پهرين لطيف جي محفل
اسان يونين جي اليڪشن کٽي ته پهرين ميٽنگ ۾ مون رٿ
ڏني ته ميڊيڪل ڪاليج ۾ لطيف ڏينهن ملهائجي ۽ سڄي
رٿا ٺاهي، پرنسيپال وٽ کڻي وياسين. هن پهرين ته
چيو ته لطيف جو ميڊيڪل
Activities
سان ڪو واسطو ناهي پر پوءِ اسان جي زور ڀرڻ تي
راضي ٿيو. جڏهن اسان خرچ جو تخمينو پيش ڪيو (ان
وقت پئسن ڏيڻ جو اختيار رڳو پرنسيپال کي هو) هو سڀ
ڪاٽيندو ويو، جي شاميانا ضروري ناهن، ليڪچر هال ۾
جلسو ڪيو ، لائوڊ اسپيڪر ضروري ناهي، فوٽو گرافر
ضروري ناهي ۽ آخر ۾ فقط ويهه روپيا منظور ڪيائين.
مون چيس اهي پئسا پاڻ وٽ رک، اسين پاڻ جلسو
ڪنداسون، ۽ پوءِ ان وقت جي شاگردن جو جذبو ڏسڻ
وٽان هو. هر شاگرد پنج ڏهه روپيا ڏنا. هر شاگرد
ڪرسي ڪمري مان ڪلهي تي کڻي آيو. ڪرسيون مهمانن
لاءِ رکيون ويو. ڪلاسن مان بئنچون کڻي انهن تي
شاگرد ويٺا. جلسو رات جو دير تائين هليو. پرنسيپال
جڏهن جلسي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرايو، ته ڄامشوري
جي ڳاڙهسرن اگهاڙين پهاڙن جهڙن اڏول شاگردن مان هڪ
به نه اٿيو ۽ چيائون ته اڃا جلسو هلندو ۽ اهو پرهه
ڦٽيءَ تائين جاري رهيو. اها پرهه ڦٽي ميڊيڪل ڪاليج
۾ سجاڳيءَ جي پهريون صبح هئي. ان پرهه ڦٽيءَ جا
پانڌي ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻيان. اهي ڪلهن تي ڪرسيون
ڍوئڻ وارا جوان اڃا به آهن. ڪي پروفيسر، ڪي اسٽنٽ
پروفيسر، ڪي وڏن طبي ادارن جا سربراهه ۽ ڪي مون
وانگر گوشه نشين پرائيويٽ پرئڪٽيشنر. منهنجو سڀني
کي سلام آهي، عقيدت سان سلام
هاسپيٽل رومانس
جڏهن اسان هائوس سرجن ٿياسين ته هڪ پروفيسر هوندو
هو، جيڪو وارڊ جو رائونڊ ختم ڪري، چانهه گهرائيندو
هو ۽ سڀني هائوس آفيسرن کي گڏ ڪري چاءِ پياريندو
هو. چاءِ جي پهرين چسڪيءَ سان چوندو هو:
“let’s talk about hospital romances.”
ظاهر آهي ته ستوجتو ڪوبه نه هوندو هو ۽ پوءِ هڪ هڪ
جي ڳالهه کلندي هئي، تبصرا ٿيندا هئا، ٽهڪڙا مچندا
هئا. آخر ان پروفيسر جي روز روز جي نڪته چيني کان
تنگ ٿي پياسين. همراهه پاڻ به اڙيل هو ان ڪري جيئن
ئي هڪ ڏينهن چانهه گهرائي پهريون ڍڪ ڀري چيائين:
“Now let us talk about hospital romances.”
ته هڪ صفحا ڪارو هائوس آفيسر هو ان ٺهه پهه چيو
ته:
Sir let us begin with your romance first.”
اهو ڏينهن اهو شينهن وري هن پروفيسر اها ڳالهه نه
چوري.
