سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :9

 

نارائڻ ”شيام (1921ع)

روُپ مايا (سانيٽن ۾)

(1)

وچ ٽپو بن ۾، وڻن جي هڪڙي جهڳٽي ۾ ڪٿي

ٽاريون ٽارين سان مليل، ڪٽيا جي ڇت ڀاسيون پئي،

ٿڙ ۽ ٽارن تي وَليوُن ڄڻ ڪنهن واريون هيون رئي

جن، مٿان لٽڪي، هوائن سان ڪيون هاسيوُن پئي!

 

ڪنهن سمي ۾ تياڳ وشوامتر راجائي ڪري

قدرتي ڪٽيا ۾ اُن بن جي، رهيو ٿي شانت چت،

گود ۾ پرڪرت جي، مانوَ جڳت کان ڳچ پري

پنهنجي جپ تپ ساڌنا ۾ ٿي رهيو اوُ لين نت!

 

ڌيري ڌيري اُن کي حاصل ٿي تپسيا جي سڌي

مهر شئي جي پد تي آخر ساڌنا ساڌي رسيو

اُن جي وس ۾ ٿي رهي هرڪا سڌي هرڪا رڌي

پرجهلڪ ”جهوني ڀون“ جي ڪينڪي ماڻي سگهيو!

 

 

جي اکيون ڪيئي لڱا هرکيون ڏسي ٻاهر جي سونهن

اڄ ڏسڻ چاهي ٿي تن ٻاهر ڇڏي اَندر جي سونهن!

 

(2)

هاڻ بس ويئي سندس جيءَ کي اِها جهوري لڳي

اِنڪري ئي هوُ نئين سر ساڌنا ساڌڻ لڳو،

ساڌنا ڪيڏي به، پر اُن کي اها ٿوري لڳي

جسم جي سک سهنج جو اُن کي رهيو اونو نه ڪو!

 

مهر شئي جي گهور تپ کان اِندر آسڻ ويو لڏي،

هي ڏسي ساري سڀا هڪدم وئي گهٻرائجي،

هٿ ڏئي سُر کي، ويو سرپت به چنتا ۾ ٻڏي

روُپ، رس ۽ راڳ جي دنيا وئي ڪومائجي!

 

هي ڏسڻ سان ئي مدن پنهنجو سنڀاليو جهٽ ڌنش

مينڪا، ماڌو – ٻنهي کي گڏ وٺي هڪدم اُٿيو،

۽ چيائين: سرپتي! آخر منش آهي منش

۽ منش جي من جي ورتيءَ کي مَٽڻ ناهي ڏکيو!

 

واسنا من جي اِها، جا اِندرين جي واسنا

اِندريون ڪنهن ورلي جيتي تن جي ميٽي واسنا!

 

(3)

بن ڪلاونتن جي بَن اندر سڀا اَدڀت لڳي

هلڪيون هيرون ٿي لڳيون ۽ سهنڙيون شاخون ٿي لڏيون،

وڻ کان وڻ ڏي، شاخ کان ٿي شاخ ڏي اُڏريا پکي

گنڌرؤن جون ڄڻ مڌر پرتکش تانوُن ٿي اُڏيون!

 

گل ٽڙڻ، مکڙين ڦٽڻ، ڪوئل جي لاتين جي مٺي

آئي رُت دل ۾ اُٿارڻ ڪلپنا ۽ ڪامنا،

نڪري ڪٽيا مان رشي پر ڪرت جي ليلا ڏٺي

هير جي جهونڪڻ اُڀاري دل ۾ مبهم چاهنا!

 

ڪئن نه ڪومل ننڊ جان ۽ خواب وانگر ڌنڌلو

بن ۾ گونجيو ٿي مڌر پرلاؤ هڪڙي گيت جو،

ڌيري ڌيري جئن ٽڙي مکڙيءَ مان بڻجي ڦول ٿو

اُڀريو اُن جي ذهن ۾ اِئن ڀاؤ هڪڙي گيت جو!

 

مست ٿي بنواسي اُن ليه تال تي ڳائڻ لڳو

ماڌوي مايا سان چنچل دل کي بهلائڻ لڳو!

