”سوجهرو سٺو رسالو آهي. منهنجي خيال ۾ ته سنڌ جي
ماڻهن کي هر قسم جي رسالي ۽ هر قسم جي ادب جي
ضرورت آهي. هن رسالي ۾ عام پڙهندڙ کان وٺي، سٺي
ادب پڙهندڙ واري تائين مواد آهي. سوجهري جو وسيع
ڪينواس آهي جنهن ۾ هر قسم جو ذوق رکندڙ ماڻهوءَ
لاءِ ميٽر آهي. باقي ڇپائي ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان
سوجهري جو ڪو پرچو مٽ ڪونهي.
”سوجهري ۾ ادب تي تنقيد جي کوٽ آهي، تنهنڪري هڪ
اهڙو ڪالم هئڻ گهرجي جنهن ۾ ادبي قدرن ۽ لاڙن جي
ڇنڊڇاڻ ٿيل هجي. هڪ ڪالم سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي
سماجي زندگيءَ بابت هئڻ گهرجي.“
سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت ڇا آهي ۽ ڇا هئڻ گهرجي؟
”عورت ۽ مرد جي ڪم ۾ سنڌو يا ليڪو نه هئڻ گهرجي،
مان سچ پچ انهيءَ سماج جو تصور ڪيان ٿو جنهن ۾ مرد
۽ عورت کي هڪ جهڙو سماجي مرتبو ۽ حيثيت ملڻ گهرجي.
باقي هن سماج ۾ عورت يا مرد کي تيستائين سندس اصلي
حيثت نه ٿي ملي سگهي، جيستائين هي جاگيرداري نظام
موجود آهي، جنهن ۾ عورت کي مرد جو جيون ساٿي ڀاڱي
ڀائيوار جي حيثيت ۾ نه پر ان جي ذاتي ملڪيت ڪري
ڏٺو وڃي ٿو. هن نظام جي خاتمي سان نه رڳو عورتن پر
مردن تي به جيڪي ظلم ٿين ٿا، سي ختم ٿي ويندا ۽
ٻنهي کي هڪ جيتري ۽ هڪ جهڙي حيثيت ۾ مرتبو ملندو.“
اوهان جي زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
”هونءَ ته زندگي پنهنجي جاءِ تي هڪ اڻ وسرندڙ شيءَ
آهي، پر هڪ خاص واقعو اهو آهي ته هڪ ڀيري ڪنهن پير
صاحب کي سندس جاءِ تي مريض ڏيکارڻو هو. مريض ڏٺم ۽
پير صاحب کي ٻڌايو ته ’هن جو علاج اسپتال ۾ داخل
ٿيڻ ۽ آپريشن وسيلي ممڪن آهي.‘ جنهن تي پير صاحب
وراڻيو، ’اسين پردي وارا ماڻهو آهيون.‘ مون چيو،
’مري ويندي.‘ چيائين، ’مري وڃي ته مري وڃي، آءٌ ٻي
شادي ڪندس.‘ انهيءَ واقعي کي اڄ ڏينهن تائين نه
وساري سگهيو آهيان.“
چنڊ ٻه ٽڪر
ڪسٽم مان نڪري ٻاهر آياسين ته سامهون موتي پرڪاش
ٻانهون کولي بيٺو هو، مون سامان جي ٽراليءَ کي زور
سان پري ڌڪو ڏنو ۽ اڇلايو، ٻانهون کولي موتيءَ
ڏانهن ڊوڙيس، اسان ٻنهي جا سينا ملي ويا. هڪ ٻئي
جي ٻکُ ۾ هڪ ٻئي جي دل جي ڌڙڪڻ ۽ ساهه جي اچ وڃ
سمائجي ويئي. ائين لڳو ڄڻ ٻن سالن کانپوءِ منهنجو
روح ڳوڙهن سان وضو ڪري اڇو اجرو ۽ پاڪ ٿي پيو هجي.
اهو ڀاڪر اهڙو هو جو دل نه پئي چاهيو ته ختم ٿئي.
مون آلين اکين ۾ ڌنڌليءَ ٿيل نظر سان موتيءَ جي
پٺيان هڪ سٻاجهو، نماڻو، سانورو ۽ سنهو شخص بيٺل
ڏٺو، جنهن جي اکين ۾ اُڪير هئي. مون کي پڪ ٿي ته
هو نارايڻ شيام آهي. نارايڻ شيام- اسانجي دور جو
مها ڪوي، مونکي لڳو ته هو به مونکي پنهنجي ڀاڪر ۾
آڻڻ لاءِ بيتاب آهي. پر موتيءَ کي ٻانهن مان ڪيئن
ڪڍان ۽ موتيءَ جي ڀاڪر مان ڪيئن نڪران. وري سوچيم:
شيام کي ڀاڪر ۾ ڪيئن وٺان. حياتيءَ ۾ پهريون دفعو
مون پاڻ کي اڻ پورو محسوس ڪيو، ايئن ڀانيم ته جيڪر
مونکي چار ٻانهون ۽ ٻه جسم هجن ها، ته مان موتيءَ
۽ شيام- ٻنهي کي هڪ ئي وقت ڀاڪر ۾ آڻي سگهان ها.
موتيءَ ڀاڪر ۾ سڏڪا ڀريا. منهنجيون اکيون وڌيڪ
آليون ٿي ويون. شيام جي تصوير ڌنڌلي ٿي ويئي. اتي
مون کي شيام جو ئي هڪ شعر ياد آيو:
رهنديون اکيون ته ڪين روئڻ کان سوا ڪڏهن،
پر لڙڪ روڪي صاف به ڏسنديون نه ڇا ڪڏهن.
