سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ترورا

صفحو :5

تجنيس حرفي جا قسم

(1)                      شروعاتي تجنيس حرفي:-

لفظن ۾ ساڳيا پهريان حروف هڪ، ٻئي جي ويجهڙائي ۾ جيئن اول الله عليم.

(2)                     زورائتي تجنيس حرفي:- (Stressed Alliteration)

ٻه يا وڌيڪ حروف صحيح هڪ ٻئي جي ويجهو وارن لفظن ۾. پوءِ اهي زورائتا اچار لفظن جي شروع يا وچ ۾ هجن. سج سڀاڻي جا ڪري سائي سامي ڪر پوءِ.

(3)                     اُچار تجنيس حرفي:- (Syllable Alliteration)

ساڳين اچارن جو ورجاءُ، پوءِ اهي زورائتا هجن يا اڻ زورائتا، جيئن ته Paintrd parosal glazedglare آيو آري ڄام.

(4)                     آڏي تجنيس حرفي (Obligue alliteration)

ساڳين حروف صحيح جي ورجاءَ جي پويان هڪ مختلف حرف جو آواز، جيڪو اچار جو مجموعي تاثر هوبهو ساڳئي اچار بدران، هڪ جهڙو اچار ٿو پيدا ڪري. جيئن sweet ۽ small يا سنڌيءَ ۾ سريت سماع- ڪريت ڪيائين.

(5)                      پوريل تجنيس حرفي (Buried alliteration)

ڪجهه حرف صحيح يا حروف صحيح، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ، هڪ ٻئي جي ويجهن لفظن ۾ پوريل هجن. جيئن:

Flowerd in her arms

Ankle deep dalfodils

As she gathers them.

Flowered ۾ daffodils ۾ deep ۾ d ۽ them ۽ gathers the ۾

(6)                     ڪاڏيل تجنيس حرفي (Crossed Alleteration)

هيءُ قسم سڀ کان وڌيڪ پيچيدو آهي. هن موجب، حرفن جي سيٽ، پوءِ اهي شروعاتي، يا پوريل هجن، هڪ ٻئي جي ويجهن لفظن سان گڏ نه، پر هڪ ڇڏي ٻئي کان پوءِ ايندا آهن، جيئن:

Stones trees that meet

My eyes glare straight at me

In this glazing heat.

هتي لفظ stone ۽ C straight ۽ glare ۽ glazing هڪ ٻئي جي ڀرسان نه آهن، پر هڪ جي وچ ۾ ٻيو آهي. انڪري اها تجنيس حرفي ڪاٽيل، يا crossed آهي.

هائيڪو ۾ ائسوننس (Assonance)

ائسوننس ساڳئي حرف علت جو ورجاءُ آهي. چاهي شروعاتي هجي يا پوريل هجي، پر ان حرف علت جي ور جاءَ ۾ حرف صحيح مختلف هوندا آهن.

جيئن: ياد ۽ بار. بيت ۾ مير. رات ۽ مان. سون ۽ روز وغيره.

* هائيڪو، لفظن جو اهو وڏي ۾ وڏو تعداد آهي، جيڪو سولائيءَ سان هڪ ساهيءَ ۾ ادا ڪري سگهجي. اهو آهي 5:7:5

* هائيڪو، ڪنهن سوال جو فوري جواب آهي، جڏهن سوچڻ جو وقت نه هوندو آهي.

 

موسمي عنصر

* فطرت سان هم آهنگي ضروري آهي. – نيجو (Nijo)

* هائيڪو لکڻ وقت اهو اصول آهي ته موسم جي لهرن سان گڏ هلجي، پوءِ اهو بهار هجي يا اونهارو، سيارو هجي يا سرءُ.

- سوگي (Sogi)

* شين جي اندر ۾ پيهي، موسم جو روح جهٽڻ گهرجي.

* هڪ سرءُ جي ڏينهن باشو ۽ سندس ڏهن شاگردن مان هڪ، سارين جي پوک مان لنگهي رهيا هئا. سندس ان شاگرد ڪڪاڪُو (Kikaku) ڳاڙهيءَ ڀنڀوريءَ تي هائيڪو لکي باشو کي ڏيکاريو اهو هائيڪو هن ريت هو:

ڀنڀوريءَ جا

پر ڪٽيو

ته ٿي پوي ڪاري مرچ جي ڦري.

”نه“ باشو چيو. ”اهو هائيڪو ناهي. تو ڀنڀوريءَ کي ماري ڇڏيو.

جي توکي هائيڪو لکڻو آهي ته ڀنڀوريءَ کي زندگي ڏي. ائين چئو ته:

ڪاري مرچ جي ڦريءَ کي

پر هڻو

ته ٿي پوي ڀنڀوري.“

ترجما

(ترجما گهاڙيٽي جي لحاظ کان آزاد آهن).

