رشتو اجنبيت جو
رشتا ته گهڻيئي آهن –
رشتو خون ۽ مائٽيءَ جو
رشتو ياري دوستيءَ جو
رشتو پيار محبت جو
رشتو ڀائپي ۽ انسانيت جو
پر اِهي سڀ پراڻا رشتا آهن
اڄ جو نئو رشتو آهي
رشتو اجنبيت جو
گهر ۾ رهندي
آفيس ۾ ڪم ڪندي
رستي تان هلندي
بس ٽرين ۾ سفر ڪندي
مٽ مائٽ سان ملندي
يار دوست سان اٿندي
سڀ گڏ آهن
مگر هرڪو الڳ آهي
۽ هڪ ٻئي سان
اجنبيت جي رشتي سان ڳنڍيل آهي.
اجنبيت ئي اجنبيت
ڄاڻ اِها آهي
ته هڪ ٻئي کي نه ڄاڻون
سڃاڻپ اِها آهي
ته هڪ ٻئي کي نه سڃاڻون
ويجها ايڏا آهيون
جيڏا دور آهيون
واقف اهڙا آهيون
جو گڏيا ئي ناهيون
نه ڀائپي نه مائٽي
نه موه نه لڳاءُ
نه محبت نه نفرت
نه دوستي نه دشمني
نه ڄاڻ نه سڃاڻ
اڇي رنگ جيان
ستن ئي رنگن جو ميل
سڀني جذبن جو جوڙ
ناتن جو نچوڙ
رشتن جو رشتو
هڪ ئي رشتو
منهنجو توسان
تنهنجو مونسان
سڀني جو سڀني سان
اجنبيت جو رشتو آهي.
ووٽ
مونکي هڪ ووٽ آهي
ووٽ جو منهنجو آهي
هڪ حق آهي
هڪ آواز آهي
هڪ هٿيار آهي
هڪ طاقت آهي
هڪ ملڪيت آهي
مون وٽ منهنجو هڪ ووٽ آهي.
هي ووٽ
منهنجو آهي، اِئين
جيئن منهنجو نالو
جنهن جو فائدو
مان نه، پر ڪو ٻيو وٺي سگهي!
هي ووٽ
منهنجو حق آهي، اُهو
جو مون سان ناحق ڪري
مون کان ٻيا حق کسيندو رهي؟
هي ووٽ
منهنجو آواز آهي، اُهو
جو ڪنهن ٻئي کي ڪرڻو آهي!
هي ووٽ
منهنجو هٿيار آهي،اُهو
جو مون تي وار ڪري!
هي ووٽ
منهنجي طاقت آهي، اُها
جا مون تي حڪمراني ڪري!
هي ووٽ
منهنجي ملڪيت آهي، اُها
جا ٻئي کي ڏيڻ لاءِ آهي!
ووٽ ڏيڻ
هڪ عقلمند جي بيوقوفي آهي
۽ ووٽ نه ڏيڻ
هڪ بيوقوف جي عقلمندي آهي.
ڄاڻان ٿو
ته اِنسان هڪ ئي وقت
عقلمند ۽ بيوقوف ٿي نٿو سگهي.
پر ڏسان ٿو
ته چونڊن ۾
اِنسان
هڪ ئي وقت
عقلمند ۽ بيوقوف ٿئي ٿو.
انند کيماڻي (1933)
مان
پنهنجي وقت جو شاهد آهيان
ليڪن
منهنجي شاهدي ڪوڙي آهي
جو، منهنجي مٿان
ڪٽنب، سماج، ملڪ
۽ شخصي
بي پناه
پرمپرائن جا
ٻوجهه پيل آهن
ڪٿي به سچ
۽ خالص سچ جي حمايت ڪرڻ
جو،
مون ۾ ساهس نه آهي.
نپنسڪتا
پنهنجي ڌرم جو نچوڙ آهي.
دوستو!
ٿوري دير بيهو
ڪجهه ڳالهيون ٻڌي وڃو
مونکي اوهان وانگر خود
وقت جي تنگي آهي
مان ڪو پاڳل ڪو نه آهيان
پر هن يگ جو نمائندو آهيان
اوهين شايد ٿورا بيوقوف ٿا ڏسجو
جو
پنهنجي ئي يگ جي نمائندي جي ڳالهه
به
ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيو.
ٺيڪ آهي –
اوهين بيهي ويا
سٺو ڪيوَ
پر حقيقت ۾
مونکي اوهانکي ڪجهه به چوڻو ڪو نه هو
صرف اِهو ڏسڻو هو ته
اوهانکي اڃا به نمائندي جي ضرورت آهي يا نه.
ويڪتي واد جي فيشن ۾
خود پنهنجا نمائندا ٿيڻ
ته نٿا سوچيو نه؟
سالار جنگ ميوزم جي
چند ڪمرن ۾،
چند آدم قد شيشا
پٺيان ڪو حسين چهرو،
اچانڪ لنگهي ٿو وڃي
اِئن جئن،
علاؤالدين لاءِ
پدمڻي لنگهي وئي هئي
ليڪن مان
علاؤالدين نه آهيان
چهرو پدمڻي نه آهي،
ڪو ڀيم سين به نه آهي،
ان ڪري اتهاس جو صرف
هڪ
مرده
بدڪار
کڻ
ڪنهن غلط حوالي ۾
دهرائجي ٿو وڃي
زندگيءَ جي
غلط دهراءَ وانگر.
قبرستان
يا شمشان گهاٽ
وٽان لنگهندي
هر هنڌان آواز ٿو اچي
”منهنجو اڌورو ڇڏيل ڪم
اَدا
تون پوُرو ڪجانءِ،“
حرامزادو!