الائي ڪيتريءَ دير کان پوءَ، نه چاهڻ جي باوجود به
اهو ڊگهو ڀاڪر ختم ٿيو.
يڪدم شيام ٻانهون کوليو، مون پڇيو، ”نارايڻ شيام؟“
۽ شيام جواب ڏيڻ کان اڳ ۽ مان سندس جواب جي انتظار
ڪرڻ کان سواءِ هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ اچي وياسين.
منهنجي بيوقوفيءَ واري سوال جو جواب شيام جو
ڀڪوڙيل ڀاڪر هو. ڄڻ چئي رهيو هجي:
’ها تنوير، مان شيام آهيان، نه ته ٻيو ڀلا ڪير
توکي ايڏي قرب مان ڀاڪر پائيندو.‘
ڳوڙها، سڏڪا، ڳراٽڙيون، سڀ رلمل. ايئن لڳو ڄڻ
منهنجو ئي وڇڙيل حصو مون سان مليو هجي. ڄڻ ٻه ٽڪر
ٿيل چند چمڪي اٿيو هجي. ان ڀاڪر ۾ سڪون هو ۽ ان
روئڻ ۾ آنند. جي مون کي ان ڪو پڇي ته ڪڏهن روئڻ
آننند مليو اٿئي ته مان چوندس ته ها. وڇڙيل پيارن
کي ياد ڪندي، يا شيام، موتيءَ ۽ ڪلا سان ملڻ يا
موڪلائڻ وقت ۾ آنند ملندو آهي.
چاليهن سالن جي وڇوڙو- ڪاش هيءُ ڀاڪر به چاليهه
سال هلي ها. پر دبئيءَ لاءِ رڳو هفتي جي ويزا هئي.
اهو ٻيو ڊگهو ڀاڪر به نه چاهيندي به ختم ڪرڻو پيو.
ڀاڪر ختم ڪري مون شيام جا پير ڇهيا ۽ هٿ
چميو. اهو هٿ
جنهن سان هن پاڪ، معصوم، پيارا ۽ سهڻا شعر لکيا
آهن.
جڏهن موتي ۽ موهن گيهاڻي پهريون دفعو ڪراچيءَ ۾
مليا هئا ته کين چيو هيم ته ”منهنجي پاران نارايڻ
شيام جا هٿ چمجو.“ اها منهنجي تمنا هئي ته مان
سندس هٿ چمان. ۽ اڄ دبئيءَ ۾ منهنجو اهو سپنو.
ساڀيان ٿيو هو. منهنجي پنهنجي ئي شعر وانگر:
سڀڪو سپنا ماڻي
ساڀيا ماڻي ڪو ڪو.
اهو سپنو نه هو پر ساڀيا هئي، ته دبئي ايئرپورٽ تي
موتي پرڪاش ۽ نارايڻ شيام منهنجي ڀاڪر ۾ هئا. اها
ساڀيا سپني کان به وڌيڪ حسين هئي.
قمر ڏي ڏٺم ان جي ڳلن تي ڳوڙاها پئي ٽمڪيا. سندس
چپ لُڏي رهيا هئا ۽ کاڏي ڏڪي رهي هئي. سندس ڳوڙهن
۾ خلوص ۽ پيار جي جوت هئي.
موتيءَ آيل دوستن سان واقفيت شروع ڪرائي.
”موهن گيهاڻي.“
موتيءَ سان گڏ 1984ع ۾ ڪراچيءَ آيو هو، سڃاتو مانس
حقيقت پسند، قربائتو، سنڌ جو عاشق.
”گوپ ڪمل.“
هوشيام اکيون، سٻاجهي صورت، نرم لهجو، ڀريل بت.
”گورڌن شرما.“ سانورو، پورو پنو بت، نماڻو، نهٺو.
”عطا سنڌي.“ ڊگهو. سنهڙو، قربائتو. سنڌ ۾ اڳي به
هڪ دفعو ملاقات ٿيل هئي.
سڀني وٽ اڪير جا انبار هئا. هڪ هڪ جي دل پيار سان
ٽمٽار هئي. هڪ هڪ جي ڀاڪر ۾ الڳ احساس هو. جيئن
مختلف گلن جي رنگ ۽ سرهاڻ ۾ ڌار ڌار لطف هوندو
آهي، تيئن هنن دوستن مان هر هڪ جي ڀاڪر ۾ اڪير جو
الڳ لهجو هو. پر هر هڪ جي ڀاڪر ۾ مون ائين محسوس
ڪيو، ڄڻ سندس دل، سندس سيني مان نڪري اچي منهنجي
دل کي ڇهيو آهي.
مون اکيون کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو. سج لهي چڪو هو.
ميرانجهيءَ سانجهيءَ ۾ دبئيءَ جون عمارتون پاڇولن
جان لڳي رهيون هيون، جن ۾ بتين جون روشنيون ڌڙڪي
رهيون هيون. بهار جي ٿڌڙي هوا جا جهوٽا لڳي رهيا
هئا. اها پهرين مارچي 1986ع جي شام هئي. دبئيءَ تي
بهار آيو هو. مون ڪار ۾ ويهندي موتيءَ ۽ شيام کي
چيو، ”هونءَ بهار ۾ گل ٽڙندا آهن. هن بهار ۾
اسانجون دليون ٽڙيون آهن.“
ڪار اسٽارٽ ٿي. مون دريءَ مان ٻاهر نهاريو،
سانجهيءَ جي روشنيءَ ۾ ايئر پورٽ جي سامهون هڪ
وڏيءَ جديد طرز تعمير تي ٺهيل شاندار مسجد جو
پاڇولو
Sighnitte
نظر آيو. ڪار اڳتي وڌي، پاڇولو پوئتي وڃڻ لڳو.
