موتيءَ کي مون ننڍي هوندي ٻارن جي رسالي ’ٻال
سندش‘ ۾ پڙهيو. هو ڀارت ويو ته هن سان خط ڪتابت
ٿي. مون کيس ۽ هن مونکي ڏاڍيءَ اُڪير سان پنهنجو
شعري مجموعو موڪليو. رشيد ڀٽي اياز سان هندستان
ويو ته موٽي اچي ٻڌايائين ته ”موتيءَ جي شڪل شبيهه
صفاتو جهڙي آهي، ان کان پوءِ جيڪي به دوست ساڻس
مليا تن اها ڳالهه ڪئي، منهنجي دل ۾ الائي ڇو
موتيءَ جي شڪل شبيهه صفاتو جهڙي آهي، ان کان پوءِ
جيڪي به دوست ساڻس مليا تن اها ڳالهه ڪئي، منهنجي
دل ۾ الائي ڇو موتيءَ لاءِ اُڪير وڌندي ويئي.
1984ع ۾ موتي، ڪلا ۽ موهن گيهاڻي ڪراچيءَ آيا.
خيرپور مان موتي سان فون تي ڳالهائيندي محسوس ٿيو
ته ڄڻ پنهنجو ئي آواز ٻڌي رهيو آهيان. ان رات قمر
چيو، ”زندگيءَ ۾ توکي ايترو خوش نه ڏٺو اٿم. آخر
ڳالهه ڇا آهي؟“
مون چيس، ”سڀاڻي موتيءَ سان ملڻ ڪراچيءَ هلڻو
آهي.“
ڪراچيءَ جي انهن ملاقاتن جو ذڪر موتيءَ ۽ ڪلا
پنهنجن سفرنامن ۾ ڪيو آهي، انڪري ان باري ۾ وڌيڪ
نه لکندس.
محفل رنگ تي آئي ته شاعريءَ جو دور شروع ٿيو.
پهريائين مون پنهنجو نظم پارس ٻڌايو. ان کان پوءِ
تازا لکيل هائيڪا پڙهيم. جڏهن مان ان هائيڪو تي
پهتس:
ڳراٽيون ڳوڙها
مليا سالن بعد ۽
ڀاڪر ۾ سوڙها.
ته نارايڻ شيام مونکي ڀاڪر ۾ وٺي ڪري ڀڪوڙيو. اسان
ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
آخر ۾ مون پنهنجي انهي ئي شام جو دبئيءَ ۾ سرجيل
هائيڪو پڙهيو:
’هيءَ دبئيءَ جي شام
منهنجي سامهون آرسي
هيءُ نارايڻ شيام.‘
مون کان پوءِ نارايڻ شيام پنهنجي ماٺي، گنڀير، مٺي
۽ سٻاجهي لهجي ۾ پنهنجا تازا غزل ٻڌائڻ شروع ڪيا.
شيام شعر پڙهندو ويو، ڄڻ محفل تي تازن ٽڙيل ٽانگر
جي هلڪن، سرهن نفيس اڇن گلن جي ورکا ٿيندي ويئي.
اٿي، ڇرڪي، ڪاوڙجي ۽ مسڪرائي
ڪئي ڪنهن هيس پير ۾ ڪتڪتائي
وڇوڙي ۾ پهرينءَ نظر جون سنڀارون
ڪٿان جي ڪڏهن ۽ ڪٿي ياد آئي
ڪلهي تي تنهنجو رکي سر مون سک ڪيو حاصل
ڪلهي تي تنهنجي رکي سر مون دک ڪيو هلڪو
هئي ته شيام فقط هڪ گلاب جي ڪونڊي
تڏهن به گهر جو اڱڻ ڀانءِ جهڙو باغيچو
ايڏي اصليت، ايڏي ندرت. مون موتيءَ کي چيو ته:
موتي تون مون کي شيام جا اهي غزل فوٽو ڪاپي ڪرائي
ڏي، مان شيام تي هڪ ڀرپور مهاڳ لکي، اهي سنڌ ۾
ڇپائيندس.
