هاڻي اهي بنيادي خصوصيتون بيان ڪندس، جن موجودهه
دور جي شاعريءَ کي امتيازي رنگ بخشيو آهي.
اسان جي جديد شاعريءَ جو مزاج ۽ لهجو سليس ۽ سادو،
وڻندڙ ۽ نرم آهي- ائين چئجي ته اسان جا شاعر
اڄڪلهه پنهنجي ’قومي مزاج‘ کان با خبر آهن، سندن
شعر جو سڀاءُ، پنهنجيءَ قوم جو مخصوص سڀاءُ آهي.
هنن جي تخاطب جا انداز پيارا آهن. هو پنهنجي
پرينءَ کي ’دلربا‘، ’مهه لقا‘، ’مهه جبين‘، ۽
’ماهه وش‘ بدران ’سائين‘، ’سهڻا‘، ’مٺڙا‘، ’ماکي
جهڙا‘ وغيره لفظن سان ٿا پڪارين. هنن جو پيار
سنڌوءَ جي ماٿريءَ جو، مهراڻ جي مڌ ۾ ٻڏل پيار
آهي. ان ڪري، هنن جي شاعري ۽ هنن جو اظهار فطري
پيو لڳي.
منهنجا پرين- او بانورا، او سانورا
___ اياز
ڪيتري نه گذري وئي راتڙي گهڻي، سائين
آءُ ڀي کڻي
سائين! ___ هري دلگير
او پدمڻي، هيري ڪڻي! ___
گرامي
تون به وسار ۽ مان به وساريان، آڻ مڃي پو
جهڳڙو ڇا جو؟
___ شيخ راز
ٻي خصوصيت جيڪا جديد شاعريءَ جي جان آهي، سا آهي
انفراديت. اسان جي جديد دور جي هر سٺي شاعر ڪوشش
ڪري پنهنجي تخليق ڪئي آهي. پنهنجن ذاتي مشاهدن،
تجربن ۽ احساسن کي بيان ڪيو اٿس. ان ڪري، هن دور ۾
ڪيتريون تشبيهون، استعارا، اصطلاح ۽ محاورا اسان
جي شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن، جيڪي شاعريءَ
لاءِ بلڪل نوان آهن. تخليقي صلاحيت شاعري يا ادب
جي ڪنهن به حصي جي جان آهي. پوءِ اها تخليق ڪا سٺي
تشبيهه هجي، ڪو سٺو استعارو هجي، ڪو سهڻو محاورو ۽
اصطلاح هجي يا ڪو اعلي! خيال. روايتي شاعريءَ جي
سٽيل ڪٽيل تشبيهن ۽ اصطلاحن کان بيزاري محسوس
ڪندي، اسان جي شاعرن پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي،
هنن نرگس بيمار جي تصور ڪرڻ بدران، نمن جي ٻور ۽
سونهن جي گلن جي سرنهن کي سميٽي پنهنجي شاعريءَ جو
پاند ڀريو.
ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا، نمن جهليو آ ٻور،
ڪيسين رهندين دور __ اياز
آءُ سرنهن گل ڪيا، آءُ پرين آءُ __
اياز
اڄوڪي شاعري ۽ روايتي شاعريءَ ۾ ٻيو نمايان فرق
آهي ماحول جو. شاعري دنيا جي ڪنهن به حصي جي هجي،
ان جو تعلق انسان جي بنيادي جبلتن مثال طور سونهن
سان پيار، وطن دوستي، زندهه رهڻ جي موهه وغيره سان
آهي. شاعري جذبن ۽ احساسن جو اظهار آهي، جذبا ۽
احساس انهيءَ بنيادي جبلتن جي ٿڙ جون ڌار ڌار
شاخون آهن. هر قوم جي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ اظهار
انهن ئي بنيادي جبلتن جي نشاندهي ڪندو آهي، تنهن
هوندي به اهو ڪنهن خاص رنگ ۾ ٻڏل ۽ ڪنهن خاص ماحول
سان وابسته هوندو آهي ۽ ان قوم جي جاگرافيائي،
تهذيبي، معاشرتي، ۽ نفسياتي صورتحال جو آئينو
هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ روايتي شاعري، جيئن مٿي لکي
آيو آهيان، فارسيءَ کان بي حد متاثر هئي، ان ڪري
ان جو ماحول به ايراني هو (روايتي محفلون، جن ۾
ساقي شراب کڻي پياريندو هو، رند ايندا هئا، جام تي
جام طلبيندا هئا، رقيب روسياهه به موجود هوندو هو)
سرو جا وڻ (جيڪي اسان رڳو تاج محل جي تصويرن ۾ ڏٺا
هئا) ۽ نرگس جي گل (جيڪي مون خواب ۾ ڏٺا آهن)
ايتري قدر ته بيان ڪندا هئا، ڄڻ ته اسان جي گهر
گهر ۾ نرگس ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سرو اڀو هو. ان مان
اهو نتيجو ٿو نڪري ته اسان جي اڳيان شاعر مشاهدي،
احساس ۽ تاثر
سڀني کان وڌيڪ مطالعي جي اثر هيٺ ۽ مطالعي جي
سهاري تي شاعري ڪندا هئا، جيڪو سندن تخليقي قوتن،
مشاهدي جي ڪمي، احساس جي ڪند هجڻ جو ظاهر ظهور
ثبوت هو ۽ منجهن تخليقي قوتن جي ناپيد هجڻ جو دليل
پڻ.
اڄوڪن شاعرن ’روايتي حسن‘ ۽ مطالعي جي سهارن کي
ڇڏي، پنهنجي مشاهدي جي قوت کي تيز ڪيو آهي ۽
پنهنجو احساس وڌيڪ اونهو ڪيو اٿائون، سندن شاعري
سرنهن جي گلن جي سڳنڌ ڦهلايو ڇڏيو، اونداهين راتين
۾ ٽانڊاڻا جهرمر لايو ڏين، ڪونجن جا ولر خيال جي
افق تي ڦڙ ڦڙ ڪيو اڏامن ۽ سنڌوءَ جون لهرون سندن
احساسن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪيو ڇڏين.
هنن جي شاعري بنديحانن ۾ ليئا پائي، قيدين جي حالت
ڏسيو اچي، بلڪ قيديءَ جي اندر ۾ پيهي سندن جذبا پڻ
ڪڍيو ٻاهر ڪري.
گهنٽيءَ سان هت صبح ٿئي ٿو، گهنٽيءَ سان هت شام
ٿئي ٿي وقت ڦري اطلاع ڏئي ٿو، گهنٽي ڪيڏا رنگ رچي
ٿي.
ننڍڙي گهنٽي، گهنٽي شاهي،
پر دل ۾ هردم اونداهي:
اچ وڃ اچ وڃ پهري واري اُنداهيءَ ۾ آءٌ ٻڌان ٿو
روشن آ يا رات اونداهي، اڀ کي پورو ڪين پسان ٿو.
- هري دلگير
اڄوڪي شاعري ڪچن گهرن ۾ لوڙهن مان ليئا پائي، اندر
جو لقاءُ ڪري ٿي:
ڪراڙيون پاڻ ۾ ويهي جڳن جا راز کولينديون
نڪن تي آڱريون ڏيئي نرالا ٻول ٻولينديون
قطار ۾ ويهي جيڏيون جوئان هڪٻئي جون ڳولينديون
جڏهن هو پنهنجي سيني تي سيهه واسينگ کولينديون
ٿي عاشق بيقرار ايندو
وطن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
بهار ايندو بهار ايندو. - گدائي
ڪڏهن ڪڏهن شيخ راز جهڙو شاعر ڪنهن کوهه طرف وڃي
نڪري، ته ڏندين آڱريون اچيو وڃنس:
کوهه جي طرف وري ايندي ڇا؟
جنهن کي مون ڪالهه ڏٺو،
ڍاڪ تي جنهن جي هو هڪڙو گهڙو؛
جنهن جي پازيب جي جهنڪار،
جنهن جي چوڙين جي جهنڪ،
جنهن جي ڪڙين جي ڇنڪ،
ڄڻ وڳو ساز نئون، راڳ نئون ڪنهن ڳاتو،
۽ ٻڌم گيت نئون،
منهنجي ڄڻ شعر جا بند،
پاڻ ئي پاڻ ٺهي راس ٿيا.