اسان اڳتي وڌندا وياسين.
هوٽل جو لفٽ ۾ مون شيام جي سڳنڌ محسوس ڪئي. مونکي
سندس ئي هڪ شعر ياد اچي ويو، جيڪو مون سڀني کي
ٻڌايو:
فقط واس چندن جو ڪمري ۾ هو
ملڻ آءٌ آيو هيس شيام سان
هوٽل ۾ پهتاسين ته ڪلا به اچي ويئي. ڪلا- جنهن وٽ
اڪير جا انبار آهن، قرب جا ڪوٽ آهن. نازڪ دل واري،
ڳالهه ڳالهه تي جهوٻو ايندس. ”ڏکڻي، نفيس ٽاڪئين،
موتيءَ لاءِ ائين- ڇا چوان، ڪا تشبيهه نه ٿي سجهي.
ڄڻ مون لاءِ قمر. قمر ۽ هو مليون، ڄڻ وڇڙيل سڳيون
ڀينر.
هوٽل ۾ پهچي، سڀ کان اول قمر، نارايڻ شيام کي اجرڪ
۽ سنڌي ٽوپي پارائي- سنڌ مان آندل ان سڪ ۾ سنيهه
جي سوکڙين، هن شاعر جي نازڪ دل کي ڀڄائي ڇڏيو.
دوستن تاڙين جا ڦهڪا ڪيا سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
چانهه پي، سڀني دوستن موڪلايو. رات جي ماني موتيءَ
وٽ هئي. هن چيو ته ٿوري دير آرام ڪري، ٿَڪُ ڀڃي
وٺون. پوءِ هو اسان کي مانيءَ لاءِ وٺڻ ايندا.
آرام ڪهڙو، ٿَڪُ ته ٿيو ئي ڪونه هو. دوستن يارن
سان ملڻ جي شوق واري سفر ۾ ٿڪ ٿيندو آهي ڇا؟ انهن
سان ڪچهرين ڪرڻ ۾ ئي ته آرام ملندو آهي. هٿ منهن
ڌوئي تيار ٿياسين ته موتيءَ جن به اچي پهتا.
موتيءَ جو گهر هوٽل کان ڪجهه قدمن جو مفاصلي تي
هو. سندس گهر جي در تي پهچي مون سوچيو ته: مان
ڪيڏو نه بد بخت آهيان، جو موتي، ڪلا ۽ موهن گيهاڻي
سنڌ آيا ته مان ڏاڍيءَ سڪ جي باوجود به کين پنهنجي
گهر ۾ نه آڻي سگهيس، ۽ موتي مونکي پنهنجي گهر وٺي
آيو. مون سوچيو: گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه ۾ ته هو مون
کان گوءِ کڻي ويو. (موتيءَ وارن کي رڳو ڪراچيءَ جي
ويزا هئي. انڪري هو خيرپور نه پئي اچي سگهيا).
موتيءَ جو گهر- قرب جو قيد، محبت جي ماڙي، ڪلا جي
سڪ ۽ موتيءَ جي مرڪ، ٻنهي ۾ سچ جو جرڪو. خلوص جو
چمڪو، جتي ٻئي گڏ هجن، اتي مجال آهي ڪنهن کي جو
هوش ۾ رهي.
گهر صاف سٿرو، سينگاريل. پر اهڙا گهر لکين ڪروڙين
پر انهن سڀني گهرن مان موتيءَ جي مهڪ ۽ ڪلا جو قرب
فقط ان دبئيءَ واري گهر ۾ آهي. اهڙو ٻيو گهر سڄيءَ
دنيا ۾ ڳوليو نه لڀندو، جتي مون ۽ قمر لاءِ اهڙي
پنهنجپائي ۽ قرب ملي.
موتيءَ جي لائبرري ڏسي عجب لڳو. سنڌ ۾ ڇپيل هر اهم
سنڌي ڪتاب اتي موجود هو. مون موتيءَ کي چيو، ”تو
هتي سڄيءَ سنڌ کي جمع ڪيو آهي.“
مٺيءَ مرڪ سان وراڻيائين، ”اڃا ٻيا گهڻا ڪتاب
هندستان ۾ پيا آهن.“
اتي ننڍڙو مشاعرو به ٿيو، دبئيءَ جي سر زمين تي
سنڌي مشاعرو دوستن سان سرسري تعارف ته ايئرپورٽ تي
ٿيو هو، هتي انهن سان وڌيڪ گهري واقفيت ۽ ويجهڙائي
ٿي.
نارايڻ شيام جا نوان ۽ نڪور غزل ٻڌاسين. نارايڻ
شيام، جنهن جي شاعري ننڍپڻ کان منهنجي من ۾ انڊلٺ
ريکا جيان رنگينيون ڦهلائيندي رهي آهي. شيام ڌيمي
۽ سٻاجهي آواز ۾ پڙهندو ويو. لونءَ کي ڇهندو ويو.
شاعري ڇا هئي، نه ٺاهه نه ٺوهه، نه لفظي جادوگري،
نه وٺ پڪڙ. رڳو خلوص وارا سادا سودا سٻاجها جذبا.
