اڳتي لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن سائنسدان جون محنتون اسان
جي حالتن ۾ سڌو يا ڪو اڻ سڌو مادي انقلاب آڻينديون
ته شاعر به خاموش رهي ڪونه سگهندو اهو نه رڳو عام
اڻ سڌن اثرن هيٺ، پر ان سان گڏوگڏ سائنس جي ئي شين
مان احساس وٺي اڳتي وڌندو.“
اهو ساڳيو وردس ورٿ ساڳي مضمون ۾ ’شعر کي جذبن جي
اوچتي اٿل’ ٿو سڏي. اسان جي ذهني انقلاب جو اثر
اسان جي جذبن جي ماهيت تي نه پوي ٿو پر انهن جي
شدت تي نه ٿو پوي. جذبا هر حالت ۾ اوترائي شديد
رهن ٿا ۽ انهن جو اظهار به اوتروئي شديد. ان
کانسواءِ ادب جا ڪنهن قدر جن جو تعلق گهڻو تڻو
انسان جي جذبن سان آهي، انهن تي سائنس جو ايترو
گهرو اثر نه پيو جيترو فڪري ادب تي، چنڊ جي
اونداهي گرهه هئڻ جي حقيقت جو واسطو اسان جي
زندگيءَ سان ايترو سڌو ۽ ويجهو تعلق ناهي، ان ڪري
اسان جو اديب ان حقيقت کي ڄاڻندي به لنوائي ٿو.
’گليلو‘ جي کوجنا، ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي،
انسان جي علمي ۽ فڪري دنيا ۾ طوفان مچائي ڏنو، پر
ادب تي ان جو اثر خيرڪي پيو. ’وزيوئلس‘ جي انڪشاف
تي عورت ۽ مرد ٻنهي کي ٻارهن پاسريون آهن، مذهبي
دنيا ۾ وڏو وڳوڙ مچايو، پر ان حقيقت کان جيترو
پادري متاثر ٿيو، اوترو اديب ڪين ٿيو.
مٿين حقيقتن مان ايتري ڄاڻ پيئي ته سائنس جتي جتي
سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح، اسان جي زندگيءَ سان، اسان
جي فڪري دنيا سان ٽڪر کاڌو آهي، اتي اتي ادب ان
کان متاثر ٿيو آهي ۽ جتي سائنس ادبي روايتن ۽
انسان جي بنيادي جذبن سان هٿ چراند ڪئي آهي، اتي
ادب تي اثر وجهي نه سگهي آهي. موجوده سنڌي ادب ۾
جتي اسان کي شمشير جو اڄوڪي خلائي سائنس جي ترقيءَ
کان متاثر ٿي لکيل نظم ملي ٿو، اتي پڻ سندس اونهن
جذبن جي اپٽار ملي ٿي جيڪي روايتي رنگ ۾ بيان ڪيا
ويا آهن:
”لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا،
بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا.“
شيخ اياز ٽرام کي زندگيءَ سان
(Symbolize)
ته ڪري ٿو پر ساڳي وقت پنهنجي چوڌاري بدلجندڙ
دنيا، بدلجندڙ حقيقتن کان پوري ريت با خبر هوندي
به چنڊ سان چاهه ٿو رکي- انهيءَ روايتي نموني ۾
جنهن طرح اسان جا ڪلاسيڪي شاعر لکندا هئا ۽ هو چنڊ
سان ڳالهائڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي:
چئي سگهندين چنڊ، مون کان ننڊ ڪنهن کسي،
ڏئي سگهندين چنڊ، مون کي پيار پريءَ جو.
هري دلگير موجود دور جي افراتفري ۽ ڀڄ ڊڪ واري
ماحول ۾ انسان جي ميڪانڪي جانور ٿي وڃڻ تي روئندي
لکي ٿو ته:
”ريل بجليءَ تي هلي ٽرامون به بجليءَ تي هلن،
ڀانئجي ٿو هتي ته ماڻهو به بجليءَ تي هلن.“
پر ان سان گڏجي هن جي جذبن جي اوچتي اٿل جو موقعو
اچي ٿو ته اتي چوي ٿو:
منهنجي راڻي ڏينم موڪل تنهنجي گلشن ۾ اچان،
ماڪ آلا اڌ ٽڙيل رابيل جا گلڙا ڇنان،
تنهنجي چوٽيءَ ۾، وجهان تنهنجي ڪراين ۾ ٻڌان.