- شيخ راز
رات، اڪيلائي ۽ ڏيئو، ۽ الڪو- بردي ان جو ڪهڙو نه
نفسياتي نقشو ڪڍيو آهي:
سياري جي هر رات هيڪاندي مون آ ڏسڪي ڪاٽي،
الڪي کان سيرانديءَ سيري رکان روز ڏياٽي.
- بردو
اڄڪلهه جو شاعر ٺهيل ٺڪيل
(ready made)
تشبيهن، اصطلاحن، محاورن، بيان ۽ اسلوب جي طريقي
بد ران پنهنجي ذاتي ۽ انفرادي مشاهدن، احساسن ۽
فڪر کي پيش ٿو ڪري، هن جي ڪائنات ويڪري ۽ ڪشادي
آهي ۽ ان جي سونهن اٿاهه. هو پنهنجي پڙهندڙ جو
ڌيان اهڙي شين ڏانهن ڇڪائي ٿو، جيڪي لکندڙ ۽
پڙهندڙ ٻنهي جون ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل آهن، ان
ڪري هڪ طرف شاعر جو اظهار مڪمل ۽ جامع آهي ۽ سندس
شعر تاثر سان ڀرپور آهي، ته ٻئي طرف پڙهندڙ سندس
شعر کي پوريءَ ريت پروڙي سگهي ٿو ۽ ان مان پورو حظ
حاصل ڪري ٿو.
جديد ادب جي ٽئين خصوصيت آهي، پنهنجي ڪلاسيڪي اديب
جي ورثي کي سنڀالڻ. اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن (شاهه،
سچل، سامي ۽ حمل وغيره) جي شعرن جي هيئتن مثال
طور: بيت، ڪافي، وائي ۽ موضوعن کي پڻ نئين سر هن
دور جي ئي شاعرن جياريو آهي. اڄڪلهه بيت ڪافيون،
دوها ۽ وايون ٻن مختلف طريقن سان لکيون وڃن ٿيو:
هڪ گروهه انهن جا موضوع، ٻولي ۽ اسلوب ساڳيان
ڪلاسيڪي رکيا آهن، ته ٻئي گروهه رڳو هيئت ساڳي
رکي، ان جا موضوع ۽ اسلوب ٽوڙي ٻولي مٽائي ڇڏي
آهي.
پهرئين گروهه جيئن ته رڳو روايت ۽ تقليد جو سهارو
وٺي ڪوبه تخليقي ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي، تنهن
ڪري ان جو ذڪر اجايو ٿيندو. انهن جو حال به اهڙو
آهي، جهڙو فارسيءَ جي تقليد ڪندڙ غزل گو شاعرن جو.
رڳو محاورن جي ورجائڻ سان ٺهيل ٺڪيل موضوع کڻي،
لفظن کي ٻڌڻ سان ڪو ڪارنامو ته ڪونه ٿيندو؟
ٻئي گروهه انهن ئي هيئتن ۾ نوان موضوع آندا آهن.
مثال طور، ڊاڪٽر علي احمد جي ڪافي ’ٻڌ ائٽم جا ڌ
ڌڪار‘ يا اياز جا بيت:
سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا،
ڍء بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي.
ان کانسواءِ اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا موضوع
اسان جي جديد شاعرن بدلجندڙ ماحول جي نين تقاضائن
کي مدنظر رکي، هڪ دفعو وري استعمال ڪرڻ شروع ڪيا
آهن.
سسئي، مارئي ۽ ٻيجل بدران اسان جا فارسي زدهه شاعر
قيس، ليليٰ شيرين فرهاد ۽ بهزاد جو ذڪر ڪندا هئا.