روز مرهه جي زندگيءَ جا عڪس، شيام جي تون ههڙا
انمول شعر آڇيندي لڄ ٿو مرين ته ٻين کي ته پنهنجا
شعر آڇيندي ٻڏي مرڻ کپي.“
ان محفل ۾ خبر پئي ته معصوم مهانڊن وارو گوپ ڪيڏو
نه
Witty
آهي. ڪيڏو نه حاضر جواب آهي. ڳالهائيندو آهستي
آهستي، نرم ۽ معصوم لهجي ۾- ڄڻ ڪو ٻار ٿو ڳالهائي،
پر هڻندو اهڙي سنڌائتي جو چوڻو پوندو ”ڏاڍي لڳي.“
مون کيس چيو ته ”تون هتان جو رشيد ڀٽي آهين.“ پر
رشيد ڀٽيءَ ۽ گوپ ۾ هڪ فرق آهي. رشيد ڀٽيءَ جي طنز
۾ معصوميت کان وڌيڪ جارحيت آهي ۽ گوپ جي طنز ۾
جارحيت کان وڌ معصوميت. الائي گهڻو وقت ٿيو هو.
الائي ڪيتري وڳي اها محفل ختم ٿي ۽ موٽي مونکي،
قمر ۽ شيام کي هوٽل تي ڇڏي آيو. يارن جو قرب زمان
۽ مڪان جا ليڪا ختم ڪري ڇڏيندو آهي. انڪري دبئيءَ
۾ مون واچ ڏسڻ جي عادت ڇڏي ڏني.
ٻئي ڏينهن صبح جو در تي کڙڪو ٿيو، مون در کوليو ته
سامهون نارايڻ شيام بيٺو هو. مونکي هو پنهنجي ڪمري
۾ وٺي آيو (منهنجي ۽ شيام جي ڪمري جي وچ ۾ هڪ ٻيو
ڪمرو هو. منهنجو ڪمرو هو 412 ته شيام جو 410).
ڪمري ۾ پهچي چيائين، ”تون منهنجي ايڏي تعريف نه
ڪندو ڪر. تون منهنجي تعريف ٿو ڪرين ته مان لڄي ٿو
ٿيان.“
راتوڪيءَ محفل ۾ مون شيام جي شاعريءَ کي ساراهيو
هو، پر ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ڪيو هئم. انڪري
چيومانس، ”شيام، مون سڄيءَ عمر ۾ ڪنهنجي به اجائي
تعريف نه ڪئي آهي. مون جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو
منهنجي ايمانداريءَ واريءَ راءِ تي ٻڌل آهي.“
چيائين، ”تڏهن به سٺو نه ٿو لڳي ته منهنجي منهن تي
منهنجي تعريف ٿئي.“
مون چيو، ”چڱو، آئنده خيال رکندس. پر پنهنجي راءِ
جو اظهار ضرور ڪندس. شيام، جي تون ۽ مان هڪ ٻئي کي
اظهار جي آزادي نه ڏينداسين ته پوءِ ٻين تي ڪهڙي
ميار.“
صبح جو، جيستائين ٻاهر نڪرون، مون شيام کان سندس
غزل ٻڌڻ شروع ڪيا. شيام جي شعرن جي چونڊ ڪرڻ مشڪل
آهي. سندس نظم، وائي، يا غزل جو هر شعر اهم هوندو
آهي. ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن نئين جذبي جو اظهار هوندو
آهي، يا ڪنهن نئين جذبي يا ٽاڻي
(Situation)
جي کوجنا. شيام پڙهندو رهيو، مان ٻڌندو رهيس. ان
وچ ۾ ڪلا ۽ قمر به اچي ويو. ڪلا شيام کي سندس
ماضيءَ جي اونهاين ۾ وٺي ويئي ۽ کانئس سندس اوائلي
حياتيءَ جي باري ۾ سوال پڇڻ شروع ڪيائين. شيام
ٻڌايو ته سندس شاعراڻيءَ تربيت ۾ حاجي محمود خادم
لاڙڪاڻي واري، ۽ ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي خادم جو
هٿ هو. ان کان سواءِ مولوي محمد عاقل عاقلي، ۽
پورفيسر ليکراج عزيز جي فيض ڀرين صحبتن مان پڻ
گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين. شيام ٻڌايو ته هو اصل کاهي
قاسم (نوشهري فيروز جي ويجهو) جو آهي.
مون قمر کي چيو، ”قمر، شيام ته تنهنجو ڳوٺائي آهي.
۽ حميد سنڌيءَ جو پاڙيسري.“
قمر جو اباڻو ڳوٺ کاهي راهو آهي.
شيام وري غزل پڙهڻ شروع ڪيا. پڙهندي پڙهندي، جڏهن
هن شعر تي پهتو ته آواز ڳورو ٿي، ڀرجي آيس، ۽ اکين
مان ٽم ٽم ڳوڙها ٽمڻ لڳس:
الائي ڪهڙيءَ گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
سڏڪا ڀريندي مونکي ڪري ڀاڪر وڌائين. مون به کڻي
کيس ڳراٽڙي پاتي. پوءِ ٻنهي جا سڏڪا هئا، ڳوڙها
هئا، قمر ۽ ڪلا جون اوڇنگارون هيون، ۽ ان کان پوءِ
چميون.
شيام سڏڪندي مونکي چيو، ”اسانکي پيرن هيٺان زمين
نه آهي.“
مون شيام کي چيو، ”شيام، جي اسان وٽ زمين آهي ته
ان تي پير رکڻ نه ٿا ڏين.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ گوپ ڪمل ۽ واسديو موهي به
پهچي ويا. شهر جي چڪر هڻڻ جو پروگرام هو. هلڻ کان
اڳ ۾ گوپ پڇيو، ”راڻي پور ڪهڙي حال ۾ آهي؟“
مون يڪدم چيو، ”تون راڻي پور جو آهين ڇا؟ مان سوڀي
ديري جو آهيان. راڻي پور کان ست ميل پري.“
پوءِ مون کيس ٻڌايو ته راڻي پور هاڻي، ننڍڙي ڳوٺ
مان ڦري چڱو ڀلو تجارتي شهر بنجي ويئي آهي.