موهن ڪلپنا جو افسانو ’پريم ۽ سندرتا‘ موجوده
ماديت ۽ جماليت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ تمام سهڻو عڪس
آهي، سندس ڪردار اهو سوچڻ لڳي ٿو وڃي ته آخر جڏهن
انسان جو جسم چند ڪيميائي ۽ طبعي اڻن جي هڪ خاص
جوڙجڪ جو نالو آهي ته پوءِ پريم ۽ سندرتا ٻئي
ڪهڙيون چيزون آهن؟
سائنس انهيءَ حقيقت تان نقاب کنيو ته انڊلٺ جا رنگ
مينهن ڦڙن مان لنگهڻ ۽ اڇي روشنيءَ جو ٽڙي پکڙي
وڃڻ جي پيداوار آهي. تڏهن به انڊلٺ جي سونهن ۽
انسان تي ان جو اثر، ان جي جذبن سان لاڳاپو ۽
انسان جو سونهن سان پيار ڪرڻ جي جبلت تي ڪوبه اثر
نه پيو.
هيءَ رسيلي شام، کهنبي ۾ ڪنوار،
انڊلٺ جو پائي هار،
آسمان جي سيج تي ليٽي پئي.
(اياز)
اسان جو سنڌي ادب سائنس کان ايترو متاثر ٿيو آهي
جو اديبن جي سوچ جو رخ ئي ڦري ويو آهي.. ان جو
پهريون سبب سائنسي حقيقتن جو انساني فڪر کي سڌي
طرح متاثر ڪرڻ- جهڙي طرح ٻين ملڪن ۾ نه پر ان
کانسواءِ اسان جي ادب ۾ تازي آيل اوچتي انقلاب جو
واسطو پڻ اڻ سڌي طرح سائنس سان آهي.
اسان جي ادبي ٻولي ۽ ادبي موضوع جيڪي گهڻو تڻو عام
جي سمجهه کان مٿي هوندا هئا، اهي هينئر گهڻي قدر
سليس ۽ عام فهم ٿي ويا آهن. ان جو وڏو سبب آهي ادب
جو اڳي کان وڌيڪ عام ٿيڻ. پريس جي ايجاد کان اڳ
ادب رڳو ڪن خاص حلقن تائين محدود هو. ڪتابن جي
ڇپجڻ سان ادب گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچڻ لڳو
۽ سستو ۽ سولو ٿي پيو. اديب جا مخاطب اڳي ٿورا ۽
محدود هئا، پر هاڻي انهن جي پڙهندڙن جو حلقو وسيع
ٿيندو ويو، سندس اهميت ۽ جوابداريون وڌي ويون. ان
ڪري اهو لازمي ٿيو ته هو پنهنجي ٻولي ۽ خيالن ۽
موضوعن کي نه رڳو عام ماڻهن جي سمجهڻ لائق بنائي،
پر پنهنجي ادب ۾ عام ماڻهن جي مسئلن، انهن جي
زندگي ۽ انهن جي جذبن جي اپٽار ڪري.
اها تحريڪ جيڪا بيوس کان شروع ٿي سا اڄ وڌي وڻ ٿي
ويئي آهي. بيوس جنهن دور ۾ پيدا ٿيو ان دور ۾ ادب
جا موضوع ۽ ٻولي ٻئي عام سمجهه کان ٻاهر هئا، ان
وقت کان ٿورو ئي اڳ ڪتابن جو ڇپجڻ عام ٿيو هو.
بيوس جا موضوع عام سڌي سادي زندگيءَ مان ڦٽي نڪتا
هئا ۽ سندس ٻولي عام ماڻهوءَ جي زبان مان نڪتل
لفظن واري ٻولي هئي ان ڪري ڏسندي ڏسندي سندس تحريڪ
سڄي سنڌي ادب تي ڇانئجي ويئي.
سنڌي ادب جي موضوعن ۾ پڻ گذرندڙ دور ۾ ڪافي تبديلي
آئي آهي، هڪ ته اهو ذهني ۽ فڪري انقلاب ان جو سبب
آهي جيڪو سائنس جي ذريعي اسان جي اديبن جي ذهن کي
سڌي طرح متاثر ڪندو ويو آهي ۽ ٻيو سبب آهي هن
ڌرتيءَ جو ويڙهجي سيڙهجي سوڙهو ٿي وڃڻ. سائنس نه
رڳو پريس جي ايجاد ڪري ادب کي سستو ۽ عام ڪيو آهي،
پر ان سان گڏ مواصلات جي سهوليتن، ريڊيو، ريل ۽
تارن جي ڪري سڄي دنيا ڄڻ هڪ گهر ٿي ويئي آهي، ان
ڪري هڪڙي ملڪ جو ادب سولائيءَ سان ٻئي ۾ پهچي ٿو ۽
اتي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. اڄ جو ائٽمي دور سڄي دنيا
جي ماحول کي ايترو اڳتي ڇڏيو آهي جي ڪنهن به هڪڙي
ملڪ جا حالات، مجموعي طرح، سڄي انسان ذات سان
وابسته آهن. مٿين حقيقتن ڪري. اسان جا اديب ٻين
ٻوليءَ جي ادب جو اثر تڪڙو تڪڙو قبول ڪن ٿا ۽ بين
الاقوامي ڍنگ ۾ سوچڻ شروع ڪري ڏنو اٿن. ’گوورڌن
محبوباڻيءَ‘ جو نظم ’مان انسان‘ ان اجتمائي شعور
جو دليل آهي. ’نياز همايونيءَ‘ جو نظم ’اٿو اٿو جو
زمانو ٿو جنگ جنگ ڪري.‘ موجوده دور جي بين
الاقوامي ڇڪتاڻ ۽ عالمي امن لاءِ آس جو دليل آهي.