 

(4)

جهوُمندو، ڳائيندو، گل ڇنندو اُڇليندو هليو

ڏس ته اُڇلائيائين ڪئن ٿي ڦول گهوري ڦول تان،

اڄ سندس جهل جو نه هو من ۽ نه هن اُن کي جهليو

هڪ تپسويءَ جي اندر ۾ آئي چنچلتا ڪٿان؟

 

پنهنجي ڌن ۾ ڪيترو ڪٽيا پٺيان آيو ڇڏي

هڪ ولين جي ويڙهه ڏسندي هٽڪي اُو بيهي رهيوُ

کيس اِئن ڀاسڻ لڳو ڄڻ اڳ به آيو هو هتي

پر ڪڏهن ۽ ڪيئن آيو هو، نه سو سوچي سگهيو!

 

پوپٽن جو ناچ، گل، گنجار ڀونرن جي مٺي

۽ ولين جي ويڙهه – سڀني ٿي ڏياريس ياد ڪا!

 

جاءِ هيءَ هن عمر جي سانڀر ۾ ناهي مون ڏٺي

پر سڃاتل ٿي لڳي – هيءَ آهه ڪهڙي ماجرا!

 

اِئن رشي سوچيندي سوچيندي ويو حيران ٿي

ڪين ليڪن ڪنهن طرح اُن کان سگهيو هي ڳجهه کلي

(5)

ٿي اڳيان شفاف پاڻيءَ جي ندي وَهندي وئي

جل هئو يا چنڊ جي جل روپ اُوجل چاندني؟

مهرشي ڇرڪي، ڪناري ڏي نظر ٻيهر ڪئي

ڇا، منش جي روپ ۾ سپنن ٿي ڏيکاري ڏني؟

سونهن ڦلواڙي جي آئي ڪير هن بن ۾ کڻي؟

مرڪندي، شرمائبي هوءَ روپ جي ديوي اچي،

ڏس ٽڙيل گل جي جواني ڪئن نه ڪنڊن ۾ کڻي

ماڪ مکڙين تي وسي جئن، پير اِئن کڻندي اچي!

 

ڇا ته اُڀريل انگ هي! هڪ هڪ مان سوڀيا ٿي ڇڻي

چيٽ جي الهڙ هوا جو عرش تي آهي دماغ،

رس ۽ خشبو ڦهلجي، جئن پير هوءَ اڳتي کڻي

ڦوهه جوڀن ڄڻ ڪوئي انبن جو ٻوڪيل آهه باغ!

 

ناز مان وک وک کڻي اِئن سونهن واري ٿي اچي

مکڙي مکڙي ٿي چمن ۾ ڄڻ بهاري ٿي اچي!

(6)

وار چوٽيءَ ۾ ٻڌل ڀاسيا ٿي سندر سپن جان

جئن ئي ڇوڙيائين، ويا سي رات وانگر ڦهلجي،

جئن گهڙي وچ نهر ۾، وارن پکڙجي جل مٿان

روپ مايا چور نظرن کان ڍڪي هيٺان رکي!

 

ڪئن نه ترندڙ اپسرا جي نرم انگن کي لڳي

نهر جون لهرون هٽي پٺتي، چڙهي ڪجهه مٿڀرو،

ٿورڙو ور کائي وسهر وانگي، پاسيرو مڙي

جسم کي ٻيهر ڇهي، نڪري ويون ٿي اڳڀرو!

 

نهر مان ٻاهر اچي جئن لڱ سڪايائين پئي

پنهنجو جوڀن پاڻ ڏسندي، شڪجي شرمائڻ لڳي،

روپ جي هڪڙي ادا، ڪئن ٻيءَ کي اُپما ٿي ڏئي

مرڪ لڄ چمڪائي ٿي، لڄ مرڪ ٻهڪائڻ لڳي!

 

گل ڇني، هٿ ۾ جهلي، پاڻي ۾ پاڇي تي ڏسي

ناز مان وارن ۾ پائي، پاڇو ئي ڏسندي رهي!

(7)

من جي ورتي کي لڪائي، مهر ئي گنڀير ٿي

اڳڀرو ٿي ڪامنيءَ کي هئن چيو پاٻوهه مان:

”سونهن جا سپنا مٺا! اي سونهن سپنن جي مٺي

روپ پنهنجي جو چٽين ٿي چتر ڇا پاڻيءَ مٿان؟“

 

نرگسي خود بيني مان ڇرڪي اُٿي سا سندري

سپن اَڀؤ ۾ ڀريل اکڙيون کليون اهڙي طرح

اوچتو ئي اوچتو بس هير جو جهونڪو لڳي

بي خبر پوپٽ جي پرڙن کي پٽي جهڙي طرح!

