ڪلياڻ آڏواڻي (1911)
راز ۽ نياز جا بيت
(1)
سجدا ۽ سلام، اسان واريا ڪيترا،
اسانجي اِمام، پئي پڙهي نماز ناز جي.
(2)
تارن رات عتاب، ويٺي ڏنو چنڊ کي:
”ازل کان عذاب، ڏنو اَٿئي رشڪ جو.“
(3)
ڪنڊن کان پاسو، تيسين ڪبو ڪينڪي،
جيسين دلاسو، دل ۾ آهي گل جو.
(4)
صحبت سپيرين جي، ڄڻ چنڊ جي چانڊاڻ،
گلن جي سرهاڻ، ويڙهيو وڃي جان کي.
(5)
رندن جي محفل ۾، راز پروڙيم هي:
آهي بيخودي، بهتر بيداريءَ کان.
(6)
نڪو قيل نه قال، رندن جي حضور ۾
رڳو وجد ۽ حال، سندن روح رهاڻ ٿي.
(7)
مطرب کي مجلس ۾، ساقيءَ هئن چيو:
”تنهنجي ساز ڪيو، مست آهي مي کي“
(8)
قدرت جي محفل ۾، ساقي خود سبحان،
سمورو آسمان، ٿيو ساغر هنجو.
(9)
سهڻن تي سهڻا، پيا آهن سنسار ۾،
مهڻن تي مهڻا، حسن ڏئي ٿو حسن کي.
(10)
زاهد هڪڙي ڳالهه، ويٺي چيو ڪنهن رند کي،
ڏاڍا برا حال، تنهنجا ٿيندا قيام ۾
(11)
لبن تي تبسم، آڻي رند چيو:
”ساغر ۽ صنم، ڪندا شفاعت منهنجي.“
(12)
درخت جي ڇايا، چون ٿا سنسار کي،
اسان اجايا، ڇو سٺا عذاب اُس جا!
(13)
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن رڳي رڃ ٿي،
آسائون ٿيون مرگهه، مرن پييون اُڃ ۾.
(14)
توڙي مرين صبح، توڙي مرين شام،
اجل جو انعام، اهوئي ڪفن ٿيو.
(15)
توڙي اِنسان آهيان، ناڪس چئج م مون،
متان مان ۽ تون، هجون هڪ قطار ۾.
(16)
نه جامو نه دلق، اسان پهريو ڪڏهين،
هيءَ خدا جي خلق، ڇٽي اسانجي ڇل کان.
(17)
پنڊت ۽ ودوان، اسان ڏٺا ڪيترا،
جنجي اگيان، شاستر شرمايا.
(18)
عالمن کان ميٺ، گهڻو جاهلن ۾،
هي نمي وهن هيٺ، هُو ويهي نمن نه ڪنهنکي.
(19)
حق ۽ حسن، ٻئي ذات هڪڙي،
حاصل ٿيم حزن، ٻنهي جي طلب مان.
(20)
کڻي ڪو ڪتاب، جي ٿو ورق واريان،
راڳن جو رباب، ٿو منجهائي مطالعي ۾.
(21)
ننڊ عارضي موتُ، موت ابدي ننڊ ٿيو،
نيٺ ٿيون ٿا فوت، پاڻ هيري ننڊ تي.
(22)
جي تجربو ننڊ جو، هجي نه ڪنهنکي،
جيوت کي ڪوٺي، ڪڏهن ڪونه خواب ڪو.
(23)
آهه حيايت خواب، پر موت حقيقت ٿي،
حقيقت جو حساب، ڪئن سمجهون خواب ۾!
(24)
موت آهي ماٺ، وجهي مڙن کي ماٺ ۾،
لفظن جي اڻاٺ، آهي اِن بيان ۾.
(25)
لاطمعي جو دم، هڻبو ٻئي جهان ۾،
جت نه رهندو ڪم، پڙهڻ يا پاڙهڻ جو.
(26)
مون ڪي ڏينهن مدام، ويٺي پير پوڄيا،
اُٿي نيٺ سلام، پنهنجو ڪيم پاڻ کي.
(27)
”قبن ڪينهن پير، مرشد مساڻن ۾“،
ڀٽائي گهوٽ فقير، فرمايو ڪنهن ڳالهه سان.
(28)
درويش پاڻ پنن، در داتا جي منگتا،
وڃي وٽان تن، سک تون ريت پنڻ جي.
(29)
قدرت جو قانون، اچي نه ڪنهنجي فهم ۾،
جوتشي! جنون، توتي چڙهيو ڪهڙو!