اوهان کي مرڻ جي
ڪهڙي تڪڙ پيئي هئي
يا ايڏا وڏا ڪم
پاڻ تي هموار ئي ڇو ڪيوَ؟ -
مون وانگر
بي جوابدار به ته ٿي سگهيا ٿي.
مان بيمار پيڙهيءَ جو فرد آهيان
منهنجي آدرشن جي ڦڦڙن تي
سوڄ چڙهي وئي آهي.
مون اصولن جي رت جون اُليون ڪيون آهن.
منهنجي رشتن جون رڳون
سن ٿي ويون آهن.
منهنجي پيار کي اَڌ رنگ
لڳي ويو آهي.
منهنجا احساس
ناسور ۾ ورتل آهن.
منهنجي ذهن کي ماليخوليا آهي
مان چنڊ ياترين وانگر
پنهنجي خيالن جو
پيشاب پيئندو آهيان.
منهنجي شهرت کي گنوريا ٿي پيو آهي
منهنجي ڪلپنا کي
انتظام جا ڪتا کائي ويا آهن.
جاتيءَ جي دلالن کي ڏسي
منهنجو ساهه ڦولجي ٿو پوي.
منهنجي جذبات تي
سماج جا هٽلر قابض آهن.
منهنجي وشواسن جي غريبيءَ تي
حڪمران پارٽيءَ حملو ڪيو آهي.
مونکي لوڪ تنتر جي
جنرل هاسپيٽل ۾ ڀرتي ڪيو.
۽
آزاديءَ جي آڪسيجن تي رکو
ائن
شايد مان به ٺيڪ ٿي پوان.
ڪافي هائوس ۾ اچي
مان پاڻ کي ڪافي مهان سمجهندو آهيان
دنيا جي
ڪنهن به وشيه تي
بحث ڪرڻ جي قوت پيدا
ٿيندي آهي
ڪنهن جي ماءُ ڀيڻ کي
… … … …
هونءَ جو مان پڇندو آهيان –
ڪارڻ ٻڌايو آشاوادي ٿيڻ جو؟
ليڪن هت
سچ پچ
آشاوادي ٿي اُٿندوآهيان
اِندرا گانڌي
زنده باد.
هاسارام ”پيئا“ (1935 – 1983)
دوها – سورٺا – بيت
1- سواسن ۾ سرهاڻ تون، تون ئي جيون پراڻ
توکي پائي موج مان، ڇلڪي من – مهراڻ!
2- سرءُ نه رهندي دائمي، ايندو نيٺ بسنت،
ڀر ۾ ويهي جهوُمندو، ڀنئر ڪليءَ جو ڪنت!
3- مکڙي نکري ڦول ٿي، ڀاڳ ڀرايس ڀال،
پاتيس ڀونئر ڳراٽڙي، لڄ کان ٿي ويئي لال!
4- تنهنجي در تي ڇانئبس، بادل بڻجي ميت،
جيءُ ڀري توکي ڏسي، برسائيندس پريت!
5- ٿينديون ڪين نموريون، هن موسم ۾ موُر،
ڇڻي چڪو آ واءَ ۾، نم جو سارو ٻوُر!
6- تات نه ٿيندي مات، او، تات نه ٿيندي مات،
ڳالهيون بڻجي ڳائبي، رلندي بڻجي رات!
7- ڇوڙ نه پايل راڌڪا، ايندو شيام ضرور،
ٿو انڌ ياريءَ اوٽ مان، چمڪي نرمل نور!
8- ڳاءِ، ڳاءِ، او ڳائڻا، مڌر مڌر سر ڳاءِ،
زهر گهلي پيو واءَ ۾، امرت تون ڇلڪاءِ.
9- ڇو نه ڇلي جذبات، او، ڇو نه ڇلي جذبات،
چانڊوڪيءَ جي نهر ۾، تڙڳي پيئي رات!
10- ڳوڙها ڳوڙها ڳالهڙيون، سڏڪا سڏڪا سار،
گلشن گلشن آرزو، ڀاو ڀاو هٻڪار!
11- جمنا ڪنٺي چنڊ ٿي، کڙي راڌڪا – رات،
چانڊوڪيءَ جي ٿي پئي، چوڌاري برسات!
12- پنبڻين جي پالوٽ کان، هريو هانؤ جو کيت،
هرپل اُپجي پيار جو، گيت، غزل ۽ بيت!
13- سچ جي ٻولي ٻولبي، وڌندو ويندو وير،
هن دغا جي دؤر ۾، سچ سهي ٿو ڪير!
14- کنڀ رڱائي مور ٿي، ويٺو آهي ڪانءُ،
ڳالهه ڪريان جي سچ جي، ڪوڙو سڏجان آنءُ!
…
16- گذري ويئي ويل، موٽي ايندي ڪينڪي،
کيڏي کيڏي کيل، ويندي جيوت شانت ٿي!
17- ڪر خوشامد خوب، ڪم ڪڍڻ چاهين اگر،
مرڪي چؤ ’محبوب‘، موذي ۽ مروان کي!
…
18- مند مٺي ميلاپ جي، تڙڦائين ڇالاءِ،
آءُ، کلي ڳل لاءِ، گل ٽڙن ڪي آس جا.
19- ڪرڻا منهنجي آس جا! هرگز ٿج نه اَلوپ،
منهنجو رنگ ۽ روپ، توريءَ رهندو ڪينڪي.
20- ڀوري پئي ڀرمائجي، گونجائيندي گيت،
من ۾ مٺڙو ميت، لڄ اکين ۾ لوڪ جي!
21- گوري تنهنجي گيت جي، آهه گگن ۾ گونج،
هوءَ ڏس، وياڪل ڪونج، رويو ڳائي راڳڻي! |