سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ترورا

صفحو :8

گرامي صاحب هاضمي جي خرابيءَ سببان اڪثر يوناني دوائون کائيندو هو. هڪ دفعي سندس آفيس ۾ ويس، ته آڏو ٽيبل تي سينڌي لوڻ جو ڳنڍو پيو هو، جيڪو شايد ڪنهن يوناني حڪيم جي مشوري موجب استعمال لاءِ خريد ڪيو هئائين. مون ان سينڌي لوڻ جي باري ۾ ٻڌايو، ته ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ اڪثر جانورن جي آڏو، اهو سينڌو لوڻ پيو هوندو آهي. ان لطيفي تي ويٺل دوست وڏا ٽهڪ ڏئي کليا. گرامي صاحب به کلندي هڪ هلڪڙي گار مون کي ڏئي ڪڍي. ايتري ۾ ٻاهران ڏيپلائي صاحب آيو ۽ ٽهڪڙو ٻڌي پڇيائين، ته ڇا تي ٿا کلو؟ گرامي صاحب پنهنجي آڏو سينڌي لوڻ جي ڳنڍو کڻي ڏيپلائي صاحب جي آڏو رکيو ۽ پوءِ مون کي چيائين، ته هاڻ ٻڌائينس ته ڇا تي پئي کلياسين، ان تي منهنجي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي، سڀئي دوست ٻيهر ٽهڪ ڏيڻ لڳا، پر هن دفعي ٽهڪن جو نشانو گرامي صاحب نه هو، پر ڏيپلائي صاحب هو. ڏيپلائي صاحب اڃا وائڙو هو، ته هي ڇاتي ٿا کلن، پوءِ جڏهن مون ٻيهر جانورن جي باغ جي ڳالهه ٻڌائي ته ٽهڪن جو ٽيون دور شروع ٿيو.

مان خيرپور آيس، گرامي صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ مفاصلو ته وڌي ويو، پر قرب جو مفاصلو ڪڏهن به نه وڌيو. ڪڏهن مشاعرو ڪڏهن محفل، هر بهاني سان ساڻس ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي هئي. درازن جي ادبي ڪانفرنس ۾، هر سال منهنجي سڏ تي اچي حاضر ٿيندو هو. 1974ع ۾ درازن کان موٽي، خيرپور جي ريسٽ هائوس ۾، اسر جي چئين وڳي تائين اسان جي ڪچهري هلي، ان وقت گرامي صاحب پنهنجي اندر جا حال اوريا، هيڏو وڏ عالم ۽ سندس پگهار ٿوري، جو ٻار ٻچا ته ڇا پر پنهنجو به گذارو مشڪل ٿئيس! مٿان نوڪريءَ جون پابنديون، جيڪي هڪ عالم ۽ شاعر لاءِ روحاني اذيت جو باعث آهن. اسان جي سنڌي سماج گرامي صاحب کي ڇا ڏنو؟ هڪ اڻ پورو پگهار، هڪ ننڍي نوڪري، هڪ اڻپورو گهر ۽ عمر ڀر جون بکون، پريشانيون، تڪليفون. هو بس ۾ سفر ڪندي ٿا ٻڙجي ڪريو، منڊ ڪائيندو رهيو. سنڌ جو ادب منڊڪائيندو رهيو. اڃا به منڊڪائيندو ٿو رهي. سنڌ جي علم ادب ۽ فن کي ڪڏهن سڌو سنئون هلڻ نصيب ٿيندو؟ مرڻ کان پوءِ گراميءَ جي اولاد لاءِ وظيفا مليا ته چڱو، پر اسان جيئري جاڳندي گراميءَ جي ڪهڙي خدمت ڪئي، سندس ڪهڙو قدر ڪيو؟ کيس ڪهڙيون سازگار حالتون ڏنيون، جو هو لکي پڙهي ۽ سوچي سگهي. ۽ ڇا سنڌ جو علم ادب ابد تائين منڊڪائيندو رهندو؟

شوڪت جماڻيءَ چيو: ”يار هڪ بري خبر آهي، هاڻي هاڻي الطاف شيخ جي فون آئي ته گرامي گذاري ويو.“

مون ان خبر کي ائين ٻڌو ڄڻ ڪوڙي خبر هجي. الطاف شيخ وٽ منجهند جي ماني کائڻ وياسين، ته هن ٻڌايو ته ”گرامي صاحب فوت ٿي ويو.“ خبر تي يقين آيو، پر گرامي صاحب جي ’مرڻ‘ جي ڳالهه مون کي مشڪل لڳي. ڪراچيءَ پهتس، ته الطاف (منهنجي ڀاءُ) ٻڌايو ته گرامي فوت ٿي ويو. هن اهو به ٻڌايو ته هن کي جڏهن نياز همايونيءَ خبر ٻڌائي، ته ان تي اعتبار نه ڪيائين.

مون کي ايتري ماڻهن ٻڌايو آهي ته گرامي صاحب فوت ٿي ويو آهي، دل نه ٿي مڃي. دل ٿي چوي، ته سڀني کي چوان، ته عالم نه مرندا آهن، گرامي صاحب جيئرو آهي. اها اڇن موتيءَ جهڙن ڏندن واري مرڪ جيئري آهي، جيڪي وجود تي، ٿڏي ڦوهاري جيان وسي هئي. ڏسو، گرامي صاحب جيئرو آهي، جي اعتبار نه ٿو اچيو ته منهنجو هي مضمون پڙهي ڏسو.