(30)
ويچاري حساب ۾، گهڻا هلايا هٿ،
لکشترن جي ڪٿ، برهم بنا ڪير ڪري؟
(31)
جيڪي لکيو انگ ۾، ڳوڙهن سان نه ڊهي،
توڙي قلم وهي، ڪنهن ڪامل جو اُن تي.
(32)
ڪامل نه لاهين، لکيو جو للاٽ جو،
البت گهٽائين، شدت اِنهيءَ شوم جي.
(33)
غنچي کي هيءَ تات، ته رات ڦري پرڀات ٿئي،
چي: سهڻي جواهرات، اُٿي پهريان ماڪ جي.
(34)
پکين کي پرڀات، آهي تات لنوڻ جي،
اسانکي، هيهات! نڪا تات نه لات ڪا.
(35)
هڪ درويش جي تربت تي، لکيل هيئن هئو:
”هت ستل آهي سو، جنهن ننڊ نه ڪئي ڪڏهين“
(36)
جاڳي جي سمهيا، تن وري جاڳڻ ناهه ڪو،
جاڳي ٿو هرڪو، تن ستن جي حضور ۾.
(37)
هسڻ سان منهنجي، نه ڏينهن وڌ روشن ٿئي،
نه روئڻ سان تنهنجي، سياهي ڌوپي شب جي.
(38)
هجان ها پتنگ، ته ڏور وٺي ها هٿ ۾،
ياڪِران ها ڪنهن ڍنگ، اڱڻ عجيبن جي.
(39)
مندر ٽڪاڻا، اسان واري ڇڏيا توتان،
تولءِ ايڪاڻا، ويٺا واريون واٽ تي.
(40)
وڃن ڇو غواص، موتين ڪاڻ عميق ۾،
هي! هي ماڻڪ خاص، نه ڏٺائون لبن جي لهر ۾.
(41)
جرڪي ٿو شبنم، موتين جيان گل تي،
پر نيڻن سندو نم، آهي اُهڃ عميق جو.
(42)
تڪيندي تارا، عاشق وڃائن راتڙي،
صبح سويرا، ٿا تارا تڪين تن کي.
(43)
چوان ها نه شعر، پر محروميءَ مجبور ڪيو،
جو ٿي سمجهيم زهر، سو سچ ته ڪهربا هئو!
سدا رنگاڻي ”خادم“ (1913)
رباعيون
ڪيڏي به ڪري منڪر حق جي دعويٰ،
ڇا حق جي بگاڙيندو؟ بڻندو خود ڇا؟
گنگا به ٿي ناپاڪ، ڪتي جي گڦ سان!-
ڇا ٿيندو ڪتو پاڪ تري جي گنگا؟
جي دل جو لڳل دل جي دوا ٿي ٿو سگهي،
اَڻ هوند ۾ پڻ شاه گدا ٿي ٿو سگهي،
آهي ڪي جو اِنسان جي وس ناهه ڪرڻ؟-
اِنسان جي چاهي ته خدا ٿي ٿو سگهي.
ڦل ڦول ۽ ٽاريون ٿو جڳ ساراهي،
پروڻ جي پاڙ ڏي نظر ئي ناهي!
ويچار سوا ٻول ۽ رهڻي ڪهڙا؟-
بنياد بنا محل جي قيمت ڇاهي!
جنت مان اُڇلاءِ ڀلي، جي چاهين،
دوزخ ۾ ڏي جاءِ ڀلي، جي چاهين،
دم پڻ پر، يار! پاڻ کان ڌار نه ڪر،-
سارو جڳ ڀٽڪاءِ ڀلي، جي چاهين.
جاڳائي وڇوڙي ۾ جي آه و زاري،
ميلاپ ۾ ڏي پل نه سمهڻ ٿي ياري،
دنيا ٿي چوي: زندگي آهي هڪ خواب،-
مون لاءِ اِهو خواب بڻيو بيداري.
لامن تي ڪَليون لاڏ منجهان پييون لڏن
يا بزم چمن ۾ ڪي پريون ناچ وجهن؟
آواز پتن جي ته لُڏڻ جو هي ناهه-
پيرن ۾ ٻڌل پيا ڪي گهنگهروُ ڇمڪن!
اي چنڊ! اُها آهين لڄاري نينگر،
جا پهرين لڪي ليئو پائي ٻاهر،
ڏينهون پو ڇڏي حجاب کولي جوڀن
مشتاق جي اک موهي، ڪري دل مضطر.
اي دوست! گلن مان ٿو اچي ڪنهنجو هڳاءُ؟
هيرن جي جهوُٽن سان ٿي ڪنهنجو ڇهاءُ؟
اونده جي وجود کي مٽائڻ خاطر،
سج چنڊ منجهان ڪنهنجي اُجالي جو تاءُ؟
هوئڻهاري ڪنوار جي خاموشي،
خادم! ٿي ٿئي ڪيڏي نه آنند ڀري!-
دنيا جي راه رسم کان اَڻ واقف،
شرنائيءَ جي گونج تي ٿي مگڌ وئي!
