گيت
سک سو سمو اچڻ وارو آ
ڏينهن بدلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا!
مٽجي وينديون هي مايوسيون
ڪنهن سان رلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا – سک جو سمو…
اِجهو گهڙي اڳ اُڀ تي ڪارو
ڪڪرن جو هو جهرمٽ ڇايو
اِجهو هنئر ڏس ڪني ڪڍي سج
آب تاب سان اُڀري آيو
گهور اونداهيون پوريون ٿينديون
جوت ڦهلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا – سک جو سمو…
2- ڪيڏي آ بي بقا حياتي
هيءَ ڪنهن سان نيبهه نه رهي آ
مؤت زندگيءَ جي وچ۾ بس
وار جيتري ئي نه وٿي آ
ڪڏهن ڪنن ۾ ڪڏهن ڪپر تي
دنگيءَ ڌڪلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا- سک جو سمو…
3- منزل وفا ملي ٿي اُن کي
جو ساهس سان پنڌ ڪري ٿو
اَٽل اِرادي سان راهن ۾
جيڪو پختوپير ڌري ٿو
ڌرتيءَ اندر مچ ٻري ٿو
ڏونگر هلجڻ ۾ ڪا دير لڳي ٿي پيارا – سک جو سمو…
”پرڀو وفا“
امن جا آثار
شوخ هوا جو رخ بدلي شل
برفاني پربت پگهلي شل
هڪ هڪ ٿي وٽڙن هي بادل
گهور اُنداهيون هٽجي وينديون
پورب کان سج ڪني ڪڍي آ
ڪاريون راتيون ڪٽجي وينديون
دوُر پهاڙن جي چوٽين تي
سڄر سوجهرو اڄ ڦهلي شل – شوخ…
2- وير جا واچوڙا پوُرا ٿين
سڪ جو ساگر ڇلڻ لڳي شل
جنگ جو بيوُ گل بند ٿئي
اَمن جو جهنڊو جهلڻ لڳي شل
ڇڻي پون ڪلفت جا ڪنڊا
اُلفت جو هڪ ڦول کلي شل – شوخ…
3- ريل هلي آ هلندي رهندي
ڪندا رهون شل سفر هي پيارو
هتان کڻي سڪ سندو سنديشو
هُتان صلح ۽ ڀائيچارو
وري دلين ۾ هڪ ٻئي جي لءِ
جذبن جو دريا اُڇلي شل- شوخ…
4- هت هو ڏسندا لال جون جهمريون
اسان هُتي شهباز جو ميلو
خواجه جي درگاه هتي آ
هِتي سکر ۾ ساڌن – ٻيلو
هڪ ٻئي جي گهر اچون وڃون شل
اِنهيءَ خيال ۾ من مچلي شل- شوخ…
5- ڀيڻ هتي ۽ ڀاءُ هتي آ
ڳنڍ ته هيءَ ڇٽڻ جي ناهي
ڪيون گهٽين ۾ گڏجي رانديون
ياري هيءَ ته ٽٽڻ جي ناهي
وچ واري ديوار ڪري شل
سڀ کي وڇڙيل يار ملي شل – شوخ…
6- وير منجهان ڪجهه ورڻو ناهي
اِن ۾ آهي ڀلو ٻنهي جو
نفرت جو هي بانسي بيدو
کڻي ڇڏيون ٻاهر اُڇلي شل – شوخي…
7- هي ثابت ٿي هاڻ چڪو آ
ڀرم هيو مذهب جو ايڪو
هڪ طوفان تباهيءَ وارو
کڻي اچي ٿو پاڻ سان جيڪو
ڌرم جو مرم سڃاڻون جنهن ۾
وطن وري نه ڪڏهن وجهلي شل – شوخ…
8- جنهن ۾ بک نه ڪا بيڪاري
اهڙي نياري نگري ٺاهيون
مانوتا جو مذهب جوڙيون
جهونا وهم دلين تان لاهيون
پيار جو پوکيون، وفا! اهو وڻ
آنڌين ۾ به نه جو اُکلي شل – شوخ…
اِنسان، روح ۽ خدا
1- خبر ئي ڪنهن کي ناهي – الائي ڇا ٿو چاهي
هتي آ ڪوڙ جي بازي سر – چڙهي ٿو سچ هت ڦاهي.
ڏسي هي ڪلجڳه منجهه ڪلو – چئون ڪئن ڪو رب آهي!
وفا بس عشق ئي آهه الاه-چئي ڏي سينو ساهي.
2- ڪوئي ڪاشيءَ ڪوئي ڪعبي جي زيارت ٿو ڪري
ڪوئي بت آهه جو اِنسان کان بهتر آهي؟
جو خودي پنهنجي مٽائي ته خدا خود آهي
خود غرض آهي ته حيوان کان بدتر آهي.
3- ديوتائون به منش – روپ وٺڻ ٿا چاهين
خود فرشتن جو به سجدي ۾ جهڪيل سر آهي.
بندگي آهه اگر ڪرڻي ته بندن جي ڪبي
ڪو خدا آهه ته اِنسان جي اندر آهي.
