عطا ٿورو ڳالهائيندو آهي ۽ گهڻو سوچيندو آهي. سندس
وسيع دل جي پيار سان ٽمٽار آهي. سندس دماغ سدائين
سنڌ جي بهتريءَ لاءِ سوچيندو رهندو آهي، سٻاجهو،
سلڇڻو ۽ قربائتو عطا.
ٻئي ڏينهن صبح صبح سان شيام اسانجي ڪمري ۾ آيو، ان
ڏينهن قمر جو شاپنگ جو پروگرام هو. مون ۽ شيام
ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. قمر چيو، ”توهان قسمت سان
مليا آهيو. ڀلي هڪ ٻئي سان ڀرپور نموني ۾ ڳالهيون
ڪريو. مان توهان جو وقت خراب نه ڪندس، اوهان ڀلي
اتي ئي هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺا هجو.“
اسان کي ڀلا ٻيو ڇا کپي، دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ ته
آيو هئس، واندڪائي هجي، ۽ ان وقت نارايڻ شيام آڏو
هجي، ان کان وڌيڪ خوش قسمتي ڇا هوندي.
مونکي قمر جو پيار ڀريو ساٿ نه ملي ها، ته مان
ادبي کيتر ۾ ايترو ڪجهه نه ڪري سگهان ها. سندس ساٿ
پيار ڀريو به آهي ته سمجهه ڀريو به، هن کي مون
وانگر سنڌ سان پيار آهي، ۽ منهنجي ادبي زندگيءَ جو
اونو. ادبي ڪم ڪرڻ لاءِ هميشه همٿائيندي رهي آهي ۽
ان لاءِ بهتر کان بهتر ماحول مهيا ڪري ڏيندي رهي
آهي.
صبح کان ويندي منجهند تائين شيام سان ڳالهه ٻولهه
ٿيندي رهي. شيام نه رڳو وڏو شاعر آهي پر وڏو عالم
پڻ. سندس شاعريءَ کي سندس مشاهدن ۽ تجربن سان گڏ
سندس وسيع علم ۽ اونهي اڀياس جو پس منظر آهي. هو
نه فقط هندي ۽ سنسڪرت جو ماهر آهي پر فارسيءَ جو
به عالم آهي. علم عروض تي پورو عبور اٿس، سندس شعر
عروضي قاعدن تي، جميعت الشعراءِ جي شاعرن کان به
وڌيڪ پڪو آهي. لفظ وات مان ڪڍ ته يڪدم ان جو ڌاتو
يا اشتقاق ٻڌائيندو. پوءِ اهو هنديءَ جو هجي، توڙي
عربي فارسيءَ جو. لفظن جي رعايت سان هلڪا هلڪا
لطيفا گهڙيندو ۽ ٻڌائيندو. فارسيءَ جي سڄي ڪلاسيڪي
شاعري پڙهيل. ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ وٽ فارسي
پڙهيو ته حاجي محمود خادم کان عروض سکيائين. هن
ٻڌايو ته لفظ ’ڏوهيڙو‘ هندي لفظ ’دو واها‘ مان
نڪتل آهي. واهه معنيٰ واٽ يا وسيلو، جيئن سنڌيءَ ۾
چئبو آهي، ؟ٻي ڪا واهه ڪانهي.“ ڏوهيڙو آهي ٻٽو
بيت، جيئن حمل فقير ۽ خواجه غلام فريد جا ڏوهيڙا
آهن، جيڪي ٻٽا بيت آهن.
تصوف تي ڳالهه نڪتي ته شيام ويدن مان هڪ سٽ ٻڌائي:
تت توم اسي- اهو تون آهين.
همه اوست- هر شئي ’هو‘ اهي، پوءِ جهيڙو ڇا جو؟
فساد ڇا لئه، خونريزي ڇو؟ سڀ ۾ هو آهي. هرهنڌ
مجبوب آهي.
شيام ٻي سٽ ٻڌائي:
اهم برهما امي- مان برهما آهيان.
