پرسرام ”ضيا“ (1911-1958)
پوهوُءَ ماءُ
پِٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ
ڪنڌ ڀڄي شل ڪانگريسين جو- ڪيو اٿن ڪنياءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
لٽا نديءَ تي ڌوئي ويٺي – اڳواڻن کي لوئي ويٺي
منهن کي سڄائي سٽي ٿي ڪپڙا – تکو اٿس ڪو تاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
سنڌ سموري ڏنائون ڄٽن کي – مت نه مهل تي آئي مئن کي
جناح کي ڀِي اسان جو دل ۾- ڪو نه پيو ڪهڪاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
سر تي آئي تڏهن لڏيوسين- پنهنجو مٺڙو ملڪ ڇڏيوسين
هت به ڦرياسين هت به ڦرياسين – لڳو ڪو اُبتو واءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
هڪ جيڏين سان حال ونڊي ٿي-
ڪانگريسين تي ڇوه ڇنڊي ٿي
چوي ٿي: آهي اِنهن رلايو- ڪو نه ڪيائون نياءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
5- يارهينءَ وارو پير ڪو پڄندن- لال سائين ڪا اُبتي هڻندن
ڪئمپ ۾ آڻي ڦٽو ڪيائون- ڏيئي اَٽي جو پاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
6- پنهنجي وطن کان اسين وياسين-
ڪني ملڪ ۾ اچي پياسين
رُکا هتي جا ماڻهو آهن – ڪهڙو مئن ۾ ساءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
7- مکي نه ڪو ڪم ڪري ٿا ڄاڻن-
پنهنجو فقط ڀڀ ڀري ٿا ڄاڻن
پاڻ جهڙن جي ڪن ٿا خوشامد- رڳو رکن دٻاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
8- ٻڌان ٿي ڪمبل آيا آهن – گهرجائن کي ملڻا ناهن
تنکي ملندا جن جي طرفان – چڱو هوندو چؤ چاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
9- ڀيڙ لڳي ٿي ڪاڪوسن تي-
وهن ٿيون ڀينر تڏهن گسن تي
اُلٽو مکي چون زالن کي:- ناهي شرم حياءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
10- ڪپڙا هُت ڌوتا ڌوٻين ٿي – لٽا سٽيان ٿي هت ندين تي
روز کٽين جا کُنڀ ٿي چاڙهيان- اٿم اندر ۾ گهاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
11- ڪاٺيون ملن ٿيون پاڻيءَ واريون-
ڦوڪون ڏيئي باهه ٿيون ٻاريون
دوُنهين اکين جو نوُر وڃايو- ڪهڙو ڪريون اُپاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
12- راشن ڪهڙو مئا ڏين ٿا- گند مٿي ۾ کنيو هڻن ٿا
هڪ شئي ملندي ٻي شئي کُٽندي – ته به پيا ڪندا وڌاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
13- ملي ٿو راشن ڪين سمورو- ڳهه ڳاري ڪريون وقت ٿا پوُرو
کير جي خاطر ٻار رئن ٿا- لهندو ڪير سماءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
14- پئنچ پنهنجيءَ ۾ آهن پورا – مطلبي آهن مکي سمورا
هڻن وات جون روز لٻاڙون – سڃا ڪندا ٺهراءُ.
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
15- روٽيءَ جا ٽيبل پلنگ ۽ ڪرسيون-
وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ ڏسبيون
ڇنل منجي نه اسان کي سهندا – وجهندا پيا ڊپ ڊاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
16- پوهُوءَ ماءُ جون ٻڌي هي ڳالهيون-
سوُٽائيءَ جون اکيون ٿيون آليون
وسري ويس سگريٽ ڇڪڻ ڀي – دل کي لڳس ڌڪاءُ-
پٽي ٿي پوهوُءَ ماءُ.
ڪافي
ٿلهه – جبلن تي ٿا جتيون گسايون
لوهه جا بوٽ وٺي ڪي پايون!
قدم قدم تي آهي ڪڪري
پنڌ ڪري ويا ترا ئي نڪري
موچين کي ٿا اسين ورسايون!
سسئيءَ جيان پيا ڏونگر ڏوريون
روز لتاڙيون دڙا ۽ موريون
چارن تي ٿا چڪر لڳايون!
