ٻه وايون
(1)
دير ڪرين ڇاڪاڻ؟ هلي اچ هاڻ، سڄڻ تون دير نه ڪر،
سڄڻ تون دير نه ڪر.
تون مان ڪو نه سڀان هونداسين، جو اَٿئي سو آڻ،
سڄڻ تون دير نه ڪر.
پريت پکيءَ جان اُڏري ويندي، اَچڻو ٿي، اَچ هاڻ،
سڄڻ تون دير نه ڪر.
چئن گهڙين جي لءِ چانڊوڪي، چهري جي چانڊاڻ،
سڄڻ تون دير نه ڪر.
جوڀن فاني، ماڻ جواني، ماڻ جواني، ماڻ،
سڄڻ تون دير نه ڪر.
سڪ جو ساز ٽٽڻ تي آهي، تند نه ايڏي تاڻ،
سڄڻ تون دير نه ڪر.
(2)
تان بنسريءَ جي ٻڌندي ئي،
پاڻوڃائي پاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.
بندرابن جي ڪنج ڪنج ۾،
هڪ هڪ پريم – وٿاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.
وڻن ولين ۾، گيت گيت ۾،
ساوڪ ۽ پيلاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.
ڪوئل جي ڪوُ ڪوُ ۾ ڳولي،
گل گل جي سرهاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.
جمنا جي لهرن ۾ لوچي،
پاڻي جي نيلاڻ ۾… راڌا ڳولي شيام کي.
ڳولي ڳولي ٿڪجي ٽٽجي،
ٽٻي ڏئي ٿي پاڻ ۾… شيام ڏسي ٿي پاڻ ۾،.
راڌا ڳوليو شيام کي،
راڌا پاتو شيام کي.
ٻه ترائيل
(1)
لطف خود لءِ نه، ٻين لاءِ جيڻ ۾ آهي،
چنڊ اونده ۾ رهي، جڳ کي ڏئي ٿو چانڊاڻ،
جو پيارڻ ۾ مزو، سو نه پيڻ ۾ آهي،
لطف خود لءِ نه، ٻين لاءِ جيڻ ۾ آهي.
دل ٽٽڻ ساڻ به گل ڪئن نه ڏئي ٿو سرهاڻ،
سو مزو ناهه وٺڻ ۾، جو ڏيڻ آهي،
لطف خود لءِ نه، ٻين لاءِ جيڻ ۾ آهي،
چنڊ اونده ۾ رهي، جڳ کي ڏئي ٿو چانڊاڻ.
(2)
ايترو اوڏو نه اچ، آءٌ جئين ’تون‘ نه بڻان،
کولي دل، تنهنجو مان ديدار ڪرڻ چاهيان ٿو،
ايترو دور نه رهه، جو نه پسي توکي سگهان،
ايترو اوڏو نه اچ، آءٌ جئين ’تون‘ نه بڻان.
شال تون ’تون‘ ٿي رهين، آءٌ سدا ’آءٌ‘ رهان،
ڇو ته تو ساڻ سدا پيار ڪرڻ چاهيان ٿو،
ايترو اوڏو نه اچ، آءٌ جئين ’تون‘ نه بڻان،
کولي دل، تنهنجو مان ديدار ڪرڻ چاهيان ٿو.
منهنجو دشمن گذاري ويو
منهنجو دشمن گذاري ويو
آهي ڪائيءَ تي ليٽيو پيو
پيلو چهرو، اکيون ٻيئي ٻوٽيل اٿس
هوُ به مون جان ڀڳت ۽ ٺڳت ئي ته هو
مونکي اُسرڻ هوُ ڏيندو نه هو
هوُ گذاري ويو چڱو ئي ٿيو
ڪجهه مٿي سوُر گهٽ ٿي پيو
ميڙ ماڻهن جو آهي مڙيو
ڪيترو نيڪ هو!
