سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ترورا

صفحو :2

آمريڪي شاعر والٽ وٽمئن لکي ٿو: ”آزاد نظم ظاهري طرح بي قاعدي آهي، پر ويجهو وڃبو ته ان ۾ هڪ باقاعدگي نظر ايندي، اهڙي باقاعدگي، جيئن سمنڊ جي ڪناري تي، ننڍيون ۽ وڏيون لهرون بار بار، ۽ بنا ڪنهن وقفي جي وڌنديون اينديون آهن، چڙهنديون رهنديون آهن.“

شيلي لکي ٿو ته ”نثر ۽ آزاد نظم جي وچ ۾ فرق، سمورو لکندڙ تي منحصر آهي ۽ صفحي تي لفظن جي ترتيب تي پڻ. اهو ڏٺو ويو آهي ته شعر کي ردم جي آزاديءَ جو وڏو ميدان (range) آهي. پنهنجي محدود گهاڙيٽي ۾ آزاد نظم، پنهنجي بي هيئتي (form leseness) ۾ به باقاعدگيءَ ڏي لاڙو رکي ٿو.

آزاد نظم، ايڪو خيال ۽ آواز جي وقفي کي چيو ويو آهي. انجو مثال هن فرينچ سٽ ۾ ملندو:

Des. Mirages/do leur visaze/gurde/le lac/de mes seu دي مي يو لُ لَڪ گارد دي ليئر وزاج ڊي ميراج هن ۾ پهريون وقفو دي ميراج کان پوءِ، ٻيو وقفو دي ليئر وزاج کانپوءِ ۽ ٽيون گارڊ کانپوءِ، ۽ چوٿون ل لڪ کان پوءِ آهي. انهن سڀني ۾ ماترائون گهٽ وڌ آهي، پر تڏهن به اندروني قافيو ۽ ائسوننس ردم پيدا ڪري ٿو. وقفا اتي ٿا اچن، جتي خيال به بيهي ٿو يعني گفتگو ڪرڻ وقت به جتي ڪاما، يا فل اسٽاپ ڏجي.

سنڌيءَ ۾ ترجمون ٿيندو.

پاڇا/سندن نظارن جا/ پهرو ڏين/ ڍنڍ/ اکين جي تي.

  پال ورلين جو هڪ مثال:

Ill faut voyez vous, nous pardoner, les choses tournez, tournez bon chevaux de bois (9) va, chanson, a tired, aile(7)

اِل فو، وايي وو- نو پارد وني لي شوز      (11 ماترائون)

تورني، تورني، بان شيوو دي بوا (9 ماترائون)

وا، شانسان، آيتير ديل            (7 ماترائون)

هن ۾ ورلئين بحر موجب هر مصرعي ۾ هڪ جيتريون ماترائون ڪتب نه آنديون آهن، پر هر مصرعي ۾ ٻه ٻه ماترائون گهٽ ڪندو ويو آهي- اها پڻ هڪ ترتيب (pattern) آهي. پر وزن روايتي آهي، ان قسم کي، جنهن ۾ روايتي وزن نئين ترتيب سان ڪم آڻجي، ورس ليبيري (Verse Livere) ٿا چون.

مٿين مثالن ۽ حوالن مان ظاهر ٿيو، ته آزاد نظم موجود بحرن ۽ وزنن کان هٽي، اڳتي وڌي، هڪ ذاتي ردم جي تخليق ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ۽ اهو ردم ماترائن جي ڳاڻاٽي جي بدران هڪ آواز ۽ خيال جي ايڪي سان وجود ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ خيال توڙي آواز هم آهنگيءَ سان گڏ هلن ٿا ۽ گڏ بيهن ٿا. جيئن ڳالهائڻ وقت وقفا ٿا ڏجن، جيڪي لکڻ وقت بيهڪ جي نشانين، دم اڌوم وغيره سان ظاهر ڪجن ٿا، آزاد نظم ۾ پڻ خيال جي پوري ٿيڻ سان وقفو ٿو اچي، جيڪو صوتي زيرو بم سان هم آهنگ ٿو ٿئي.

