سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :16

 

موتي پرڪاش (1931)

غزل

(1)

روز جن سان رهي ٿي روح رهاڻ

اي خدا، هاڻ کين واپس آڻ!

رنگ ڀرجي ويو تصور ۾

ڦول ڦهلائي چوطرف سرهاڻ!

ڪانه ڪاراڻ ڏي نظر وئي

جنهن سمي ڇٽڪي چنڊ جي چانڊاڻ!

دل ٿي ڌڙڪي، ۽ اک سڄي ڦڙڪي

ڪنهنجي آمد جو هي مليو اُهڃاڻ؟

دل کي پرچايون، اک اچي ڀرجي

هاءِ، فرقت جي رات ۽ ڇڪتاڻ!

 

(2)

جيءَ کي هاڻ لڳيون جهوريون، آءُ

آءُ هي ڀرم ڀوريون، آءُ

مختصر هونءَ به حياتي آهي

وصل جون تنهن ۾ گهڙيون ٿوريون، آءُ!

جا رهي جان، سڄڻ! باقي آهه

سا به هڪ ٻئي تان کڻي گهوريون، آءُ!

گڏ رهي ڇو نه حياتي ماڻيون

ڏيهه ڇا لءِ وڃي ڏوريون، آءُ!

سالها سال رهي دل ڳهندي

ڪا گهڙي ويهي اندر اوريون، آءُ!

سر ڏين ساز تي ڪي راءِ ڏياچ

آءُ سو چنگ کڻي چوريون، آءُ!

 

 

جهوپڙي

 

منهنجي گهر جي ڀر ۾ هڪڙي جهوپڙي

پنهنجي سر تي مفلسيءَ جا مڻ کڻي

رات جو چپ چاپ ۾ سسڪي اِئين

جئن کڻي پيو ساهه ڪو دم جو مريض.

 

ويهي چلهه وٽ چئن ٻارن جي امڙ

ڏينهن جي پِن مان ڪٺيون ٿيل روٽيوُن

ڪن ڏينهن جون روٽيون پاروٿيوُن

ٿي رئي جي ڪنڊ مان ڇوڙي ڏسي

باهه تي تن کي وري سيڪڻ لڳي

ڄڻ ته سيڪي پيئي پنهنجي زندگي

(سيڪ کائي من سوادي ٿي پوي).

پيٽ کي هٿ ڏئي جاڳن ٻار پيا

جن جي نڪ جون ناسون اِئن ڦنڊ جيو پون

جئن ٻلن جو حال ٿئي کاڌو ڏسي.

هڪڙو چوندو ”مونکي بک آهي گهڻي“

ٻيو جهپا هڻندو ۽ چوندو ”صبح کان

مون بنا کاڌي گذاريو ڏينهن آ“

روئي ٽيون چوندو ”مونکي ڪلهه گهٽ مليو“

چوٿون پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ڪري

پنهنجون ٻانهون پيو اِئين ڦهلائيندو

جئن مرڻ ويلي کڄي ماڻهوءَ جو ساهه.

جهوپڙيءَ جا ڪک ۽ ڪانا ڀي اُٿي

تن جي رودن سان ڪٺو رودن ڪندا

جهوپڙيءَ جي، اُف وٿين مان جا هوا

گيت ڳائيندي، اندر داخل ٿئي

سا سمائي پنهنجي سيني ۾ هي روڄ

سسڪندي، دانهون ڪندي، نڪريو وڃي.

 

هڪڙي ڪٽيا کي ڏسي، ٻيءَ کي ٻڌي

هڪ گهٽيءَ مان نڪري، ڀٽڪي ٻيون گهٽيون

هڪڙي پاڙي مان وڃي ٻئي ۾ گهڙي

ٻئين مان ٽئين ۾، ٽئين مان چوٿين ۾ وڃي

اِئن هزارن جي ڪهاڻين کي کڻي

(باب جن جا ٿيا سوين، پر هڪ پلاٽ)

ڦهلجي هڪ ڳوٺ ۾، ٻئي ڳوٺ ۾

شهر مان ٻئي شهر ۾، اِئن ملڪ ۾

هڪڙو ئي ناٽڪ ٻڌائيندي وڃي

مفلسيءَ جو، بيوسيءَ جو، بک سندو.

 

سيٺ ماڌوءَ جو غصو اُن وقت ئي

سانوڻي جي ميگهه جان ڀرجي اچي

هو دريءَ مان سس ڪڍي چوندو اِئين:

”نامرادو ڇاجو ايڏو شور آ؟

رات جو ڀي ننڊ ٿا ڪريو حرام!“

بس اِنهي تي جهوپڙي جو هيءُ ’شغل‘

اِئن وڃي خاموش ٿي، چپ چاپ ٿي

ڄڻ خموشي آهه ڪنهن شمشان جي.