چمپل سئنڊل بوٽ سليپر
مهني مهني وٺون پيا اڪثر
ٽڪرن آهن چٽيون ڀرايون!
اوکا پنڌ پهاڙي آهن
پٿر پير جون کلون ٿا لاهن
مفت هتي ٿا کل لهرايون!
ڌڻي وهي سرڪار جي من ۾
نوان ڪي جوڙا ڏئي راشن ۾
پائي سندس ڪو خير منايون!
پنڌ ڪندي سوٽائي سهڪي
ترا گسايا گس جي گهڪي
ملن ڪي بمبئي شهر ۾ جايون!
ندي ۽ نار
عجب دلڪش نديءَ جو آهه آواز
خبر ناهي ٿي ڪهڙو راڳ ڳائي
ڪري ظاهر ٿي ڄڻ مستيءَ ڀريو راز
سندس آواز ٿو مستي وڌائي
جڏهن ٻڌجن ٿا لهرن جا ترانا
لڳن ٿا ڀانءِ سي چورن ٿا گانا.
ڪناري تي نزاڪت هيءَ وڻن جي
نديءَ جي جيڪي زينت ٿا وڌائن
کسي ڄڻ آهه تن سوڀيا چمن جي
هزارن کي ٿا ديوانو بڻائن
عجب آهن نديءَ جا هي نظارا
وهي پاڻي ٿو جئن چانديءَ جي ڌارا.
کڻي ڪڇ تي گهڙو هڪ نوجوان نار
نديءَ تي جل ڀرڻ خاطر اچي ٿي
مٺي پازيب جي آهيس جهنڪار
ڪنن کي خوش ڪرڻ خاطر اچي ٿي
رکي ڪپ تي گهڙو وارن کي ڇوڙي
ڌوئي جل سان ٿي پنهنجا وار ٻوڙي.
ڪڏهن پيرن کي پاڻيءَ ۾ پسائي
ڪڏهن ڇنڊا کنيو جل جا هڻي ٿي
ڪڏهن ٻانهن کي پاڻيءَ ۾ گهمائي
سندس هرڪا ادا دل کي وڻي ٿي
سندس چوڙين جو کڙڪو دل لڀائي
سريلو گيت ٿو گويا ٻڌائي.
نظارا مختلف هي نيڻ ڪن ٿا
نديءَ جا، نار جي نازو ادا جا
ستل جذبا ضيا جاڳي اُٿن ٿا
نرالا رنگ هي ڏسندي خدا جا
اٿم هڪ دل، ڪريان ڪنهن جي حوالي
ٻنهي مان ڪير منهنجي دل سنڀالي؟
غزل
وسارڻ سان به وسرن ڪين پنهنجي يار جون ڳالهيون
سدائين ياد رهنديون سي محبت پيار جون ڳالهيون!
سڃو ميخانو ٿي پيو، ڪين ٿو پير مغان ڏسجي
ٻڌي اڄ ڪير ساقيءَ کانسواءِ ميخوار جون ڳالهيون!
محبت ئي محبت جون رهاڻيون ٿي ڪيون راڻي
نڪي اِقرار جون ڳالهيون نڪي اِنڪار جون ڳالهيون!
جڏهن ديدار ٿيو ٿي، درد ۽ دک دوُر ٿي ٿي ويا
جدائيءَ ۾ ٿا دهرايون هينئر ديدار جون ڳالهيون!
ملائي نيڻ نيڻن سان ڪيئن ڳالهيون ڪيون سهڻي
سندس هر ڳالهه تان گهوريان سوين سنسار جون ڳالهيون!
جتي جانب تنواريو ٿي، سڄيون آهن سي اوطاقون
فقط آهن رهيون هاڻي در و ديوار جون ڳالهيون!
نظر بلبل ۾ موڳائي اچي ٿي جو خزان آئي
ضيا ڪهڙيون بهاريءَ بن ڪجن گلزار جون ڳالهيون!
شاه سان سپني ۾ ڳالهيون
ڏينهن جي ڪم کان جڏهن فارغ ٿيس
رات جو نشچنت ٿي ليٽي پيس
دوُر ڌرتيءَ کان، مٿي آڪاس تي
خواب جي سنسار ۾ پهچي ويس
هڪ سجايل جاءِ تي پيئي نظر
روشنيءَ کان ٻهڪيو ٿي ديوار در.