اڄ صبح تُڃيو ڪوڙيئڙن ڪوهيڙو،
ماکيءَ جي مکين ڀرت ڀريو گُپ چپ جو،
سارو ڏينهن پوپٽن ٿي ماريو ميدان،
۽ رات – فضا کي کرکٽن چمڪايو.
ڪهڙي محفل صحن فلڪ ۾ ٿي مچي؟
ڇو ساز بهشتيءَ جو ٿو آواز اچي؟
هت هت آهن رقص ۾ تارا ۽ ڪتيوُن،
مستيءَ ۾ ٿو چنڊ به ننگو ٿي نچي!
ٿا هڪ ٻي پٺيان اُٿن دکي دل ۾ سوال،
غم تئن ٿو وڌي، جواب جئن بڻجي محال،
ڇاتيءَ تي لڳي ٻالڪ جا ڪومل هٿ
ٿا شانتي بخشڻ ۾ ڪن ڪيڏو ڪمال!
جپ جو تت: ستنام سري واهگرو،
تت جو ست: ستنام سري واهگرو،
چاهين ته مچي شبد جي ڌن چوڌاري،
چوندو وَت: ستنام سري واهگرو.
هيءَ جاتي کيکڙن جي کاري آهي،
جنهنکي ڪائي گهرج ڍڪڻ جي ناهي،-
ڪنهن پاسي کان هڪڙو چڙهڻ جي جي ڪندو،
چوگرد ٻيا ڇڪي، ڇڏيندس لاهي.
مون کان نه پڇو آهيان ڪنهنجو خادم-
خالق جو خلق جوڪ پنهنجو خادم
مڙني جو حق آهه مٿم، پوءِ به چوان:
دلڙي جو وٺي، پهرين تنهنجو خادم.
ورجايان ڇا، ته ڇو ٿو اسڪول ڏسي،
عزت کان اُن اڳيان پوي سيس جهڪي؟-
آهنس اگرچه چوطرف ديوارون،
ويٺو آهي جاءِ ۾ ”آئيندو“ ڇپي.
ساگر کان وڇڙيل مڇلي آهيان مان
ساحل جي واريءَ تي پيئي ڦٿڪان،
چاهيان ٿي پنهنجن سان ڪنهن پر به ملڻ-
ساگر ۾ وجهوم، پوءِ مران خواه جئان.
آهي جي حياتي ته وري ملنداسين،
جئري نه ملياسين ته مري ملنداسين،
قسمت ۾ لکيو آهه لڙهڻ – لڙهبو، پر
ملنداسين اسين – ٻڏي، تري ملنداسين.
جوڙو غزل
(1)
ڇڏي سانگي ويا سڃ ۾ سويرا
پڇايان ٿي پرين جا پار پيرا.
مونکي هت هجر کان هو روڄ راڙو
هتي پانڌي وڃي پهتا اَويرا.
اچو قربئون نماڻيءَ جي به نجهري،
اوهان جا شل وسن، دلدار! ديرا.
ڏسي ڏيو، ويڄ! اڄ آٿت اَگهيءَ کي
گهنگهر ۾ ڏينهن گهاريا ٿم گهڻيرا.
ڪنديس هوتن جي لءِ هاڙهي ۾ هڪلوُن
پڇائينديس وڃي پٻ پاس پيرا.
اَڻانگي عشق جي آ راهه، خادم!
ٿڪائي جنهن ڪيا هٿ پير کيرا.
(2)
جو مزو انتظار ۾ آهي
سو نه خود وصل يار ۾ آهي.
ياد ٻئي جي، ڀُلائي پنهنجو غم
ڪهڙو جادو نه پيار ۾ آهي!
هُن جي وعدي جي ڪنهن ”سڀان“ به ڏٺي؟
لطف پر اعتبار ۾ آهي!
وصل ۾، اُف! وڇوڙي جو کٽڪو
ڇا خزان ٿي بهار ۾ آهي!
ڇا ٿيو، ضبط جي زبان تي اَٿم
دل نه پر اختيار ۾ آهي.
هاءِ ڙي سار! هاءِ ڙي ويسار!
دل نه ڪنهن پر قرار ۾ آهي.
بخت جا پيچ ڪير سلجهائي!-
ور وڪڙ وار وار ۾ آهي.
گل سبب غير سان پوي اَٽڪي
ڪيڏي غيرت نه خار ۾ آهي!
حال اوريان ته ڪنهن سان، اي خادم!
سڀڪو پنهنجيءَ تنوار ۾ آهي. |