شيام کان پوءِ موتيءَ جو وارو آيو. موتيءَ ضد ڪري
پهرين منهنجا ۽ شيام جا شعر ٻڌايا، پوءِ پنهنجا
شعر پڙهيائين، موتيءَ جي شعرن ۾ سندس فطرت جو قرب،
محبت، ۽ اڪير ڪنا تار ڀريل هوندا آهن. اصل ’وٽ سر
گهرن وٽيون وانگر.‘ هو پڙهندو ويو، سڀني جي دل
ڀڄندي ويئي.
پاڻياريءَ جا پير
پوڄيو پوڄيو پوڄيان
هنجن جوڙي هنج ۾
اڏندي ڪئي اوير
اڌيءَ کان اسانکي ٿين ٿا اشارا
اچو ڪونڌرو ۽ اچو قرب وارا
نه سي پسج پارا نه سي سيءَ سائين.
ته سالن کان سنبرون ٿي سنڌ جا سيارا
اچو مئه پرستن جي محفل ۾ موٽي
رهي کن ٻه رهنديون هي گهاٽيون گهٽائون
نه ڪن ها نه ڪن ها ڪنڌيءَ تان اشارا
الا ڇو نه لهرن ۾ لوڙهي ڇڏيائون
ويا پر ويا مرڪندي موڪلائي
ائين غم وڇوڙي جو هلڪو ڪيائين
هنن شعرن ۾ سنڌ جي سيارن جي ياد آهي. پاڻياريءَ
پير جي ڳالهه آهي، موتيءَ سنڌ جي انهن نظارن کي
جيڪي هن رڳو ننڍپڻ ۾ ڏٺا، ڪيئن اڃا تائين پنهنجي
ڪنن ۾ چٽو ۽ صاف رکيو آهي؟
موتيءَ کانپوءِ موهيءَ جو وارو آيو، واسديو موهي،
رچنا جو ايڊيٽر. ادب جي گنڀير شخصيت. ڀارت ۾ ’نئين
ڪويتا‘ جي بنياد وجهندڙن ۽ وڌائيندڙن مان هڪ.
ڳالهائيندو ٿورو، پر مقصد جو، ۽ ادب جي باري ۾،
ادبي مسئلن جي باري ۾، ادبي شخصيتن جي باري ۾. هڪ
ڏينهن اڳ سندس جنم ڏينهن هو. انڪري گوپ هر هر کيس
چيڙائڻ لاءِ ٿي چيو، ”موهي تون اڃا ڪلهه ڄائو
آهين، تون نه ڳالهاءِ.“
”ڳالهاءِ نه، پر اوئان اوئان ڪر.“ ڪنهن چيو.
وري گوپ چيو، ”هفتي کان پوءِ موهيءَ جي ڇٺي
ملهائينداسين. ان ڏينهن موهيءَ کي کير جي بوتل
پيارينداسين ۽ کيس اوئان اوئان ڪرڻي پوندي.“ گوپ
چيو.
وڌيڪ چيائين، ”اڄ ڀلي جيڪو وڻيس سو پيئي، پر ان
ڏينهن کيس ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويندو.“
ان اڻ گنڀير ماحول ۾، موهيءَ پنهنجي نئين ڪويتا،
ٻڌائڻ شروع ڪئي. ماحول يڪدم گنڀير ٿي ويو. اهو غزل
هن احمد آباد ۾ گولي هلڻ جي واقعي کان متاثر ٿي
لکيو آهي:
در تي ٺڪ ٺڪ نه آ هٿوڙو آ
قرض تنهنجو کڻي ڏٺو آهي
موت جي ڄاڻ سرڳ واسين کي
زندگيءَ کي ڏسي ڏٺو آهي
لاش بيبوءَ جو آهي پڪ آ امان
ڪپڙو سوري وري ڏٺو آهي.