اوٻارا عنبير جا
جديد سنڌي شاعريءَ کي جيڪڏهن بيوس ٺاهيو ۽ نئون
موڙ ڏنو، ته ان کي اجارڻ ۽ سنوارڻ ۾، سنڌ جي قومي
شاعر، شيخ اياز کانپوءِ جيڪو نانءُ چٽائيءَ سان
اڀريل نظر اچي ٿو، اهو آهي تنوير عباسي.
تنوير، روشنين، خوشبوئين، پيار، امن، ڀائيچاري،
هڪجهڙائي، انصاف ۽ ڌرتيءَ جي هڳائن سان پيار ڪندڙ
شاعر آهي.
تنوير جي شاعريءَ جي لهجو ڪڏهن ماڪ جهڙو نرم، ڪڏهن
رات جي سانت ۾ بوڻيندي جي لهرجيان بڙجي بنجي روح ۾
لهي ويندڙ، ته ڪڏهن گلاب جي رنگ جيان آگ الا ٿي
محسوس ٿيندو آهي، ’ٻيجل‘ کان ’ڪيڏاري‘ تائين سندس
شاعريءَ ۾ جذبي جي سچائي، زور، بيباڪي، مسئلن جي
ڄاڻ ۽ هيانءَ ۾ چڀي ويندڙ موسيقيءَ سان ڀريل لفظن
۾ اپٽار ۽ ڌرتيءَ سان پيار جي پالوٽ نظر اچي ٿي.
تنوير، زندگيءَ ۽ ان جي تمام توانائين ۽ شادابين
جو شاعر آهي. ’رڳون ٿيون رباب‘ کان ’شعر‘ تائين هن
جي شاعري، ناسي اکڙين ۽ مکڻ جي چاڻن جهڙن ڳلن وارن
جي شاعري هوندي به عام ماڻهن جي جذبن کي ڇهي ٿي ۽
اڇل ڏيئي اڳتي وٺي ويندڙ شاعري آهي.
نزم، نازڪ ۽ ڪومل شاعري ڪندڙ، اهو جڏهن ڪراچيءَ
آيو ته اسان کيس ’سوجهرو‘ جي آفيس ۾ چانهه تي
گهرائي هن جي نرم، گرم، مٺاس، ڏاهپ ۽ خوشبو سان
واسيل شاعريءَ کانسواءِ ڳالهيون ٻڌيون ۽ سوجهري جي
پڙهندڙن لاءِ ڪچهري به ڪئي.
(ايڊيٽر - سوجهرو)
سچ نالي ڇوڪري، جنهن ڪوڙ جو شهر ڇڏي اڪيلي اڪيلي
وڃي رڻ پٽ وسايو هو سا شهر ۾ ڪڏهن واپس ايندي؟
”توهانجو اشارو شايد منهنجي ڪتاب ’رڳون ٿيون رباب‘
جي مهاڳ ڏانهن آهي. اها ڇوڪري جيڪا رڻ پٽ هلي ويئي
هئي، ان لاءِ سقراط زهر پيتو هو، سرمد کي قتل ڪيو
ويو، مخدوم بلال کي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو ۽ اها خبر
ناهي ته ان ڇوڪريءَ کي موٽائڻ لاءِ ڪيترن ڪونڌرن
کي سر جو نذرانو ڏيڻو پوندو.
”ٽئگور جو جملو آهي: ’ڌرتيءَ تي هر نئين ڄاول ٻار
جو وجود ان ڳالهه جو شاهد آهي ته قدرت انسان ذات
مان اڃا مايوس ته ٿي آهي. ۽ اسان کي ويساهه آهي ته
اها سچ نالي ڇوڪري ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور شهر
واپس ايندي.“ تنوير جو هلڪو هلڪو آواز ڪمري ۾
گونجڻ لڳو هو.