(ٽماهي مهراڻ ’گرامي نمبر‘ 4-1976ع)

 

نسيم احمد کرل

شڪل شبيهه، قد بت ۽ بيهڪ ۾ جهڙو ملهه، اصل شير مير بحر جو جٽ ٿو لڳي، رڳو ڊگهن شهپرن جي ڪسر آهي. عادتن، اطوارن ۽ طور طريقن ۾ سنڌ جو وڏيرو. ڪير ڏسندس، ته پيو سڀ ڪجهه سمجهندس، پر اديب يا ڪهاڻيڪار ڏي ڪنهنجو به گمان نه ويندو. شڪل شبيهه ۽ قدبت جي ڪري هوند ٻار هن کان ڊڄي ڀڄي وڃن، پر جي ڪو ٻار هڪ دفعو ويجهو آيس، ته پيار سان اهڙو هيرائي وجهندس، جو وتندو: ”چاچا نسيم، چاچا نسيم ڪندو.“

کائڻ جو به مڙس ماڻهو ته کارائڻ جو به مڙس ماڻهو. ڪهڙي به دعوت هوندي ته ڍونگو اڳ ۾ سيري، پنهنجي پليٽ ۾ خالي ڪندو ۽ جي دعوت ڪندو، ته اهڙي جو کائڻ وارا ڏينهن تائين پيا سندس لذيذ ۽ نفيس کاڌي کي ياد ڪندا ۽ چسڪا وٺندا، پر ڪندو دعوت ڇٺيءَ ڇماهيءَ.

نسيم ۽ نفاست اهو کوڙو لڳڻ ته نه کپي، مان پاڻ حيران ٿيس، جڏهن ڏٺم ته ٿلهي قد بت وارو نسيم، هر معاملي ۾ ايڏو نفاست پسند آهي، جو عجب ورتيو وڃي. سندس هڪ هڪ شي چونڊ هوندي. ڇا فرنيچر، ڇا ڪپڙا، ڇا ڪراڪري، چانهه پيئندو ته ڪنهن سهڻي ۽ نفيس ڪوپ ۾، نه ته چاهه نه وڻندس. جي ڪتاب وٺندو ته اهڙي ريت رکندو، ڄڻ پڙهيو ئي ڪونه اٿس. مجال آهي جو ڪتاب تي داغ ٿئي، يا ڪٿان ڪو ڪتاب چٻو ٿئي. مان پاڻ کي به ان معاملي ۾ گهڻو سمجهندو آهيان، پر هي يار مون کان به ٽپي ويو، شايد انڪري جو زمينداريءَ ۾ واندڪائي گهڻي اٿس.

ڪهاڻيون لکندو آهي. اهو گمان نه، پر پڪ ڀانئجو، پهريائين مان به نسيم کي ڇوڪري سمجهندو هوس، پر ايئن نه سمجهو ته ڪو سندس ڪهاڻيون پڙهي، ٻين اديبن وانگر ساڻس رومانوي لکپڙهه شروع ڪيم. ڀائيندو هوس ته ڇوڪري آهي ڀلي لکي. ڀلي ڇوڪرين ۾ اهو چاهه پيدا ٿئي.

جڏهن ’روح رهاڻ‘ ۾ هن جون ’ادبي ٽوڪون‘ پڙهيم، هر اديب تي طنز نه، پر اجائي طنز هئي، ويتر جو پڙهيم ته، ”توکي ڪهڙي اديبه وڻي؟“ ۽ مون ڏندڙا ڪڍي چيو، ”فلاڻي.“ ته باهه وٺي ويم. اهڙو هلڪڙو ليکڪ، وڌيڪ ڪاوڙ حميد تي آئي، جنهن اهو مضمون ڇپيو هو.

ان کان اڳ ۾ منهنجي دلبر دوست ربانيءَ ساڻ ادبي ڏي وٺ ٿي هيس. ادبي ڏيل وٺ چڱي ڳالهه آهي، پر هن به ڳالهه کي ڪجهه ڪسائيءَ سان ڪيو ته ربانيءَ ان کي دليئون ورتو، ٻئي هڪ ٻئي جي خلاف ٿي ويا. اها چڱي ڳالهه نه هئي. اڃان تائين ٻئي ڪجهه پاسيرا آهن، سال گذريا، پر ڳالهه آئي وئي نه ٿي. اوچتو اوچتو سچل جي ميلي تي 1964ع ۾ هادي بخش لاڙڪ هن سان ملايو. ڏٺم ته ڇهه فٽو جانٺو جوان. سوچيم: ’مار! هنکي ڇوڪري پئي سمجهيم.‘

چيائين، ”ڏاڍي ڪم ۾ آهيون، وري ملون ٿا.“ پوءِ جو گم ٿيو ته وري نظر نه آيو. لاڙڪ مرڪي چيو: ”ڪم ڪار ڪوبه ڪونه ڪندو آهي، هيءُ رڳو رعب رکندو آهي.“ ٿيو به ائين، ادبي ڪانفرنس جو سڄو ڪم لاڙڪ ۽ ٻين دوستن پئي ڪيو، ۽ نسيم ڪانفرنس شروع ٿيڻ وقت ٺهي ٺڪي ائين اچي ويٺو، جيئن ته سمورو ڪم ڪار پاڻ ڪيو هجائين.