اڻ گنڀير محفل گنڀير ٿي ويئي. موهيءَ کي شيام سوڌو
سڀني اٿي اٿي داد ڏنو. خاص ڪري آخر شعر تي. نئين
ڪويتا ۾ ڀارت جي سنڌي شاعرن، پنهنجي دور جي عڪاسي
ڪرڻ شروع ڪئي آهي ارجن حاسد ۽ موهي ان جا سٺا شاعر
آهن. هن شعر ۽ لاش اچڻ تي، وارثن کي پڪ نه ٿي ٿئي
ته ڪو اهو بيبوءَ جو لاش آهي. متان ڀلي هجي، متان
ڪنهن ٻئي جو لاش هجي. ان ڪري ڪپڙو سيري ڏسي وري پڪ
ٿا ڪن. انهن ٻن سٽن ۾ دور جو ڪيڏو نه درد سمايل
آهي.
موهيءَ کان پوءِ گورڌن شرما جو وارو آيو گورڌن
شرما جي شعر ۾ سادگي ۽ اڪير ۽ وطن وارن ڏانهن
سنيها ۽ سلام هئا. انداز ۽ جذبا نت نوان هئا.
گورڌن پهرين هڪ نظم ٻڌايو:
ڏاهپ ۽ ڏنگائيءَ جو فيصلو
ڏاهو ۽ ڏنگو ڪري به نه سگهندا
کين ائين ڪرڻ به گهرجي.
اهو نظم ڏاڍو گنڀير هو. موضوع نئون، ان کان پوءِ
هن ٻيو نظم ٻڌايو، جنهن ۾ سنڌ وارن لاءِ سلام هئا:
اج صبا ڏج تون وڃي دلدار يارن کي سلام
ڪيتريون اکڙيون وڇايل راهه ۾ ايندءِ نظر
ڦاڳ جا وڻ جا ۽ نم جا ڏسج هوندا چشم تر
جن سان گهاريم ڪي گهڙيون تن قربدارن کي سلام
ان کان پوءِ گوپ ڪمل شعر ٻڌايو:
رکيو ٿي يار کٽ تي پير پر اٿان اٿان ڪندو
صدين پڄاڻان هو مليو هو پر وڃان وڃان ڪندو
الائي ڇو بيهي ويو هو قافلو حيات جو
اڻيو ته ڏاڍي سان سان هيو وڌان وڌان ڪندو
موهن گيهاڻيءَ هڪ تاثر پڙهيو، جيڪو ڀرپور تاثر هو.
”مون کي چؤ واٽي تي آڻي
پٿر هڻڻ لاءِ گڏ ٿيا.
ڪنهن بزرگ جو آواز گونجيو:
هن کي پهريون پٿر اهو هڻي جنهن گناهه نه ڪيو آهي.
۽ صدين کان بيٺو آهيان
مان ان چو واٽي تي-.“
آخر ۾ روپ مٺي، سريلي، ۽ درديلي آواز ۾ ڪافي ڳائي.
آين منهنجو اچڻ اڻانگو الا
قسمت لايا وڃي ڏينهن
ماري اباڻا نينهن
درد جو آواز، ائين جيئن وير سمنڊ کان جدا ٿي، سمنڊ
ڏي ورڻ چاهي، جيئن ڪونج، ولر کان وڇڙي ڪرڪي.
شينهن جي ماري ڪين مئي ڙي
ماري اباڻي نينهن.
اهو اباڻو نينهن دل کي ميڻ ڪيو ڇڏي، روپ جي ڪافيءَ
جو داد سڏڪن ۾ ڳوڙهن سان ڏنو.