اڄڪلهه جي شاعرن نه رڳو اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ
کي پنهنجو بنايو آهي، پر ان جي ڪيترين روايتن کي
جديد تقاضائن
سان هم آهنگ بنايو اٿن ۽ نئين رنگ ۾ رنڱيو اٿن:
ڏيان آگ گرنار کي گاهي گاهي
وري سر وڍايان وري چنگ چوريان.
_ شيخ اياز
زندگي بنجي نه شل سسئيءَ جا سور ۽ آس مومل جو
ڏهاڳ.
- نياز
همايوني
اسان جي جديد شاعريءَ جي چوٿين خصوصيت آهي، موضوعن
جي فراواني ۽ ندرت. ’ورڊس ورٿ‘ لاءِ ننڍي ۾ ننڍو
گل ۽ ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري ۽ ’شيليءَ‘ لاءِ چڪور ۽
’ڪيٽس‘ لاءِ بلبل شاعريءَ جا موضوع هئا. اسان جي
فارسي زدهه شاعرن جا موضوع فطرت بدران ڪتابن مان
چونڊيل هوندا هئا. سهڻا نظارا. ننڍڙيون ننڍڙيون
ڳالهيون ۽ روز مرهه جا واقعا سندن خيالن کي جاڳائي
نه سگهندا هئا. اڄ جا شاعر نه فقط پنهنجي ذاتي
مشاهدي ۽ فڪر جي اثر هيٺ تخليق ٿا ڪن، پر ان سان
گڏ بين الاقوامي معاملن جو ردعمل پڻ محسوس ٿا ڪن،
ڇو ته اڄ دنيا ۾ ادبي رشتن کي هڪ بين الاقوامي
وسعت ٿي چڪي آهي. شيخ اياز ’ٿوهر جو وڻ‘ ۽ ’هرڻ
هٺيلا‘ جهڙين عام چيزن کي ڏسي زندگيءَ جو فلسفو ٿو
سمجهائي، ته هري دلگير ’بمبئي جي شهر‘ کي ڏسي
انسان جي ميڪانڪي زندگيءَ جا راز ٿو سلي ۽ بردو
وري ’چڻن جا گل‘ ۽ ’واهڻ جي ڇوري‘ کي ڏسي موج ۾
اچيو وڃي. بين الاقوامي مسئلن تي نياز جو ’ايشيا‘
بشير مورياڻيءَ جو ’وچ اوڀر‘ ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي
نظم ملندا.
پنجين پر اهم خصوصيت آهي هيئت جا تجربا. موجوده
دور جي شاعرن هيئت جا ايترا ته تجربا ڪيا آهن، جو
ان جي بيان ۽ فني ڇنڊڇاڻ لاءِ هڪ ڌار مضمون جي
ضرورت آهي. مختصر طور رڳو ڪي خاص نڪتا آهن.
1.
ٻاهرين ٻولين جي شعر جون هيئتون سنڌيءَ ۾ عام ٿي
ويون آهن- جيئن آزاد نظم، سانيٽ ۽ ترائيل وغيره.
2.
ڪلاسيڪي هيئتن، بيت، ڪافي ۽ دوهي جو موضوع
3.
ڪلاسيڪي هيئتن ڪافي ۽ وائيءَ ۽ فارسي ٽيڪنيڪ واري
بحر وزن کي ملائي ڪي نيون هيئتون پيدا ڪيون آهن.
ان ڏس ۾ بردي ۽ شيخ اياز جو ڪم قابل، ذڪر آهي.
4.
گيت کي اهو گيت رهڻ نه ڏنو ويو آهي، پر هڪ بند ۾
مصراعن جي انداز کي گهٽائي وڌائي ۽ مصراعن جي رڪنن
جي انداز کي گهٽائي وڌائي اڪيچار اظهار جا طريقا
تخليق ڪيا ويا آهن.
5.