سنڌي فنڪار کي ڪيئن ۽ ڪڏهن پورو حق ۽ مان ملندو؟
”فنڪار کي پنهنجي سماج ۾ ۽ سندس ئي دور ۾ حق ملڻ
ڏکيو مسئلو آهي. سنڌي فنڪار ته پري رهيو، پر فرانس
جهڙي ملڪ ۾ عظيم فنڪارن جهڙوڪ: روسو ۽ والٽيئر کي
به پنهنجي دور ۾ جوڳو مان ۽ مرتبو نه مليو. ٻيا
ڪيئي وڏا ۽ زبردست آرٽسٽ هئا، جيئن ته ونسينٽ
وانگو اهڙي فنڪار جو به پنهنجي زندگيءَ ۾ قدر نه
ٿيو.“
هر فنڪار جو واسطو سماج سان آهي. فنڪار جنهن سماج
۽ قوم ۾ رهي ٿو، رڳو اهو ڏسجي ته اها قوم ڪيتري
سجاڳ، مضبوط ۽ پختي آهي، ڪيتري طاقتور آهي. ڪيترو
دم ۽ همت رکي ٿي زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ زنده رهڻ جي
هلچل واري دور ۾ ڪيستائين پنهنجا حق حاصل ڪري سگهي
ٿي، جيستائين سڄي قوم کي حق نه ٿا ملي سگهن،
تيستائين فنڪار کي حق ملڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو
ٿئي.
.”مون هڪ هنڌ لکيو هو ته جيڪڏهن سنڌ جي حڪمراني به
ايترن ملڪن تي هجي ها، جيترن ملڪن تي انگريزن ڪئي
ته شاهه ڀٽائي، شيڪسپيئر کان وڏو شاعر هجي ها.
شيڪسپيئر محض ان ڪري وڏو شاعر آهي جو انگريزن گهڻن
ملڪن تي راڄ ڪيو. سو فنڪار کي حق، مان ۽ مرتبي ملڻ
جو سمورو دارومدار ان قوم تي آهي. جيتري قوم سجاڳ
۽ طاقتور هوندي، اوترو ئي فنڪار کي مان ۽ مرتبو
ملندو. پر فنڪار ته حق، مان، مرتبي ۽ ڦل سان واسطو
ئي نه رکندو آهي، هن جو ڪم آ ته پيار جو پورهيو
ڪري.“ تنوير ڀت تي ٽنگيل بنگالي آرٽسٽ جي تجريدي
تصوير ڏانهن نهاريندي چيو.
اوهان ڪلنگن وارن کي نه لکيو پر کٿين ۽ لوين وارن
کي ڳاتو.
ڇا انهن اوهان جي ڳالهين کي ليکيو؟
”يار ليکي نه ليکي اسان يار جي ليکي.“ تنوير مختصر
جواب ڏيندي چيو، ”پاڻهي ايندو هوت، ڪجهه آءٌ به
اڳڀري ٿيان.“ تنوير بي نيازيءَ سان ۽ مرڪندي جواب
ڏنو، جنهن ۾ وڏي سوچ ۽ گهرائي هئي.
’مان سدا ٻرندو ئي رهندس، روشنيءَ جي لاءِ پنهنجي
زندگيءَ جي لاءِ.‘ اوهان جو شعر آهي، ڇا اهو ذات
جو قيد ناهي؟
”ذات جو قيد ناهي، پر فنڪار ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ان
بند ۾ محسوس ڪندو آهي ۽ گهڻو ڪري هن جي لاءِ
پنهنجي ذات ترورو ٿي پوندي آهي! ڀٽائيءَ جو شعر
آهي:
جان جيئن تان جل،
ڪانهي جاءِ جلڻ ري.
”شاهه سائينءَ انهيءَ شعر ۾ جيئڻ ۽ جلڻ جي ساڳي
ڳالهي ڪئي آهي. منهنجي شعر جو مطلب به اهوئي آهي.
جيئڻ ۽ جلڻ ته ساڳي ڳالهه آهي پر مون کي پاڻ لاءِ
روشني پيدا ڪرڻي آهي ڇو ته جيستائين مان آهيان
تيستائين روشني آهي. زندگي رڳو ان وقت تائين حقيقت
آهي جيستائين مان آهيان. جڏهن مان ختم ٿيان ٿو ته
اها حقيقت مون سان گڏ ختم ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري مون
کي پنهنجي حقيقت کي دنيا تي ظاهر ڪرڻو آهي، زنده
رهڻو آهي، انهيءَ لاءِ ٻرڻو آهي جيڻو آهي.“ تنوير
ڪجهه قدر جذباتي ٿيندي ڪمري جي ڇت ڏانهن گهويندي
وراڻيو.