جمعي ڏينهن سڀني کي موڪل هئي، سڀ دوست پنهنجي ٻارن
سميت ’العين‘ سنبريا. العين ابوظعبيءَ جي اُمارت
جو سٺو شهر آهي. موتيءَ بس هٿ ڪئي، صبح جو نڪرندي
نڪرندي يارهن ٿي ويا، بس شهر کان ٻاهر نڪتي ته
سڀني پاسي اڻ کٽ بيابان نظر آيو. ڳاڙهسريءَ واريءَ
جون ڀٽون، نيڻ نهار تائين برپٽ، نه ماڻهو نه مرون
نه پکي، ڪٿي ڪٿي ڪو اٺ نظر آيو پئي نه ته وڃي ٿيو
خير. رستو شاندار هو. اٺن جي لنگهڻ وارين جاين روڊ
سائين لڳل هئي ۽ ان تي اُٺ ڇاپيل هو، ان جو مطلب
هو ’اٺن جو لنگهه آهي، سنڀالي هلو.‘ جي حادثي ۾ ڪو
اٺ مري پوي ته ان جو ڳرو عيوضو ڏيڻو پوي. جي ماڻهو
مري پوي ته وڌيڪ عيوضو، پر جي عرب مري پوي ته سڀ
کان وڌيڪ پئسا ڀري ڏيڻا پون. قاضي ڪورٽون، منٽن جا
فيصلا، انڪري ئي ڊرائيور ڏاڍا خبردار آهن ۽ ٽرئفڪ
منظم آهي.
ٿورو مفاصلو اڳتي هلياسين ته واريءَ جو طوفان
(Sand Storm)
لڳڻ شروع ٿيو. چوطرف واري ئي واري، زمين کان آسمان
تائين فضا واريءَ سان ڌنڌلي ٿي ويئي. رڳو ڪجهه
فوٽن تائين نظر ٿي پيئي. دوستن ٻڌايو ته گرميءَ م
اهي طوفان عام هوندا آهن، اوهان ته اڃا چڱيءَ موسم
۾ آيا آهيون. سامهون رستي ڏي نهاري ائين لڳو، ڄڻ
واريءَ جون لهرون، ساڄي کان کاٻي، رستي مٿان لنگهي
رهيون آهن، سڄو رستو هوا ۾ وهندڙ واريءَ سان ڍڪجي
ويو. مون چيو ته ”واريءَ جو طوفان پهريون دفعو ڏٺو
اٿم.“ ان تي دشيءَ (دشينت، موتيءَ جي کلمک ڀائٽي)
مونکي سڏي، پنهنجي ڀرسان ڊرائيور جي ڀر واري سيٽ
تي وهاريو ۽ چيائين، ”اتان اهو نظارو چڱيءَ طرح
ڏسي سگهندو.“
دشيءَ ٻڌايو ته ”عرب مٿي تي ڪپڙو ۽ نوڙ ان طوفان
سببان رکندا آهن. جي طوفان لڳندو آهي، ته هو ڪپڙي
سان منهن ڍڪي ڇڏيندا آهن جيئن واري اکين، نڪ يا
وات ۾ وڃي نه سگهي. ۽ ڪپڙي مٿان نوڙ انڪري ٻڌندا
آهن، جيئن اهو ڪپڙو هوا ۾ اڏامي نه وڃي.“
هر ملڪ جي پوشاڪ انجي جاگرافيائي حالتن مطابق
هوندي آهي.
دشي، پنهنجي کلمک طبيعت موجب سڄي واٽ لطيفن سان
وندرائيندو رهيو، ۽ جئه (شيام جو پٽ) هن کي رکي
رکي لاڳ ڏيندو رهيو. هن سکن جي باري ۾ ڪيترائي
نوان لطيفا ٻڌايا جيڪي منهنجا اڳ ٻڌل نه هئا، هن
سنڌين جي باري ۾ هڪ لطيفو ٻڌايو:
”آمريڪا کي پهريون دفعو پولار
(Space)
۾ ماڻهو موڪلڻا هئا، هنن پنهنجا آمريڪي نه پي
موڪليا، ڇو ته پهريون دفعو هو، ڊپ ٿي ٿين ته متان
مري پون، انڪري اخبار ۾ اشتهار ڏنائون ته جيڪي
پولار ۾ وڃڻ لاءِ تيار هجن اهي انٽرويو ڏيڻ اچن.