سنڌيءَ ۾ ان جو مثال هيئن ڏبو:

”رات، برسات پئي-ياد، آئي اوهان جي، مان اڪيلو ۽ برسات جي رات.“

ان کي نظم جي صورت ۾ هيئن لکجي:

رات

برسات پئي

ياد

آئي اوهانجي

۽ برسات جي رات.

ان مان ظاهر ٿيو ته بيهڪ جون نشانيون ئي شعر ۽ وقفو آهي ۽ لفظي ردم- رات برسات ياد وغيره انهي نظم جا ايڪا (units) آهن.

هيءُ ته ٿيو آزاد نظم جي ٽيڪنيڪ جي باري ۾. آزاد نظم کي ڪن نقادن ”گهاڙيٽي ۾ انقلاب“ ته ڪن ”گهاڙيٽي ۾ فساد“ سڏيو آهي. ڪن ان کي ”آدرشي غير محدود ذريعو (medium) جيڪو لامحدود آزاديءَ جي مترادف هجي ۽ وزن جي پابندين جي خلاف هجي.“ جهڙن جملن سان تعبير ڪيو آهي. بهرحال آزاد نظم، نظماڻي نثر کان وٺي، نثري نظم تائين ڦهليل آهي ۽ انهن جي وچ ۾، آزاد نظم جا ڪيئي قسم آهن. انهن قسمن ۾ درجي (degree) جو فرق آهي، پر قسم (kind) جو فرق ناهي. انجيل جي ڪن آيتن، توڙي فرينچ اديب ۽ شاعر وڪٽر هيوگو جي ناول لي مزر ابل (les Miserables) جي ڪن حصن کي به آزاد نظم سڏيو ويو آهي، ڇو ته انهن ۾ ردم جو عنصر موجود آهي.

مشهور فرينچ شاعر بود ليئر لکيو آهي ته، ”معجزو اِهو آهي، ته نظماڻو، نثر، سواءِ بحر وزن ۽ سواءِ قافيي جي، موسيقيت سان ڀرپور آهي.“

بود ليئر هڪ خط ۾ لکيو: ”اسان مان ڪير آهي، جنهن جو هنن ڏينهن ۾ اهو نصب العين آهي، ته هو نثراڻي نظم ۾ هڪ معجزو جاڳائي، جيڪو ردم، توڙي قافيي کان سواءِ به مترنم هجي، ڪافي لچڪيدار به هجي، ۽ اوچتو ۽ تڙپندڙ پڻ. جيئن اهو ردمي جنبش کي حاصل پڻ ڪري سگهي، جيڪو ضمير جو اوچتيءَ اڇل سان، خوابن جي لهرن وانگر گونجي.“

اهڙو نثر اڻو نظم، خود بود ليئر جو ئي آهي، جيڪو اهڙو معجزو جاڳائي ٿو:

Quiaines tu-le mieux homme enginatiqee.

ڪي ايّم تُه ــــــــ لُ مِيُه اومّ آنجگما تيڪ-

توکي ڇا ٿو وڻي اي مرد پروليءَ جهڙا؟

Dis, to ton pere, a mere, te saur, ou ton frere?

دي- تان پيئر- آمِيئر - تاسوئر - اُو تان فريئر؟

چئو - تنهنجو پيءُ- تنهنجي ماءُ- تنهنجي ڀيڻ، تنهنجو ڀاءُ- انهي سڄي نثراڻي نظم ۾ اندروني قافين ۽ خيالن جي هم آهنگي آهي. هن کي نه مٽ مائٽ وڻن ٿا، نه سونهن، نه سون، سون سان ته هو نفرت ڪري ٿو- نيٺ شاعر پڇيس ٿو ته آخر تو کي ڇا سان پيار آهي؟ او: انو کان اجنبي-؟ هو جواب ٿو ڏئي:

”مون کي ڪڪرن سان پيار آهي- گذرندڙ ڪڪرن سان.“

آزاد نظم جا ڪيئي قسم آهن. مئنسيل جونس جي راءِ ۾ آزاد نظم، عام نظم ۽ verse libere جي وچ ۾ آهي ۽ ٻئي طرف ردم وارو نثر، ۽ verset آهي.