- ’مان ۽ جو مون سان گڏ آهي، ناهه پڙاڏو پر سڏ
آهي.‘ جي وضاحت؟
”ان قسم جا منهنجا ٻه ٽي نظم آهن. انهن ۾ مون
زندگيءَ کي حقيقت ڪري ڏٺو آهي. عام طرح سان چيو
ويندو آهي ته زندگي خواب آهي. هن زدگيءَ جي سونهن،
سوڀيا، خوشبو، حسين چهرا، پيارا دوست، ڀائر، چنڊ ۽
تارا پاڇا آهن، پڙاڏا آهن ۽ اسان کي هن زندگيءَ
سان واسطو رکڻ نه گهرجي ۽ جيئن ته عام طرح سان
اسان جي شاعريءَ جي پهرئين دور جون روايتون به آهن
يا هن دور ۾ به ان قسم جون روايتون موجود اهن.
’هن نظم ۾ يا اهڙي قسم جي ٻين نظمن ۾ مون حقيقت
نگاريءَ واري رومانيت پيش ڪئي آهي ته زندگي پنهنجي
جاءِ تي هڪ حقيقت آهي ۽ ان سان پيار ڪرڻ به هڪ
حقيقت آهي. زندگيءَ جا سڀئي خوف ۽ خطرا، ڏک ۽
ڏولاوا به حقيقت آهن، جيستائين اسان زندگي کي
حقيقت نه سمجهيو آهي تيستائين جيئن اوهان مٿي سوال
به ڪيو ته فنڪار کي ڪيئن ۽ ڪڏهن حق، مان ۽ مرتبو
ملندو؟ سو اسان جيئن هن زندگي ۽ هن ڪائنات کي سچ
نه مڃينداسين ته پوءِ حق ڇاجو؟
”دنيا کي دوکو ۽ چئن ڏينهن جي چانڊاڻ چوڻ بدران
گهرجي ته ان جي سونهن، سوڀيا، ۽ حقيقت کي سمجهون،
پيار ڪريون ۽ هڪ سهڻي پيار ۽ امن واري ڪائنات
تخليق ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکون.“
- سنڌي ادب جا هاڻوڪا لاڙا ڪيتري قدر صحيح آهن؟
”هر دور جي ادب ۾ صحيح توڙي غلط لاڙا موجود هوندا
آهن. ڪهڙا صحيح ۽ ڪهڙا غلط، اهو فيصلو نه مان ئي
ڪري سگهان ٿو ۽ نه اوهين.