انا ربڪ- مان تنهنجو رب آهيان. مون سوچيو، ساڳيو
خيال، ٻوليءَ جو فرق.
ايڪو اهم ٻهو سيامي- هڪ آهيان گهڻا ٿيان!
وحدت مان ڪثرت ٿي ڪثرت وحدت ڪل- هيءُ هلا چو هل با
الله سندو سڄڻين. تت توم اسي- اهو تون آهين. هيءُ
هلاچو هل تنهنجو آهي.
سچل سچ چيو آهي: مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.
شيام، لطيف جي بيتن ۾ هند جا فلسفي توڙي روايتن جي
اثر جي باري ۾ ٻڌايو. هن ويدن جي فلسفي تي هڪ ڪتاب
موتيءَ کان وٺي ڏٺو، جنهن ۾ ڏنل ويدن جا شلوڪ پڙهي
حيران رهجي ويس. ’هو هڪ آهي‘، ’هن جي ڪا شڪل نه
آهي‘،’هو ڪنهن مان ڄائون نه آهي.‘ ’هن کي سالڪ
مختلف نالن سان سڏين ٿا.‘ هن جو ڪو به عڪس نه
آهي.‘ منهنجا تاڪ لڳي ويا، ساڳيون ڳالهيون ته قرآن
مجيد ۾ آهن، مونکي داراشڪوه جي مجمع البحرين ۾
لکيل ڳالهه سو سيڪڙو سچ لڳي- هن لکيو آهي ته
وحدانيت ڪنهن مذهب جو ٺيڪو نه آهي.“
وري به سچل جون سٽون دل تي تري آيون:
ڪي نمازون نوڙي پڙهن ڪن مندر وسايا
او ڏا ڪين آيا عقل وارا عشق کي.
موهن گيهاڻي اچي ويو، واسديو موهي اچي ويو. هند ۾
سنڌيءَ ٻوليءَ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي- هند ۾
رسالا ٿورا- انهن جي سرڪيوليشن تمام گهٽ، پر تڏهن
به جوت جلندي ٿي رهي. وچ ۾ نئون نسل سنڌيءَ کان
پري هٽي ويو هيو، ڇو ته سنڌي پڙهڻ سان کين نوڪرين
ملڻ ۾ ڪو فائدو نه پئي پيو، الٽو مٿن هڪ وڌيڪ لپي
سکڻ جو بار پئي پيو. پر هاڻي نئون نسل وري سنڌيءَ
۾ چاهه وٺڻ لڳو آهي. جي يهودي ٻن هزار سالن کان
پوءِ به پنهنجي مئل ٻولي ۽ آثار قديمه واري لپي
جياري سگهن ٿا، ته سنڌي پنهنجي جيئري جا ڳندي ٻولي
۾ لپي ڇو نه ٿا قائم رکي سگهن. رڳو سنڌ ۽ هند جي
سنڌي اديبن، ڳائڻن، ۽ ٻين فنڪارن، توڙي ادبي رسالن
جي مٽا سٽا ٿئي، جيڪو ڪم في الحال سياسي حالتن ڪري
مشڪل آهي. اردوءَ جا اديب شاعر ڀلي آرام سان اچن
وڃن. ٻنهي ملڪن ۾ هر سال هر وڏي شهر ۾ ”هند پاڪ
اردو مشاعرا“ ٿين پر جيڪا ڳالهه اردوءَ لاءِ ٻنهي
ملڪن جي حڪومتن کي منظور آهي ۽ اها سنڌيءَ لاءِ نه
آهي. اهو ڇو؟ ان جو جواب تاريخ وٽ نه آهي. نارايڻ
شيام ۽ شيخ اياز، موتي پرڪاش ۽ تنوير، ڪلا ۽ قمر،
موهن ڪلپنا ۽ رشيد ڀٽي- الڳ هجن، نه ملن، ان ۾
تاريخ جو ڪهڙو راز آهي؟
مانيءَ جو وقت ٿيو، قمر شاپنگ تان موٽي آئي. شيام
سان گڏجي موتيءَ جي گهر روانا ٿياسين.