گوپ چيو، ”مون نه ڏٺي آهي. مائٽ منهنجي ڄمڻ کان اڳ
۾ ئي اتان لڏي آيا. تڏهن به پاڻ کي راڻي پور جو
سمجهندو آهيان. راڻي پور ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿم.“
مون قمر کي چيو، ”توکي تنهنجو ڳوٺائي شيام ملي ويو
ته مونکي منهنجو ڳوٺائي گوپ ملي ويو.“
گوپ کي چيم، ”مان توکي راڻي پور ضرور ڏيکاريندس.“
ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين ته ورانڊي ۾ هوٽل جي ڀت تي
اُٺن ۽ شڪرن جو تصويرون فريمن ۾ ٽنگيل نظر آيون.
بلڪل ائين، جيئن اسان وٽ وڏين هوٽلن ۾ خوبصورت
عورتن ۽ سهڻن نظارن جون تصويرون لڳل هونديون آهن.
مونکي هن ملڪ جي ماڻهن جي ذوق تي عجب لڳو، شهر مان
جڏهن ڊالر مٽائي امارتن جا دراهم ورتاسين ته انهن
نوٽن تي به شڪرن جون تصويرون هيون.
دبئيءَ جو سڄو شهر جديد آهي. لنڊن، پئرس ۽ روم ۾
جديد سان گڏ قديم عمارتون پڻ آهن، پر هتي ڪا قديم
عمارت ڳولڻ سان به نه لڀي، ٻارهن ڏينهن جي رهڻ ۾
مشڪل سان هڪ ٻه قديم عربي طرز جون جايون نظر آيون،
جيڪي پڻ موهن گيهاڻيءَ اسانکي ڳولي ڏيکاريون. سڄو
شهر جديد آهي. گهڻ ماڙ عمارتن وارو، مسجدون (جيڪي
بلند ۽ حشمت واريون هيون) روايتي مشرقي طرز تي
اڏيل آهن، پر انهن ۾ به فن تعمير جي خيال کان ڪانه
ڪا جدت ضرور آهي. نين اڏيل عمارتن ۾ به ڪٿي ڪٿي
ونگ يا گنبذ جو تاثر ڏنو ويو آهي. سپر مارڪيٽ،
دڪان، ريسٽوران، هوٽلون، ڪلبون، رستا، چوڪ، انهن
تي رکيل ڇٻر، ٻوٽا ۽ گل سڀ جديد يورپي طرز جا.
ٽرئفڪ ڏاڍي منظم. ڪو پيادو رستو پار ڪري ته ٻنهي
پاسي ٽرئفڪ بيهجي وڃي. خاص ڪري عورت جو ان ڏس ۾
وڏو احترام. عورت هٿ ڏنو ته سڀ موٽر گاڏيون سڪتي ۾
اچي وينديون، ۽ بيٺيون هونديون، جيستائين هوءَ
رستو پار نه ڪري. دبئيءَ ۾ مونکي گاڏين جا اهي ميڪ
(Make)
نظر آيا. جيڪي ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ڏٺا هئم، ۽
وري گم ٿي ويا ۽ ورلي ايندا آهن. وڏيون شاندار
گاڏيون- بيوڪ، پانٽئڪ، ڊاج، مرڪيوري، شيورليٽ.
پيٽرول سستو آهي، انڪري اهي ’پيٽرول پيئندڙ‘
گاڏيون رکي سگهن ٿا. مرسڊيز نه ايتريون جو ڪاٿو ئي
ڪونه. اسانجي ملڪ ۾ ايترا اٺ به نه هوندا جيتريون
مرسڊيز هتي آهن. (ٻارهن ڏينهن ۾ امارتن ۾ مشڪل سان
پنج اَٺ اُٺ نظر آيا).
ننڍي هوندي عربي مئٽرڪ تائين پڙهي هيم. خيال ئي
خيال ۾ لفظ ۽ صيغا پئي ياد ڪيم جو ڀانيم ته امارتن
۾ عربي ڳالهائڻي پوندي. تضربون تضربان جا صيغا پئي
ورجايم. پر عجب لڳو، هتي عربي ته پري رهي،
انگريزيءَ ۽ اردو ڳالهائڻ جي به گهٽ ضرورت پيئي.
سنڌيءَ مان ئي ڪم نڪري ويو. دبئي شهر جو ڪاروبار
ئي سنڌي هندوءَ جي هٿ ۾ آهي. دڪان تي چڙهه، ته
مالڪ سنڌي، سيلزمئن يا سيلز گرل سنڌي ، آيل گراهڪ
گهڻو ڪري سنڌي. رستي تي مرد ۽ عورتون پاڻ ۾ سنڌي
ڳالهائيندا وڃن. رڳو ٽئڪسيءَ وارا ۽ مزدور پٺاڻ.
ڏاڍو جاچڻ بعد به ڪنهن گاڏيءَ ۾ ڊينٽ پيل نظر نه
آيو. گوپ ٻڌايو ته هتي ڊينٽ ائين ڪو به مستري نه
ڪڍندو، جيستائين کيس پوليس جو سرٽيفڪيٽ نه ڏجي.
پوليس ايڪسيڊنٽ جي پوري جاچ ڪري پوءِ سرٽيفڪيٽ
ڏيندي آهي. جي ڊينٽ پيل گاڏي پوليس کي نظر اچي وڃي
ته ڪڍ لڳي وڃي سوگهو ڪنس ۽ پوري جاچ ڪري، پوءِ يا
سزا ڏين يا اصلي ڏوهاريءَ کي ڳولي لهن.