”منهنجي نظر ۾ ادب تمام وڏي رياض، گهري سوچ ۽
اونهي اڀياس کان پوءِ ئي پيدا ٿي سگهي ٿو، شاعر،
اديب ۽ فنڪار کي وڏي ذهني پيڙا مان گذرڻو پوي ٿو ۽
اهو لاڙو منهنجي نظر ۾ ادب جو صحيح لاڙو آهي. هلڪو
يا چالو ادب جنهن کي انگريزيءَ ۾
Adventurism
وارو ادب چئجي ٿو، ذهن کي غلط لاڙا ڏيندو آهي، ان
قسم جو ادب عارضي ٿيندو آهي، وقت جي پيداوار ۽
ٿوري وقت لاءِ هوندي آهي پر ان جو سماج تي جلد
گهرو اثر پوندو آهي، تنهن ڪري هن وقت اسان کي تمام
گهري سوچ کان ڪم وٺڻ گهرجي. هڪ سٽ لکون ته اها
سوچي ۽ سمجهي لکون ته ان جو سماج تي ڪهڙو اثر
پوندو؟
”مون کي هن وقت ارنيسٽ هيمنگوي جو هڪ قول ٿو ياد
پوي. چيو اٿائين: ’اديب هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ جي مثال
آهي جيئن ٿورڙيءَ غلطيءَ سان ڪنهن ڪنواريءَ جو
ڪنوارپ ختم ٿي سگهي ٿي، اهڙي طرح اديب جي بي
ايمانيءَ سان لکيل هڪ سٽ، سندس سموري ڄمار جي
جاکوڙ تي پاڻي ڦيري سگهي ٿي-‘ ادب جي بارگاهه ڏاڍي
ڏکي آهي. اتي قدم رکجي ته پوءِ شاهه سائينءَ جي
اها سٽ ياد رکڻ گهرجي، ’ڪت ڀي ڪنب ڀي، اڳيان
توريندڙ تکا‘.“
-سنڌي ادب ڪيتري حدتائين عالمي ادب کان اثر ورتا
آهن؟
”دنيا ته الڳ الڳ ڪوٺين ۾ بند ٿيل ڪونهي. دنيا ۾
ماڻهن جو وهڪرو پئي ٿيو آهي ۽ خيالن جي ڏي وٺ
ٿيندي پئي رهي آهي. هڪ ڳالهه پڙهي ۽ ڏسي مون کي
عجب لڳو ۽ اوهان کي به تپرس وٺندو. عام طرح سان
چيو ويندو آهي ته شاهه سائين روميءَ کان متاثر هو
۽ سندس هڪ ٻه بيت روميءَ جي معنيٰ وارا به ٻڌايا
وڃن ٿا ۽ مون جڏهن لطيف جو سر کنڀات ۽ تلسيداس جي
تلسي، ڪيرت رامائڻ پڙهيو ته سر کنڀات مون کي تلسي
ڪيرت رامائڻ جي ٻي ڪانڍ، ايوڌا ڪانڍ واري معنيٰ جو
لڳو. سو اِهو ظاهر ٿيو ته شاهه نه رڳو فارسيءَ پر
هندي شاعرن کان به متاثر هو.
”ساڳي طرح سان جڏهن اسان وٽ فارسيءَ جي حڪمراني ٿي
ته اسان جي شاعرن فارسيءَ ٻوليءَ کان اثر ورتا، پر
ڊاڪٽر سورلي شاهه بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته
ان دور ۾، جڏهن ته فارسي قسم جي شاعري ڪرڻ، فارسي
قسم جي خيال، عروض ۽ قالب ڪم آڻڻ فيشن هو، پر شاهه
سائينءَ ان سڄي روايت کان بغاوت ڪري شاعريءَ جو
نئون طريقو ايجاد ڪيو، جيڪو هن جي ملڪ جي ماڻهن جي
طبيعت وٽان هو.
ان کانپوءَ انگريزن جو دور آيو ته انگريزيءَ جو
اثر پيو. مرزاقليچ بيگ ڪيترن ئي انگريزي شاعرن جا
ترجما ڪيا. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ کي ڏسجي (جنهن
کي اسين جديد شاعريءَ جو بنياد چئون ٿا) ته اها
فارم ۽ فڪر جي خيال کان انگريزي قسم جي شاعريءَ جي
گهڻو ويجهو نظر ايندي.
هاڻوڪي دور ۾ به اوهان ڏسندا ته اوهان کي شيخ اياز
جي شاعريءَ ۾ سريئلزم (حد کان وڌيڪ حقيقت نگاري)
شمشير وٽ
Abstract
شاعري آهي. امداد جي شاعريءَ ۾ اوهان کي جديد
زماني جي بسن ۽ موٽرن جي دونهين جو ذڪر ملندو،
مشيني زندگيِ جي پيچيدگين جا عڪس ملندا. قمر شهباز
تي ٽي. ايس ايليٽ جو اثر نظر ايندو. پر مغربي
شاعريءَ جي انهيءَ طرز کڻڻ جي باوجود به اسان جي
شاعرن اردو شاعريءَ جيان فڪر کان وانجهه ٿي
پنهنجيون روايتون نه ڇڏيون آهن (پر پاڻ انهن کي
وڌيڪ سونهن ڏني اٿئون). اسان جيڪڏهن ڪنهن ٻوليءَ
کان اثر ورتو به آهي ته ڌرتيءَ تي پنهنجا پير پختا
ڪري بيٺا آهيون.“
- مغوم کان تنوير ٿيڻ واري سمر جا سبب ۽ روداد؟
”اهي ٻن قسمن جا سبب هئا. هڪڙا داخلي ٻيا خارجي.