دوجاردئين جي خيال ۾ ”آزاد نظم عام نظم ۽ نظماڻي نثر جي وچ تي آهي.“

”آزاد نظم ناڪاري (negative) آهي. ڪنهن به ترتيب (pattern) يا قسم (type) سان نه ٿو ٺهڪي.“

”آزاد نظم اهو آزاد ٿيل گهاڙيٽو آهي، جنهن اڻويهين صديءَ جي آخري جي فرينچ شاعرن جي عظيم ردمي آزاديءَ ۽ ندرت جون ضرورتون پوريون ڪيون.“

ازراپائونڊ جو رايو بلڪل صحيح آهي ته، ”آزاد نظم جي مختلف قسمن جي (classify) درجه بندي ڪرڻ جو ڪوبه فائدو ڪونهي، ڇو ته اها هڪ نراجيت (anarchy) آهي، جيڪا وسيع طور تي ضرورت کان وڌيڪ ڪئي وئي آهي. (آهي(over done .

بريرٽن جي راءِ ۾ به ”آزاد صنفن جي ڪابه درجابندي (classification) نه ٿي سگهندي آهي. اها پيچيده ڳالهه آهي. نظماڻي نثر ۽ نثري نظم جي وچ ۾ به پيچيدگي آهي. ڪن ليکڪن وٽ نثراڻو نظم ۽ آزاد نظم هڪ ٻئي کان مختلف نه ٿا لڳن، ان ڪري انهن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ اجايو ٿيندو.“

بهرحال آزاد نظم متعلق پڙهندي هيٺيان مختلف نالا نظر آيا، جن ۾ فرق رڳو درجي (degree) جو آهي ۽ هڪ ٻئي سان رلمل ٿي (over lap) ڪن ٿا، ايتري قدر جو هڪڙو ٻئي کان مختلف نه ٿو لڳي:

Verse libres-verse libere-verse irregular, polyphonic prose, verset free verse, blank vers. Prose pocme, poftic prose.

قافيو نظم لاءِ لازمي سمجهيو ٿو وڃي. قافيي کانسواءِ نظم جو تصور ئي ممڪن نه ٿو سمجهيو وڃي. قافيي جي پابنديءَ جي سببان شعر جو مضمون قافيي تي ٻڌو ٿو وڃي ۽ بحر جي پابنديءَ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڀرتيءَ جا لفظ وجهي، ۽ ڪٿي ڪٿي زوريءَ لفظ ڪيرائي، وزن تي مصرعا بيهارڻا ٿا پون.

آزاد نظم ۾ ان ڪري ئي قافيو ۽ بحر لازمي نه ٿو ليکيو وڃي، جيئن ان ۾ مفهوم صحيح، بنا ڪنهن ڀرتيءَ جي ادا ٿئي ۽ لفظن کي زوريءَ ڪيرائڻ جي ڪري ردم تي فرق نه پوي.

پال ورلئين لکيو آهي ته ”قافيو ايترو ضروري نه آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته اهو برو به لڳي ٿو—هلڪو قافيو استعمال ڪجي يا assonance کان ڪم وٺجي.

”قافيي کي تبديل (modify) ڪرڻ گهرجي. نظري قافيو (جيڪو صورتخطيءَ جي هڪ جهڙائيءَ تي ٻڌل آهي) جي ختم نه ڪجي، ته ان ائسوننس سان گڏ پڻ آڻجي.“

صورتخطيءَ ۾ هڪ جهڙائيءَ جي قافيي وارا قدامت پسند، خالق ۽ مالڪ جي قافيي کي قبول نه ڪندا ڇو ته ان ۾ آواز ته هڪ جهڙو آهي، پر صورتخطي هڪ جهڙي نه آهي. گستائو کان به ساڳي ڳالهه چوي ٿو ”قافيو نه رڳو مصرعي جي آخر ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر وچ ۾ پڻ.