شروعاتي دور

موريتيڪ

ڪرندڙ گل

ٽاريءَ ڏي موٽي ٿو

هاءِ- هيءُ پوپٽٰ

منهنجي حياتيءَ جو عرصو

اڄ لڳي ٿو

صبح جو گل

سوڪن

جي مينهن پوي

اڌ رات جو- اوچنڊ

ڇٽي کڻي اچجانءِ.

چار وڏا هائيڪو شاعر

(1)    باشو

سينواريل تلاءُ

ڏيڏر جو ٽپو

پاڻيءَ ۾ ڇپڪو.

ڳوٺن ۾

رونبي وارو گيت

فن جي شروعات.

گهڙيءَ کان پوءِ ڪڪر

اچي ڏين آرام

چنڊ ڏسڻ کان.

گهنڊ جڏهن ڀي

ڪيو پورو راڳ

وڳا گل خوشبو ساڻ.

رڳو عطر کپي

جو برف ذرن کي

گل بنائجي.

خالي گلدان- خالي آسمان

ڀريل پيالو مڌجو

هيءَ اڪيلو پياڪ.

(2)     بوسن

پٽ وٽ هڪڙو وڻ

ٻنهي طرف هڪ جيترا

گل ٿا ڪن ڇڻ ڇڻ.

وڻ جا پن ڇڻيا

مندر ظاهر ٿي پيو

ٽارين جي وچ مان.

ڏينهن جو ڏيڏر گُهري رات

رات جو- ڏيڏر گُهري ڏينهن

نشڪري-!

ڪرندڙ پنکڙيون

۽ انهن ۾ هڪ مڇر

ڪري پيو ڀون ڀون.

(3)     ايسا

ماڪ جي دنيا

ماڪ جي دنيا

پوءِ به....

باغ- هڪ پوپٽ

ٻار بانبڙا ڏئي- هوا اڏامي

هو بانبڙا ڏئي- هو اڏامي.

مڇرن لاءِ به

رات ته لمبي هوندي

تنهائيءَ جو احساس انهن کي به هوندو.

آهستي چڙهه چاڙهي

فجُي جي جبل تي

او ننڍڙي ماڪوڙي.

چيريءَ جي وڻن وچ ۾

ڪهڙي اجنبيت.

پاڙيسري ڌوئي ٿانو

۽ ڏيڏر ڪري ٽان ٽان

ڪهڙو نه دوگانو.

هڪ ماڻهو هڪ مک

ترسن هيڏي ساري ڪمري ۾

جڏهن جڏهن ڀي دل

هوريان هوريان ٻڌڻ لڳي

گل تڏهن به ٽڙن.

(4)     شڪي

اڄ رات ۽ لکڻ

ڪيڏا جيت مليل

آهن منهنجي مس ۾.

آتشبازيءَ بعد

سنسان رستو

۽ هو لهندڙ تارو.

نيري سانجهي سمنڊ

سامهون هڪڙي ٻيٽ تي

ٽڙي پيون بتيون.

ميستو

ٽڪريون- ٻني، اڃاڪو

چنڊ هيٺان

هر ڪاهي پيو.

هيگي ڪوڌو

بهار جا ڏينهن

ٻنين مٿان

بي پاڙا ڪڪر.

ڪيوشي

نانگ ڀڄي ويو

پر ان جون اکيون اڃا به

ٻوڙن مان گهورين پيون.

پهريون پوپٽ

خواب جيان

نظرن کان اوجهل.

دڪو تسو

برف سان ڍڪيل پهاڙ

۽ انهن مان

پڙاڏو گهلجي.

سيڪتي

سرءُ جو طوفان ماٺو ٿئي

هتان هُتان

ماڻهن جا آواز جاڳن.

تڪاشي

چڪلي جو

خالي ڪمرو-

سرءُ جي مند..

بصر جي ڀوڪ تي

لهندڙ پوپٽ

اڪيلو- اداس.

متفرقه

جڏهن دنيا ٽڙي ٿي

ته پٺتي ڪين موٽي

ڇڻندڙ گل نه موٽن.

           - ٽيٽوڪو

تلاءَ ۾ هٿ ٻوڙيان ٿو

ترندڙ سڪل پن

ٽڙي پکڙي وڃن ٿا.

           - سائن

سج لهي ٿو

سڪل وڻ جي پويان

وڻ کي هٿ ۾ آکيرو آ

           -- بونچو

ڪيترو به سڏيوس

ته به ٽانڊاڻو

پنهنجي واٽ ويندو

           - اونتيسورا

منهنجن اڇن وارن مٿان

هيءَ سياري جي چانڊوڪي

ان کان ڪائي برف ٿڏي.

           - جوسو

جابلو چاري جي ڀرسان

زور وهندڙ آبشار

گرميءَ کي چيڙائي ٿو.

           - شڪو

جديد عڪس

هن کي هاڻي بار ٿيو آ

هاڻي هن جو پيانو

هن جي دل ڪيئن وندرائي.