’سراج‘ جو افسانو ’انسان ۽ ديوتا‘ دنيا جي موجوده
معاشرتي مسئلن جو حل آهي، جنهن کي بين الاقوامي
رنگ ۾ لکيو ويو آهي. اسان جا موضوع اڄڪلهه اسان جي
ذاتي ۽ قومي مسئلن کان وڌيڪ اڳتي آيا آهن. اسان جي
سنڌي ادب سڄي دنيا جي اديبن جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي،
پنهنجي سوچ ۽ صلاحيتن کي ساري انسان ذات لاءِ وقف
ڪري ڇڏيو آهي. انسانيت جي گڏيل ترائي ۾ سڄي دنيا
جي اديبن سان گڏ، سنڌي اديبن جو آواز پڻ شامل آهي.
(’مهراڻ‘ ٽماهي 1958ع)
نالا
چوندا آهن ته نالي ۾ ڇاهي. شيڪسپيئر به چيو هو ته
گلاب کي ڪهڙي به نالي سان سڏيو پر ان ۾ خوشبوءَ
ساڳي هوندي. ائين برابر آهي ته نالا رڳو سڃاڻپ
لاءِ هوندا آهن، پر سڃاڻپ ئي ته سڀ ڪجهه آهي.
سڃاڻپ مان ئي خاصيت معلوم ٿئي ٿي. حضرت آدم کي
فرشتن تڏهن سجدو ڪيو جڏهن آدم شين جا نالا ٻڌايا.
نالن جي ڄاڻ ڪري هو فرشتن کان افضل ٿيو. مٽيءَ جو
ملهه ٿيو. فلڪ زمين آڏو جهڪيو.
هونئن به ٻار ڄمڻ سان ئي ان جي نالي لاءِ ڳولا
شروع ٿيندي آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ هاڻي ٻين ادبي ۽
ثقافتي روايتن سان گڏ نالي رکڻ جي روايت ۾ پڻ
تبديلي آئي آهي.
وري اسان جي ماضيءَ جي شاندار روايتن کي زندهه ڪيو
ٿو وڃي، پنهنجي ثقافتي ورثي وارا نالا چونڊي رکيا
ٿا وڃن، پر تڏهن به نالي متعلق اڃا ڪيترا شخص غلط
فهمين ۾ ڦاٿل آهن.
مثال طور ڪيترا نالا اهڙا آهن جيڪي وچ اوڀر جي
نبين جا آهن، جيڪي مسلمانن، يهودين ۽ عيسائين وٽ
موجود آهن ۽ رڳو اچار جي ڦير گهير سان استعمال ٿا
ٿين. انهن نالن ۾ غلط فهمي اها آهي ته اهي عربي
آهن يا اهي اسلامي آهن.
اهي نالا عربي ته بلڪل ناهن، بلڪ عبراني ٻوليءَ جا
آهن، ۽ انهي اصل عبراني ٻوليءَ تان ڌار ڌار ٻولين
۾ اُچارجي ٿوري ڦير گهير سان ڪتب آندا وڃن ٿا.
اسلامي هجڻ متعلق ائين آهي جو اهي جيترا اسلامي
آهن اوترا عيسائي ۽ يهودي پڻ آهن، جو انهن نالن کي
ٻنهي مذهبن جا پوئلڳ پڻ استعمال ڪن ٿا. مثلاً
ابراهيم
=ابراهام،
اسماعيل=
سيميوئل، اسحاق
=آئزڪ،
يوسف=جوزف،
سليمان=
سالومن، دائود=
ڊيوڊ، يعقوب=
جيڪب، شمعو=
سائمن ۽ ٻيا اهڙا نالا-
اهي نالا عربي ناهن، پر عبراني آهن ۽ اهي نالا رڳو
اسلامي ناهن پر يهودي، عيسائي توڙي اسلامي آهي.