موتيءَ جي گهر واريءَ اٻهري لفٽ مان گهڻو ئي تڪڙو
نڪتاسين، پر دروازو سڀني جي ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ۾
بند ٿيڻ لڳو. شيام دروازي کي هٿ سان جهلي بيٺو،
جيئن سڀ آرام سان نڪري سگهون.
موتيءَ، روز وانگر مٺيءَ مرڪ ۽ کليل ٻانهن سان
مليو.
مون موتيءَ کان سندس ٿيسز لاءِ پڇيو. جيڪا هن
بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ڏني هئي. هن
چيو ته اها شيام وٽ آهي. موتيءَ وڏيءَ محنت سان
اها ٿيسز لکي آهي جنهنجو عنوان آهي ’سنڌي شاعريءَ
۾ استريءَ جو چتر.‘
مون چيو، ”ڀلي شيام ڏسي وٺي، ان کان پوءِ مان
ڏسندس.“
ان وچ ۾ موتيءَ مونکي پنهنجو سنڌ جو سفر نامون
ڏنو، جنهنکي مان پاڻ سان هوٽل جي ڪمري ۾ کڻي آيس.
موتيءَ اهو سفر نامو، 1984ع ۾ سنڌ جي سفر متعلق
لکيو آهي. ان ۾ موتيءَ 36 سالن بعد، ننڍپڻ ۾ ڇڏيل
سنڌ کي ٻيهر ڏسڻ تي پنهنجا تاثرات بيان ڪيا آهن.
هونءَ ته سڄو سفرنامو اهم آهي، پر ان سفرنامي جو
اهو حصو، جنهن ۾ هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ دڙي وڃڻ جو
بيان ڪيو آهي، اهو نه فقط سنڌي ادب جو شاهڪار آهي،
پر عالمي ادب ۾ هڪ انوکي شيءَ پڻ آهي. هڪ حساس،
معصوم شاعر، جنهن کي زوريءَ جلاوطن ڪيو ٿو وڃي، ۽
ذري گهٽ چاليهن سالن بعد اهي ماڳ ۽ مڪان ڏسي ٿو،
جتي سندس ننڍپڻ نسريو، ۽ اتي هن جي دل جا اڌما،
سندس احساس، ائين ٿو لڳي ته ان سفرنامي جي هر صفحي
تي موتيءَ جي ڇيهون ڇيهون ٿيل دل جون ڇيتيون آهن.
ڄڻ ان ۾ لکيل هر لفظ سندس دل جي رت سان رڱيل آهي.
منجهند جو آرام ڪيوسين، شام جو موهن گيهاڻيءَ وٽ
ماني هئي. شيام، مان، ۽ موتي، پنڌ سندس گهر وڃڻ
لاءِ نڪتاسين. قمر ۽ روپ (گيهاڻيءَ جي شريمتي) جو
بزار جو پروگرام هو، جتان سڌو موهن جي گهر اچڻيون
هيون.
موتي، مونکي ۽ شيام کي گهمائيندي ڦيرائيندي، ور
وڪڙ ڏيئي چڪر کارائيندي، دبئيءَ جو سير ڪرائيندي،
اٽڪل مني ڪلاڪ کانپوءِ موهن جي گهر پڄايو. مون پاڻ
کي ان پنڌ کان پوءِ هلڪو محسوس ڪيو. دبئيءَ جي
بهار جون ساحلي لوڻياٺيل هوائون جهٽيندي، منظم
ٽرئفڪ ڏسندي، فٽ پاٿ تي هلندي سج لهڻ جو منظر
ڏسندي، موتيءَ ۽ شيام سان ڪچهريون ڪندي، لطيفا
ٻڌندي ۽ ٻڌائيندي، کلندي ۽ کلائيندي، دبئيءَ جي
اها شام هڪ يادگار شام ٿي پيئي.