ڪراچيءَ ۾ پير حسام الدين راشديءَ وٽ ويٺو هوس. ادبي ڳالهه ٻولهه ڪندي، پير حسام الدين صاحب نسيم جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي تعريف ڪئي، ڀانيم: پير صاحب تاريخ نويس شايد ڪهاڻيءَ جي پوري خبر نه اٿس، پر جڏهن خيرپور ۾ ادبي سنگت جون ڪچهريون متيون ۽ اتي نسيم پنهنجي ڪهاڻي ’ڪافر‘ پڙهي ته ٺڪاءَ نڪري ويم، پير صاحب جي افسانه شناسي ۽ نسيم جي افسانه نويسي هڪ وقت ٻنهي جو قائل ٿي ويس. ان کان پوءِ نسيم ڪهاڻيون آڻيندو ويو. هونءَ مهينن جا مهينا گم، دڳ پنڌ تي مليو ته خوش خير عافيت ڪبي. چئبو، ”ڏاڍي ڪم ۾ آهيون.“ پر جي اوچتو فون جي گهنٽي وڳي، ۽ هن پاسي نسيم ڳالهايو، ته پڪ سمجهندس ته ڪهاڻي لکي اٿائين، هر دفعي ائين ٿيو آهي. پوءِ هو ڪهاڻيءَ سوڌو جيپ ڪاهي، ايندو سڌو مون وٽ. چانهه به پيئندو، پر سٺي چانهه، ۽ نفيس ڪوپ ۾. هڪ وقت ٻه ڪوپ ۽ ڪهاڻي به ٻڌائيندو. هڪ ٻئي پٺيان چڱيءَ وقت جي وٿيءَ سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيائين.

سندس اباڻو ڳوٺ ڪچي ۾ آهي، جتي نئين تهذيب يافته سوسائٽيءَ جو پاڇو ئي ڪونهي، جتي جي ٻولي نج، ماڻهو نج، کير مکڻ نج، اتي رهي هن ٻوليءَ ۽ ڪردارن جو وڏو ڀنڊار هٿ ڪيو آهي. وڏيرا، صوبيدار، اوڏ، چور اهي سندس ڪهاڻين جا ڪردار آهن.

انهن ڪردارن جي واتان ٻولي ۽ مڪالما اهڙا ته حقيقي ۽ جنسي ٿو چورائي، جو اڄ تائين سواءِ جمال ابڙي، رباني يا عبدالقادر جوڻيجي جي، ڪنهن به اهڙي فنڪاريءَ سان نه پيش ڪيا آهن.

تازي مجموعي ۾ ’پهرين مراد‘ هن جي چوٽ جي ڪهاڻي آهي چوراڻا اصطلاح، چوراڻيون روايتون، ريتون رسمون ۽ سندس پنهنجي Ethics. اها خبر سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي خيرڪا هوندي ته اهي مهانڊا به پنهنجي ليکي پنهنجي قدر (Values) ٿا رکن ۽ انهن کان ڦري وڃڻ هنن ۾ نامناسب آهي ۽ اها بداخلاقي ٿي ليکي وڃي.

ڪي ڪهاڻيون، جديد سوسائيٽيءَ جي پوري، ۽ مصنوعي ماحول تي پڻ لکيون اٿائين. انهن ۾ وڏن ماڻهن جي مصنوعي حياتي، ۽ سندن اخلاقي پستيءَ جو سهڻو نقشو چٽيو اٿائين. نسيم هڪ پاسي ٻهراڙيءَ جي سماج جي اونهاين تي وڃيو پهچي ته ٻئي پاسي وري ڪاموري شاهي (Beurocracy) جي اندر ۾ ليو پائي. ٻئي سماج هڪ ٻئي کان پري، پر تڏهن به ٻنهي جي ٺهڪندڙ تصوير چٽڻ ۾ هيءُ ڪمال ڪيو ڇڏي.

شايد وڏي ڪلاس جو هيءُ پهريون ليکڪ آهي، جيڪو پنهنجي ڪلاس ۾ خامين ۽ ڪمزورين کان شعوري طور ۽ پوريءَ ريت واقف آهي، ۽ ان کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ کُلي طرح پيش ڪيو اٿائين.

(ماهوار سهڻي نسيم کرل نمبر)

 

ڏاڏو شاهه

1964 ۾ خيرپور پهچڻ سان ٻن شين جي مشهوري ٻڌم، هتان جون اصل کارڪون، ۽ ٻيو ڏاڏو شاهه. کارڪن ۾ ميٺاج ضرورت کان وڌيڪ هو پر ڏاڏي شاهه ۾ ميٺاج ۽ ڪڙاڻ جو توازن هو. ڪي چوندا هئا ته ڏاڏو مٺو آهي جهڙو ماکي، ۽ ڪي چوندا هئا ته ٽوهه جهڙو ڪڙو آهي. ٻنهي پاسي انتها (Extreme) پر توازن ٻنهي جو هڪجهڙو هو. مان منجهي پيس ته هيءَ متنازع شخصيت آخر هوندي ڪهڙي طرح، جنهن کي جو چاهي، ته هزار دلين سان ۽ جي ڪو ڌڪاري ته به هزار دلين سان. ”ڏاڏو دلبر دوست آهي.“ ”ڏاڏو ڏاڍو ارڏو آهي.“ ”ڏاڏو مڙس ماڻهو آهي.“ ”ڏاڏو اڙٻنگ آهي.“ ”ڏاڏو دل جو درياهه آهي.“ ڏاڏو ڏاڍو ظالم آهي.“ اهي هئا ماڻهن جا رمارڪ، سوچيم ته ان همراه سان ملجي پر ايڏو سستو (Cheap) به نه ٿيڻ گهريم جو سلاميءَ تي وڃان.