ان وقت مان بزم خليل ۽ عروض سکندو هوس ۽ جميعت
الشعراءِ واري دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون
محسوس ڪيو ته اها شاعري رڳو غزل تائين محدود هئي ۽
غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيان لفظ
جملا، ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال ورائي ورائي ڪتب آندا
ويندا هئا.
”اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان
پڙهو تڏهن به ساڳي ڳالهه. وري جڏهن فارسي شاعريءَ
کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم پتو پيو ته فارسيءَ
وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري بيٺا آهن. اهي
اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌيءَ ۾ اچڻ لڳيون
آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي
خواهش هئي، انهيءَ جي اڃ انهيءَ ٻوليءَ مواد ۽
روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿي.
”ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن،
لوين ۽ پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙيل ۽ مجبور ماڻهن جا
انبوهه آهن، انهن سان به ڪورشتو آهي. وطن ويڙهيچن
سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا پنهنجا آهن.
انهن جا ڏک ۽ سور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه
ئي آئي، تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون
تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي
ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون هيون جن مون کي
مغموم مان تنوير بڻايو. ”منڍ منڍ ۾ مون ۽ منهنجي
ساٿين جڏهن ان قسم جي شاعري ڪئي، پڙهي ۽ پيش ڪئي
ته ماڻهو وائڙا ٿي ويندا هئا، پر ٿوري عرصي
کانپوءِ اسان ڏٺو ته اسان جي شاعريءَ تي ڪڏهن
ماڻهن جي اکين ۾ مرڪ تري ايندي هئي ته ڪڏهن لڙڪ
لڙي پوندا هئا. اسان پنهنجي شاعريءَ کي جيئري
جاڳندي ڏٺو.“
-نئين ۽ سائنسي دور ۾ مجموعي طرح ادب جي حيثيت؟
”سائنس جو دور رڳو اڄوڪو سائنسي دور ڪونهي پر هر
دور سائنسي دور آهي. جڏهن ڦيٿي جي ايجاد ٿي ته اها
به وڏي ۾ وڏي سائنسي هئي. ان کانپوءِ باهه جي
ايجاد، ريل گاڏيء ۽ هوائي جهاز نڪتا، تڏهن به ادب
هوندو هو پر ادب جا قدر ماڻ ۽ ماپا هر دور سان
بدلبا رهيا آهن. لوڪ ادب وارو اهو دور، اڄ بيوس،
وارو اهو دور، اڄ ڪونهي. اڄ جيڪو اسان جو دور آهي
يا جو ڪجهه هلندڙ دور ۾ اسين لکي ۽ ڏئي رهيا
آهيون، ٿي سگهي ٿو ته اهو اسان جي ايندڙ نسل لاءِ
ايترو ڪمائتو نه هجي. هو اسان جون لکڻيون ۽ ڪتاب
ته پاڻ وٽ سنڀالي رکندا پر ان دور ۾ انهن جا
پنهنجا مسئلا هوندا، جن لاءِ کين ان دور جوئي ادب
ڪم ايندو.
