سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي شعر جي چونڊ

صفحو :13

 

وٽڙيل ويچار

(1)

خدا جو عڪس آهيان،

تنهن ڪري هن جيان،

فقط شبدن جو آڊمبر رچي،

جڳ کي ٺڳيان ويٺو.

(2)

تون جيئن سوچين ٿو تيئن دنيا کي پائين ٿو.

ڪڏهن تون خوبصورت مهربان

ڄڻ ڪو خدا آهين.

جڏهن تون پنهنجي هستيءَ کي پڏائين ٿو،

گهڙي پل جي سڦلتا پائي

خوش ٿي، سينو ساهين ٿو،

تڏهن تون نيچ ڪوڙو، پاپ جو پتلو،

گناهن جو گهڙو آهين!

دکي تون پاڻ کي پنهنجي هلت سان ئي بڻائين ٿو،

خدائن کي اجايو لوئين ٿو،

ڏوهي بڻائين ٿو.


(3)

جڏهن ڪائي اِڇا تنهنجي ٿي پوري ٿئي

تڏهن خوش ٿي چوين ٿو:

ها، خدا آهي، ڪرم فرما خدا آهي،

مگر ٻيءَ کن، اگر آفت ۾ اَڙجين ٿو،

چوين ٿو:

بس خدا ناهي، غريبن جو خدا ناهي!

(4)

جڏهن کان سمجهه تنهنجي ئي اِڇائن جي حوالي آ

خدا تنهنجي تماشي کي ڏسي ويٺو،

خدا کي اُن گهڙيءَ جو انتظار آهي

جڏهن تون تنگ ٿي دنيا جي چيزن کان

سندس شرڻ ۾ ايندين

نه تو لءِ پوءِ جهان کي ڪا ڪشش رهندي،

جهان جي پوئتان جيڪا سچائي آ،

اُنهيءَ سان آشنا ٿيندين.


 

(5)

مان سمجهان ٿو

مسيحا حرفتن جيان چوطرف پکڙيا پيا آهن،

سکي جيون ۽ مڪتيءَ جا ڏيئي دلبا،

مدارين جيان عوام کي نچائن پيا.

مسيحائن جو جن ورتو سهاروآ،

اُهي اڄ بي سهاري جي رهيا آهن.

مسيحا ڪنهن ڌنيءَ جي محل ۾،

ڪمل جي بستر تي،

جهان کي خواب چئي،

بس اونگهه ۾ پيا آهن.

 

جاڳ:                  ڄڻ

جاڳ ته اهڙي          پينگهي ۾

جاڳ!                  ابهم

ٿوري ننڊ                      ويٺي

۽                               لوڏي

ٿوري جاڳ!            ماءُ!

ٿوري ساڀيا                    خواب:

ٿورو خواب                     خواب

ملي جهلي                  ته اهڙو خواب

ويا                             جنهنجو جاڳ نه

ننڊ ۽ جاڳ!                  آهي جواب!

ڀونءِ اُها،                      جنهن سان

ساڳيو آڪاس –             پياس ٻجهائي

پر بدليل                    پياس!

دل جا احساس!              جنهن سان

سانت:                     دوُر ٿئي

سانت                      درڀاڳ!

ته اهڙي سانت                 جنهن سان

سنجها جي                   کلي منش جو

لهرن جي سانت !             ڀاڳ!

ديهه اَچل،                      جو آ

اڌ ٻوٽيل نيڻ                  موج ڀريو

ڌيمي                             مهراڻ،

ڌيمي                          جنهن ۾

کڄن پساهه!               پرين پسائي

                                 پاڻ!

 

لکميچند ”پريم“ (1928ع)

ٽي غزل

(1)

1- خزان جو خندو ڦڪو بڻائي، چمن ۾ مشڪي بهار آيو،

هيوُن جي ڪلهه بيقرار ڪليون، اُنهن کي اڄ آ قرار آيو!