قائم علي شاهه سان ڪاليج جي زماني کان واقفيت هئي، ان جي ذريعي ملاقات ٿي، ڪنهن مريض جي علاج ۾، جاويد سئنيما جي ٻاهران. ايڏو ته قرب وارو ڀاڪر پاتائين، جو ٻيءَ گهڙيءَ نه هو اجنبي، نه مان اجنبي- ٽهڪ – سي به وڏا ۽ بي ساخته – ڄڻ دل مان نڪتا هجنس، انهن سان آجيان ڪيائين.

پوءِ ڏاڏي جي ڪا محفل نه هئي، جي مان نه هيس. راڳ جو نه فقط شوقين، پر ماهر. مون کي به راڳ سان ٿورو گهڻو شوق. جي ڪنهن راڳ جو ذڪر نڪرندو ته ٽيبل کي طبلو ڪري، ان راڳ کي آلاپيندو. پوءِ تانون هڻندو- پلٽا هڻندو- سرگرم ڪندو- تان جو بلمپت کان درت تائين وڃي پهچندو- آواز ساٿ ڏئي يا نه- کنگهي، نڙي صاف ڪري، وري ڪوشش ڪندو. فن جو چاهيندڙ هو. آسڪروائلڊ چيو آهي ته ”جنهن تي موسيقي اثر نه ٿي ڪري ان جي انسان هجڻ ۾ مون کي شڪ آهي.“ جي ان چوڻيءَ تي اعتبار ڪجي ته ڏاڏو نه فقط انسان پر سپر انسان هو.

ڏاڏي جو پيار به انتها تي هو، ته نفرت به انتها تي. ڪاوڙيو ته ماءُ ڀيڻ کان شروع ڪندو ۽ پرچندو ته بابا، سائين، لالا، مٺا سان مخاطب ٿيندو. سڀني دوستن سان ڪڏهن نه ڪڏهن، ڪٿي نه ڪٿي ڪاوڙيو پر مون کي سندس ڪاوڙ ياد نه آهي.

سندس خاص لفظ هو ’يهودي‘ جنهن کي يهودي چيائين، سمجهو ته سندس ساهه ۾ سمايل آهي. وفات کان ٿورا ڏينهن اڳ مليو. شوڪت جماڻي ان عرصي ڏاڏي کان ڪجهه پري پري هو، نياپو موڪليائينس ته ”ان يهوديءَ کي چئو ته منهن ته ڏيکاري“ شوڪت جو يهوديءَ جو لفظ ٻڌو ته ڪاوڙ ئي ڪافور ٿي ويس.

مڙس ڏيا وارو هو، سنگت ۾ سر به حاضر، ۽ جي بگڙيو، ته پنهنجي چواڻيءَ ان جا لاهه ڪڍي ڇڏيندو. ڪرڙو ٿيو، هر ڪو کانئس ڪؤ کائيندو، ڇو ته منهن تي چوڻ کان ڪڏهن به نه ڪٿائيندو هو.

هڪ ڀيري، هڪ ڊپٽي ڪمشنر کي ڀري ڪورٽ ۾ ’تنهنجي ماءُ، تنهنجي ڀيڻ،‘ چوندي پيپر ويٽ وهائي ڪڍيائين.

مٿس ڏکيا وقت آيا. خونن جا ڪيس ٿيا. آفيسرن جا دڙڪا مليا. پر ڏاڏو اهوئي ڏاڍو. نه ڪڏهن ٽهڪ ڏيڻ کان وانجهو ٿيو، نه ئي سندس ڏيان، رعب تاب ۾ فرق آيو. ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. دنيا بدلجي وڃي پر ڏاڏو نه بدلجي. پئسي جو اصل دشمن. چار ڏوڪڙ هڙ ۾ ٿيا، ته سنگت کي سڏبو، فونيون ٿينديون، ماڻهو ڀڄندا، نياپا ويندا. اوري پري جا دوست يار گڏ ٿيندا. بوتلون اينديون ڪڪڙيون روسٽ ٿينديون، ڪونه ڪو گويو يا فنڪار هوندو. راڳ ٿيندو ۽ ڏاڏي جو راڳ به ٻڌڻو پوندو هو.

ماڻهو ’شاهه خرچ‘ ٿيندا آهن پر ڏاڏو ’شهنشاهه خرچ‘ هو، ان ڪري سدائين قرض ۾ ورتل. ڪنهن کي قرض ڏيندو هو ته موٽائي نه وٺندو هو. ان ئي اصول تي جي ڏاڏو پاڻ ڪنهن کان قرض وٺندو هو ته موٽائڻ مناسب نه سمجهدو هو. اهڙوئي هڪ شخص مون وٽ آيو ته مان کيس سفارش ڪيان ته ڏاڏو سندس قرض موٽائي. ڏاڏي کي مون سندس سفارش ڪئي، ڏاڏي وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو، ”لالا، ٻئي ڪنهن کي (گار) قرض موٽايو اٿم جو هي دل ۾ ٿو ڪري. جي ٻئي ڪنهن جو قرض موٽيان ته پوءِ هي ڀلي ناراض ٿئي.“

ڏاڏي جي رڳ رڳ ۾ راڳ هو. ان باري ۾ سندس فني باريڪين جي ڄاڻ سنڌ جي تمام ٿورن ماڻهن وٽ هوندي. ان ڪري هو راڳ جي معاملي ۾ بد ذوقي هرگز برداشت نه ڪندو هو. سنڌ جا توڙي ورهاڱي کان اڳ هند جا مشهور ۽ مکيه ڳائڻا سندس آڏو ڳائي چڪا هئا. ڏاڏي جي ان ذوق جي انتها جي خبر هيٺين ڳالهه مان پوندي.