ڳوپ، موهي، مان، شيام ۽ قمر آهستي آهستي گهمندا
پئي هلياسين. هن عرب ملڪ ۾ عرب خال خال پئي نظر
آيا- عربياڻيون، ڪارين چادرين سان، منهن تي چمڙي
جا نقاب لڳائي پئي گهميون، جن سان سندن کاڏي ۽ نڪ
ڍڪيل هئا ۽ اکيون نظر پئي آيون. نڪ وٽان اهو نقاب
چنهنبيارو هو. مونکي ان نقاب ۾ اهي عربياڻيون
عقابن وانگر نظر پئي آيون. ڪي عربياڻيون صفا منهن
ڍڪين، ته ڪي صفا ماڊرن. وار ڪٽيل اسڪرٽ، يا جينس
۾.
دبئي جو شهر ننڍو، سڄو پنڌ گهمي وٺجي. پر صاف
سٿرو، جديد، هلي هلي ٿڪاسين ته چانهه جي ضرورت ٿي.
سامهون هڪ ڪيفي هئي، نالو هئس ’عمر خيام‘ مون
سوچيو ته ان ڪيفي ۾ روايتي، عمر خيام جي رباعيءَ
جهڙو سهڻو ساقي، صراحييءَ مان ساغر ڀري پياريندو،
پر اندر گهڙياسين ته نه ساقي، نه صراحي، نه جام.
هڪ ننڍي قد وارر سانورو ملباري ڪائونٽر تي ويٺو
هو، ۽ اهڙي ئي رنگ روش وارو بئرو آرڊر وٺي رهيو
هيو. مون شيام کي چيو، ”هن ڪيفي تي پنهنجو نالو
پڙهي عمر خيام جي روح کي ڪيڏي نه تڪليف ٿي هوندي.“
ان هوٽل جي چانهه پيڻ سان وري ننڍپڻ ياد اچي ويو.
چاليهه سال اڳ، ورهاڱي کان اڳ واريءَ ڪراچيءَ ۾
اهڙيون ملباري هوٽلون هونديون هيون. جتي اهڙيء ئي
چانهه ملندي هئي. گهاٽي ڪڙڪ، گهڻي ڪڙهيل هڪ مخصوص
ذائقي ۽ خوشبو واري چانهه. خواب ۾ به نه هو ته
اهڙي چانهه وري ملندي، جيڪا چاليهه سال اڳ پيتي
هيم.
ٻاهر نڪتاسين ته رستي تي پبلڪ ٽيليفون هئي، ان تي
لکيل هو-’هاتف.‘
شيام چيو، ’اچو ته هن کان تاريخ، قطعه تاريخ
پڇون.“
سنڌ ۾ اڪثر قطعه تاريخن ۾ (توڙي فارسيءَ جي پراڻن
قطعه تاريخن ۾) لکيو ويندو هو ته ”هاتف کان تاريخ
پڇي سين ۽ ان هيءُ ٻڌايو.“
روز، قمر جي، منهنجي شيام جي منجهند جي ماني
موتيءَ جي گهر هوندي هئي. موتيءَ جو اسڪول ٻه
شفٽون آهي. شام جي ستين تائين اتي هوندو هو. پر
منجهند جو ماني کائڻ لاءِ اسان سان قرب جي ڪچهريءَ
خاطر گهر ايندو هو. ستين وڳي شام جو واندو ٿي، روز
اڌ رات کان به دير تائين، اسان سان قرب ونڊيندو
هو. مانيءَ جو وقت ٿيو. مان، قمر ۽ شيام موتيءَ جي
گهر وياسين. موتيءَ جي گهر واري لفٽ اٻهري آهي.
ڏاڍي تڪڙي لفٽ بيٺي، در کليو، تڪڙ ۾ نه نڪتئو ته
ٺڪ، در بند. انڪري يا دروازو هٿ سان جهلي کليو
رکڻو پوي، يا بٽڻ دبائي رکڻو پوي، جيستائين سڀ
همراهه لفٽ مان نڪري بيهن. انهيءَ لفٽ مان نڪري
موتيءَ جي گهر جي دروازو گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻايوسين
ته بنا دير در کلي پيو. مٺيءَ مرڪ سان موتي ٻانهون
کولي آجيان لاءِ بيٺو هو.
جيستائين ڪلا ماني لڳائي، موتي جوس ۽ بيئر کڻي
آيو. مني ڪچهري- ان کان پوءِ ڪلا جي هٿ جي ٺهيل،
ڪلا جي قرب جي سرهاڻ ۽ خلوص جي ذائقي وارو کاڌو.
الائي ڇو عورت ۾ ماتا پڻي جو عنصر وڌيڪ آهي. ڪلا
گهڙيءَ گهڙيءَ پليٽ وڌائي چوي،، ”تنوير هيءُ
کاءُ.“ ”قمر هيءُ ته چکي ڏس.“ شيام کي چوي ”دادا
توهين هيءُ ته کائي ڏسو.“
شيام ويشنو آهي. مڇي ماس کان ته پري، پر بيدو به
نه کائي. شراب به نه پيئي. مان ۽ قمر سنڌ ۾ گوشت
مڇيون کائي ٿڪا هئاسين، انڪري ڪلاکي چيوسين، ته
اسان رات جو دوست جي دعوتن ۾ گهڻو ڪجهه کائون ٿا.