”سائنس نه ته ادب کي نقصان پهچائي ٿي سگهي ۽ نه ئي
ان کي ختم ڪري ٿي سگهي. سائنس ته بي مقصد جاچ جو
نالو آهي ڪنهن شيءَ کي سمجهڻ ۾ پروڙڻ جو جذبو. ادب
سائنس کان مٿڀرو آهي. ان وٽ پنهنجا ماڻ ۽ ماپا
آهن. ڏٺو وڃي ته سائنس ائٽم بم ٺاهي ٿي ته
ايئرڪنڊيشنر به. سائنس ائٽمڪ انرجيءَ سان انسانن
جي بيمارين جو علاج به ڪري ٿي ته ائٽم بم سان
انسانن ۾ اهڙيون ته خطرناڪ بيماريون پيدا ڪري ٿي،
جن جو ڪو علاج ناهي. سائنس بي مقصد شيءَ آهي، پر
ادب وڏو مقصد رکي ٿو. ان جا ڪيئي منصب ۽ ڪارج آهن.
جن سان ادب کي ڪوبه ڇيهو رسائي نه ٿي سگهي، پر ادب
سائنس جي رهنمائي ڪري ٿو.
”انسان جيترو وڌيڪ ميڪانڪي ٿيندو، تيتروئي هن کي
ادب جي ضرورت وڌيڪ محسوس ٿيندي. اوهان ڏٺو هوندو
ته مغرب جا اديب ۽ دانشور يورپ ۾ سائنس جي تباهين
جي خلاف جيڪي تحريڪون هلائي رهيا آهن، تن مان
برٽينڊرسل جو مثال وٺي سگهجي ٿو. هن جو چوڻ هو ته
ائٽم جو استعمال، انسان جي چڱڀلائي ۽ امن لاءِ
ٿئي. ميڪانڪي زندگيءَ سان ماڻهن جي ذهن تي جيڪو ٿڪ
ٿيندو ۽ ڇڪ ايندي اهو ادب ٿيندو ۽ ان جو علاج
ڪندو.“
اوهان ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ڪهڙي رخ کان اڀياس
ڪري رهيا آهيو؟
”مان شاهه سائينءَ کي پڙهندو رهندو آهيان ۽ مان ته
شاهه کي شاعر ئي ٿو سمجهان، منهنجي نظر ۾ شاهه
وليءَ کان وڌيڪ آهي. مون شاهه جي شاعراڻين خوبين
کي پنهنجي سموري زندگيءَ جي مطالعي ۽ مشاهدي جي
روشنيءَ ۾ پرکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. هن مهل تائين
تمام گهٽ ماڻهن شاهه جي شاعريءَ بابت لکيو آهي، پر
هن به لکيو آهي ته رڳو هن جي سوانح، روحانيت ۽
تصوف بابت لکيو آهي. بهرحال اهو به شاهه جي
شاعريءَ جو هڪ پهلو آهي، پر سڀ شاهه ته ڪونهيٰ
شاهه جا ٻيا به پهلو آهن جيڪي اجارڻ گهرجن. مان
پنهنجي خيال کان، اڀياس لکي رهيو آهيان جنهن ۾
منهنجو خاص نقطه نظر اهو آهي ته شاهه دنيا جو
پهريون شاعر هو جنهن عوامي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيو،
جنهن جي ٻولي ان وقت جي عام ماڻهوءَ جي ٻولي هئي.
شاهه جي شاعراڻي يا ادبي ٻوليءَ ۽ ان دور جي عوامي
ٻوليءَ ۾ ڪو ويڇو ڪونهي. شاهه جن ڪردارن کي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ ڳايو آهي اهي کانئس اڳ جي شاعرن جا ڪردار
هئا. شاهه کان اڳ جي شاعريءَ جي ڪردار ديويون،
ديوتا، باڇا، شهزادا يا وڏا وڏا جنگي سورما هئا.
جيئن تلسي داس، هومر يا شيڪسپيئر جا ڪردار. پر
شاهه جا ڪردار يا سورما عام ماڻهو آهن جيئن ٻيجل،
چنگ وڄائڻ وارو، سسئي، مارئي ۽ نوري وغيره وغيره،
عام رواجي ڇوڪريون.. شاهه جي شاعريءَ جو اهو خاص
پهلو آهي جنهن تي آءٌ لکي رهيو آهيان.