(نيڪ هرڪو مرڻ بعد آ)
کيس کڻندا هنئر، ويندا شمشان ڏي…
اوچتو، اوچتو
ٻارهن جا ٿو رئندا ڏسان
تن جا سڏڪا ٻڌان آءٌ ٿو
منهنجي سر ۾ ٿو چڪر اچي
۽ زمين کي ٿو ڦرندو ڏسان
منهنجي دل کي ٿو جهٽڪو اچي
منهنجا گوڏا جهڪي ٿا پون
پاڻ کي ٿو ڪفن ڏي ڪرندو ڏسان
۽ چمان ٿو سندس پير آءٌ.
ٻاهر تالو اندر آءٌ
اڄ دل جي دروازي تي
ٻاهران تالو هڻي ڇڏيو اٿم
۽ اندر ئي اندر
مان اڪيلو لڪي ويٺو آهيان.
اڄ مان ڪنهن سان به ڪو نه ملندس
اڪيلو ئي اڪيلو عيش ڪندس
پنهنجو پاڻ سان.
اي غم، جي تون اڄ ايندين
ته ٻاهران تالو ڏسي موٽي ويندين
اي سوچ، تون به اڳوپوءِ سڀاڻي اچجانءِ
۽ غم سان گڏ ويهي
سس پس ڪجانءِ
اڄ مان آهيان ئي ڪو نه.
اي سنسار
پنهنجا اَڻ – چڪتوُ ٿيل بل کڻي نه اچج
مان هوندس ئي ڪو نه
بل ڪير ڀريندو؟
اي آئيندي جا اونا،
او من جا مونجهارا،
اڄ توهان نراس ٿي موٽي ويندا
اڄ مان ٻاهر ويل آهيان
اڄ مان ڪنهن سان به ڪو نه ملندس
اڪيلو ئي اڪيلو
عيش ڪندس
پنهنجو پاڻ سان.
اندر ڀوڄواڻي (1918)
سنڌ ۽ سنڌي
رن سياست بدچال! راڄن ۾ رولو وڌءِ
وڏن وڏن جي مت کسيءِ، ڇوري ڏيئي ڇال
ڀاءُ ويڙهايهءِ ڀاءُ سان، ڪري تيرهن تال
اشرافت بيوَس بڻي، اِنسانيت بي حال
بازاري رن! شال، منجو کڄيئي ملڪ مان!
ساريوُن جي سنڌ کي اسين، لقب ملي ”غدار“
گنگا! امرت ڌار! هيءُ وک رت ۾ ڪئن ڀريو؟
3- ڏاها نصيحت ڏِينِ، ”موهه ڇڏي ڏي سنڌ جو“
خود هئن کيڪارين، ”سنڌي سائين! ڪيم ڇو؟“
4- ”تن جو وٺجي نانءُ ڇا، جن جو ڇڏيو گانءُ“
عاقل سمجهائي اِئين، مڃي نه مست هنيانءُ!
5- ”پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سوُر هئا“
هيءَ هڪ سٽ سنڌيءَ جي، ڇا ته ڏئي ٿي ڄاڻ!
تون ٿو چئين، سڄاڻ! ”سنڌي ادب ۾ آهه ڇا؟“
6- انگ ڪٽيائون سنڌ جا، روُح ته ڪٽيو ناهه
هت به مکن تي آهه، ”لالئون لال لطيف چوي!“
دوها - سورٺا
1- اڳيان دهل شرنائيون، پويان گهوٽ ڪنوار
ڪلا اِنهيءَ پرڪار، ٿي جيون جي رهنما!
2- اڳيان دهل شرنائيون، پويان گهوٽ ڪنوار
ڪلا، زندگي، پيار، ٽيئي گل گڏجي ويا!
3- سينڌ رتي هٿڙا رٿا، دلڙي لاليءَ لين
آئينو رنگين، آيو آ کهبي ڍڪي!
4- واسينگن وچ۾ سمهيل، ٻهڪي سنهڙي سينڌ
اِندر روح ڦوڪيو ڇڏي، سيندر رتڙي سينڌ!
5- آنچل سان ڇڪتاڻ ڇو؟- اُن ڇا ڪيو قصور؟
ٽڪي به ڪئن معذور، هيٺان دل ڏئي ٿي ٽپا!