انڪري منجهند جي ماني اسان لاءِ به ويشنو ٺاهي. ۽
ان ويشنو کاڌي جي لذت، جنهن ۾ ڪلا جي قرب جي خوشبو
۽ خلوص جو ذائقو هو، اسان کي سڄي عمر نه وسرندي.
موتي منجهند جي مانيءَ تي چيو، ”اڄ شام شارجيا
پروگرام آهي. ٿورو آرام ڪري وٺو، شام جو پنجين وڳي
نڪرنداسين.“ مان قمر ۽ شيام موٽي هوٽل آياسين ۽
ٿوري دير آرام ڪيوسين.
شام جو سڀ دوست پهچي ويا. موهن گيهاڻي، گوپ ڪمل ۽
واسديو موهن. ٻن گاڏين ۾ شارجيا روانا ٿي وياسين.
اتي منهنجو ماچيس ختم ٿي ويو. سڀني دوستن ۾ هڪ
واسديو موهن ئي ڇيڪو
(Smoker)
هو. سو منهنجي ضرورت ٿي پيو ۽ نظريه ضرورت هيٺ مون
کيس پاڻ سان گڏ وهاريو. پوءِمنهنجو پائيپ ۽ هن جو
سگريٽ، ساڳي ئي لائيٽر سان دکندا رهيا. ڄڻ اسان
ٻئي ’باهه ڀائي‘ ٿي وياسين. گوپ رستو ڏيکارڻ لاءِ
پنهنجي گاڏيءَ ۾ اڳيان ٿيو. مان، موتي، شيام ۽
موهي موتيءَ جي گاڏيءَ ۾ سندس پٺيان هلياسين. گوپ
چڪر ڏيندو، گوهيون کائيندو، ڦري اچي ساڳيءَ جاءِ
تي پهچي. ٻه ٽي دفعا ايئن ڪيائين، موتيءَ چيو ته
رستو ڀلجي ويو آهي. اشارا ڏيئي، بيهاري پڇيائينس
ته چيائين، ”تنوير وارن کي ڪجهه شهر جو چڪر ته
هڻايان.“
گوپ ۾ سڀ عادتون رشيد ڀٽيءَ واريون. رشيد ڀٽيءَ کي
به جڏهن گائيڊ ڪبو ته ابتا سبتا چڪر ڏياريندو.
شاهراهون ويڪريون، لسيون ۽ آرام دهه. ڪار کي لوڏو
ئي نه اچي. ٻنهي پاسي برپٽ. ڪٿي ڪٿي محلاتن جهڙا
بنگلا نه ته ويراني. ٽرئفڪ تمام منظم.
پهرين شارجيا ايئرپورٽ جي عمارت ڏٺي سينن، پري کان
محل جي ڏک ٿي ڏنائين. گول گنبذ، ان جي هيٺان ونگن
سان جهالر وانگر شيڊ. قديم عربي ۽ جديد فن تعمير
جو خوبصورت ميلاپ.
ڪار پارڪنگ وٽ تمام وڏيون ڇٻرون ۽ وڻ هئا. ڇٻرن تي
ڊيو ڊونا لڳل هئي. اسان وٽ ڊيو ڊونا کي ڪتري،
بتيون يا گولا ٺاهيندا آهن، پر هتي، ڊيو ڊونا کي
تراشي هنن پنهنجي ثقافت جو اظهار ڪيو هو. گول، اڌ
گول ۽ بيضوي گنبذ مخروطي گنبذ.
اندر گهڙياسين ته لڳو ته ايئرپورٽ جي عمارت نه آهي
پر محل آهي. روشنين جون جهالرون اکين ۾ چڀڻ بدران
اکين کي تراوت ڏين. گول هال جي وچ ۾ هڪ شاهي
ڦوهارو. ان ۾ روشنيون. رنگبرنگي روشنيون ۽ پاڻي.
ٻنهي جو گڏيل وهڪرو. ائين لڳي ته پاڻي ۽ روشنيون
رلمل ٿي مٿي چڙهي، هيٺ ٿيون ڪرن. پاڻيءَ جي روشن ۽
رنگين ڌارا. مونکي اتي نارايڻ شيام جي هڪ شعري
مجموعي جو نالو ياد اچي ويو. ’رنگ رتي لهر‘-
اهڙيءَ رنگ رتي لهر مون ان جي خالق جي موجودگيءَ ۾
ڏٺي.
گوپ گهڙيءَ گهڙيءَ موهيءَ کي پئي چيو، ”موهي، اڄ
تون نه ڳالهاءِ، اڄ تنهنجو برٿ ڊي آهي. تون اڃا اڄ
ڄائون آهين.“
ٿوري دير ايئرپورٽ جي نظارو ڪري شارجيا شهر گهمڻ
نڪتاسين. شهر ۾ ٻه نوان ٺهيل سپر مارڪيٽ ڏسڻ لائق
هئا. موهيءَ انهن کي انجڻيون پئي چيو. جڏهن اتي
پهتاسين ته پري کان انهن جا خاڪو
(Outline)
برابر باڦ وارين ڪارين انجڻين جهڙو هيو، پر اندر
گهڙياسين، ته بهاري اچي وئي. لنڊن جا مشهور شاپنگ
سينٽر ڏٺا هئاسين. هي انهن کان وڌ نه هئا، ته گهٽ
ڪنهن به صورت ۾ نه هئا. ديوارن تي ڪئليگرافي يا
چٽسالي، يا ڪٿي ڪٿي ننڍڙا ننڍڙا ونگ، انهن عمارتن
کي مقامي رنگ ڏيئي رهيا هئا. انهن عمارتن جي رٿا،
سٽا، توڙي اڏاوت ضرور غير عربن ڪئي هوندي، پر انهن
۾ خوبصورتيءَ سان عربي ثقافت جي ملاوٽ ڪرڻ ۽ ايڏي
سونهن سوڀيا ڀرڻ ڪمال جو ڪم آهي.
