(بولچند) اَشا درگاپوري
ڇهه غزل
(1)
ٿيو هوا جو در تي کڙڪو
سمجهيم ساجن آيو منهنجو!
تاڪ دريءَ جو کولي ويٺو
گهوُريان سڙڪ ستل جو منهڙو!
سرديءَ جي هيءَ رات سياٽل
ويٺي اونڌو منجو ڪري ڇو؟
سمهيون روشنيون اکڙيون ٻوٽي
اونده جو تن تڙڦي ڪيڏو!
رات جو روح سور سهلائي
ناهي اکين ۾ ننڊ جو نالو!
اَشا! دل ته به اوسيڙي ۾
عقل چوي ڀل ناهين اچڻو!
(2)
شعلو شعلو دل ۾ ڀڙڪي – شايد اڄ ڪا بجلي ڪڙڪي!
پنهنجو پنهنجو رنگ، بوُ ڏسندي –
مکڙي جي دل پيئي ڌڙڪي!
ڏينهن ٿڪو ماندو ويچارو – پشچم جي گوديءَ ۾ سهڪي!
چنڊ نديءَ ۾ وهنجڻ آيو – ريت جي ڪڻ ڪڻ پيئي جرڪي!
ڪنهن ته هوا کي ڏني خماري – جهٽڪو ڏيئي پيئي جٽڪي!
ڪير ته اڄ اچڻو ئي آهي – انگ پيو هر هر ڦڙڪي!
گل ته سميه تي ڏيندا خوشبو – پيار هميشہ مهڪي مهڪي!
آخر ڪنهن ته سنڀاريو هوندو – دل آشا جي ٻهه ٻهه ٻهڪي!
(3)
دل جڏهن جلندي ۽ ڪڍندي لاٽ
ڪين ٽڪندي پوءِ ڪاري ٻاٽ!
چنڊ نڪرڻ لءِ نه ترسي ويهه
هي ستارا ڀي سجهائن واٽ!
هيءَ ته آنڌي ناهه، آهي واءُ
سمجهي وئين تون ٻڌي سوُساٽ!
جي ندي آهيئي ڪرڻي پار
پوءِ ڇا جا گهيڙ، ڇا جا گهاٽ!
هيئن جهڪبو ڪيستائين نيٺ
ڇڏ جهڪڻ، هل هاڻ اوچي ڳاٽ!
زندگي آهي جئڻ جي لاءِ
تون وئين ڀلجي جئڻ جي واٽ!
چؤ ته اونده ڪئن ڪندي گمراهه
دل جڏهن جلندي ۽ ڪڍندي لاٽ!
(4)
ڪنهن جي آهٽ جو احساس – ڪير لڳي ٿو آهي پاس!
تارن جو من گهايل گهايل – چنڊ به روڳي، رات اُداس!
جام جون ڳالهيون ڪيڏيون نڪتيون – خالي من جو آهه گلاس!
ڪهڙا ڳڻجن ويس ونيءَ جا – دل جا آهن لکين لباس!
ڪير ڪري اندازو سڪڻ جو – چئجي ڪنهنجي ڪيڏي پياس!
ڦلواڙيءَ ۾ آيو ڪوئي – خوشبو خوشبو آهي سواس!
دنيا چنڊ جي محفل ناهي – ناهه وري تارن جي راس!
من جون ڳالهيون اهڙيون آشا – ڪنهنکي ڪيئن اچي وشواس!
(5)
اڄ لڳان پيو پاڻ کي ئي اَجنبي
ٿي ڪري ڪيڏي ٺٺولي زندگي!
وقت جو ڪهڙو ڪرشمو آهه هيءُ
ڪلهه هئي جا چاهه اڄ ٿي بندگي!
پاڻ تي دنيا سان گڏ ويٺو کلي
ڪيڏي عاشق جي سٻاجهي سادگي!
هيءُ ڀلا ڪهڙو ٿيو گلشن جتي
آ هوائن ۾ ڀريل بؤ زهر جي!
زندگي پنهنجي ئي ٻوجهي کان جهڪيل
لاش پنهنجو پاڻ ڍوئيندي رهي!
اِنتظاريءَ ۾ ويو وسري صفا
ڪا هئي ڪنهنجي اچڻ جي آس ڀي!
(6)
نيڻ اُداس، زبان خاموش
ڄڻ ڪنهن جادوگر جو ڦند!
سلجهيل رات ۽ اُلجهيل چنڊ
ڪارو ڪوٽ، اڇو پيوند!
چميا جي هلڪي خوشبوُءِ
رڳ وهاڳ، اَڇوتو ڇند!
سواس سواس ۾ ڀڙڪي باهه
چارڻ! چور ڪا اهڙي تند!
ڏياچ ڪٿي جو ڏي سر دان
اُسري چنگ ۾ سورٺ ڇند!
جئري ننگو، مئي لباس
جڳ اِئن ڪاروبار پسند!
سيني ۾ سانول جي سار
لال ڪنول ۾ ڀؤنرو بند!
سينو افق جو خون ئي خون
حوصلو شمع جو پوءِ به بلند!
سحر ڌڪاڻل ڪاري رات
تنهنجن زلفن ۾ پابند!
ايشور ”آنچل“ (1928)
منهنجي حياتي
منهنجي حياتي
سڙڪ تي اُڇليل
ٻرندڙ سگريٽ
سڙي سڙي جو
رک ٿي ويندو!
ڪوئي پينوُ
ڪوئي رولوُ
ٻاڙ کڻي ٻيڙيءَ جي
سڙڪن تان سونجهيندو ٽوٽا
مونکي ڏسي مون تائين ايندو
عادت موجب مون ڏي جهڪندو
پنهنجي جهڪڻ تي
پاڻ پشيمان ٿي
دل ۾ چوندو – هاءِ حرامي
ايڏو جلدي
رک ڇو ٿي ويو!“
پنهنجي هستيءَ جي اُجاڙ ايوان ۾!