6- جرڪي مرڪي چنڊ پڻ، خوب پکيڙي منڊ
اڪ جي ڦاڙي اکين کي، ڏسڻ نه ٿي ڏئي چنڊ!
7- توکي ڏسندي ڏک لهن، مٺڙي! ٺري هيانؤ
ساٿ سندءِ آ، سانوري! مون لءِ نم جي ڇانؤ!
8- چنبيليءَ جو گل ڏسي، جاڳي ڪنهنجي سار
هر جهوني تشبيهه کي، ڪيئن چئجي بيڪار؟
9- نيڻ ته قائل قرب جا، ڌرم نه ٻيو ليکين
جيءُ جي جيئارين، تن تي سؤ سؤ چوڪسيون!
10- نيڻ نماڻا لڄ ڀريا، تنهنجا، مٺڙا ميت!
موهين نٽ نخري بنا، جئن ڪنور جا گيت!
11- ٻاهر سار گهڻي سندن، گهر ۾ ڪم جا پوُر
دوريءَ ۾ ويجها رهون، ويجهائيءَ ۾ دوُر!
اِندر ڀوڄواڻي
پنجڪڙا
(1)
پري رک اِهو پيار بي نوُر
نه جڳ تي جنهنجي پوي نگاهه
سدا پنهنجي مطلب جو چاهه
رهي خوش ڏيندين ٻين جا سوُر
پري رک اِهو پيار بي نور!
(2)
مسلسل تڙڦ جواني آهه
اڙي بي فڪر سمهڻ وارا!
ڏيل کي ڏسي پڏڻ وارا!
جواني خون ماس ئي ناهه
مسلسل تڙڦ جواني آهه!
(3)
رکن ٿا ادب اڃا به جوان
ٻڍي نابين سکانيءَ جو
آهه ڪُن ڏي رخ ٻيڙيءَ جو!
کسي وڏڙي کان ڪير سکان؟
رکن ٿا ادب اڃا به جوان.
(4)
سهڻ جا ڪيسين وعظ ڏيان؟
جسم کي هر ڏک ڏنڀي ٿو،
سڄو تَن ڏنڀيل آ جن جو
مٿان مان پڻ تن کي ڏنڀيان؟
سهڻ جا ڪيسين وعظ ڏيان؟
(5)
نه گُهر مون کان ڪومل ٻولي
دريوڌن جا اڄ سهسين روُپ!
ننڊ ۾ ارجن پوءِ به الوپ!
ڏيان تنهن جوڌي کي لولي؟
نه گهر مون کان ڪومل ٻولي.
تنها
روي خواه ڪوي، ٻرڻ ٻنهي لءِ لازمي!
جنم دن جو جشن، ورسي ارمانن جي!
ترقي ڪرمنل ڪوڊ جي، سڀيتا جو وڪاس!
”ليڊر“ آريسٽ، ڪمپليٽ ريسٽ!
مهاساگر جي پٺيءَ تي، ننڍڙو ڪک سوار!
اُڀ جي سليٽ تي، يگن کان ساڳيو سبق!
ڪنڌ ڀاونا جو ڪپيل، يوجن جيڏي يوجنا!
دلين ۾ آهن، صفون، صليبن جون کتل!
ڪن جا ڀونگا ٻرن، ڪن جي چانهه ڪڙهي تڏهن!
”مان“ ڪاٽوُ دنيا، باقي ”مان“!
شينهن ۽ ٻڪري گڏ، ٻار بيهاريا ميز تي!
دلڪش پردا درين جا، رازن جا رکپال!
سونا سنج چيتن تي، اَچيتن سوار!
کائي ماڻهوءَ ماس، مساڻ آ بيهوش پيو!
گنگا ڌوئي پاپ، پاڻي پيٽن ۾ وڃي!
لغتن جا انبار، اکڙين جي ٻولي ڪٿي!
من کي هڪ چهبڪ هنيم، هوُ پيو هڻي هزار!
لڙڪن جو ڪئن قدر ٿئي، کارو پاڻي آهه! |