مسلمان انهن نالن کي استعمال ڪرڻ وقت پنهنجي سڃاڻپ
لاءِ، توڙي اسلامي بنائڻ لاءِ انهن جي اڳيان محمد
صلعم جو لفظ ڳنڍيندا آهن. جيئن خبر پوي ته ان نالي
وارو شخص مسلمان آهي. مثلاً محمد ابراهيم، محمد
يوسف، محمد سليمان ۽ محمد دائود وغيره.
اسان وٽ ٻيا نالا آهن جيڪي خالص عربي آهن، جيئن
علي، عمر، محمد، عبدالله، عبدالخالق ۽ عثمان
وغيره.
چيو وڃي ٿو ته اهي نالا به اسلامي آهن، حالانڪ جن
شخصن جا اهي نالا آهن، سي اسلام آڻڻ کان اڳ ۾ توڙي
اسلام آڻڻ کان پوءِ ساڳي نالي سان سڏبا هئا ۽
اسلام آڻڻ کانپوءِ پنهنجي نالي کي نه بدلايائون ۽
اڳوڻي نالي کي جاري رکڻ سان به مسلمان رهيا.
نه رڳو ايترو پر ’عمر رضه‘ نالو هڪ مسلمان تي به
هو ته ابوجهل جهڙي اسلام دشمن تي پڻ. تنهن هوندي
به ٻنهي مان هڪ به نالو نه مٽايو.
حقيقت اها آهي ته اهي نالا ساڳيا عربي ثقافت جا
نالا هئا جيڪي قائم رهيا. رڳو اسلام جي اچڻ ڪري
اُهي نالا رکڻ عربن ڇڏي ڏنا، جن جي مطلب مان بت
پرستي ظاهر ٿيندي هئي ۽ جيڪي ديوتائين جي بت لات
منات ۽ عزيٰ جي عنديت ظاهر ڪندا هئا ان کانسواءِ
اهي سڀ نالا جن ۾ بت پرستي نه هئي، پر عرب پيڙهين
کان استعمال ڪندا پئي آيا، اهي قائم رهيا.
عربيءَ کان آندل ٻيا نالا اهي آهن جن جي معنيٰ ۾
وحدانيت جو تصور موجود آهي جيئن عبدالخالق،
عبدالله، عبدالرزاق، عبدالرحيم، اهي نالا ئي آهن
جيڪي ’اسلامي‘ آهن ۽ معنوي طور سان اسلام جي نظريه
سان ٺهڪن ٿا. ان جي باري ۾ اڳتي بحث ڪبو. سنڌ ۾
ٻيا نالا آهن جيڪي فارسيءَ مان آيا، انهن مان ڪي
وڻن جا نالا آهن جيئن ته شمشاد، صنوبر. ڪي بادشاهن
جا نالا آهن جيئن جمشيد، پرويز، خسرو، شهريار، يا
وري ڪي پهلوانن ۽ جوڌن جا نالا آهن جيئن رستم،
سهراب، ڪي ستارن جا نالا آهن جيئن ناهيد ثريا،
پروين، مشتري.
ڪي گلن جا نالا آهن جيئن نرگس ۽ ياسمين يا ڪن پکين
جا نالا شاهين ۽ هما وغيره.
جيستائين گلن، وڻن ۽ تارن جو تعلق آهي، ته نه گل
مسلمان ٿيندا آهن نه ڪافر، نه وڻ يا تارا مسلمان
ٿيندا آهن نه ڪافر- اهي نالا ايران جي ماڻهن
پنهنجي ماحول مان رکيا آهن جيڪي سنڌي جي ماڻهن
هروڀرو اسلامي سمجهي ڪري اکين تي رکيا آهن- نه اهي
نالا اسلامي ثقافت جا آهن نه وري انهن جي معنيٰ ۾
ڪو اسلام آهي. اهي نالا انهيءَ دور جو نشان آهن،
جڏهن پارسيءَ وارا اسان تي حڪومت ڪندا هئا ۽ اسان
جا ماڻهو ثقافتي احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي انهن جي
اهل ڪندا هئا.
ساڳي طرح ايراني بادشاهن توڙي پهلوانن جا نالا به
اسلامي نه آهن، ڇو ته نه ڪي خسرو مسلمان هو، نه ڪو
پرويز، نه نوشيروان نه شهريار، نه رستم مسلمان هو
نه سهراب نه وري تهمينه. اهي به ساڳي طرح احساس
ڪمتريءَ جو شڪار ٿي پاڻ وٽ رواج ۾ آندا. شمشاد۽
صنوبر جو وڻ ڏسي عجب لڳندو ته سنڌ جا ماڻهو اهڙن
بي ڊولن ۾ حد کان وڌيڪ ڊگهن وڻن جا ڪئين ٿا نالا
رکن.
