهي پيو ۽
چيائين، ”يار، مان ته
Evening walk
تي وڃي رهيو هئس.“
اسان کلندي چيس ته، ”ڇا تون ڪار ۾
Walk
ڪندو آهين.“ انهن عربن ۽ اسان واري دوست جو عقل
هڪجهڙو هو.
يارهين مارچ- يارهين مارچ 1986ع. وڇوڙي جو ڏينهن،
صبح جو اٿياسين، دل ويڳاڻي، من اداس. نارايڻ شيام
جي ڪمري ۾ وياسين، شيام ڌيمو ڌيمو ڳالهائيندو
رهيو. شاعري، تصوف، هندستاني ديو مالا، سنڌي
ٻوليءَ جا لفظ، انهن جا ڌاتو، اشتقاق، لطيف جا
شعر، انهن جي پس منظر ۾ تاريخ ۽ ديومالا جا واقعا.
هو ڳالهائيندو ويو. ڄڻ ڪو درياهه اٿلي پيو. قمر کي
چيم
Wave length
جي ڳالهه آهي. مونکي عرصي کان پوءِ پنهنجي
Wave length
جو ماڻهو مليو آهي. هڪ هڪ ٿي دوست ايندا ويا.
پهرين گوپ، پوءِ موهن، پوءِ ڪلا، پوءِ موهي، سڀ
اداس اداس. سوکڙيون اچڻ شروع ٿيون. هڪ هڪ وٽان ڀري
سوکڙين جي، پر ان کان وڌيڪ خلوص جي ڀري. ايڏو
پيار، ايڏو پيار، ايڏو قرب. ڀٽائيءَ جو بيت ياد
اچي ويو:
نه ڪو سنڌو سور جو نه ڪو سنڌو سڪ،
عدد ناهي عشق پڄاڻي پاڻ لهي.
دشي ۽ جئه آيا. لڳو ائين پئي ته سڀ اداس آهيون، پر
سڀ هڪ ٻئي جي غم کي هلڪي ڪرڻ لاءِ کلمک ٿيڻ جو
ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. ڳالهه ڳالهه تي اکين اٿل ٿي
کاڌي.
منجهند جو موهيءَ کي ريچڪ آيو ته پنهنجي پرچي
’رچنا‘ لاءِ مون کان انٽرويو وٺي، رڪارڊ ڪري.
موهن، گوپ ۽ هن سوال لکيا. ٽيپ رڪارڊر آندائون.
انٽرويو شروع ٿيو. ڏيڍ ٻه ڪلاڪ ڏاڍي گنڀير ڏي وٺ
شروع ٿي، سنڌ ۽ هند جي سنڌي ادب جو باريڪ بينيءَ
سان تجزيو ٿيو. ڪمرو بند. نه ڪنهن کي اندر اچڻ جي
اجازت نه ڪنهن کي ٻاهر وڃڻ جي موڪل. اندر ويٺلن
مان ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي اجازت ڪانه هئي. سانت،
گنڀيرتا. قمر ڏاڍو تنگ ٿي، ۽ اکيون ٻوٽي ليٽي رهي.
ڇو ته ڏيڍ ٻه ڪلاڪ سانت رهڻ هن لاءِ وڏي سزا آهي.
خدا خدا ڪري انٽرويو ختم ٿيو. سڀني سک جو ساهه
کنيو. سڀني ڳالهائڻ شروع ڪيو. قمر ته ذري گهٽ دڙڪا
به ڏنا. بهرحال ماحول تي ڇانيل
Tension
ختم ٿيو. اوچتو گوپ کي خيال آيو. هن انٽرويو وارو
ڪئسيٽ ري وائينڊ ڪري وري لڳايو. منٽ ڏيڍ کان پوءِ
ڪئسيٽ ري وائينڊ ڪري وري لڳايو. منٽ ڏيڍ کان پوکءِ
ڪئسيٽ خالي بئٽري چيڪ ڪيائون ته اها ختم هئي.
سنڌين جي افعال جتي ڪٿي ساڳيان. سنڌ ۾ رهن، هند ۾
هجن يا دبئيءَ ۾، بيپرواهي بادشاهي سندن مسلڪ آهي.
وڏاٽهڪ لڳا.