مان کڻي هٿ ۾ قلم ويٺس لکڻ:

”سيٺ ماڌو چپ ڪرائي ٿو سگهي

پنهنجي ڀر جي جهوپڙيءَ جو شور غل،

پر ڇا هوُ دنيا جون سڀئي جهوپڙيون

چپ ڪرائي ٿو سگهي ڏهڪاوَ سان؟

جهوپڙيون، جن جون ڪهاڻيون هيءَ هوا

پنهنجي سيني ۾ سمائي ٿي گهمي،

جهوپڙيون جي اڄ، سڀاڻي يا پرينهن

پنهنجي هل هنگامي جي طوفان سان

سڀني محلن جون ڀتيون ڪيرائينديون؟“

 

ٻه واٽي تي…

مونکي هتي ڪنهن اچي اُڇليو آهي؟

لڳي ٿو

پٽيءَ ٻڌل اکين سان

پنڌ ڪندو

بي سرتيءَ ۾

انداهيءَ جي انڌن رستن کي پار ڪندو

هتي اچي پهتو آهيان.

جئن آڪاس جي گهري گهري ڪاراڻ مان

تارا هڪ هڪ ٿي ٽٽندا وڃن

گم ٿيندا وڃن

تئن منهنجن ڌڌڙيل پيرن کان

سالن کان دز ڀريل پچرا

پاڻ ڇڏائي ويا آهن.

۽ هاڻي بچيون آهن هي ٻه واٽون

هي ٻه واٽون…

اوڀر طرف آڪاس جي مياڻ مان

سورج جي ڪٽيل تلوار نڪرندي

۽ ڏسندي ڏسندي

سراڻ کاڌل تيز ڪٽار تي پوندي

ان چئن ضدي تارن جو بي گناهه خون

اُن کي اڃا به چمڪائي ڇڏيندو

۽ سج جي ڪرڻن جي فاتح فوج

ستل ڌرتيءَ تي ڀرپور وار ڪري

اُن کي ڇرڪائي جاڳائي ڇڏيندي.

تڏهن…

اُن روشنيءَ ۾

هي ٻه واٽون چمڪڻ لڳندو

۽ مان پنهنجي دز لڳل

۽ پٿون ٿيل

پيرن جي سهاري

وري کڙو ٿي بيهندس!

جيڪا راهه

مونکي وڌيڪ ڏکي ۽ خطرناڪ لڳندي

تنهن ڏانهن وڌي ويندس.

ٿوري وقت بعد

جڏهن منهنجا ساٿي

اکيون مهٽي ڪر موڙي اُٿندا

۽ هتي پهچندا…

هن ٻه واٽي تي،

تڏهن اُهي هتي ٻه پل سوچي

ٻيءَ واٽ تي اڳتي وڌي ويندا،

هنن مان ڪنهن کي اِهو خيال ڪين ايندو

ته هڪ جنونيءَ کي

ڪهڙيءَ واٽ

ڳرڪائي ڇڏيو آهي؟

 


 

 

ڪرشن راهي (1932)

سنڌ ۽ سنڌي

وطن جي لءِ، جان گهوري پوءِ به ٿوري

سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آيا!

 

وطن گهوري آيا، هاڻي رت روئن

پنهنجا وري پسڻ لءِ، تنجا نيڻ سڪن

ٻيريون کٻڙ کجيون، هت ڳوليندي نه ملن

ماڻهو هِت به ٿين، پر اسان جا ڪي ٻيا هئا!

 

اسانجا ڪي ٻيا هئا، جن سان هئا نينهن

اوسيڙا ئي اُنهن جا رهن راتيان ڏينهن

اکين سندا مينهن، مند نه ڏسن مهل ڪا!

 

مند نه ڏسن مهل ڪا، اَندر جون آهون

ملڪ موٽي وڃڻ جون بند ٿيون واهون

سي دليون ڪن داهون، وطن ويو جن هٿان!

 

وطن ويو جن هٿان، ناهي تن آرام

ڪڏهن وسري ڪينڪي ڪنهن کان پنهنجو گام

نديون هت به جام، پر سنڌوءَ ۾ ڪو ساه ٿين!

 

سنڌوءَ ۾ ٿين ساه، جو سنڌو ڀانئن ماءُ

پنهنجا نيٺ پنهنجا، ڌارين ڪهڙو ساءُ

ڪهڙو لڳو واءُ، هڪڙا هِيت ٻيا هُتي!

هڪڙا هتي ٻيا هتي، سنڌي ٿيا ٻيئي

پر هڪڙا سنڌي ڏيهي ٻيا پرڏيهي

ماڻهو اُهيئي، پر رهن راڄن ٻن ۾!

 

رهن راڄن ٻن ۾، ڪي سنڌ ته ڪي هند

مٽي جا هڪ ملڪ جي جڙيل تنجي جند

سي ڇا ڄاڻن سنڌ، جيڪي هِتي ڄميا!

 

جيڪي هتي ڄميا، سي ڀي سنڌي سڏبا

سنڌي ٿي به سنڌ کي ڏسڻ کان سڪندا

ڌارين وانگيان جڏهن سنڌ وڃي ڏسندا

ماڻهو اِئن چوندا، ”سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ!“

 

 

 

مست قلندر!