 

2- گلن به سرديءَ جي رت ۾ پنهنجا ڇڏيا ها مونن ۾ منهن لڪائي،

غمن ڀلائڻ جي لاءِ ڄڻ ڪو گلن سندو غمگسار آيو!

 

3- هئو پپيهو اُداس گپ چپ، ويو هو ڪوئل جو ڪنٺ گهٽجي،

بهار تن لءِ کڻي هٿن ۾ مڌر مڌر لئه ۽ تار آيو!

 

4- ڪري اچي ٿي هوا به هر هر اُداس سجنيءَ کي ڪتڪتائي،

خفي آ خود کان، بسنت رت ۾ وٽس نه ڀلجي ڀتار آيو!

 

5- بهار آيو، خزان به ايندي، خزان پٺيان پڻ بهار ايندو،

ازل کان قدرت وٽان سدائين، گلن پٺيان، پريم خار آيو!

(2)

1- ٻڌاءِ مونکي سنگهارن سندي خبر، بادل!

ڪرين سدائين ٿو بر ٿر سندا سفر، بادل!

 

2- رهي ٿي من ۾ مونکي ماند ڪائي مارن بن،

چپن تي تن جي رهي ٿي سدا پچر، بادل!

 

3- اُهي پڪا، اُهي پيروُن، اُهي پسي ڏؤنرا،

پون ٿا ياد سدائين ڀٽوُن ۽ ٿر، بادل!

 

4- ٻڌان ٿي هاءِ! وڇوڙو انهن کي جهوري ٿو،

هتي به زخم رهن ٿا سدا سڄر، بادل!

 

5- لڳي نه اک آ، جڏهن کان اکين کان ڌار ٿيا،

نهاري نيٺ ٿڪي، ٿي جهڪي نظر، بادل!

 

6- ڪڇين ته ڪجهه به نه ٿو، پر وهائين ٿو آنسؤ،

دکيءَ جي درد جي شايد اچئي ٿي ڄر، بادل!

 

7- ڪڏهن ته ظلم ۽ وحشانيت جو انت ايندو،

جڏهن مان پريم سان پسنديس اباڻا در، بادل!

 

(3)

1- ڪيئن وقت ورهايو تو مون کي

تون تون نه رهئين، مان مان نه رهيس

ڪنهن ڪنهن کي ڀلا هيءُ ڏوهه ڏجي

تون تون نه رهئين، مان مان نه رهيس!

 

2- گلچين کي اها اک آهه ڪٿي

جو گلشن گلشن حسن ڏسي،

گل دل جو ڇڻي پيو ائن پٽ تي

تون تون نه رهئين، مان مان نه رهيس!

 

3- شمعون به جليون، جلنديون ئي رهيون

جلنديون ٿي رهيون، ڳرنديون ٿي رهيون،

دلڙين جو حال اُنهن وانگي

تون تون نه رهئين، مان مان نه رهيس!

 

4- دل جي ته نه اڄ ڀي دوري آ

پر وقت وڌي ڪيڏي کاهي؟

بس ياد تي دل پيئي ٿي تڳي

تون تون نه رهئين، مان مان نه رهيس!

 

5- جي شڪوو آ يا ڪائي گلا

سا ڪيئن ڪجي – ڪنهن ساڻ ڪجي؟

حق اهڙو ويو ڄڻ ڪوئي کسي

تون تون نه رهئين، مان مان نه رهيس!

 

6- اُڌمن جي ارٿيءَ تي پيارا

تون ڀي ٿو جيئين، مان ڀي ٿو جيئان

اي پريم پيو ٿو ڏيل ڏري

تون تون نه رهئين، مان مان نه رهيس!

 

اپريل فوُل

1- اڄ جي هر اِنسان جي آ زندگي اپريل فوُل!

هر غمي اپريل فوُل آ، هر خوشي اپريل فوُل!

 

2- اڳ سدا يارن جي ياريءَ تي ڪبو هو ناز، پر

هاءِ اڄ بڻجي وئي آ دوستي اپريل فوُل!