مٿڀرو هڪ تخت سلطاني ڏٺم
جنهن تي ويٺل شڪل نوراني ڏٺم
ڪنهن ٻڌايم: هي ڀٽائي گهوٽ آهه
منهن مبارڪ، شان سبحاني ڏٺم
باادب، نئڙي ڪيم هُن کي سلام
شاه مون سان هن طرح ٿيو همڪلام:
”ڪير آهين، اي مسافر! ڪر خبر
پنهنجي نالي کان مونکي واقف ته ڪر
ڪهڙو تنهنجو ديس ۽ ڪٿ ٿو رهين
حال پنهنجو تون ٻڌائينم مختصر
هي الوڪڪ ماڳ لاهوتي جهان
ڪئن هت پهچي وئين، ڪر ڪجهه بيان.“
”سنڌ منهنجي جنم ڀومي“ مون چيو
”هند ۾ هاڻي اٿم مسڪن ڪيو
هڪ ڪوي آهيان، تخلص ٿم ضيا
ڪلپنا سان آهيان هت پهچي ويو
شعر گوئي منهنجي مشغولي بڻي
بس اِها ديوانگي آهي وڻي.“
شاهه فرمايو ته ڏسي سنڌيءَ جو حال
پنهنجي ٻوليءَ جو کلي ڪرقيل و قال
ڪهڙي رتبي کي رسي آهي زبان
نظم جو ۽ نثر جو هوندو ڪمال
سنڌيت جو چاهه آهي يا نه آهه
عام ۾ اُتساهه آهي يا نه آهه؟
مون چيو: آهيون سياست جا شڪار
سنڌ کان سنڌي ٿياسيون ڌار ڌار
هڪڙا هُت ۽ ٻيا هتي پهچي ويا
ڀوت مذهب جو ٿيو سر تي سوار
تنهن ڪري اڄ سنڌيت خطري ۾ آهه
رهڻي ڪرڻي ۽ هلت خطري ۾ آهه.
سنڌ ۾ سنڌيءَ کي اردوءَ جو خطر
هند ۾ انگريزي ٻوليءَ جو اثر
هت ۽ هت مٽجڻ جا منصوبا ٿين
ڄاڻ هوندي ڀي رهون ٿا بي خبر
حال جهڙو آهه پاڪستان ۾
گهٽ نه تنهنکان آهه هندستان ۾.
ماءُ کي هِت ٻار ٿا ممي چون
پيءُ کي بابا بجا ڊئڊي چون
چاچي کي اَنڪل ته بردر ڀاءُ کي
پٽ کي بيبو، ڌيءَ کي بيبي چوَن
مٺڙا مٺڙا شبد هٽبا ٿا وڃن
لطف وارا لفظ گهٽبا ٿا وڃن.
بمبئيءَ ۾ اُلٽي گنگا ٿي وهي
هرڪو سنڌي، سنڌي ٻولڻ کان ٽهي
ڪانوينٽ سڪول ۾ ٻارن جي ڀيڙ
خواب انگريزي پيو هرڪو لهي
اصل وسريو، نقل تي ڪن ناز ٿا
ڪن پراوا پر کڻي پرواز ٿا.
ڪيترا ڪن ٻار آيائن بلي
ماءُ جي لولي نه پڻ تن کي ملي
پيءُ خوش، سنڌي نه پٽ کي ياد آهه
ماءُ خوش، ٽهه ٽهه ڪري پيئي کلي
اڳ زمانو اوُر هو، اڄ اوُر آهه
پاڻ ڀلجڻ جو اچي ويو دؤر آهه.
فلمي گانا گنگنايا ٿا وڃن
فخر سان جلسن ۾ ڳايا ٿا وڃن
سائين جن، سامي، سچل، بيدل: جا بيت
روح پرور، سي ڀُلايا ٿا وڃن
ٿو ٿئي پٿر تي هيري جو گمان
ڏيک تي ڀلجي پيو آهي جهان.