ٻار جي هوم ورڪ ۾

هڪ ڏکيو لفظ

۽ پيءَ جو (ڪاوڙيل) چهرو.

پوليس واري جي هنج ۾

گم ٿيل بار-

مٺائيءَ جي دڪان ڏي اشارو (ٿو ڪري).

گهر کي صاف ڪري لڀن ٿا

پيار جا پهريان خط.

 

جديد سنڌي شاعري

هر دور جي شاعري ان دور لاءِ جديد هوندي آهي. هر دور ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇڻي وينديون آهن، ته وري ڪن نين روايتن جو بنياد پوندو آهي. موت سدائين زندگيءَ جي خوراڪ رهيو آهي، نه فقط مادي دنيا ۾ زندگي موت جي سهاري ٿي پلجي، پر ذهني دنيا ۾ پڻ. ڪي ادبي نظريا مرجهايو ۽ مريو وڃن ته ڪي جيئو اٿن. هڪ افق تي ڪيئي سج نڪرن. ٺاهه ۽ ذاهه، فطرت جو ازلي اصول آهي.

اسان جي ذهني دنيا جون تبديليون نه رڳو اسان جي ادبي قدرن جون واڳون ٿيون موڙين، پر ان سان گڏ اسان جي قومي ۽ فطري لاڙن ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي انداز ۾ پڻ ڦيرو ٿيون آڻين. اهي ذهني تبديليون وري بدلجندڙ ماحول ۾ حالات جو ردعمل آهن. اسين نه رڳو مادي اضافيت (relativity physical) جي دنيا ۾ ساهه ٿا کڻون، هر شاعر ڪائنات ۾ زندگيءَ جي مسئلن کي هڪ مخصوص رنگ ۾ ٿو محسوس ڪري، ان ڪري بيان ۽ اظهار، احساس ۽ فڪر پڻ مخصوص ۽ انفرادي ٿيو پوي. هر شاعر جي ذهني اوسر ۾ نه رڳو ماحول، پر ان سان گڏ مورثي اثرات پڻ ڪارفرما ٿين ٿا، جنهن ڪري هن جي شخصيت منفرد ٿيو پوي، ۽ سندس سوچن سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو ٿيو پوي هو هر مسئلي کي پنهنجي لاڳاپي ۾ محسوس ٿو ڪري.

جديد سنڌي شاعري هڪ وڏو ۽ اهم موضوع آهي، جنهن جي پوري مطالعي ۽ تحليل جي حق ادا ڪرڻ لاءِ هڪ مسلسل ۽ ڊگهي مضمون جي ضرورت آهي. هونئن ته عام اصطلاح ۾، اڄ ڪلهه جو هرڪو شعر جديد، هر ڪا شاعري جديد شاعري آهي، پوءِ چاهي اهو شعر پارسي تغزل جو نمونو هجي، ڪلاسيڪي ڪافيءَ جي هيئت جو حامل هجي، يا وري ترقي پسند خيالات جو ترجمان هجي. پر هتي ٻين ڳالهين کان پاسو ڪري، مان چند خصوصيتون بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪندس، جن موجودهه دور جي شاعريءَ کي اڳئين دور کان بلڪل نرالو ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ جو جديد شاعريءَ جي انهن خصوصيتن کي بيان ڪريان، هيءَ لازمي ٿو سمجهان ته جن حالتن ۽ جن واقعن انهن خصوصيتن کي جنم ڏنو آهي تن جو مختصر طور جائزو وٺان.

جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۽ واڌ گهڻو تڻو پاڪستان جي قيام بعد ٿي آهي. جيتوڻيڪ ان جو ٻج گهڻو اڳ ۾ پوکجي چڪو هو. هنن جي لڏ پلاڻ ۽ اڙدو جي اوچتي اٿل اسان کي پنهنجي انفرادي وجود کي قائم رکڻ تي مجبور ڪيو. هن کان اڳ جي مروج شاعري، فارسي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ اڙدوءَ جي رنگ ۾ رنگيل هئي، ان جو سبب هي هو ته فارسي عرصي کان دفتري زبان پئي رهي هئي، ۽ اسان جي شاعرن جي اڳئين نسل فارسي خواندهه هجڻ ڪري گهڻو تڻو ان جوئي اثر ورتو. جيئن ئي اسان جي نئين ٽهيءَ انگريزي ۽ ٻين مغربي ٻولين جو اڀياس ڪيو، تيئن اسان جي شاعريءَ ۾ وڌيڪ ندرت ايندي وئي. اسان جي جديد شاعري هروڀرو مغربي فڪر ۽ طرز بيان جي تقليد به ناهي، جيئن گڏيل دور جي شاعري رڳو فارسي تشبيهن استعارن جي اجائي اپٽار آهي. جديد شاعرن تي سنڌي لب لهجي ۽ ڪلاسيڪي روايتن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، جيئن هيٺ هلي ظاهر ٿيندو.


Snow Flakes[1]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org