پنجڪڙا
وڪاس
بڻئين حيوان منجهان اِنسان
اڃا ڀي اوچو سندءِ نواس
اڃا ڀي ڪرڻو اَٿي وڪاس
ڪڏهن پڪ ٿي ويندين ڀڳوان
بڻئين حيوان منجهان اِنسان.
پتلو
آ پتلو پنجن تتن جو پاڻ
ڪري ٿو چنڊ تارن جي تور
رکي ٿو اندر غيبي زور
ڪلپني، ڀاؤ، اِڇا ۽ ڄاڻ
آ پتلو پنجن تتن جو پاڻ.
امر انسان
تباهي آڻي ڀل طوفان
ڀري ڀل ڌرتي پنهنجو پيٽ
لتاڙي مر لهرن جي ليٽ
امر ته به رهندو هي انسان
تباهي آڻي ڀل طوفان.
عالمگير انسان
فقط مان آهيان هڪ انسان
نه هندو آنءُ، نه مومن آنءُ
نه منهنجو مذهب خاص، نه گانءُ
وطن آ منهنجو سڄو جهان
فقط مان آهيان هڪ انسان.
پرش پرشوتم
اسان جو هن دنيا سان ڪم
هجي ڀل اهڙو ڪو ڀڳوان
ستارن ۾جنهنجو اَسٿان
اسان لاءِ پرش ئي پرشوتم
اسانجو هن دنيا سان ڪم.
مانوتا جو شان
اڙي انسان نه ٿي نادان
پرائي دک جو رک احساس
جڳن جو جاچي ڏس اِتهاس
رکيئه ڪو مانوتا جو شان؟
اڙي اِنسان نه ٿي نادان.
ساهه!
اڙي او ساهه! خبر ڏي ساهه!
ڪٿي هو اڳ ۾ سندءِ وٿاڻ؟
لڪائي ويٺين تون جت پاڻ
بدن ۾ ڪڏهن بڻايئه راهه؟
اڙي او ساهه! خبر ڏي ساهه!
من!
چئي ڏيان سچ، ٻڌندين او من!
جڏهن هن جيءَ جو مليئه جهان
تڏهن ئي نڪتئه نانءُ نشان
گهمئين پئي ڪهڙا اڳ۾ بن؟
چئي ڏيان سچ، ٻڌندين اومن.
ايڪواد
جسم کان روح جدا ته نه آهه
جدا ڪر ساگر کان گهراڻ
چنڊ کان ڪر ته جدا چانڊاڻ
روح کان الڳه خدا ته نه آهه
جسم کان روح جدا ته نه آهه.
اسرار
خدا ۽ روح ٻئي اسرار
اکين جي اوڏو دنيا آهه
اِنهيءَ سان جيئري، ڍول! نباهه
مرڻ کانپوءِ جا ڪهڙا پار
خدا ۽ روح ٻئي اسرار.
پريپورڻ
هئين جي پريپورڻ تون پاڻ
ٿيئه ڇو جڳ جوڙڻ جي لوڙ؟
وري جوڙيئه به ته ههڙي جوڙ!
پسون پيا چوڌاري رت ڇاڻ
هئين جي پريپورڻ تون پاڻ.
سرجڻهار
اگر ’سچ‘ آهي سرجڻهار
ته پيدا ٿيو ڪٿان هي ڪوڙ؟
اُڏائي پاڻ پاپ جي ڌوڙ
ڪيائين خلق سڄيءَ کي خوار
اگر ’سچ‘ آهي سرجڻهار!
نام – خمارئ
چريائپ چت جي ساري آهه
چوي ڪو اگم، اَنام، اَروپ
چوي ڪو سندر آهه سروُپ
چوي ڪو نام – خماري آهه
چريائپ چت جي ساري آهه.
خوب خيال
خدا هڪ آهي خوُب خيال
روح جو رسميه سکميه راڳ
منش جي پوُرنتا جو ماڳ
ايڪتا جو هڪ روپ وشال
خدا هڪ آهي خوب خيال
هري دلگير (1916)
ٻه غزل
(1)
گرچه پونجي فقير جي آهي
دل تڏهن ڀي امير جي آهي!
دل ۾ ديدار دوست جا آهن
ڪانه سڌ ٻڌ سرير جي آهي!
روپ پنهنجو منجهس ڏٺو رانجهي
ورنه هستي ڇا هير جي آهي؟
پاڻ ۾ پاڻ قيد ٿيو آهي
ڪهڙي حالت اَسير جي آهي!
سارو سنسار آهه سونهن ئي سونهن
اک کليل جي ضمير جي آهي!
پريت دنيا سان هاڻ آهي اِئين
جيئن ڪنول جي ۽ نير جي آهي!
ٿي اچي گلبدن وٽان شايد
خوب سرهاڻ هير جي آهي!
ٻيو به هڻ، ٻيو به هڻ، مزو ٿو اچي
چوٽ ڇا تنهنجي تير جي آهي!