”سڀ کان پهريائين هڪ گجراتي آيو. هن چيو ته ’لک
رپيا وٺندس.‘ آمريڪين پڇيس، ’ايترا گهٽ ڇو؟‘
چيائين، ’ويشنو ماڻهو آهيون، ماس مڇيءَ کان پري،
ان ڪري ٻارن جي گذر لاءِ اهي لک روپيا ڪافي
ٿيندا.‘ گجراتيءَ کان پوِ هڪ سردار (سِکُ) آيو. ان
اچڻ سان چيو ته ’مان ٻه لک وٺندس.‘ پڇڻ تي
ٻڌايائين ’پولار ۾ مري پيس ته پٺيان زال ٻار اٿم،
دارون پيئندا آهيون. ماس مڇي کائيندا آهيون، انڪري
ٻارن کي گذر سفر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک ته هجن.‘
آخر ۾ هڪ سنڌي انٽرويو تي آيو. هن ٺهه ڦهه چيو ته
”مان پنجن لکن کان گهٽ هڪ پائي به نه وٺندس.“
آمريڪي حيران ٿي ويا ۽ پڇيائونس، ’آخر ايڏي وڏي
رقم ڇو ٿو گهرين.‘ هن چيو، ’اوهان کي ٻه ماڻهو
موڪلڻا آهن. نه؟ لک رپيو گجراتيءَ کي ڏيندس ۽ ٻه
لک سردار کي ڏيندس. پولار ۾ اهي ٻئي ويندا. وري به
مونکي بنا سيڙپ جي ٻه لک بچندا، انهن مان پنجاهه
هزار توهان وٺجو. وري به مونکي صافي ڏيڍ لک ته
بچندو نه.“
ان لطيفي مان سنڌي واپاري ڪلاس جي سموري نفسيات ۽
هن جي ترقيءَ جو پس منظر آڏو اچي ٿو وڃي، ته ڪيئن
بنا پئسي، خالي هٿن سان، رڳو دماغ جي زور تي هن
ترقي ڪئي آهي.
بس هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي وٽان لنگهي، جايون ڪوارٽرن
وانگر هيون، پر پڪيون. هن ملڪ جي لحاظ کان اهي
غريباڻيون پئي لڳيون، پر تڏهن به انهن مان هر هڪ ۾
ايئرڪنڊيشن لڳل هو. موتيءَ ٻڌايو ته هتي ٿورو هليل
سيڪنڊ هئنڊ ايئرڪنڊيشن ڇهن سون رپين ۾ ملي. ڪو
مسئلو ئي نه آهي.
بس ڪنهن شهر، ڳوٺ يا وستيءَ وٽان پئي لنگهي ته
ائين پئي لڳو ڄڻ اسان بيابان ۾ آهيون ئي ڪونه.
چونڪن تي ڇٻر، گل، وڻ، ڄڻ هن ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ
ئي نه آهي. حالانڪ هن ملڪ ۾ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾
تيل واريءَ ريتيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، جن
سان هڪ سلو به ڦٽي نه ٿو سگهي، پر اهو پئسي جو
ڪمال آهي. مٽيءَ جا جهاز ڀرجي ٻاهران اچن. اها
ساوڪ ۽ سبزي، ڪاري سون (تيل) جو ڪرشمو به آهي، ته
محنت ۽ ايمانداريءَ جو نتيجو پڻ.
منجهند ڌاري العين پهچي وياسين. العين هڪ جديد شهر
آهي. ان ۾ گهڻو ڪري گهڻ ماڙ عمارتون آهن، انهن ۾
دبئيءَ وانگر ڪٿي ڪٿي يورپي طرز تعمير ۾ مقامي ۽
روايتي عمارت سازيءَ جا خوبصورت اشارا آهن. قبن ۽
ونگن جا اشارا.
رستا ويڪرا ۽ هموار، شاهي چوڪ، وڏا وڏا رائونڊ
ابائوٽ (چؤسل) جيڪي چهچ سائيءَ ڇٻر سان ڍڪيل، سهڻن
گلن ۾ شاندار وڻڻ سان سينگاريل.
بس تازي اڏيل العين يونيورسٽيءَ وٽان لنگهي.