 

مهرشيءِ کي سامهون ڏسندي ٿي وئي هڪدم وسي

۽ چيائين، آبدار اکڙيون کڻي، ”کميا ڪريو!

يوگ جي شانتي نڪيتن ۾ اچي رخنو وجهي

مون ڪيو اَپراڌ، اپراڌيءَ مٿان ڪرپا ڪريو!“

 

هٿ ٻڌي بيهي رهي اِئن عجز اکڙين ۾ ڀري

روپ جي نئڙت ڇڏيو هٺ يوگ کي نهٺو ڪري!

 

(8)

گهرا گهرا، ڪارا ڪارا نيڻ، سي نظرون سرل

ساڌ نائون يوگ جون بس پر ڪري اُڏري ويون،

باک ڦٽندي ئي، اُٿي ڪر موڙي جئن دنيا ستل

هڪ نظر مان دل ۾ اِئن جاڳي تمنائون پيون!

دل جليل کي ئي ڏسي ڏس روپ جي پرڀاءُ کي

ڪوئي سمجهائي سگهي ڪئن؟

ڪئن سگهي ڪوئي ڏسي؟

جئن کنوڻ جي چال جو، چؤ، عڪس ڪئن ڪوئي ڇڪي

کن ۾ سائو کيت سڙندڙ آهه اُن جي آرسي!

 

جهٽ رشيءَ مرڪي چيو، ”ڇا واسطي هيڏو هراس؟

سچ ته شانتي ههڙي بن ۾، سو به هن رت ۾ ڪٿي؟

نهر جي ڪل ڪل، پکين جي لات، گل جو رنگ واس

ڪافي ناهن من جي، ڇا، شانتي لٽائڻ واسطي؟“

 

ائن چئي، ڪا کن پلڪ سن ۾ رهيو بس مهرشي

کيس پنهنجي زندگي ۾ ڪا ڪمي محسوس ٿي!

(9)

”ڇا، مان واقف ٿي سگهان ٿو هن اَلو ڪڪ روپ جو؟

نيڻ نيڻن سان ملائي، اِئن ڪئي يوگيءَ پڇا

سر جهڪائي لڄ وچان آهستي هئن رمڻيءَ چيو:

”هي ديامي ديوُ، داسيءَ کي سڏن ٿا مينڪا!“

 

هلڪي وارن جي ڀنل خشبو سان دل بي خود ٿيس

هٿ مٿي تي نار جي، آسيس لءِ يوگي ڌريو،

بس ڇهڻ سان ئي بدن ۾ ڄڻڪ وڄ ڊوڙي ويس

ڪئن نه رمڻيءَ جي مڌر راڻي، ڪئيس ويتر چريو!

 

”مونکي ڪرپا جو ڪيوُ پاتر ڪري پنهنجي ديا

وَر نه آهيان نرتڪي مان، منهنجو کيتر واسنا!“

مهرشي بيخود ڀري هڪ آه ورجايو ته ”ها،

تنهنجو کيتر واسنا،  ۽ منهنجو کيتر ساڌنا!

 

موت، ۽ اُن بعد ڇا ٿيندو، ڳڻي ڳڻتيون اِهي

دل ۾ پيدا ٿي حقارت هن حياتيءَ واسطي.

(10)

ڦول سان ڪنڊا ڏٺا مون، چنڊ ۾ ڪارنهن ڏٺي

هاءِ اکڙيون! وهم جي ڪيڏو نه هو تن تي اثر!

رنگ بوُ ماڻيم، نه پاتم ڌار امرت جي مٺي

هاءِ منهنجي سمجهه! دنيا کي مون سمجهيو دک جو گهر!

هاءِ منهنجي سمجهه! دنيا کي مون سمجهيو دک جو گهر!

 

ڪئن نه سک جي ڪلپنا ۾ مون رلايو پاڻ کي

ڪلپنا جي سک پٺيان ساڀيا جو سک تياڳي ڇڏيم

زندگي جو سار شانتي سمجهي مان آيس هتي

بن وسايم، ڪرم کان ڪانئر ٿي دنيا کي ڇڏيم!