”مون شاهه کي هڪ عڪسي شاعر ڪري سمجهيو آهي.. تمام
ٿورا اهڙا شاعر آهن جن اهڙي نموني جي عڪسي شاعري
ڪئي هجي جڏهن سهڻي ٻڏي ٿي تڏهن سهڻيءَ جو جسم ۽ ان
جي خوشبو دريا جي پاڻيءَ ۾ ملي وڃي ٿي، شاهه چوي
ٿو:
لهر مڙيو ئي لال، وهڻ کٿوريان وترو
اوٻارا عنبير جا، جر مان اچن جال.
”اهو عڪسي شاعريءَ جو املهه نمونو آهي، جنهن جو
اوهان کي مثال سموري دنيا جي شاعريءَ م ملي نه
سگهندو.
”ٻيو مثال سر مومل راڻي ۾ آهي، جنهن ۾ مومل ۽ سندس
ڀيننرون تلاءُ تي وهنجن ٿيون. ان جو عڪس شاهه هن
بيت ۾ هينئن ڪڍيو آهي:
جنهن تڙ ڌوڙون ڌون، چوٽا چندن چڪ ڪيو
اچن ڀنور ڀنڀوليا پاڻيءَ تنهين پون،
راول رتو رون، ڪو وهه لڳو واسئين.
؟ڏاڍو عجيب شعر آهي.
”ٻيو پهلو شاهه جي علامتي شاعريءَ جو آهي. هتي
شاهه جي هر شعر ۾ ڪو روحاني راز چيو وڃي ٿو. ازرا
پائونڊ چيو آهي ته شعر جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي
ته ان کي جيترن مختلف معنائن سان پيش ڪري سگهجي
تيترو گهٽ آهي.
”شاهه جا شعر علامتي آهن. شاهه جي هڪ شعر مان
سياسي ورڪر پنهنجي معنيءَ ڪڍندو، عاشق هوندو ته
پنهنجي مطلب جو مطلب ڪڍندو ۽ صوفي هوندو ته ان جي
معنيٰ پنهنجي خيال کان ڪڍندو.
آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج.
”پرين ۽ سج ٻه علامتون، سياسي ورڪر چوندو ته
منهنجي زندگيءَ جو مقصد پورو نه ٿيو، مان مري رهيو
آهيان. عاشق چوندو ته سج لهي ويو، محبوب سان ملي
نه سگهيس. صوفي چوندو ته الله سان ملي نه سگهيس،
زندگي پوري ٿي وئي ۽ مشاهدو نه ٿيو.
”شاهه جي علامتي شاعريءَ کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو
ويو آهي، جيتوڻيڪ هر شعر جي هر طريقي سان معنيٰ ٿي
سگهي ٿي. علامت ساڳي شيءَ جو نالو آهي جنهن تي
ڪهڙو به پوش چاڙهي سگهجي ٿو.
”ٻيو پهلو شاهه جي شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جو آهي .
علامه صاحب واري موسيقي نه، جيڪا ڳائي سگهجي،
هونءَ ڪلام ته هر ننڍي شاعر جو ڳائي سگهجي ٿو. لوڪ
گيت ڳائي سگهجن ٿا، پر شاعريءَ جي موسيقي جنهن
لاءِ ازرا پائونڊ چيو آهي ته شعر جيڪو ڳائجي نه،
پر وڏي آواز پڙهجي ته لفظن جا اچارا اهڙا هجن جن
مان موسيقيت جو اظهار ٿيندو هجي. جيئن:
آکون ڊاکون سر کنڊ شاخون، چوٽا چندن ڪونر
”اهو شعر جيڪو سنڌي نه سمجهندو هوندو، سو به لفظن
جي اچار واري موسيقيءَ کي ضرور سمجهندو ۽ محسوس
ڪندو.
”اهي سڀ ڳالهيون جديد شاعريءَ جي تنقيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ
کي سامهون رکي پنهنجي اڀياس ۾ لکي رهيو آهيان.“
سوجهرو بابت اوهان جي راءِ؟ |