”قافيو ۽ بحر وزن ٻڌڻ جي پراڻي عادت آهي. ان کي ايترو جلد ختم نه ٿي ڪري سگهيو ويو. جديد موسيقي به ساڳي طرح آهي. آوازن جي ترتيب، جيڪا ويهين صديءَ ۾ نارمل ليکي ٿي وڃي، اها اڻويهينءَ صديءَ جا ڪن برداشت ئي نه ڪري سگهن ها. قافيي کي بلڪل نيڪالي مليل ناهي، پر اهو ساڳي شاعر جي مختلف شعرن ۾، باقاعدگي سان ياد ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿو يا صفا غير موجود پڻ آهي.“

سئنڊرس لکي ٿو: ”آزاد نظم ٻين رائج صنفن کان ان ريت مختلف آهي، جو ان ۾ آخري قافيو نه هوندو آهي.“

مٿين حوالن مان معلوم ٿيو ته صورتخطيءَ جي هڪ جهڙائي وارو قافيو بلڪل ضروري ناهي، اهو ئي لازمي آهي ته قافيو هر سٽ جي آخر ۾ ٺهيل ٺڪيل ترتيب (غزل، مسدس، رباعي وغيره وانگر) اچي. قافيو نه رڳو سٽ جي پڇاڙيءَ ۾، پر وچ ۾ به اچي سگهي ٿو ۽ جي نه هجي ته به فڪر ناهي. قافيي جي جاءِ تي ائسوننس (assonance) پڻ ڪتب آڻي سگهجي ٿو.

شاعري، موسيقيءَ سان ڳوڙهو ڳانڍاپو رکي ٿي. آزاد نظم ۾، قافيي کي پاسيرو رکي، مصرعي ۾ ماترائن جي تعداد کي پري ڪري، رڳو موسيقيءَ تي ئي مدار رکڻو پوي ٿو.

موسيقي جيڪا اچارن ۽ آوازن تي گهٽ وڌ زور ڏيڻ ۽ assonance سان پيدا ٿئي ٿي. ڪلاسيڪل راڳن جا ٻول سڀ هڪ جيترين ماترائن تي ٻڌل نه هوندا آهن. ساڳيا ٻول ٿورين گهڻين ماترائن تي مينڊن ۽ مرڪين سان ڳائي سگهيا آهن.

ٽي ايس ايليٽ لکي ٿو: ”مان ڀانيان ٿو شاعر موسيقيءَ جي اڀياس مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. شاعر لاءِ موسيقيءَ جي ڄاڻ ڪيتري قدر ضروري آهي، اها خبر نه اٿم، پر اهو منهنجو يقين آهي، ته موسيقيءَ جون خاصيتون جن سان شاعر جو تعلق آهي اهي آهن: جي ردم ڄاڻ، ترتيب، structure) جي معلومات منهنجي خيال ۾ شاعر کي موسيقيءَ جي هڙڪ جهڙاين (anegiool) سان ويجهو ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي.“

ارراپائونڊ لکي ٿو: ”ڪوبه ايڏو بي وقوف ناهي، جيڪو موسيقار جي چئن ماترائن لاءِ چوي ته هميشه مصرعي ۾ چار چار ماترائون استعمال ڪريو. موسيقار، اڌ، چوٿو ۽ اٺون حصو يا ٻي اهڙي ڪا به ترتيب استعمال ڪري سگهي ٿو، جيڪا هن کي سهڻي لڳي (پهرين مصرعي ۾ اٺ، ٻئي ۾ چار، ٽئين ۾ ٻه ۽ چوٿين ۾ هڪ ماترا)- (تنوير).

موسيقيءَ جي اها حقيقت جي شعر تي استعمال ڪبي، ته ”آزاد نظم جي خبر پئجي ويندي.“

هو اڳتي لکي ٿو ته ”شاعري لفظن کي موسيقيءَ ۾ ڪمپوز ڪرڻ آهي موسيقيءَ جو مقدار (quality) گهٽ وڌ ٿئي ٿو، پر شاعري جڏهن اها موسيقيءَ کان الڳ ٿئي ٿي، ته خشڪ ٿي، سڪل گلن جيان وکري ٿي وڃي.