ان سانجهيءَ ئي منهنجي من ۾ هڪ هائيڪو سرجيو:
هيءُ دبئيءَ جي شام
منهنجي سامهون آرسي
هيءُ نارائڻ شيام.
موهن جي گهر پهتاسين ته ڪجهه دوست اڳ ۾ ئي موجود
هئا، ۽ ڪي پوءِ ايندا ويا. گوپ ۽ وندنا، عطا ۽
ٿيٻو صاحب، گوورڌن شرما، موهن شرما، واسديو موهي.
ٿوريءَ دير کان پوءِ قمر، روپ ۽ ڪلا به پهچي ويون.
موهن دل جو درياهه نه پر سمنڊ آهي. هن وٽ محبت جا
مڻ ۽ خلوص جا خرار آهن. ڳالهائيندو حققت پسند
وانگر. هر ادبي رچنا کي ٺڪي ٺوڪي ڏسندو. پر سندس
قرب ۾ نه تنقيد نه تبصرو، رڳو قرب، خالص قرب.
پهرين پئروڊين جو دور شروع هيو. ڪنهن ڳالهه تي
موتيءَ منهنجو شعر ٻڌايو، ”ٻور آهيون ڏيئي ميوو ۽
ڇڻي وينداسين.“
ٺڪ- گوپ ان تي في البديهه پئروڊي ٻڌائي:
”ڌوٻي آهيون ۽ کڻي ٿيلهو هلي وينداسين.“
ان کانپوءِ پوءِ سڀني رشيد ڀٽيءَ کي سندس پئرڊين
جي ذريعي ياد ڪيو، رشيد جون شيخ اياز تي لکيل
پئروڊيون گوپ کي ياد هيون هن ٻڌايو:
”وري ياد آيا بهانا اوهان جا،
هي نانيون اوهان جون هي نانا اوهان جا.“
۽ مون به کين ڀٽيءَ جي هڪ پئرڊي ٻڌائي جيڪا هن شيخ
اياز جي شعر تي لکي آهي:
”زماني ۾ ڪئي گهوڙا ڀڄايا ويا ڊڪايا ويا،
اها ئي کودڙي منهنجي اها ئي کودڙي منهنجي.“
ٽهڪڙن جي وهڪري ۾ محفل مچندي رهي. روپ ڪچن مان
مختلف شيون موڪليندي رهي. هيون ته سڀ هڪ ٻئي کان
لذيذ، پر مونکي پالڪ جا پڪوڙا ڏاڍا وڻيا. ذائقي ۽
ذهن، ٻنهي جو بلو ٿيندو ويو. شرتي ۽ شلپي، موهن جي
سلڇڻيون ڪڪيون سروس ڪنديون رهيون. جئديو (نارايڻ
شيام جو سٻاجهو پٽ) ۽ دشينت (موتيءَ جو کلمک
ڀائٽيو) به اڄ، موهن جي زور ڀرڻ تي اسان جي محفل ۾
شامل ٿيا هئا، موتيءَ ۽ منهنجي هڪ ٻئي لاءِ اُڪير
ڏسي موهن چيو، ”موتي ۽ تنوير ايئن ٿا لڳن، جيئن
هندوستاني فلمن ۾ ٻه جاڙا ڀائر ننڍي هوندي وڇڙي
ويندا آهن ۽ فلم جي آخر ۾ ملندا آهن. اسانکي ائين
لڳو ڄڻ دبئيءَ ۾ اهي ننڍي هوندي جا وڇڙيل جاڙا
ڀائر مليا آهن.“
ان تي مون چيو، ”يا جيئن هندستاني فلمن ۾ سمگلر
نوٽ کي ڦاڙي ٻه ٽڪر ڪري، هڪ پنهنجي ساٿيءَ کي
موڪليندا آهن، ۽ ٻيو ڦاٽل اڌ پنهنجي سان ملائي ان
جي آڻيندڙ کي پنهنجو سمجهندو آهي.“ |