مٿين نالن کانسواءِ اسان وٽ ٻيا نالا اهڙا آهن
جيڪي آهن ته عربي يا فارسي پر انهن جي معنيٰ ۾
ڪانه ڪا خوبي، ڪو نه ڪو حسين خيال آهي، جنهن جي
ڪري سنڌ جا ماڻهو رکندا اچن ٿا.
هاڻي اچو ته اسان ڏسون ته اسان وٽ ڪهڙا نالا مروج
آهن. اسان وٽ سهڻا گل آهن، اسان وٽ به وڻ آهن،
اسان وٽ جبل به آهن. اسان وٽ سهڻيون مندون به آهن.
اسان جي سنڌ سهڻي سدا ملوڪ به آهي. اسان جي سنڌي
ٻولي سکي ۽ ستابي آهي، جنهن جا ڀنڊار ڀرپور آهن.
اسان جي تاريخ جوڌن ۽ سورمن جي ڪارنامن سان ڀري
پئي آهي.
اسان وٽ سهڻيءَ مند جا نالا ساوڻ ۽ بهار عام مشهور
آهن. اسان وٽ فارسيءَ جي ’صبا‘ بدران ’هير‘ آهي.
اسان وٽ ’شاهين‘ يا ’هما‘ بدران ’ڪونج‘ آهي. اسان
وٽ ڪرڙ، ڪانڊيرو ته آهن پر ’ڏونگر‘ ۽ ’جبل‘ جهڙا
جبرا نالا به آهن. اسان وٽ ’ڪوهيار‘ جهڙو شاندار
نالو آهي ۽ اسان وٽ ’گلاب‘ ۽ ’رابيل‘ جهڙا سهڻا گل
آهن. اسان وٽ ’ملهار‘ جهڙو پيارو ۽ ’وسندي‘ جهڙو
ستابو نالو آهي.
اسان وٽ ’سعيد‘ بدران ’سڀاڳو‘ يا ’سدورو‘،
’غنيءَ‘، بدران ’ستابو‘ ۽ ’سکيو‘ جهڙا وڻندڙ نالا
آهن. اسان وٽ ’موريل‘ جهڙو شاعراڻي تصور وارو نالو
آهي. ’سدورو‘ ۽ ’سٻاجهو‘ ڪهڙا نه پيارا نالا آهن.
شهر يار بدران اسان وٽ ’پنهون‘ آهي خسرو بدران
’دودو‘ آهي. رستم بدران ’دريا خان‘ آهي. اسان وٽ
شمشاد بدران نم (لسٻيلي جو شاعر) آهي. نه رڳو اهي
اسان وٽ ٺيٺ اسلامي تصور وارا نالا به پنهنجا آهن.
اسان وٽ عبدالخالق بدران ڏاتر ڏنو، عبدالرب بدران
آگي ڏنو، ساڳيءَ طرح واليءَ ڏنو، ڌڻي بخش، الهه
اوڀايو، الهورانو، الهه آندو ۽ ٻيا اڪيچار اسلامي
نالا آهن.
ڪابه ٻولي اسلامي يا غير اسلامي نه ٿيندي آهي.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌي وري به پنهنجي ثقافت
۽ تاريخ ڏي موٽيا آهن. نئين جڳ جي جوانن پنهنجي
پٽن جا نالا دودو، هوش محمد ۽ دريا خان رکڻ شروع
ڪيا آهن ۽ پنهنجي نياڻين جا نالا مارئي، سسئي ۽
مومل.
شال اهي دودا، دريا خان وڏا ٿين. شال اهي مارئيون
سسئيون ۽ موملون وڌن. شال سنڌ جي ايندڙ پيڙهي، سنڌ
جي تهذيب ۽ ثقافت کي اڳتي وڌائي، هيءَ سدا ٻرندڙ
جوت ايندڙ پيڙهيءَ جي هٿن تائين پهچائي.
مولانا گرامي
1952 جو زمانو هو. منهنجي عمر سترهن سال کن هئي.
مرحوم شيخ عبدالله عبد، منهنجي شعرن مان ڪن جي
اصلاح ڪري واپس ڏيندي چيو:
”مان توکي اهڙي ماڻهوءَ سان ٿو ملايان، هوند مان
به ان کان ئي اصلاح وٺان. آئنده تون پنهنجا شعر
گرامي صاحب کي ڏيکاريندو ڪر.“
مون مٿي نهاريو. خوبصورت ڪاري سونهاريءَ ۽ ڪارين
شرعي تراشيل مڇن جي وچ مان، موتين جهڙا اڇا ۽
چمڪندڙ ڏند نمودار ٿيا. هڪ دلفريب مرڪ، عينڪ مان
اونهين اکين مون ڏي نهاريو، گهڙي پل لاءِ مون
پنهنجي وجود مٿان، انهيءَ خوبصورت مرڪ کي هڪ هلڪي
۽ ٿڌي ڦوهاري جيان محسوس ڪيو، پوءِ مون گرامي صاحب
جو جائزو ورتو. ڀريل بت، سادو سنڌي لباس، سانورو
رنگ ۽ مٿي تي ڪراڪلي ٽوپي.