 

3- اڳ محبت ۾ هؤس يا واسنا هر گز نه هئي،

اڄ ته هر هڪ راه آهي پيار جي اپريل فوُل!

 

4- عشق اڳ خاموش هو ۽ حسن پڻ هو ماٺ ۾،

اڄ ته آ ناز و ادا ۽ دلبري اپريل فوُل!

 

5- اڳ نه دولت جي هٿن ۾ پلجندو ايمان هو،

ڳالهه اڄ ايمان جي بڻجي وئي اپريل فوُل!

 

6- ورت، نيم ۽ پاٺ پوڄائون، سماڌيون ڍونگ آ،

اڄ بڻي ڀڳوان جي پڻ آرتي اپريل فوُل!

 

7- ڀل ته ڪو روزا رکي، ۽ ڀل نمازون ڪو پڙهي،

سچ ته اڄ ٿي پئي خدا جي بندگي اپريل فوُل!

 

8- ڪئن ڀلا ڪوئي ڪري ڪنهنجي زبان تي اڄ يقين،

ڇو ته بڻجي، پريم! ويو هر آدمي اپريل فوُل!

 

منهنجي سپنن جو ڀارت

زندگيءَ مان ڪوئي بيزار نه ٿيندو جڏهين

ڪو به روٽيءَ ٽڪر لاءِ نه محتاج هوندو،

رت ڪٽورو ڏئي، ڀت جو نه ڪٽورو ملندو

صرف نالي ۾ نه آزادي ۽ سوراج هوندو،

 

جت حياتي جو نه زر ساڻ ئي مطلب هوندو

علم ناڻي جي ترازي ۾ نه ترندو جڏهين،

جت نه رپين بنا بي موت مري ويندي صحت

هٿ ٽنگي ڪو به نئون پيسو نه گهرندو جڏهين،

 

جت جهالت کي به تعليم گلي لائيندي

حق رسي ٿيندي مزورن ۽ ڪسانن جي جتي،

ڪم ڪندو گڏجي زمينن ۽ ملين جو مالڪ

هوندي قيمت نه غلاميءَ جي فسانن جي جتي،

 

فرق هوندو نه جتي زير زبر جي وچ ۾

جت نه نوڪر ۽ نه مالڪ ۾ ڪوئي ڀيد هوندو،

جت منسٽر اچي ڳوٺن ۾ ڪندا گهر پنهنجا

عام جي پئسي لٽائڻ جي مٿان قيد هوندو،

 

اڻ پڙهيل کي نه جتي ڪار ۽ ڪرسي ملندي

بوُٽ پالش نه ڪندا بي اي جي ڊگرين وارا،

ڀوُت ٽئڪسن جو نه هر روز مٽائيندو لباس

جت مهانگائي نه رهندي، ۽ نه ڌنڌا ڪارا،

 

جت نه بي پردگي ليڙن مان ليئا پائيندي

جت نه فوٽ پاٿ مٿان عمر گذاريندو ڪو،

جت سڀاڻي جي ئي چنتا جي تتل کوري ۾

زندگي ڀر نه ڪڏهن پاڻ کي ڳاريندو ڪو،

 

منهنجي سپنن ۾ اِهو آهه سمايل ڀارت،

پريم! جنتا جي خوشيءَ لاءِ بڻايل ڀارت.

 

گوورڌن ڀارتي (1929)

سئنيٽوريم ۾ پهرين رات

رات جو پهريون پهر –

اوچتو

گل ٿي ويوُن برقي بتيون!…

چنڊ

پيلو چنڊ

ڏٻرو چنڊ

ڄڻ سلهه جو مريض،

دوُر –

اولهه جي اُفق ۾ ويو ٻڏي!…

۽

ستارا ڄڻ ته آهن سرد لاش

هيءُ ڪڪر ڪارا اُنهن جا ئي ڪفن!