جيڪا اونده ۾ سراپا نور آهه
سنسڪرت جي ڌيءُ سا مجبور آهه
ٻيون گهڻيون ٻوليون ويون منظور ٿي
بس فقط سنڌي نه ٿي منظور آهه
هيءُ قصور آهي ته پنهنجو ئي قصور
پنهنجي ٻوليءَ کان رهياسين دور دور……
خواب غفلت مان اُٿيا آهن اديب
جن جي جاڳڻ ساڻ من جاڳي نصيب
شاهوڪاري شل سندس ظاهر ٿئي
جيڪا سمجهي ٿي وڃي ٻولي غريب
هاڻ هٿ همت جو ٿو چرپر ڪري
ڪين رهندو دامن مقصد پري.
دهلي وارن دل ٻڌي، سي ڀي سجاڳ
بمبئي ٺاهيندي بگڙي پنهنجو ڀاڳ
ڪر کڻي ڪلياڻ ۽ گجرات ٿي
رڳ ۾ راجسٿان جي ساڳيو ئي راڳ
يؤ پي ۾، اِنڊور ۾، ڀوپال ۾
ليکڪ آهن هڪ ٿيا هر حال ۾.
شاه! تنهنجي هر ڪهاڻي، زنده باد
ڄام ۽ نوُري نماڻي، زنده باد
سهڻي ميهر، مارئي، سسئي پنهون
ورهه جي وائي ۽ واڻي، زنده باد
سوُرميون سڀ ياد رکنداسين اسين
سيني ۾ آباد رکنداسين اسين.
بس اِهي احوال هئا، اوريا اٿم
چپ رهي، لاچار چپ چوريا اٿم
جو چيم تنهن ۾ رتيءَ جو فرق ناهه
لفظ سڀ هڪ هڪ ڪري توريا اٿم
شاه فرمائڻ لڳو: پٽ! غم نه ڪر
غم نه ڪر، سنڌي اوس رهندي امر.
جنهن کي جوڙڻ ۾ هئو سنتن جو هٿ
اوليائن جو ۽ درويشن جو هٿ
سا زبان ڪئن ٿي ڪڏهن مٽجي سگهي
جنهن کي سينگارڻ ۾ ستپرشن جو هٿ
آهه اوتارن اُچاري جا زبان
اُن جو رتبو رهندو دنيا ۾ مهان.
جو لڳايم باغ ريگستان ۾
جنهنجي خوشبو ڦهلي هندستان ۾
هند ڇا، ڦهليو ولايت ۾ به واس
اُن جو مٽجڻ ناهه ڪنهن اِمڪان ۾
جيسين قائم هيءَ زمين، هي آسمان
تيسين هي آباد رهندو بوستان.
مون ڪنو چاڙهيو، ڍڪڻ لاٿو سچل
ٿي سندس مشهور منصوري هڪل
گيان ويرن جو ڪيو ساميءَ عيان
واه جا آهي سلوڪن ۾ اُڇل
ڏس پڙهي بيدل ۽ بيڪس جو ڪلام
آسماني آهه پد پد ۾ اُڏام.
راز روحاني سليا روحل فقير
نُڪتا دلپت جا به اونها دلپذير
ٻيا به صوفي ڪيترا پيدا ٿيا
جن ڪئي سنڌيءَ جي خدمت بينظير
سنڌي ٻوليءَ جي مٿان مولا جو ڇٽ
جنهن تي ڇٽ مولا جو سا سڀ ۾ اَمٽ.
هت به آهي ساڳي روحن جي رهاڻ
هِت به ادبي ميڙ ٿا ٿيندا رهن
آهه بيتن جي، سلوڪن جي رهاڻ
اهميت سنڌيءَ کي هت آهي گهڻي
خود خدا کي آهه هيءَ ٻولي وڻي.
جي به ٿا پرلوڪ ۾ سنڌي رهن
شڀ اِڇائون پنهنجون نت اِظهار ڪن
هت به ساڳي اون، ساڳيو چاهه آهه
چاهه جو ڌرتيءَ تي سنڌي ٿا رکن
ڀاونائون ۽ دعائون بيشمار
ڪئن نه پوءِ سنڌيءَ جو ٻيڙو ٿيندو پار!
اوچتو اک پئي کلي، جاڳي پيس
دور سپنن جي جڳت کان مان ٿيس
کن اندر آڪاس تان آيس لهي
هيٺ ڌرتيءَ تي وري پهچي ويس
خواب ۾ جيڪي ٻڌايو شاهه آهه
ٿيندو سچ، اهڙو ضيا ويساهه آهه. |