ڏاڏي ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي راڳ جي دستوري محفل ڪئي ۽ ان ۾ چند با ذوق دوستن کي سڏيو. هڪ ڳائڻي ڏاڏي جي معيار تي پوري هئي، پر ٻڌندڙن ۾ ايڏو ذوق نه هو جو هو فني باريڪين کي سمجهي سگهن ۽ کيس داد ڏين. ان کانپوءِ ٻي ڳائڻي آئي جيڪا ڏاڏي جي لاءِ قطعي طور گهٽ درجي جي هئي پر عام پسند جي هئي. محفل جي حاضرين مان ڪن ان کي وڌيڪ داد ڏنو. ان تي ڏاڏو باهه ٿي ويو ۽ انهن کي محفل مان اٿاري ڇڏيائين. چيائين، ”فلاڻا فلاڻي جا پٽ، توهان کي ڪهڙي خبر راڳ جي.“

ڏاڏي جي هڪ سئنيما به آهي، هن انگريزي فلم هلائڻ شروع ڪئي ته اسان کي فون تي دعوت ڏئي سڏائيندو هو ته ”فرسٽ ڪلاس فلم اٿو، مارننگ شو ته ضرور اچجو.“ پوءِ دوست وڃي پهچندا، قرب سان باڪس ۾ ويهاريندو. گهران بجليءَ جو پکو موڪليندو. ٿڌيون بوتلون موڪليندو ۽ فلم پوري ٿيڻ تي پاڻ ايندو ۽ راءِ پڇندو.

اسان اڳ ۾ ئي صلاح ڪري ڏاڏي کي چونداسين، ”ڏاڏا ردي فلم هئي تو اسان جو اجايو ٽائيم خراب ڪيو.“ پوءِ ته ڏاڏي جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي هئي. چئي: ”سڏيون به، بوتلون به پياريون، پوءِ به فلم ردي هئي، مفت جي هئي نه. جي پئسا ڀري ڏسو ها، ته سٺي لڳيو ها.“

هڪ دفعي مون وٽ آيو ته مون پارس کي (جيڪا ان وقت چئن پنجن سالن جي هئي) سمجهائي ڇڏيو، جيئن ڏاڏو اسان وٽ آيو ته پارس چوڻ شروع ڪيو، ”چاچي جي سئنيما ڪني.“ ان تي ڏاڏي وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ چيائين، ”ڇونه بابا، مفت جي سئنيما جو اٿو.“

فلم سان به ڏاڏي جو ڏاڍو لڳاءُ هو. فلم ايڪٽر زيبا، محمد علي، نورجهان الائي ٻيا ڪهڙا. ڏاڏو ساڻن ياري ضروري رکي. مانيون کارائين، گهمائين ڦيرائين، سندن ذاتي ڪم ڪري. هو به موٽ ۾ ڏاڏي کي اوترو ئي قرب ڏيندا هئا.

فلم ٺاهڻ جو شوق به ٿيس (مومل راڻو پئي ٺاهيائين). مون کي حڪم ٿيو ته گانا لکان.

ميوزڪ ڊائريڪٽر سڏائي، رات جو محفل مچائي، ڌن هار مونيم تي وڄائي چوندو هو، ته لک ۽ ان ماحول ۾ منهنجو قلم به وهي ويو. گانا پورا ٿيا رڪارڊ ٿيا. چي، هاڻي اسٽوري ۽ ڊائلاگ لک. مان سستي ڪرڻ لڳس، اوچتو فون ايندي، ڏاڏي جي طبيعت ڏاڍي خراب آهي، اچي ڏسي وڃينس ۽ تڪڙو تڪڙو پهچينس، ته ڏاڏو ٽهڪ ڏئي ملندو. ڪمري جو در بند ڪري، ڪاغذ قلم ڏئي چوندو: ”اسٽوري لک“ ۽ ائين شايد هفتي ٻن ۾ سڄو ڪم پورو ڪرايائين. پوءِ آيا ڊائريڪٽر، هڪڙو، ٻيو، ٽيون. هوٽلن ۾ ڪمرا رزرو، خدمتون چاڪريون، ڪم ڪجهه به نه. ڏاڏي ان فلم تي ايترو ته خرچ ڪيو جو ٽي فلمون ته واهه جون ٺهي وڃن ها. هر ڊائريڪٽر اچي اسٽوري پڙهي، ائڊوانس وٺي، سيٻٽن لاءِ هدايتون ڏئي گم ٿي ويندو هو، وري ڏاڏو ٻئي ڊائريڪٽر جي تاڙ ۾.

فون ايندي ”فلاڻي تاريخ لاهور ۾ پهرين سيٻٽ تي شوٽنگ ٿيندي، تنهنجي هوائي جهاز ۾ سيٽ رکائي اٿم، تو کانسواءِ سيٽ تي نه ويهبو. ضرور هلجانءِ“ ۽ مان سامان ٻڌي ويٺو آهيان- ڏاڏو گم- هڪ دفعو- ٻيو دفعو- ٽيون دفعو. آخر مان به سمجهي ويس. ڏاڏو پروگرام ڏيندو هو ته ان ڏينهن مان ڪونه ڪو ٻيو پروگرام رکي ڇڏيندو هوس. ڏاڏي کي مومل راڻي جو ايڏو خفت هو، جو هر آئي وئي کي شروع کان جو اسٽوري ٻڌائڻ شروع ڪندو هو ته آخر تائين ٻڌائي ويندو هو. اها به ائڪشن سان: هاڻي راڻو اُٿي ٿو، مومل جي آڏو بيهي ٿو ۽ چوي ٿو ”مومل.“ پوءِ مومل فلاڻو گانو چوي ٿي، پوءِ ٽيبل تي طبلو وڄائيندو سر سان شروع ٿي ويندو. ”جيءَ کي ڏنئي جهوري.“

ڏاڏي شاهه کي مومل راڻي جي اسٽوري، ڊائلاگن ۽ گانن سميت برزبان ياد ٿي وئي هئي.