مون گرامي صاحب کي چيو: ”اوهان منهنجا شعر ڏسندا؟“
ساڳي مرڪ سان وراڻيائين: ”ضرور، پر هتي مصروف
آهيان، ڪو وقت ۽ جاءِ مقرر ڪيو، آچر مناسب ٿيندو.“
مون اتاوليءَ مان پڇيو: ”منهنجي گهر ايندا؟“
مون کي اميد نه هئي ته گرامي صاحب ”ها“ چوندو، پر
منهنجي اميد خلاف چيائين: ”اچبو.“ ان رتيءَ جي
رهاڻ اهڙو جيءُ اڙايو، جو اڃا تائين اڙيل آهي.
پوءِ مون کان ائڊريس ورتائين، مون موڪلايو، پر پڪ
نه هيم ته ڪو گرامي صاحب مون وٽ ايندو.
گرامي صاحب جو نالو اڳ ٻڌل هيم. ادبي حلقن ۾ گرامي
صاحب ۽ خليل جي ادبي ڏي وٺ ان وقت مشهور هئي. اها
به خبر هيم ته نه رڳو هو وڏو شاعر ۽ نقاد آهي، پر
وڏو سڄاڻ عالم پڻ. ان ڪري اعتبار ئي نه آيو، ته
مون پاري جيتامڙي شاعر جي گهر اهڙو مشهور عالم
ايندو.
آچر جي ڏينهن سندس اچڻ جي پڪ نه هوندي به سخت
انتظار ڪيم حيرت جي حد نه رهي، جو مقرر وقت تي
گرامي صاحب منهنجي جاءِ تي اچي ويو. مان کيس
پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيس، پنهنجا شعر ڏيکاريم. گرامي
صاحب منڍ کان پڇاڙيءَ تائين شعر پڙهيا، تان جو
منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿيو.
مون کين دستوري صلاح ڪئي، پاڻ قبول ڪيائين. ان
ڏينهن اسان جي گهر پلو چاڙهيو هئائون. مون وت آهر
خدمت ڪئي. گرامي صاحب جي خوش خوراڪيءَ جو پهرئين
ڏينهن ئي قائل ٿي ويس.
مانيءَ کانپوءِ مون سگريٽ پڇيو ڀائيم ته مولوي ڇا
سگريٽ پيئندو، پر ساڳيءَ دلفريب مرڪ سان ’ڪئنچي‘
جي پاڪيٽ جي فرمائش ڪيائين. پاڪيٽ آيو، ۽ جڏهن
سگريٽ دکايائين ته ان وقت ائين محسوس ٿيو، ته
ننڍڙي ڪاري خوبصورت ڏاڙهي ۽ سگريٽ جو ميرانجهڙو
دونهون، ٻئي ڪيڏا نه سهڻا لڳي رهيا هئا.
اوڀارين لهوارين ڳالهين، ادب، فلسفي، مذهب ۽
نفسيات تي بحث ۾ شامل ٿي وئي. گرامي صاحب فرمايو
ته هاڻي هلي ڪراچي هوٽل تي ڪا چهر ڪجي. اٿڻ کان اڳ
۾، ڪاغذ قلم گهريائين ۽ چيائين ته اڄوڪي ملاقات جي
ياد ۾ ڪا تحرير لکجي، ۽ پوءِ لکيائين:
”شعر جي مطالعي مان محسوس ٿو ٿئي ته هيءُ اڳتي هلي
سنڌ جو تمام وڏو شاعر ٿيندو.“
منهنجي دل ٽڙي پئي. اها سند دل ۾ سانڍي اٿم، پر اڄ
ڏک ٿو ٿئي، ته اها سند فائيل ۾ ڇو نه رکيم.
ان کانپوءِ ڪراچي هوٽل آياسين. ڏاکڻو ورانڊو گرامي
صاحب جي مستقل بيٺڪ هئي. اتي اڌ رات تائين چانهه ۽
ڪباب جا دور هليا ۽ ڪچهري هلي، پوءِ موڪلايوسين.