شاعريءَ کي خطاب يا تقرير جيان نه، پر موسيقيءَ وانگر پڙهڻ گهرجي.

”شاعر، جيڪي موسيقيءَ سان دلچسپي نه ٿا رکن، اهي ته برا شاعر آهن يا اڳتي هلي برا شاعر ٿيندا- مان ته اهو چوندس، ته شاعرن کي گهڻو وقت موسيقيءَ کان پري رهڻ نه گهرجي. جيڪي شاعر موسيقيءَ جو اڀياس نه ٿا ڪن، اهي عيبدار آهن. ان مان منهنجو اهو مطلب نه آهي ته انهن کي موسيقي جو سڄو درسي مطالعو ڪرڻ گهرجي.“

مٿين حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هونئن ته شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جو گهرو لاڳاپو آهي، پر آزاد نظم لکڻ واري شاعري لاءِ موسيقيِ جو اڀياس ۽ ان جي ڄاڻ تمام ضروري آهي. ڇو ته موسيقيت کان سواءِ آزاد نظم جو تصور ئي ناممڪن آهي.

عام طرح فرينچ شاعري گستائو کان کي آزاد نظم جي موجد سمجهيو ويندو آهي، پر مئينسل جونس موجب ”گستائو کان (Gustav Khan) سڀ کان پهرين آزاد نظم لکندڙ هو يا نه، پر هو آزاد نظم جو سڀ کان پهريون ۽ وڏي ۾ وڏو پروپئگنڊا ڪندڙ هو.“ انڪري ئي هن کي ’فرينچ شاعريءَ کي آزادي ڏياريندڙ، سڏيو ويندو آهي.

هونءَ ته آزاد نظم جا آثار بائبل ۾ به ملن ٿا، ۽ مشهور فرينچ اديب وڪٽر هيوگو جي ناول لامزربل جي ڪيترن ئي فقرن کي آزاد نظم چئي سگهجي ٿو. پر شپلي جي تحقيق موجب انگلنڊ مئڪنرسن جون Ossian poems ۽ فرانس ۾ بودليئر جون Petits poemsen brose (1836) ۽ آمريڪا ۾ والٽ وٽمئن جي leaves of grass آزاد نظم جون پهريون ڪوششون آهن. پر انهن سڀني کان اڳ، جرمنيءَ ۾، نو واليز جو hymns to the night (1801) آزاد نظم جو سڀ کان آڳاٽو ڪتاب آهي. آزاد نظم جي موجد هجڻ جي ٻين دعويدارن مان، پيروءَ جي شاعره ڊبلا روئڪا، ۽ ميڊم ميري ڪسنڪا آهن فرينچ شاعر لافارگ ۽ گستائو کان، انفرادي طرح ڌار ڌار، ۽ ساڳي وقت آزاد نظم لکيا، پر فرانس ۾ آرٿر رامجو، چوڏهن پندرهن سال اڳ پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان آزاد نظم لکي چڪو هو. 1886ع ۾ هن جو مجموعوليز اليو مينيشان (les illuminations) ڇپيو. فرينچ مخزن لاووگ (la vogue) ۾. آمريڪي شاعر والٽ وٽمئن جا ترجما 1883 عيسويءَ ۾ ڇپيا، جيڪي آزاد نظم هئا. انهن جو اثر فرينچ آزاد شاعريءَ تي ٿيو.

والٽ وٽمئن جا ترجما فرينچ شاعر ولي گرافن به 1888ع ۾ ڪيا- 1889ع ۾ ولي گرافن جو پنهنجو آزاد نظمن جو مجموعو شايع ٿيو. ولي گرافن کي به آزاد نظم جي موجدن مان سمجهيو وڃي ٿو- ۽ آزاد نظم لاءِ ڪيل سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org