جتي اهي شاپنگ سينٽر ختم ٿيا، اتي شاهي ڦوهارا
آهن. هنن رڻ پٽ وارين رياستن ۾، جتي پاڻي ڳوليون
به نه لڀي، اتي ڦوهارا عام جام آهن. هيءُ ڦوهارا
به رنگن ۽ روشنين جون وهندڙ ڌارائون هئا. شيام ۽
موتي، ۽ اهڙو خوبصورت نظارو. شيام، موتي ۽ مان
ملنداسين، ۽ اهڙن حسين نظارن جي وچ ۾، اها ڳالهه
تصور ۾ ئي ڪونه هئي.
ان رات، گوپ جي گهر ۾ دعوت هئي. شارجيا کان موٽي،
سڌو گوپ جي گهر آياسين. گوپ جو گهر- خلوص جي خمار
سان ڀريل گهر. گوپ جي دل ان ’دنگ واگر آهي، جنهن
کي خالي نه ڪري سگهجي. سندس قرب ديوانن کي فرزانو
۽ فرزانن کي ديوانو ڪري ڇڏي. دوستن چيو ته سندس هٿ
ڳورو آهي، واقعي هو پاڻ به ڳورو آهي، سندس پيار به
ڳورو آهي.
گوپ جي گهر پهچي، مون سوچيو ته موهيءَ جي جند آزاد
ڪريان جنهن کي ماچيس نه هئڻ جي نظرئي ضرورت هيٺ
پاڻ سان ٻڌي رکيو هئم. شارجيا ۾ به ماچيس وٺڻ نه
ڏنائون، چيائون گهر هلو، کوڙ ماچيس. سڄو وقت
ويچارو موهي مون سان ٻڌو ويٺو رهيو، لائيٽر جي
مالڪ هجڻ جي ڏوهه ۾. مون گوپ کي چيو، ”يار هاڻي
ماچيس کڻي اچ ته ويچاري موهيءَ جي جند آزاد ٿئي.“
گوپ اندر ويو، ۽ ٻاهر آيو ته ماچيس بدران هڪ ڪتاب
منهنجي هٿ ۾ ڏنائين. مون ڪتاب جو نالو پڙهيو. نالو
هو ’ماچيس ڪاٿي آهي؟‘ ۽ ليکڪ هو ’ايم-ڪمل.‘ دوستن
ان ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ڏنا. ۽ پوءِ گوپ مونکي ماچيس
ڏنو. اهو ڪتاب مان يادگار طور هتي کڻي آيو آهيان.
کاڌو پيتو به هليو پئي، ڪچهري به هلي پئي. وندنا-
گوپ جي شريمتيءَ جي هٿ جي شيري هئي، سندس قرب هو،
گوپ جي هٿ جو ڪمال هو، جو ڪلا ۽ قمر، مان ۽ موتي،
شيام ۽ روپا (موهن جي گهر واري ۽ عطا، سڀ موڊ ۾
اچي وياسين. شاعريءَ جو دور شروع ٿيو. شيام جا
شعر- هلڪو مٺو، پيارو لهجو، ڄڻ ڀيج ڀنيءَ ويل جي
هلڪي وڻندڙ روشني. ڄڻ رابيلن تي ماڪ ڦڙا. موتيءَ
جي شاعري، ڄڻ ساوڻ جي هلڪي بوند، ڄڻ سپ ۽ سچو
موتي، ڄڻ اڄڪلهه جي دور جون پيچيد گيون. ڄڻ گهٽين
۾ جام ٿيل ٽرئفڪ.
ان محفل ۾ ڪلا، قمر ۽ منهنجي باري ۾ هڪ تاثر
پڙهيو. ڪلا مختصر عرصي ۾، اسانجي دوستي
(Understanding)
توڙي منهنجي بدمعاشين ۽ شرارتن کي پروڙي وڃڻ ۾
ڪمال ڪيو آهي. ڪيڏي نه سياڻي آهي، ڪلا جي تاثر ۾
انهن سڀني شين جو ذڪر هو. ڪيڏي نه تيز
(Sharp)
آهي ڪلا.
۽ آخر ۾ گوپ ڪمل پنهنجي ’ڪٿا‘ کڻي آيو. هيءُ مشهور
شاعرن جي شاعريءَ جي مجموعن کي هڪ خاص نظر سان
ڏسي، انهن تي مزاحيه نموني ۾ تنقيد ۽ تبصرو ڪندو
آهي. جيئن ارجن حاسد جو مجموعو آهي ’ميرو سج‘، گوپ
لکيو آهي. ’ميرو سج- ڌوٻيءَ جي نظر ۾-‘ پوءِ هو
حاسد جا اهي شعر کڻي ٿو، جن جو واسطو ڌوٻيءَ جي
ڌنڌي سان آهي. ۽ ڌوٻيءَ جي مناسبت سان انهن تي
تبصرو ڪندو ٿو وڃي. ائين ٿو لڳي، ڄڻ حاسد اهي شعر
لکيا ئي ڌوٻيءَ لاءِ آهن. گهڻي ئي ڪوشش ڪئي سين ته
گوپ جي ان ايجاد ڪيل صنف کي ڪو نالو ڏيون، پر
ڳالهه اتي جو اتي رهي. هڪ نالو ’تنقيدي ڪارٽون‘
مناسب نظر آيو، پر ٺهڪندڙ نه. |