غزل جو فارسيءَ واري ڪلاسيڪي رنگ، لب لهجو ۽ ماحول
مٽائي ان کي ٺيٺ سنڌي ماحول، اسلوب ۽ موسيقيت جي
ويجهو آندو ويو آهي.
مٿين تجربن جا ڪيترائي مثال ملندا، جيڪي طوالت جي
ڪري نه ٿا ڏجن.
اسان جي شاعريءَ جي ڇهين ۽ آخري اهم خصوصيت آهي
ترنم ۽ موسيقيت.
اسان جي اڳئين دور جي شاعرن وٽ موسيقيت ته هئي، پر
ان جو آهنگ اسان جو ته نه پر فارسيءَ جو هو. هر
ٻوليءَ کي پنهنجي صوتي اثرات، پنهنجو لب لهجو ۽
پنهنجي موسيقي ٿئي ٿي.
اسان جي سنڌيءَ جي اصلي موسيقيت کي رڳو اسان جي
ڪلاسيڪي شاعرن ۽ جديد شاعرن اُڀاريو آهي، ان جو
ترنم، آهنگ، لفظن جي نرمي جيڪا اسان جي ٻوليءَ جي
سونهن آهي ان کي ڪڍي نروار ڪيو اٿن.
رات انڌيري، هير ٿڌيري، اڀ تي تار ڇايا
هاءِ پرين ياد آيا.
اڙي چنڊ اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه؟
سندس روپ سندس رنگ ائين آهه جيئن تون.
- شيخ اياز
ڪرڪن ڪونجون، لاهن مونجهون، ستا اٿن سودائي
اڄ ياد پرينءَ جي آئي
- بردو
ڀلا اوج تنهنجي ڀلا موج تنهنجي
عجب تنهنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون.
- حيدر بخش
جتوئي
مٿين مثالن مان معلوم ٿيندو ته نه رڳو موسقيت ۽
ترنم اسان جي ٻوليءَ جو پنهنجو آهي پر ان جي موضوع
سان پڻ وابستگي آهي، ان ڪري شعر وڌيڪ اثرائتا ٿيو
پون.
مختصر طور، اڄوڪو شاعر، سادي، سولي ۽ سٻاجهي انداز
۾ انفرادي، ذاتي مشاهدي، احساس ۽ فڪر سان وڻندڙ
پياري لهجي ۾ پنهنجي چوڌاري پکڙيل سونهن جو اظهار
مٺي موسيقيءَ ڀريل ٻوليءَ ۾ ٿو ڪري، جنهن به شاعر
۾ مٿيون خاصيتون نظر اچن ته بنا هٻڪ جي سمجهو ته
اهو جديد شاعر آهي.
مهراڻ 2،1- 1960ع
ادب ۽ سائنس
ادب نه رڳو زندگيءَ جي عڪاسي آهي، پر ان سان گڏ ان
تي تنقيد پڻ- اسان جي سدا بدلجندڙ ٻاهرين ڪائنات،
اسان جي دل تي سدا بدلجندڙ عڪس ٿي وجهي، اسان جي
دل انهن مختلف اثرن جو مختلف طريقي سان ردعمل ٿي
ڏئي.
اديب به انسان آهي، ان ڪري هر اها شيءِ جنهن جو
سڌي يا اڻ سڌي طرح اسان جي زندگيءَ جي مسئلن يا
اسان جي ٻاهرين ڪائنات سان واسطو آهي، سا اديب جي
دل تي اثر ڪري ٿي، اديب نه رڳو پنهنجن مشاهدن،
تجربن ۽ پنهنجي آڏو لنگهندڙن واقعن جو اثر قبول
ڪري، ان جو سڌوسنئون عڪس موٽائي ٿو، پر ان کي
پنهنجي ذاتي شعور ۽ جذبن جي رنگ ۾ رڱي ان جو اظهار
ٿو ڪري، اديب جي شخصيت ان ڪري ئي ادب ۾ وڏي حيثيت
ٿي رکي جو ان ۾ اديب جو ذاتي شعور پڻ شامل آهي.