 

شاخ کان ٿي ڌار ڪنهن مکڙيءَ نه ماڻيو رنگ برُ

ڦول بڻجڻ ٿيو پري مورڳو گنوائي پاڻ کي،

ڌار دنيا کان ٿيس مان دل ۾ پائي آرزو

پاڻ پائڻ لءِ اچي ويٺس وڃائي پاڻ کي!

 

هيءَ اڪيلائي ئي جئري موت جو ڪارڻ بڻي

ٿو گهمان پنهنجن ڪلهن تي لوٿ پنهنجي ئي کڻي!

(11)

تنهنجي آئي، آئي بن ۾ ماڌري جيون اُشا

هر اَڻي کي ڪئن نه چمڪائي سندءِ موجودگي،

جئن وَسيل بادل کي سينگارين سج جا ترورا

تنهنجون نظرون اِئن ڀرن رنگينين سان زندگي!

 

گڏجندي ٿي جا اُڪنڊين جي چپن تي ٿي نچي

سون وَرلي نار! تون آهين مٺي اُن مرڪ جان.

موڪلائيندي اُڪنڊين جي اکين ۾ جو اچي

تون نفيس آهين سراپا، اي مٺي اُن لڙڪ جان!

 

ننڊ جان نيڻن کي وس ٿي تنهنجي سندرتا ڪري

ڇا نه ان آڏو پکيڙيو رس ٻڏل سپنن جو ڄار،

سرس چنچل دل ۾ هڪ احساس آلس جو ڀري

ڇانئجي هر انگ تي راحت جو البيلو غبار!

 

خواب سونهري بڻي نيڻن ۾ آئينءَ سندري!

چاهه بڻجي دل جي ڌڙڪن ۾ سمائينءَ سندري!“


 

 

(12)

ويڙهي ڏَسڻيءَ جي مٿان ڪومل گلابي پنکڙي

ڌيري ڌيري چپ تي نرميءَ سان گهمايائين پئي،

خالي نظرن ساڻ البيلي ڏسڻ گل کي لڳي

ٿي لڏي لمڪي، وراڪا جئن گلن جي بوُ ڏئي!

 

ڀونر آئي ڏس ته گل جا انگ ڪئن مهڪڻ لڳا

بانورو ٿي ڪئن نه اُو اُن جا چمي مڌرسار چپ!

ڏسندي، هلڪي مسڪراهٽ ساڻ چپ ٻهڪڻ لڳا

پنکڙين جان نرم، سنهڙا سي مڌر رتنار چپ!

 

”تنهنجي ڪومل مڌڀري ايءَ مسڪراهٽ، ڇا چوان!

آهه ڄڻ سا پريم مئ ۽ شانت مئ سنجها رتول،

ڪي اَڇن پاريهلن جون جوڙيون جنهن ۾ چاهه مان

چهنبون چنهبن ۾ وجهي ڪن پريت جا ويهي ڪلول!

 

سمجهه سمجهائي نئڻ دل کي گهري ٿي تياڳ ڏي

سونهن تنهنجي اُن کي هرکائي، نِئين اَنراڳ ڏي!

(13)

سرس گل کان سونهن واري! هي ڪڏهن سوچيو اَٿي:

سونهن هيءَ ڇا جي ڪري توکي ملي سنسار ۾؟

ڀونر ۽ پوپٽ گلن تي ٿا ڀرن ڇا کان اچي؟

آهه مطلب ڪهڙو گل جي رنگ ۽ هٻڪار ۾؟

 

ڪو اچي ٿورن سيارن بعد جي توکان پڇي:

چيٽ جان تنهنجي اڳوڻي ٻهڪندڙ صورت ڪٿي؟

مرڪ منهن ۾ اڄ نه ساڳي جوت نيڻن ۾ بکي

ڇا ٻڌائينديءَ اُنهي کي ماڌري مورت ڪٿي؟

 

آه! ڏس هؤ ڦول پن پن ٿي ويو ڪومائجي

تنهنجي سواسن جان مڌر هاڻي ڪٿي اُن جو هڳاؤ؟

ڪو وَرائي کيس اڄ ڏيئي نه سگهندو تازگي

ماڪ جي ڪڻ، صبح جون هيرون، نڪي سج جو اُهاؤ!