شاندار، خوبصورت عمارتون، ڇٻرن، گلن ۽ وڻن سان
سينگاريل. پري کان هڪ رائونڊ ابائوٽ تي سائي رنگ
جو اٺ ويٺل نظر آيو. اٺ، ۽ رائونڊ ابائوٽ تي ويٺل،
سو به سائي رنگ جو. مون کي ڏاڍو عجب لڳو. جڏهن بس
ان رائونڊ ابائوٽ کي ويجهو پهتي ته منهنجو عجب
تهائين وڌي ويو. ڊيوڊونا جو ٻوٽو، تمام وڏو ٻوٽو
تراشي، ان مان ويٺل اٺ گهڙيو ويو هو.
العين يونيورسٽيءَ جون عمارتون رعبدار، جديد ۽
شاندار آهن. عرب اميرن هاڻي تعليم ڏي ڌيان ڏيڻ
شروع ڪيو آهي. جڏهن تيل مان پئسو ڪمايو اٿن. دوستن
ٻڌايو ته عربن لاءِ نه رڳو تعليم مفت آهي، پر
هاسٽل، ڪپڙا، ڪتاب، ۽ کاڌو، سڀ مفت. مٿان وري جنهن
جا ٻار پڙهن، انهن جي مائٽن کي پئسا به ملن.
بس هلندي اچي چڙيا گهر
(Zoo)
تائين پهتي. ٻارن جو مڪو مچي ويو. زو تمام وسيع
هو. ان ۾ به وڻ- گل ۽ ڇٻرون هيون. ان ۾ ايتريون
گهڻيون جنسون
(Speceis)
نه هيون، جيتريون ڪراچيءَ جي زو ۾ آهن. پر گوريلا
مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هتي ڏٺا. ڪارا ڪارا ڪٺ،
هيبتناڪ، پر سست، ائين پئي لڳو ته گوريلا نه پر
گوريلن جا بت آهن. چرپر خير ڪا پئي ڪيائيون.
العين جو مڇي گهر ڪراچيءَ جي مڇي گهر کان وڏو ته
آهي، پر ان ۾ مڇين جا اهي مختلف رنگبرنگي ۽
خوبصورت نمونا ڪونه آهن، جيڪي ڪراچيءَ جي مڇي گهر
۾ آهن. هتي هڪ هڪ شوڪيس شاهي، پر مڇين جا نمونا
تمام ٿورا- ۽ سي به ايڏا خوبصورت نه.
ٻارن کي ننڍڙيءَ ريل جو سفر ڪرائي، پرڀائي، مس مس
ٻاهر ڪڍيوسين.
ٻاهر نڪتاسين ته در تي پشم گولن وارو بيٺو هو.
موهن گيهاڻيءَ مون کي ۽ قمر کي چيو ته ”ٻيا ٻار
ڪجهه چون نه چون پر شُرتي ضرور پشم گولن جي فرمائس
ڪندي.“
۽ ٿيو به ايئن، شرتي جيئن ئي ٻاهر نڪتي، پشم واري
کي ڏسي ڊوڙي موهن وٽ آئي، ۽ کيس ڪن ۾ ڪجهه چيائين،
موهن اسان ڏي نهاري مرڪيو. ڄڻ چوندو هجي. ’مون ٺيڪ
ٿي چيو نه؟‘ ۽ پوءِ موهن، شرتيءَ هٿان سڀني ننڍن
توڙي وڏن لاءِ پشم گولا موڪليا.
هر ڪنهن ٻار جي طبيعت نرالي آهي. هر ٻار توڙي وڏي
جا پنهنجا پنهنجا لاڙا، پنهنجي پنهنجي پسند ۽
پنهنجي پنهنجي ناپسند آهي.
بس ۾ پشم گولا کائيندي ننڍپڻ ياد اچي ويو. پشم
گولا، نرم نرم، لذيذ، وات ۾ وجهه، چٻاڙڻ کان
سواءِ، آهستي آهستي پاڻهي ڳري وڃن. ڳرندا وڃن،
مٺاڻ اوتيندا وڃن. |