اديب جي شخصيت جي نشو ونما جنهن ماحول ۾ ٿئي ٿي،
ان جو سندس دور ۾ پيدا ٿيل ادب تي وڏو اثر پوي ٿو.
هر دور ۾ انساني شعور ڪجهه اڳتي وڌي ٿو. جيئن وقت
گذرندو ٿو وڃي، تيئن اسان جي علم ۾ اضافو ٿيندو
وڃي ٿو ۽ اهو اسان جي علم جو اضافو مختلف دورن ۾
مختلف قسم جو فڪري ماحول پيدا ٿو ڪري، جنهن سان
اديب جو سنئون سڌو تعلق آهي.
اسان جي دل ان بي جان پٿر وانگر ناهي، جنهن تي سدا
وسندڙ مينهن ڦڙا سوراخ پيدا ڪريو ڇڏين، پر اها
جيئري جاڳندي، اثر قبول ڪندڙ ۽ متاثر ڪندڙ چيز
آهي. اديب نه رڳو ٻاهرين دنيا کان متاثر ٿئي ٿو پر
ان سان گڏ ٻاهرين دنيا کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت رکي
ٿو. ادب جا مکيه مقصد ٻه آهن- اظهار ۽ تاثر. ٻنهي
جو اسان جي چوڌاري وسندڙ ٻاهرين دنيا سان ڳوڙهو
ڳانڍاپو آهي- ڇو ته ڏسون ته سائنس جو انهن ٻنهي
دنيائن سان ڪيترو ڳانڍاپو آهي.
اسانجي ٻاهرين دنيا- چنڊ تارن، گلن ڦلن، جهنگن
جبلن، انسانن ۽ جانورن واري دنيا سدائين پئي مٽجي
سٽجي، ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو اهو سلسلو ازل کان ابد تائين
جاري آهي. اسان جي سونجهڻ جي جبلت
(Curosity Instinct)
جنهن مان اسانجي سائنس جو چشمو ڦٽي نڪتو آهي، تنهن
انسان کي سدائين ڪائنات جي ذري ذري کي سونجهڻ ۽
سوچڻ تي پئي مجبور ڪيو آهي ۽ ان مان حاصل ٿيل علم
جي وسيلي، سندس نين نين کوجنائن، سندس چوڌاري
وسندڙ دنيا جي رخ تي نت نوان نقشا پئي ڪڍيا آهن،
اڄ کان سو سال اڳ جي اديب جي چوڌاري جيڪي چيزون
هيون، سي اڄوڪي اديب جي چوڌاري ناهن. اڄو ڪو اديب
پنهنجي افسانن ۾ بيل گاڏين جي بدران ريل گاڏين جو
ذڪر ڪري ٿو. اڳي جو شاعر تيرن ۽ بڙڇين تي اڪتفا
ڪندو هو، پر اڄوڪو شاعر پنهنجي چوڌاري بدلجندڙ
دنيا کان متاثر ٿيڻ شروع ڪيو آهي، احمد ملاح جو
هڪڙو شعر هتي مثال لاءِ ڪافي ٿيندو:
”منجهه اکين احمد چوي، تو ڪئي دوناليون ڌاريون،
سي سڌيون سيني اندر ڇيرا وجهيو ڇوڙين بيٺو.“
اديب جي اندر ۾ وسندڙ ڪائنات- سندس خواهشن، جذبن،
امنگن، حيرتن ۽ خوفن واري ڪائنات- سائنسي تبديلين
سببان گهڻو ئي بدلجي ويئي. سائنس جي ترقيءَ گهڻن
ئي حقيقتن کي بي نقاب ڪيو نين نين حقيقتن جي بي
نقاب ٿيڻ ڪري، انسان جي سوچ هڪ نئين موڙ تي اچي
بيٺي. اسان جا سڌو سنئون زندگيءَ سان تعلق رکندڙ
مسئلا بدلجي ويا، هڪڙا مسئلا ماضيءَ جي اوندهيءَ ۾