 

هاءِ! هيءَ سوڀيا ڏسي سگهبي نه جيوت ۾ وري

ماڻبي ٻيهر نه گذري جا گهڙي راحت ڀري!

(14)

پر اَياڻي ناهه پرڪرتي ٿي اُن کي جئن ڏسين

ڪئن نه سانڍي ٿي رکي ڦل ۾ ڪنول جو رنگ روپ،

مرڪندي تون ڀي اُنهيءَ جان شال ورجائي سگهين

منهنجي هن جيوت جي جيوت آهه هي ٻالڪ انوپ!“

سونهن جي معصوم دل ۾ ڪشمڪش ڪيڏي پئي

ڀاؤ ساگر ۾ ٿي ڇلڪيون سهسين لهرون اَڻ لکيون،

هڪ نئين احساس سان بس دل سندس ڀرجي وئي

بي ارادي پرش ڏي پاڻهي کڄيون اُن جون اکيون!

هٻڪي هٻڪي ڪجهه چيائين ٿي ته دل ڌڙڪيس اِئين

ايندي ايندي لفظ چپ تي ئي اچي رهجي ويس،

 

تيز سواسن کي دٻايائين، کڄيس ڇاتي تئين

لڄ کان لوڙيس ڪنڌ، لڙڪي وار ڇاتيءَ تي پيس!

پاڻ ڪوئي شرم کان ول وانگي وَر کائڻ لڳي

ڏائو هٿ ساڄيءَ ڪرائيءَ تي سا ڦيرائڻ لڳي!


 

(15)

”لڄ جو گهونگهٽ لاهه، ڪيڏو چاهه نيڻن ۾ ڇلي

سج لٿو، ڏس، رات آئي، اِئن نه بيهي پيرمل،

نرم جهونڪن سان هوا جي، ٿي گلن جي اک کلي

وَر نه بيٺل نير ۾ ٻوُٽيل رهن، ٻوُٽيل ڪنول!

 

ڪئن نه اُن ويچار سان ئي دل ۾ جاڳن ولولا

تنهنجي اِن جادو ڀريل نيڻن ڏي شل هر هر ڏسان،

ها، انهن جادو ڀريل متوالي نيڻن ڏي سدا

شل ڏسان، هر هر ڏسان، ڏسندو رهان، ڏسندو رهان!

 

منهنجي نظرن سان تون ڏس، مان تنهنجي نظرن سان ڏسان

ڌڙڪي ٻن جسمن ۾ هڪ دل، جاڳي هڪ ئي ڀاونا،

پنهنجو جيون تنهنجي جيون سان ملائڻ اِئن گهران

پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃون جئن جسم، دل ۽ آتما!

 

شانت ۽ واڻيءَ ۾ بس پنهنجو جڙي سنٻنڌ اِئن

جئن نه ٻن بينن جون تانون، ٻن گلن جو واس جئن!“

(16)

خود بخود ماٺي هوا بڻجي ٿي چنچل هير، پر

هير جون مٺڙيون وٺي مس مس ٿي مکڙي گل بڻي

گل بڻي ڀي هير سان نہ نہ ڪري هر هر، مگر

اُن جي اِن نہ نہ منجهان ئي هير ٿي خوشبو کڻي!

 

چيلهه تي جئن ئي رکيس هن هٿ وئي هيسائجي

اِئن ڏڪيس ڇاتي ٿي، جئن ڇيڙي ڪوئي هنڊول راڳ،

ڀريم جي ڀاڪر ۾ ڪنبندڙ جسم ويو بس شانت ٿي

ڌيري ڌيري ڄڻ ويو خاموش ٿي هنڊول راڳ!

 

ٿي گهلي سيتل پوَن، گل گل جو مهڪيو انگ انگ

پرٿوي ڀاسي پئي برڪت جي مسڪان جان،

بادلن جي گود ۾ نکريو گگن تي رنگ رنگ

خوش خوشيءَ ۾ ئي ٿيو آڪاس ڀي اِنسان سان!

 

ڪئن نه آئيندي جي گهاٽي جهڙ مان وڄ جئن وَر ڪندي

ڀاڳ ريکا، شيام! ڪاليداس جي چمڪڻ لڳي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org