مومل راڻي جي سلسلي ۾ ڏاڏي ائڪٽر به ڀرتي ڪيا هئا. اهو هڪ وڏو قصو آهي ته هن هوٽل ۾ چار پنج ڪمرا رزرو ڪرايان. ڊائريڪٽر، پاڻ ۽ مان انٽرويو وٺڻ وارا هئاسين، رڳو انٽرويو وٺڻ تي خرچ ان سستائيءَ جي زماني ۾ پندرهن ويهه هزار آيو. آخر ۾ هيرو هيروئن، جيڪي چونڊيا ويا، تن جي شادي نه مومل راڻي جي ڪلاسيڪي ڪهاڻي ۾ ممڪن هئي، نه ئي وري فلم اسڪرين تي، پر حقيقت ۾ انهيءَ ’مومل‘ ۽ انهيءَ ’راڻي‘ شادي ڪري ڇڏي ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيائون.

ڏاڏو ايترو ته فرئنڪ هو جو لکي نه ٿو سگهان. هر اها ڳالهه، جيڪا اسان توهان رڳو پنهنجي زال يا رازدان دوست سان ڪيون، سا ڀري ڪچهريءَ ۾ چئي ڏيندو هو. پنهنجي هجي يا پرائي، گهرو نازڪ مسئلو هجي، يا پنهنجي ڪنهن تازي عشق جو.

مون سان ته راز سليندو هو، اهي جيڪي سندس ان فرئنڪ ڪچهريءَ کان به وڌيڪ اونهان هئا. آخر تائين حسن پرست هو. گوڏا ڪم ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا، ته به همراهه جي دل جوان هئي.

وجع مفاصل (Rheumatisim) سندس گوڏن تي به حملو ڪيو، پر سندس دل ۽ دماغ جو وار به ونگو ڪري نه سگهي. ڏاڏو سدا بهار، سدا جوان، شخصيت هو.

ڪي چون ٿا ته ڏاڏو، قائم علي شاهه جي ڪري ئي ٺهيو. اها اسان کي خبر آهي ته ڏاڏي جو سياست سان پري جو واسطو به نه هو اليڪشنون وڙهيائين، جيل مان به اليڪشن کٽيائين. سياست ۾ به آيو پر ’سياسي جانور‘ نه هو. سڌو سنئون انسان هو. قائم علي شاهه وزير ٿيو ته به اهو ڏاڏو ۽ جي قائم علي شاهه لٿو ته به ڏاڏي شاهه جا ساڳيان رنگ ساڳيا روپ.

چيائون ڪراچيءَ اسپتال داخل آهي. Serious آهي. سوچيم ٻئي هفتي ڪراچيءَ وڃان ٿو، ملي ايندو مانس، مهلت ئي نه ڏنائين. هتي موٽي آيو، بنا ساهه جي، بنا حياتيءَ جي، ماڻهو گڏ ٿيا. غريب، نادار، وڏا ماڻهو ٿورا، سي به مصلحتاً. پرويز ۽ جاويد اڇنگارون ڏئي رنا. مون به سڏڪا روڪي کين چيو، ”مڙس جا پٽ آهيو، مڙس ٿيو.“

اڃان به لڳي ٿو ته ڏاڏو، وارن بنا مٿي، سنهين ڪتريل مڇن، ڀريل منهن، سنهڙن چپن ۽ موهيندڙ مرڪ سان مون ڏي نهاري چوي ٿو:

”يهودي ڪاٿي آهين، ملين ئي ڪونه ٿو.“

ڀلا، ٻڌايو ته مان ساڻس ڪيئن ملان!

 

عابده پروين

سنڌي موسيقي، هر موسيقيءَ وانگر، لوڪ گيتن سان شروع ٿي. لوڪ گيتن جي موسيقي، سادي ۽ سنئين سڌي آهي. ان ۾ ڪوبه تصنح يا ڪو به سينگار ڪونه آهي. اها غار جي دور جي انسان جي تصوير وانگر آهي جنهن ۾ رڳو خاڪا آهن، ۽ تفصيل آهي ئي ڪونه. سنڌي موسيقيءَ ۾، اڃاتائين لوڪ گيتن جون ڪي مصرائون ڳايون ٿيون وڃن، جن ۾ رڳو، ٻه، ٽي، چار سُر لڳن ٿا.

انهن بنيادن تي، سنڌي موسيقيءَ جي تعمير ٿي، ۽ ارتقا ڪندي اچي موجوده صورت ورتائين. هندو پاڪ جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي برعڪس، سنڌي موسيقيءَ کي مذهبي ادارن، ۽ حڪومتن جي سرپرستي حاصل نه رهي. درٻاري موسيقار، سنڌ جي تاريخ ۾ ذري گهٽ اڻ لڀ آهن، هندو پاڪ جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ کي اُڀرڻ لاءِ درٻارن ۽ مندرن جو سهارو مليو، ان ڪري ان جي ارتقا گهڻو ڪري وڏن شهرن ۾ ٿي، سنڌي موسيقي، درٻارن، مذهبي ادارن، ۽ وڏن شهرن کان پري، ٻهراڙين ۾ نپجندي رهي، انڪري اها ٻهراڙيءَ جي ماحول وانگر خالص، سادي، غير متڪلف، ۽ سٻاجهي رهي. سنڌي موسيقي، پنهنجي فطرت ۾ سادي، ۽ پنهنجي آهنگ ۾ آهي.