غائب ٿي ويا، ته ٻيا مسئلا زندگيءَ جا مستقبل جي
افق تان ڪر کڻي بيٺا، سماجي، اخلاقي، مذهبي، معاشي
۽ سياسي قدرن ۾ گهڻو ئي ڦيرو آيو. اسان جي چوڌاري
سدا بدلجندڙ دنيا جي انهيءَ انقلاب، اسان جي اندر
وسندڙ فڪري ۽ جذباتي دنيا ۾ انقلاب آندو. انهيءَ
فڪري انقلاب جو اهم اثر جيڪو ادب تي پيو، اهو هو
حقيقت پسندي
(Realism)
جو بنياد. اڳيان اديب گهڻو تڻو مابعد طبيعاتي
مسئلن ۽ غير فطري ڳالهين تي سوچڻ جا عادي هئا،
اسان جي سنڌي ادب ۾، گذريل صديءَ جو ادب گهڻو تڻو
اهڙي قسم جي ناولن ۽ قصن کي هڪ عجيب ۽ غير فطري
نموني ۾ پيش ڪيو ويندو هو. قصا فقط بادشاهن سان
تعلق رکندا هئا ۽ انهن ۾ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ
جي عڪاسي ۽ انهن سان لاڳاپو رکندڙ مسئلن جو ذڪر
نمايان نه هوندو هو، فڪري انقلاب اچڻ کانپوءِ اسان
جي ادب کي پڙهندڙ طبقي ۾ وسعت آئي ۽ اديب حقيقت
پسند ٿي پيا، ادب مان غير فطري سورمن جا ذڪر نڪري
ويا ۽ انهن جي جاءِ تي چرندڙ پرندڙ جيئرن جا ڳندن
ڪردارن جي فراهمي ٿي (شيدو ڌاڙيل، بلو دادا، شاهه
جو ڦر ۽ ٻيا اهڙا افسانا حقيقت پسنديءَ جو بهترين
مثال آهن) ادب مان وهمن ۽ وسوسن کي ڄڻ نيڪالي ملي
ويئي.
والبيڪ ۽ ٽيلر پنهنجي ڪتاب
(Civilization, Pastomd Presant)
۾ فن ۽ ادب واري باب ۾ ارڙهين صديءَ جي انگريزي
ادب تي بحث ڪندي لکن ٿا ته: ”ارڙهين صديءَ جو ادب
گهڻو ڪري ذهن
(Intellect)
جي پيداوار آهي، نه دل جي. منجهس جذبي کان وڌيڪ
دليل
(Reason)
آهي.“ اها راءِ قدري صحيح هجي پر قطعي طور تي مڃڻ
جهڙي ناهي، ڇو ته ادب جو واسطو جذبي ۽ فڪر ٻنهي
سان آهي، حالانڪ جذبو ۽ فڪر، ٻيئي ادب جي چوڌاري
وسندڙ ٻاهرينءَ دنيا جو رد عمل آهي. جذبو هڪ شديد
تاثر جو اوچتو، شديد ۽ فوري ردعمل آهي ۽ فڪر ان جو
دير سان پيدا ٿيل سمجهيل ۽ سوچيل رد عمل آهي. ورڊس
ورٿ پنهنجي
(Preface of Lyrical Ballads)
۾ شاعري ۽ سائنس تي بحث ڪندي لکي ٿو ته: ”سائنسدان
سچ جي ڳولا ٿو ڪري پر ان لاءِ سچ هڪ پر اهين ۽ اڻ
ڄاتل چيز آهي، جنهن کي هو پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ ويهي
ٿو پوڄي، پر شاعر هڪ اهڙو گيت ٿو ڳائي جنهن ۾
سموري انسانذات هن سان شامل آهي. هو سچ جي وجود
مان هڪ مسرت ٿو حاصل ڪري ۽ سچ کي پنهنجو جيئرو
جاڳندو دوست ٿو سمجهي. شاعري سڀني علمن جو ساهه ۽
لطيف روح آهي.“ |