سڏ:

ڪوئي آهي! ڪوئي آهي! سڏ او نائي،

ڪوئي آهي!

راءِ ڏياچ ڪهي آيو آ پنڌ پڇائي!

ڪوئي آهي؟

آهي ڪوئي ٻيجل ڳائي ۽ سر لاهي!

ڪوئي آهي؟

موٽي آيو آهه پنهون پيو در کڙڪائي!

ڪوئي آهي؟

آهي ڪوئي سسئي ننڊ منجهان جاڳائي!

ڪوئي آهي!

ڪوٽ عمر جو ڪاٽي مارئي موٽي آهي!

ڪوئي آهي؟

آهي ڪوئي کيت وٺي جو منڌ موٽائي!

ڪوئي آهي!

سچ بڻي منصور نچي ٿو اڄ للڪاري!

ڪوئي آهي؟

آهي ڪوئي جو اڄ مونکي سوريءَ چاڙهي!

ڪوئي آهي!

ننگي سياست ڏس ڇا ڇا رنگ رچائي!

ڪوئي آهي؟

آهي ڪوئي جو لوٺيءَ جا لڱ لڪائي!

ڪوئي آهي!

دلبر لءِ ديوار پٺيان دلبر واجهائي!

ڪوئي آهي!

آهي ڪوئي جو ديوار ڀڃي دڳ ٺاهي!

ڪوئي آهي!

 

 

پڙاڏو

ولهه ۾ واڪو، سڏ ئي سڏ، وراڻي ناهي!

ڪوئي ناهي!

هرڪو ننڊ ۾، ڪير اُٿي ڪنهن کي جاڳائي!

ڪوئي ناهي:

کيت به ويٺو آهي پنهنجو ڪوٽ اڏائي:

ڪوئي ناهي:

سچ کي سچ چئي ڪئن ڪوئي سوريءَ چاڙهي:

ڪوئي ناهي:

ڪتا ٿا ڀؤنڪن، ڪو مست قلندر آهي!

ڪوئي ناهي!

ڪنهن جو سڏ آ، ڪنهن کي سڏ آ، ڪوئي ناهي!

ڪوئي ناهي!

 

 

آواز

وقت کي گذر ئي وقت ٿيو آهي

رات فوتيءَ جي وارثي جيان

روشنين ۾ ورهائجي وئي آهي

روشنين جي هڪ اونداهي انترال ۾

مان بيهجي ويو آهيان!

 

رستا هڪ هڪ ٿي هليا ويا آهن

منهنجو رستو

آخري بس تي سوار ٿي

وڃي چڪو آهي

عمارتون هلڻ لڳيون آهن

روشن ڪمرا

هيٺ مٿي اچي وڃي رهيا آهن

اچانڪ منهنجي سامهون

هڪ پنج اِسٽاري ريسٽارنٽ

رڪجي وئي آهي

ٻاهر کليءَ فضا ۾

هوا جو دم گهٽجي رهيو آهي

مان ساهه کڻڻ لاءِ

ٽپو ڏيئي

اندر گهڙيو آهيان.

هڪ ڪرسيءَ مونکي پڪڙيو آهي

۽ پاڻ تي وهاري ڇڏيو آهي

آواز! آواز! آواز!

اُلو، چٻرا، ڪانوَ

ڳجهون، سرڻيون، باز

شينهن، بگهڙ، لومڙ.

هر ڪرسيءَ تي هڪ آواز ويٺو آهي

ورديءَ ۾ ڪجهه آواز بيٺا آهن.

 

”يس سر، ڇا آڻيان؟“

هڪ ڇوٽو پيگ زهر

”ديسي يا ولائتي ؟“

”ڪو فرق آهي؟“

”ديسي مال جي گئرنٽي ڪانهي“

”ولائتي آڻ.“

 

هڪ اُلوءَ جو آواز پنهنجي ڪرسيءَ تان اُڏامي

منهنجن ڪلهن تي اچي ويٺو آهي

”ڇا ڪندو آهين؟

”شاعر آهيان“

”ظاهر آهي، پر ڪندو ڇا آهين؟“

 

ڪنهن پراڻي ياد جيان

مونکي کل اچي وئي آهي

۽ منهنجي آسپاس

آوازن جي ڀيڙ جمع ٿي وئي آهي

پيگ اچي ويو آهي

ڪوئي ڌماڪو نه ٿيو آهي

پوءِ به

ڌماڪي کانپوءِ جو سناٽو

ڇائنجي ويو آهي

مون پنهنجا چپ لاهي

پيالي ۾ وجهي ڇڏيا آهن

زهر جي آگ

پياس جي ساگر کي

ڍڪ ڍڪ ڪري پي رهي آهي

زندگي مونکي جي رهي آهي

۽ آوازن جي انبوه ۾

فقط منهنجو آواز ٻڌي رهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org