منهنجو دلبر دوست رباني ۽ مان ان وقت فرسٽ ييئر
سائنس ۾ هئاسين. انهن ڏينهن ۾ زولاجي پڙهندي، ٻئي
تپرس ۾ پئجي ويندا هئاسي. ڪڏهن ڪاڪروچ جي مرڪب اک
(Compound Eye)
اسان لاءِ عجب جو سبب هو، ته ڪڏهن ڊارون جي ارتقا
جو نظريو. پڙهندي پڙهندي بحث ۾ پئجي ويندا هئاسين،
پوءِ ڪورس ۽ ڪتاب ڇٽا. فلسفو، مذهب ۽ نفسيات اسان
جا موضوع ٿي ويندا هئا. جڏهن پاڻ ۾ نه ٺهندا
هئاسين، ته پوءِ سڌا ايندا هئاسين گرامي صاحب جي
ڪراچي هوٽل واري ڪچهريءَ ۾. اتي ويٺي ويٺي اسر ٿي
ويندو هو، پر اهو ڦورا نه کلندا هئا. گرامي صاحب
رات جو ڏهين کان صبح جي چئين تائين، هر موضوع ۽
مسئلي تي ڳالهائيندو هو. ڄڻ درياهه جو بند ڀڄي
پوندو هو. ڄڻ ڪو آبشار وهي نڪرندو هو. اهائي
دلفريب مرڪ، اهو ئي ڪئنچيءَ جو سگريٽ. چانهه جا
دورن تي دور، تان جو اچي صبح ٿيندو هو. اسان جوان
ٿڪجي پوندا هئاسين پر ڪڏهن به گرامي صاحب جي منهن
تي ٿڪ جا نشان نه ڏٺاسين. اها ئي تازي ۽ شگفته مرڪ
سندس منهن تي صبح تائين موجود هوندي هئي.
انهن ڪچهرين ۾ اسان سان گڏ سرائي اميد علي
(مرحوم)، سردار علي شاهه (جيڪو پڻ فوت ٿي ويو
آهي)، يوسف (مرحوم) ”جنهن مولانا عبيدالله سنڌيءَ
سان ڪم ڪيو، مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرينءَ کي)
۽ ٻيا علم ادب جا پانڌيئڙا، اسان جا واقف ٿي ويا.
ڪڏهن ڪڏهن مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي، پنهنجي پر
وقار شخصيت سان لڪڻ کڻي اچي اسان سان گڏ ويهندو
هو. هوٽل جو مالڪ مرحوم عبدالرحيم عباسي به دخل
ڇڏي اچي انهن بحثن ۾ شامل ٿي ويندو هو. اڳتي هلي
اهي ڪچهريون اسان جون روزانو معمول ٿي وينديون.
رات جي ماني کائي سڌو ڪراچي هوٽل جي ورانڊي ۾ وڃبو
هو. پوءِ گرامي صاحب جي ڪچهريءَ ۾ ايترو محو ٿي
وڃبو هو، جو خبر ئي نه پوندي هئي، ته وقت ڪيئن ٿو
گذري وڃي! جڏهن ڀر پاسي جي مسجد مان آذان جو آواز
ايندو هو، ته معلوم ٿيندو هو، ته هاڻي صبح ٿي ويو
آهي، ڪچهري برخواست ٿيندي هئي.
منهنجي ربانيءَ جي حيرت جي حد نه هئي، ته هي سادو
سٻاجهو، انگريزي نه ڄاڻيندڙ عالم، آئن سٽائن جي
اضافيت جي نظريي ۽ ڊارون جي ارتقا جي نظريي تي
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندو هو. هو ارسطو ۽ افلاطون
تي به ساڳئي طريقي سان ڳالهائيندو هو، جهڙي طرح
غزالي ۽ فارابيءَ تي. ڪارل مارڪس، هيگل، برڪلي ۽
هيوم، تان جو برٽنارڊل رسيل به سندس علم ۾ هئا.
هڪڙو عربي ۽ فارسي خواندو مولوي، ۽ جديد فلسفي ۽
سائنس جو آڏو اڀياس، اسان لاءِ عجب جهڙي ڳالهه
هئي.
ان وقت ۾ منهنجو ۽ ربانيءَ جو وڏو مسئلو هو
’ڪائنات جي تخليق.‘ ور ور ڪري گرامي صاحب کان
پڇندا هئاسين، ته ”ڪائنات جي تخليق جو مقصد ڇاهي؟“
۽ گرامي صاحب سنجيدگيءَ سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ، اسان
جي اڻ گهڙيل سوالن ۽ دليلن کي ٻڌندو به هو، ته
پنهنجا رايا ۽ دليل به ڏيندو ويندو هو. انهن ڏينهن
۾ جيتوڻيڪ منهنجو بزم خليل سان واسطو ٿي ويو هو ۽
هو گرامي صاحب جا مخالف هئا، پر ان هوندي به نه ڪو
گرامي صاحب جي شفقت ۽ قرب ۾ ڪمي آئي ۽ نه وري
منهنجي ادب ۽ عقيدت ۾ فرق آيو.
