سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :21

 

شيام جئسنگهاڻي (1937)

ڪٽرپنٿي

هردوار – گنگا ڪنٺي

پوڄا ويل، هڪ سانجهيءَ

جهانجهه منجيرن تالن وچ۾

منهنجو پيڇو ڪندڙ

هڪ پنڊي جو آواز: بابوُ جي!

چوان ٿو؛ نه، ڪوئي مئو ڪونهي

نه ئي ڪو جنميو مون وٽ

مڪتي مڪتي

پنهنجي نه سهين، ٻئي ڪنهنجي ئي

ڪن کيسن ۾ وجهي

پاڻيءَ ۾ پرواه ٿيندڙ ڏيئا ڏسندي

هڪ ڏيئو مان به ٿو تاريان

ڌيمي هوا ۾ ڦهلجندڙ کڄندڙ سرديءَ جي لهر گڏ

پيڇو ڪندڙ پنڊي جو آواز: بابوجي

وئنڪٺ

ماياوي چوراسي چڪر مان مڪتي

خفي ٿي ڀڻڪان ٿو هڪ منتر

ڪن ڇنڊي کسڪي ٿو پنڊو

اَڇا، تون هندو ناهين!

قصو سمجهي

پرواهه ۾ لڙهندي

ٻڏي وڃي ٿو منهنجو ڏيئو

اَڇا……

 

مفڪر

ياد ناهي

معنائون پڪڙڻ جي ڪوشش ۾

ڪڏهن کان لڳاتار ڊوڙان پيو

هٿ هئنڊل ۾، ۽ پائيدان گم

اوڙاهه ۾ ڪرڻ جو لڳاتار انديشو آهي

پوءِ به ڊوڙ آهي

جئڻ جو شرط آهي

ڀُلائڻو اٿم ته ڪيئي بار اونده ۾

مئل آتما جا ناجائز ٽڪر

لڪي ڇڀي دفنايا اٿم

سواسن ۾ لفظي لاشن جي بانس کنيون

راجا پريکشت جيان ڪکجڻ جو اڳواٽ اطلاع پائي

منهنجو ڀڄڻ جاري آهي

وقت کي چڪمو ڏيڻ جي ڪوشش ۾

رفتار کي ڪئپسول ۾ بند ڪري ڳيهڻ جو ڪرتب ڪندڙ

مان اِتهاس جو هڪ چچريل پنو آهيان

نه پڇ مون کان نالو نه پڇ

منهنجو نسل – تخم نه ڳولهه

انگ ڇهي منهنجا (گهوڙي جي سودي جيان)

ملهه نه ڪٿ منهنجو

رشتو نه جوڙ

رشتو نه سوچ

ڇو ته مان ڀسمار آهيان

جيسين پاڻکي جلائي خاڪ ڪريان

تيسين تنهنجي پٺيان آهيان.

 

شهر

ڦهليل سرسبز ميدانن کي

شهر کائي کپائي ڇڏيو آهي

شخص کي احسان طور بخشي اٿس

ٽنگن ڊگهيڙڻ جيتري جڳهه

ٻاهران نالي جون تختيون

اندر درن اندر در، ديوارن اندر ديوارون

آسمان ۽ هوا ٻاهر آهي

کيرا بادل ڪارخاني سياهيءَ ۾ ٻڏل آهن

هوا ۾ زهر ئي زهر آهي

جنهنکي گهڻ ڪندڙ بي انداز نيل – ڪنٺ آهن

نيلا تن، نيلا من، نيلا آتما ۽ نيل ششو

گل ٻوٽا اگر آهن

ته ڪنهن ڊرائنگ روم يا لابيءَ جي ڪنڊ ۾

سڀ سليم مري ويا آهن

اِئين ته شهر به نت نيم سان سمهن ٿا

ليڪن سندن ڇرڪ رکي رکي جاڳن ٿا.

 

ڪردار

نه، مونکي ڪو به نقاب نه کپي

مان ڪو به نقاب چاڙهي ئي نه سگهندس

 

ڪنهن به دروپديءَ کي داءَ تي لڳائڻ جي

يڌشٽري همٿ کان مان وانجهيل آهيان

نه ئي مان دشاسن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو

قسم کائي سگهندس

ايڪلويه جو اڱوٺو گهرڻ وارا گهڻيئي آهن

شسترن کڻڻ ۽ ڦٽي ڪرڻ کان يگ دور – مان…

مان ڪابه جنگ نه ٿو لڙان

اکين کي پٽي ٻڌي، جٽجي، رات تائين

رات سان گڏجي بي آراميءَ ۾

ڏينهن رات ڊوڙندو رهان ٿو

مون ڪيترو فاصلو لتاڙيو آهي

اِن بي مطلب حساب جي تحقيقات ممڪن ناهي

اکين تي چڙهيل پٽي دائمي سراپ آهي

مان اِن سراپ ۾ بند آهيان

هڪ ڪردار – هڪ واحد – هڪ عدد – ڪردار.