ان کان پوءِ وقت آيو، جو سنڌ جي عظيم صوفي شاعرن، موسيقيءَ کي خدا ۽ انسان جي وچ ۾ وسيلو سمجهيو، ۽ جهوڪ، بلڙي، ڀٽ شاهه، درازا، ۽ روهڙيءَ ۽ ٻين مرڪزن تي صوفياڻيءَ موسيقيءَ جا مڪتبهءَ فڪر شروع ٿيا، جن جو انداز گهڻو ڪري رندي ۽ ڪورس جو هو.

انهن سڀني مرڪزن تي، عورت شجر ممنوع هئي، سماجي ۽ مذهبي ماحول جي سببان، عورت کي اسانجي مردانين محفلن کان ٻاهر رکيو ويندو هو. تنهن هوندي به عورتون، موسيقيءَ جي اُڃ، شادين ۽ ٻين ڪاڄن تي ڳيچ ۽ سهرا ڳائي اجهائينديون رهيو، اهڙي محفلن ۾ مردن کي اچڻ جي منع هئي.

اسان جي موسيقيءَ جي ارتقا جي شروعاتي دورن ۾، مرد ۽ عورتن جون ٻه پورو ڇوٽ (Parallet) پٽڙيون هيون، جن جو ملڻ ناممڪن پئي لڳو. صوفياڻين محفل ۾ به عورت کي شامل نه ڪيو ويو، جيتوڻيڪ صوفي، وڌيڪ کليل دل جا هئا، ۽ قدامت پرستن جي تنقيد جو نشانو پڻ.

سچل سرمست وٽ، سنڌيءَ جي رندانه موسيقي جي چوٽ ٿي. اها موسيقي، عرفان ۽ وجداني ڪيفيت جو والهانه اظهار هئي. سنڌي ڪافيءَ جي شروعات ٿي، ۽ ان ۾ پڻ سادگي برقرار رکي ويئي.

ساڳين ليڪن تي هلندي هلندي، سنڌي موسيقي يڪسانيت جو شڪار ٿيندي ويئي، ۽ ضروري ٿي پيو، ته ان ۾ نئون روح ڦوڪجي، جيئن اها بدلجندڙ سماج سان ساٿ ڏيئي سگهي، انهن ماڻهن جي لاءِ پسند جي شيءِ ٿي سگهي، جن ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو رچاءَ ٻڌو هو.

اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيو، جڏهن ڪلاسيڪي گوالياري گائڪي جو هڪڙو خاندان لڏي سنڌ ۾ آيو. شادي خان، گواليار اسڪول جو مشهور گويو، سنه 1830ع ۾ خيرپور ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. سندس پونئير مان، مراد علي خان، بيبو خان ٿيا، جن ڪلاسيڪي موسيقيءَ سان گڏ هن سر زمين تي مروج موسيقيءَ جو به اڀياس ڪيو ۽ ان جو اثر قبول ڪيو. هنن ڪافيءَ کي هڪ مختلف ۽ نئين انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. سچل سرمست جي دور کان وٺي، ڪافيءَ جي گائڪي هڪ ڪري ئي رهي. اسٿائيءَ کان پوءِ، هر انترو ساڳئي انداز ۾ ڳايو ويندو هو. هنن ٻن ماهر ڳائڻن هڪ نئون تجربو ڪيو، ۽ ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو امتزاج ڪيائون. ان تجربي سان، سنڌي ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ وڌيڪ وسعت آئي ۽ رچاءُ پيدا ٿيو.

استاد الهڏني نوناريءَ، استاد عاشق علي خان کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا حاصل ڪئي، ۽ ٻئي، شاگرد ۽ استاد ڪلاسيڪي رنگ ۾ سنڌي ڪافي ڳائڻ لڳا.

گائڪيءَ جو هيءُ انداز، تڏهن عروج تي پهتو، جڏهن استاد منظور علي خان ان کي اختيار ڪيو. هن نه فقط ان انداز کي قائم رکيو، پر ڪيترائي نوان تجربا ڪري، ان ۾ وڌيڪ ندرت ۽ نکار پيدا ڪيائين، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائي، ان کي عوام ۾ مقبول ڪيائين، ۽ ان جون پاڙون پختيون ڪيائين.

اهو پس منظر هو، جنهن مان عابده پروين اڀري. جڏهن هن اکيون کوليون، ته نه فقط هيءَ ڪلاسيڪي ڪافي رنگ جي امتزاج واري موسيقي فضائن ۾ هئي، پر ڀڳت ڪنور جي ڀڳتي انداز، ماسٽر چندر جي ان وقت جي ’پاپ ميوزڪ‘ هلڪا توڙي نيم ڪلاسيڪي فلمي گانا، ۽ اردو غزل جو خاص ۽ منفرد انداز فضا ۾ گونجي رهيا هئا. هن کي سريلو ۽ سونهري آواز، قدرتي ڏات طور مليو- ۽ موسيقيءَ جو ماحول، گهر ۾ ئي موجود هيس. سندس والد ماسٽر غلام حيدر موسيقيءَ جو اسڪول هلائيندو هو ۽ سندس والده، مائي ممتاز بيگم هڪ سٺي فنڪار هئي. عابده پروين، لاڙڪاڻي ۾، سنه 1956ع ۾ ڄائي،. خيرپور، مٽياري، ۽ سکر مان لڏيندي، آخر حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.