دور –

چوڪيدار جي قدمن جي آهٽ

۽ هوا جي کونگهرن سان

خشڪ ۽ پيلن پنن جي کڙ کڙاهٽ

ٿا پون ساري بدن ۾ سيسراٽ!

مونجهه

گهٻراهٽ

نراشا

هاءِ، بي چئني

پريشاني

ڪجي ڇا…؟

ڇا ڪجي

بس زندگي بيمار آ

ڇا ڪجي

بس زندگي بيزار آ

ڇا ڪجي

بس، زندگي لاچار آ…!

………

رات

آڌي رات

هيءَ ڪيڏي انڌيري رات!

سانت

گهري ۽ ڀيانڪ سانت

زندگي

ڄڻ مؤت جي فتويٰ ٻڌڻ لءِ

ساهه روڪي آ کڙي…

هيءُ صحت گهر آهه

يا شمشان آهه؟

ڇا مري ويا اوچتو سڀئي مريض؟

ڇا ڀڄي ويا دوُر، چوڪيدار ڀي؟

رات

آڌي رات

ڪا آهٽ به ٻڌجي ڪين ٿي

سانت

گهري سانت

ڪو ڀڻڪو به ٻڌجي ڪو نه ٿو

ڇا هتي زنده بچيو ڪوئي نه آ؟

(ڄڻ پڙاڏو ٿو اچي)

ڪوئي نه آ…

ڪوئي نه آ…

ڪوئي نه آ…

(چند منٽن لءِ خاموشي)

…            …    …    …

(اَچانڪ)

ڪير آ،

هيءُ ڪير آ؟ -

جو گهور اوندهه مان اُٿي

مون ڏانهن وڌندو ٿو اچي

ڀوت وانگر آ ڀيانڪ، خوفناڪ!

دوُر ٿيءُ

ويجهو نه اچ

ويجهو نه اچ…

 اوه، منهنجي نرڙ تي ڪنهن هٿ رکيو؟

هيءُ ڀنل ۽ برف جهڙو سرد هٿ!

دور ٿيءُ

ويجهو نه اچ

ويجهو نه اچ…

ڪير آ

هيءُ ڪير آ؟

جو ڄڻ ته لوهي بوُٽ سان

منهنجي بدن تي ٿو هلي!

هاءِ دم گهٽجي رهيو آ

ڄڻ ته ڇاتيءَ تي رکيل آ

سؤ مڻن جو بار

يا ڪوئي پهاڙ!

هاءِ ڙي، مونکي بچايو

هن ڀيانڪ ڀوت جي چنبن منجهان

مونکي ڇڏايو

ترس کائو

هاءِ ڙي، مونکي بچايو!…

        …    …    …    …

رات جو پويون پهر –

دل ٻڏي ٿي

ساهه ۾ پڻ مونجهه آهي

کنگهه ڏاڍو ٿي ستائي!

        …    …    …    …

هيڏو پگهر … …؟

هٿ ڏڪن ٿا

لڱ ڍرڪڻ ٿا لڳن

پر اوچتو

ڪجهه گهڙين لءِ

دل ٿي ڌڙڪي زور سان

اوچتو

پيٽ ۾ ٿو وٽ پوي،

ساري بدن ۾ سوُٽ ٿي پيدا ٿئي،

سيٽجي، اُڀري اچن ٿيون سڀ نسوُن!

کنگهه

سهڪو

کنگهه

سهڪو

کنگهه

اوڪارو –

 - ۽ اُلٽي خون جي!

        …    …    …    …

مونجهه

گهٻراهٽ

نراشا،

هاءِ،

بي چئني

پريشاني

ڪجي ڇا؟

هت ته چئني طرف

گويا موت جو ئي راڄ آ،

ته به الائي ڪير

درڍ وشواس سان

هر گهڙيءَ مونکي پڪاري ٿو چوي:

”تون نه مرندين

تون نه مرندين

او مڌر محبوب شاعر،

تون نه مرندين !!…“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org