شاه جو شعر خود شراب آهي
گهرج وسڪيءَ نه بير جي آهي!
مارئي ٿي پئي وري ماندي
ياد آئي ملير جي آهي!
(2)
1- نه ڦل پٽيون ٿا، نه گل ڇنون ٿا
چمن ۾ هوندي چمن ۾ ناهيون
حيات جي انجمن گهمون ٿا
حيات جي انجمن ۾ ناهيون!
2- ڪنول جو گل آ تلاؤ اَندر
تلاؤ ۾ هوُ تڏهن به ناهي
اسان دکن ۾ دکي نه آهيون
سکن ۾ رهندي سکن ۾ ناهيون!
3- جتي وڃون اُت ڏيون محبت
جتي وڃون ات وٺون محبت
جهان ۾ سا جڳهه نه آهي
جتي اسان دوستن ۾ ناهيون!
4- بشر بشر سان اَٿاهه الفت
اِنهيءَ کي سمجهون اسان عبادت
خدا جي الفت جو ڍونگ جيڪي
رچن ٿا، تن عابدن ۾ ناهيون!
5- گگن ۾ اُڏري، گگن جا نقشا
ڪڍي، زمين کي گگن ڪنداسين
اسانجو ڌرتيءَ سان پيار آهي
گگن جي لءِ ڪو گگن ۾ ناهيون
6- اسان جو فن آهه ڪو نه فن لءِ
اسان جو فن زندگيءِ لءِ آهي
فقط لکڻ واسطي لکن جي
شمار تن شاعرن ۾ ناهيون!
7- جڏهن به ساڻيهه جا سنيها
اسانکي پرديس ۾ پڄن ٿا
تڏهن وطن ۾ ٿا پاڻ سمجهون
وڃي ٿو وسري وطن ۾ ناهيون!
ٻه گيت
(1) جن جي دل ۾ درد
جن وٽ دل ۾ درد، اُنهن جي دردن تان قربان
جن وٽ سڀ جا سور، اُنهن جي سورن تان قربان!
1- ڪنڊن ۾ ٿيا پاڻ سدائين
ڏيندا ته به سرهاڻ سدائين
جن ڪنڊن سان قرب ڪيو، تن گلڙن تان قربان!
2- پاڻ اُسن ۾ سڙندا آهن
ڇانو ٿڌي ته به ڏيندا آهن
ڇا نه وڻن جا وڙ، مان تن جي پن پن تان قربان!
3- نت نت پاڻ جلائن ويٺا
جڳ ۾ جوت جڳائن ويٺا
اونده اُجلي جن کان ٿئي، تن ديپن تان قربان!
4- جن کي ڏسندي مک مک ٻهڪي
من من جي مينا ٿي چهڪي
جن ڳوڙهن ۾ گيت ڀريا، تن ڪڪرن تان قربان
5- نيڻ پرائي دک کان ڇلڪيا
تن مان ٿورا آنسون ٽپڪيا
جي هيرن جو هار بڻيا، تن لڙڪن تان قربان!
6- جن ڪنڊن مان راه بڻايا
گس گس تي گلزار لڳايا
رستي ۾ جي رت ٿي پيا، تن قدمن تان قربان!
7- مڙني لءِ کولن مڌشالا
پاڻ پين اکڙين جا پيالا
مستيءَ ۾ جي مست سدا، تن مستن تان قربان!
(2) ساگر ڏي تون هل هاڪاري
او مٺڙي، او پياري جيجل – او ٻهڳڻ ٻاجهاري سنڌو!
تنهنجيءَ ڇلندڙ ڇاتيءَ تي مون – پنهنجي ٻيڙي تاري سنڌو!
سر ماٺيڻا – جهيڻا جهيڻا
ڳائي ڳائي – دل وندرائي
هل مونکي تون پار اُڪاري – ساگر ڏي هل تون هاڪاري.
او نيلي ساگر مان ايندڙ – او نيلي ساگر ڏي ويندڙ
جنم وٺي جنهن گهر مان آئينءَ – آخر ۾ تنهن گهر ڏي ويندڙ
جو تنهنجو گهر – سو منهنجو گهر
گهر سانتيڪو – گهر ٿانئيڪو
ڌيري ڌيري موجون ماري – ساگر ڏي هل تون هاڪاري.
رات سانت جا ساز وڄائي – منهنجي هردي کي لهرائي
اونده جي پردن ۾ ويڙهي – مونکي ڇڏ تون پار لڳائي
نچندي ٽپندي – لڏندي ڪڏندي
تنهنجون ڇوليون – ڏيندم لوليون
لهر لهر مان گيت اُٿاري – ساگر ڏي هل تون هاڪاري.
سانتيڪو گهنڀير سمندر – دل جي تار ڇڏيندو ڇيڙي
جنهنجي موج موج ۾ موتي – جن موتين کي ڪو ڪو ميڙي
تنهن ساگر مان – آدي گهر مان
سڏڙو ٿيو آ – هلڻو پيو آ
هاڻ سگهان ڪئن هن گهرگهاري – ساگر ڏي هل تون هاڪاري. |