مون چيو ته هاڻي انٽرويو کي ڇڏيو، پر موهي پڪو
ايڊيٽر آهي. اصل طارق اشرف وانگر. ڪٿي ٿو جند ڇڏي.
نوان سيل آيا. ٽيپ چالو ٿي. وري اهي ئي سوال اهي
ئي جواب. پر هيءُ انٽرويو ڪجهه ڇوٽو ڪيو ويو. ڏک
اهو ٿيو جو انٽرويو دوران عطا موڪلائڻ آيو، ان کي
به اندر اچڻ نه ڏنائون ۽ سندس اچڻ جو بعد ۾
ٻڌايائون. اڃا تائين لڄي آهيان، سوچيان ٿو ته عطا
ملندو ته کانئس معافي ڪيئن وٺي سگهندس.
اڄ موتيءَ جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. ٻه ٽي ڪلاڪ آرام
ڪري اهو به ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو. سڄو وقت مان ۽
موتي هڪ ٻئي کان اکيون چورائيندا ۽ ڏک لڪائيندا
رهياسين.
شيام جي واپسي اڏام رات جو ساڍي ڏهين هئي. مان،
موهن ۽ گوپ کيس ايئر پورٽ تي ڇڏڻ وياسين.
نارايڻ شيام. سنهڙو سانورو، مٺڙو ۽ سٻاجهو، پر وڏو
، تمام وڏو شاعر. ٻيهر منهنجي ڀاڪر ۾ هو. مون ڪلا
کي چيو، ”ڪلا همت ڪر.“ ۽ ڪلا سڏ ڪا روڪي شيام کان
مرڪي موڪلايو. موتيءَ جي شعر وانگر:
ويا، پر ويا مرڪندي موڪلائي،
ائين غم وڇوڙي جو هلڪو ڪيائون.
اسان شيام کي اميگريشن ڏي ويندي ڏٺو، شيام مڙي، هٿ
کڻي اسان کي وداع ڪئي، مون چيو، ”موڪلاڻي ناهي
سدائين گڏ.“ ڪرشن ارجن کي چيو، ”موڪلاڻي ڪانهي.
اڳتي وڌندو هل.“
(There is no farewell- Proceed forwards)
موٽي، موتيءَ جي گهر آياسين. ڪلاجي هٿ جي لذيذ
ماني کائي، عابده پروين جي دبئي ۾ ڪيل پروگرام جي
وڊي ڪئسيٽ ڏٺيسين. عابده جي هڪ هڪ آلاپ تي اتان جي
سنڌي عورتن جا ڳوڙها هئا. سڏڪا هئا، سنڌ جي
ساروڻين جي پنکڙين کي هنن لڙڪن جي ماڪ سان سدائين
تازو ۽ تر رکيو آهي.
اسان جي اڏام ٽين وڳي رات جو هئي. هڪ وڳي هوٽل اچي
سامان گاڏيءَ ۾ رکايوسين، موتيءَ ۽ مون هڪ ٻئي کان
پوءِ نظرون بچايون پر ڪيستائين. جڏهن هڪ ٻئي جي
ڀاڪر ۾ آياسين ته نيڻ جهل ئي نه ڏين. موتيءَ کي
منٿون ڪري مڃايوسين ته ايئرپورٽ نه هلي. اڄ سندس
بلڊ پريشر ڪافي وڌيڪ هو. شايد اسانجي وڃڻ جي
Tension
جي ڪري. نيٺ موتي مڃي ويو. جڙيل چنڊ وري ٻه ٽڪر ٿي
ويو، ٻيهر جڙڻ لاءِ. مون قمر ۽ ڪلا ٻنهي کي همت
ڏيکارڻ لاءِ چيو ۽ ٻنهي همت ڏيکاري. مرڪي
موڪلايائون. هن دفعي الائي ڇو موڪلائڻ وقت پڪ هئي
ته وري ملنداسين، ضرور ملنداسين. موهن گيهاڻيءَ به
مرڪي موڪلايو، ۽ مان موتيءَ جو شعر جهونگاريندي،
اميگريشن واري عرب کي پاسپورٽ ڏيکارڻ لڳس.
ويا، پر ويا مرڪندي موڪلائي،
ائين غم وڇوڙي جو هلڪو ڪيائون. |