 

تارازي

تارازيءَ جو پڙ خالي ڏسي

ٽپ ڏيئي وڃي مان منجهس ويٺس

ليڪن اُهو نه لڏيو نه لميو

نه ئي ٻئي پڙ ۾ ڪا چرپر ٿي

منتظر نگاهن سان مون ڏٺو:

اُن پڙ ۾ هڪ ٺلهو چڻو پيو هو

مونکي اک ڀڃي چيائين –

مان سُتا آهيان

اِئين چئي هوُ گولي بڻجي پيو

۽ مون ڏانهن اُڏاڻو…

 

[1] زنده آباد…

سڃين گهٽين ۾جڏهن ڪنهن چيخون ڪيون

مان به ڪن ڍڪي، لڪي، ٻين سان گڏ

هٿ سيڪي رهيو هوس

اَندر ڪنهن ڊگڊگي وڄائي چيو:

نچي نچي باندر کي بيهوش ٿيڻ ڏيو

معلوم هوم اَندر سڀ بزدل ڀريل آهن

ڪميڻا پنهنجي پنهنجي خوشفهميءَ ۾ بند آهن

بند دروازن اندر ’زنده آباد…زنده آباد‘ جا

سامو هڪ سُر

دراصل مُردن جي جئه جئڪار هئي

محض اوٻاسيون ڏيڻ ۽ آڱريون موڙڻ جهڙي ئي

معني خيز حرڪت هئي

بند دروازن مان به اَندر پهچندڙ طوفاني هوا جي

’سان سان‘ کان بچڻ لاءِ

منهنجا ڪن ڍڪيل ضرور هئا

پوءِ به ڪنن ۾ لڳاتار واڄٽ وڄي رهيا هئا:

’بزدل گهيئي موت مرندا آهن‘

اِئين ته خوش فهميءَ جو هڪ هم – وڇوٽ دليل

مان به جوڙي سگهيس ٿي نه:

’بُزدل ڪيئي زندگيون جيئندا آهن‘

تحقيقات لاءِ چوطرف ثبوت ٿي ثبوت هئا

(گڏوگڏ مرده گهرجي دوزخي بانس هئي

ظاهر هو ته سڀ انهيءَ بانس تي هريل هئا)

’زنده آباد‘ بعد ’چيئرس‘ وڄائي

جڏهن سڀ خماريءَ جي رساتل ۾ لهڻ لڳا

وڏي واڪي هڪ خوشخبري جو اعلان ٿيو:

شانتي ڀنگ ڪرڻ وارو باندر

جئرو جاڳندو ۽ باهوش پڪڙيو ويو آهي…

بانديءَ جو مقدر لئبارٽري بڻجي يا ڪوس گهر

اِهو پوءِ جو معاملو هو

چوطرف هڪ ڪن ڦاڙيندڙ شور غل جو

آغارٿي چڪو هو

زنده آباد… زنده آباد

زنده آباد… زنده آباد

هرڪو بلند آواز ۾ دهرائي رهيو هو

اِن ڀرم ۾ ته سندس سامهون وارو

سندس ئي نالو پڪاري رهيو هو.

 

شڪست

شڪستن سان ڦاٽل ليڙون ٿيل جهول پڪڙي

جاري آهي ساهه کڻڻ جي ڪشمڪش

موقعي پرستن جي پيرن هيٺان لتاڙجندي

نه مان ڪنهنکي پريان هٽائي ٿو سگهان

نه ڪنهنکي ختم ڪرڻ جو ٿو سوچيان

’هي سڀ منهنجا پنهنجا آهن‘-

اِن شڪسته جذبي کي

مون ليڙون ٿيل جهول ۾ سمائڻ چاهيو آهي

ارجن کي هٿيارن لاءِ آماده ڪندڙ

ڪرشڻ جي گيتا – واڻي وسارڻ لاءِ

مان لڳاتار جذبات جو نشو پئندو رهيو آهيان.

 

خون

رات جو دير تائين جاڳي

مون تمام سڃاتل مڪانن ۾ گهمڻ چاهيو

ليڪن سپني کي سپنن ۾ قيد ڏسي

مرده گهر ۾ گهسي ويس

ڪافي وقت بعد به ڪو دوست نه بڻيو

تڏهن ريل گاڏيءَ جي پٽن تي ويهي

سگريٽ مان سگريٽ جلائڻ لڳس

پوليس جي مقرر کوج – سڙڪ تي

جاءِ بجاءِ مون اڳ۾ ئي سِڪ اڇلائي ڇڏيا

ان بعد شڪار جي ڳولها ۾

بنا دير، مون پاڻکي پڪڙي خنجر کپائي ڇڏيو

ليڪن هڪ وار سان شڪار ختم نه ٿيو

ٻئي وار ڪرڻ جي مون ۾ طاقت نه بچي

پبلڪ فون تان پوليس کي آگاه ڪرڻ چاهيم

ڏٺم خوني ڀڄي رهيو هو

اونده جي تهن ۾ مون سندس پيڇو ڪيو

تازو خون منهنجن هٿن، چپن ۽ ناسن ۾ هو

پڪ هئم خوني جهلبو ضرور

صرف هڪ انديشو هو ناڪاميءَ جو:

خوني هٿ اچڻ کان اڳ صبح ٿي وڃڻ جو.


 

 

 

هريش واسواڻي (1940)

هڪ نئين سنسڪرتيءَ جو جنم

سنسار جي پيغمبر کي اَسان

ڀوڳن جي سوليءَ تي لٽڪائي

اُنجي مستڪ ۾

ترسڪار جي ڪلي ٺوڪي ڇڏي آهي.

جيستائين اُن جو رت ڳڙندو

۽ شرير ڦٿڪندو

تيستائين اسين اُنجي شهادت جو

هڪ وحشاني مزو ماڻينداسين.

پر جڏهين اُنجي آتما اُڏامي ويندي

۽ جسم بيجان ٿي ويندو

تڏهين اُن لاءِ

اسان جي دلين ۾ ڪهڪاءُ پئدا ٿيندو.

اُنجي معصوم رت ۾ رڱيل – ڀوڳن جي صليب

اسانکي پوتر ٿيل نظر ايندي.

پوءِ اسين اُنجو هڪ نشان بڻائينداسين

۽ اهو گلي ۾ لٽڪائي

هڪ نئين سنسڪرتيءَ کي جنم ڏينداسين.


[1]  زنده باد .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org