ٽه ماهي ’مهراڻ‘ نڪتو ته ڏينهن به ڪچهري، ۽ رات به
ڪچهري. ميڊيڪل ڪاليج ويندي مهراڻ جي آفيس (جتي
اڄڪلهه ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال آهي) ۾ ليئو پائي،
گرامي صاحب جو سلام ڪبو هو. موٽندي پڻ ساڳي ريت
سلام ڪبو هو. هاڻي شمشير به اتي هو. ٿورن ڏينهن
لاءِ سراج به. جي ڪاليج ويندي مهل ڪو دلچسپ موضوع
ڇڙي ويندو هو، ته اتي ويٺي ويٺي وقت گذري ويندو هو
۽ ائپران ۽ ڪتاب کڻي، گرامي صاحب وٽان ئي واپس گهر
هليو وڃبو هو.
’مهراڻ‘ سان اسان جي ادبي تحريڪ اڳتي وڌي. نئين
ادب سان چاهه هونءَ ئي هو، پر ان جي همت افزائي
ڪرڻ ۾ مهراڻ ۽ گراميءَ جو وڏو دخل هو. اسان کان
اڳين ٽهيءَ مان فقط حسام الدين راشدي، گرامي صاحب
۽ ڏيپلائي هئا، جيڪي اسان کي نه فقط همٿائيندا
هئا، پر اسان سان گڏ فتوائن جو نشانو پڻ بڻبا هئا.
(جويي صاحب ۽ چاچي گدائيءَ کي مان منڍ کان وٺي
پنهنجي ٽهيءَ جو ڀائيندو آهيان، توڙي جو عمر ۾ فرق
آهي) جڏهن ادبي تحريڪ زور ورتو، ته ٻيا سڀ پراڻا
اسان جا مخالف ٿي بيٺا. اخبارن ۾ گاريون ڏنائون.
سرڪاري ڪامورن وٽ چغليون هنيائون، مذهبي جنون جي
ذريعي، اسان جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش
ڪيائون. اتي ٻين ٿورن همدردن سان گڏ، گرامي صاحب
اسان سان هر مرحلي ۾ گڏ هوندو هو. ادبي سنگت هجي،
جشن روح رهاڻ هجي، سنڌي شام هجي، بزم صوفياءَ هجي
يا ڪو ٻيو پليٽ فارم. گرامي صاحب جي تقرير شروع
ٿي، ته ڄڻ وڏ ڦڙيو وسيو. لفظ لفظ لڙيءَ ۾ پويل،
جملو جملي سان جڙيل ۽ جڪڙيل، منطق، تاريخ، فلسفو،
مذهب، ادب ۽ شعر سڀ علم سندس تقرير ۾. هر زاويي
کان سنڌ جي تحريڪ جي لاءِ دليل هوندا هئا. سندس
تقرير جو انداز شايد ئي ڪنهن کي حاصل ٿي سگهي.
باوقار بيهڪ، آواز ۾ تمڪنت ۽ لفظن جي خوبصورت
چونڊ، ٻوليءَ جو اڻ کٽ ڀنڊار، ڳالهائيندو هو ڄڻ
ساوڻيءَ جو درياهه اٿلي پوندو هو.
مهراڻ جي آفيس ۾ جتي سنجيده گفتگو ٿيندي هئي، اتي
کل ڀوڳ پڻ ٿيندو هو. گرامي صاحب اسان نوجوانن آڏو
بناوٽي وقار يا شخصيت جو نقاب پائي نه ويهندو هو.
اسان سان ائين رلمل ٿي ويندو هو، جو پيڙهيءَ جي
وڇوٽي محسوس ئي نه ٿيندي هئي، ڪڏهن اسان سان چرچو
ڪري وٺندو هو، ته ڪڏهن اسين ساڻس ڀوڳ ڪندا هئاسين.
گرامي صاحب جي طبيعت جو ظريفانه پهلو غالب ۽ چرچل
جي ظريفانه موضوع وانگر هڪ ڌار موضوع ٿي سگهي ٿو.
گرامي صاحب ايڏا ته چرچا ڪيا ۽ ساڻس ايڏا چرچا ڪيا
ويا، جو اهي سانڍڻ جهڙا آهن. ڪڏهن به چرچي تي چڙيو
ڪونه، جي چرچو وڻندو هيس ته ان کي پسند ڪندي کلندو
هو، ۽ جي چرچو اڃا به ڪجهه سخت هوندو هو، ته
هلڪيون ننڍڙيون گاريون به ڏيندو هو، پر اهي به
کلندي. چرچي جو جواب ٺهه پهه چرچي سان ڏيندو هو.
هتي مثال طور هڪ چرچو لکان ٿو، جيئن گرامي صاحب جي
خوش خلقيءَ جو يادگار رهي: |