هن کي والدين جي طرفان، ننڍي هوندي کان ئي موسيقيءَ جي سٺي تعليم ملي.

1973ع کان هن حيدرآباد ريڊيو تان ڳائڻ شروع ڪيو، ۽ ميدان ماري ورتائين.

سندس پهريون مقبول نغمو هو مولانا عبدالغفور همايونيءَ جو هيءُ ڪلام:

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،

زندان هزارين مان نه رڳو.

هن کان اڳ، اهو ڪلام، سنڌيءَ جي ذري گهٽ هر ڳائڻي ڳايو هو، پر عابده جو انداز نرالو هو. ٻڌندڙ دم بخود ٿي ويندا هئا. هن ان ڪلام کي وڌيڪ خوبصورت بنايو. ان ۾ ڪلاسيڪي انداز جي ملاوٽ ڪيائين. اهي مصرعا، جيڪي هن کان اڳ سڌا سنوان ڳايا ويندا هئا، انهن ۾ مينڊن ۽ مرڪين جو ميلاپ ڪري، انهن ۾ ڪشش پيدا ڪيائين. آلاپ جي ڪري، ان ڪلام ۾ نکات ۽ وسعت پيدا ٿي وئي. ان ڪري ان ساڳي ڪلام جو تاثر ئي پر ٿي ويو.

هوءَ ساڳي انداز ۾ ڳائيندي رهي، ۽ هڪ ٻي مقبول عام ڪافي ڳايائين. اها هئي صاحب ڏني جي ڪافي:

من گهرئي مشتاق سان،

جئري جدايون ڪيم ڪر.

هن انهن تجربن کي جاري رکندي، شاهه لطيف، سچل سرمست، خواجه غلام فريد، بلها شاهه ۽ ٻين جا ڪلام ڳايا، ڏينهون ڏينهن مقبوليت حاصل ڪندي ويئي.

هن سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي گهڻن ۽ مشهور شاعرن کي ڳايو آهي. هن انهن ڪلاسيڪي شاعرن کي به ڳايو آهي، جن جي ڪلام تي ڪنهن به مشهور ڳائڻي جي نظر نه پئي آهي. جيئن خلفيو نبي بخش قاسم. سندس ڪلام جي چونڊ عاليشان آهي. هن جي نظر ۾ ڪلام ۾ شاعراڻيون خوبيون هجڻ گهرجن، معنيٰ خيز ۽ اونهو هجي. هلڪو ۽ بازاري نه هجي. ڳائڻ وقت، هوءَ هر لفظ جي مفهوم کي موسيقيءَ ۾ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. هوءَ شاعر جي جذبن کي سُرن جي رنگ ۾ آڻيندي آهي. هوءَ اڪيلي ڳائڻي آهي، جنهن لطيف، سچل، بلهي شاهه، فريد، نبي بخش قاسم، خير محمد هيسباڻي، شاهه نصير سانگي، ٻڍڙي فقير، ۽ ٻين گهڻن ئي ڪلاسيڪي شاعرن کي ڳايو آهي.

هوءَ اُچارن جي چٽي ۽ صحيح هجڻ تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندي آهي. ورلي ڪو اهڙو فنڪار هوندو، جنهن جا اُچار چٽا ۽ صحيح هوندا.

هن جي شادي، موسيقيءَ جي مشهور ماهر شيخ غلام حسين سان ٿي. شيخ غلام حسين جي ساٿ، سندس فن کي وڌيڪ جلابخشي ۽ ان ۾ رچاءُ آندو.

عابده پروين سنڌي غزل ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي. هن سنڌي غزل کي سينگاري ۽ سنواري، انکي لطافت ۽ نزاڪت بخشي آهي. هوءَ جديد توڙي ڪلاسيڪي شاعري، ساڳيءَ آساني سان ڳائي ٿي سگهي. هوءَ سنڌي روايتي سازن، توڙي ڪمپوز ٿيل موسيقيءَ تي ساڳيءَ ئي مهارت سان ڳائي سگهندي آهي.

هن گيت ڳائڻ تي به طبع آزمائي آهي، پر منهنجي راءِ ۾، سندس انداز ۽ آواز گيت ۽ هلڪيءَ موسيقيءَ لاءِ نه آهن.

تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي، ته هوءَ بهترين انداز ۾ ٺمري به ڳائيندي آهي، پر اهو فقط محدود محفلن ۾.

استاد منطور علي خان کان پوءِ، هوءَ پهرين فنڪار آهي، جيڪا ڳائڻ دوران اهڙي ته وڻندڙ انداز ۾ سرگم ڪندي آهي، ۽ اهڙا ته خوبصورت پلٽا هڻندي آهي، جو ٻڌندڙ داد ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.

راڻي، سورٺ، ۽ ڀيرويءَ ڳائڻ وقت، پيچيدهه ڪلاسيڪي گائڪيءَ سان هوءَ سادن سٻاجهن لوڪ موسيقيءَ جي انگن کي اهڙيءَ ته مهارت سان ملائيندي آهي، جو موسيقيءَ جا ٻه مختلف انداز، هڪ ئي تاڃي پيٽي ۾ خوبصورتيءَ سان اُڻيل لڳندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org