تنها کڙو، سوچيان پيو-
موت جن چاهي نه پاتو
موت تن جي لاءِ آهي،
خوبصورت هڪ ضرورت!
موهه جوُن سونيون ڪڙيون،
ٽوڙڻ ته سوکو ناهي،
مجبوريءَ کان جن ٽوڙيون ڪڙيون،
موت ئي تنجو سهارو ٿو ٿئي!
پرگهرڻ تي موت ايندو ناهي،
اُنجي آهه نشچت هڪ گهڙي.
تيستائين آهه اوسيئڙو نلو!
زندگيءَ جو زيب اِن عرصي اندر
گهٽجندڙ مهتاب جان
بدزيب ٿيندو ٿو وڃي!
ابتدائي دؤر ۾ هيئن،
آدمي تنها نه هو
پاڻ ۾ پوُرو نه هو،
اڄ جيان هوُ اڻپورو نه هو!
هنجي هستي
هنجي مستي
هئي قبيلي ۾ سمايل،
سڀ جي مستي
فرد جي مسرت هئي
غير قبيلي جو هيو غم فرد جو.
اڄ جي انسان تي مگر
مالڪيءَ جو جذبو حاوي اهڙو آهي،
هن سان گڏجي ڪو
کلڻ وارو نه آ،
هنجي غم جي غمگساري
ڪو ڪرڻ وارو نه آ!
کيس هر رشتي ۽ هر جذبات جي
قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.
۽ سندس ساري حياتي
فرض جو گهاڻو هلائيندي ڳهي ٿي!
ري گهريو آندو ويس سنسار ۾
هر قدم تي مون وڃڻ جي آ ڪئي،
ڪجهه ته آهي جنهن مونکي روڪي رکيو آ.
مون جڏهن ڀي
فيصله ڪُن حالتن ۾ پير پاتو آهي
اُن دم،
زندگيءَ جي هر شڪايت
ميڻ جان پگهرڻ لڳي آ!
موت جي سهواس ۾
زندگيءَ جو روپ رنگ،
رات جي سايي ۾
چندرما جان ٿو لڳي!
هر مصيبت،
هر رڪاوٽ،
راه جي هڪ هلڪڙي پٿر
جان ڀاسڻ ٿي لڳي.
سڀ مسئلا
پتڪڙا ٿي
ٽٻڪڙا ٿيندا وڃن ٿا!
زندگي
بس
هڪ حقيقت
باقي سڀ ڪجهه
ڪوڙ ڀاسڻ ٿو لڳي.
هر مسئلو زندگيءَ جي ڀيٽ ۾
تڇ ٿو لڳي!
نظم
(1)
جهنگل مان بستيءَ طرف،
هڪ نانگ وڃائي رستو آيو،
ماڻهن جا ميڙاڪا ڏسندي،
هنجو تنها جيءُ گهٻرايو،
اونده جي هيراڪ، ڏسي سج،
ڇپرن ۾ تارن کي لڪايو!
(2)
ماڻهن جو شور و غل سڻندي،
ڪجهه نه سگهيو سوچي – ويچاري،
من جي اوٽ وٺي ويو سرندو،
اَڄاتل رستي جي ڪناري،
ڪا کن ساهه پٽڻ جو سوچي،
راه ۾ پئجي رهيو ڇپ ماري!
(3)
شهري سڙڪ تان ايندڙ ويندڙ
ڪٺ پتلين جان ماڻهن جا دل،
بي مقصد پورهئي ۾ ڳهندڙ،
پنهنجن گهرجن جا ڏهڪايل،
پوُرن ۾ غلطان رهن ٿا،
ٻاروهي ڳڻتين ۾ ورتل!
(4)
هي هيڻا ۽ بي وس ماڻهو،
ڏاڍن اڳيان ڪين ڪڇن ٿا،
پاڻ جهڙن ئي ڪمزورن کي،
ٿوري گهڻي تي ڦٽڪارن ٿا،
ٻيءَ حالت ۾ پنهنجي ڏندن سان،
خود پنهنجو ئي ماس ڇنن ٿا!
(5)
سهي سهي جنجي خود داري،
مجبوريءَ کان دم ٿي ٽوڙي،
ڪهڙو عجب جي تنجي رڳن ۾،
غم ۽ غصي جو زهر ٿو ڊوڙي،
جڏهن ڄاڻن ٿا ڪين هوُ سگهندا،
جڳ جي ستم جو سر مروڙي!
(6)
اهڙي ڀيڙ مان بيخبريءَ ۾،
هڪ جو نانگ تي پير جو آيو،
نانگ، سور کان وَر کائيندي،
هنجي ڄنگهه ۾ ڏند کپايو،
نانگ ڏسندي ئي، دهڪي ۾،
ماڻهوءَ پنهنجو هوش وڃايو،
دانهن ڪري ڌرتي تي آن دم
پنهنجو پاڻ کي کڻي پٿاريو!
(7)
دانهن سڻڻ سان سڙڪ ڪناري،
واٽهڙن جي ڀيڙ ڪٺي ٿي،
سڀني هڪ سر ٿي چلايو:
نانگ هچاري کي ماريو ڀي!
سڻندي رڙ واڪو ماڻهن جو،
اک پٽجي ويئي ماڻهوءَ جي!
(8)
جاڳندو ماڻهو ڏسي سڀني جو،
ڌيان ويو ڇڪجي وسهر ڏي،
وسهر کي بيجان پسي،
ساري ڀيڙ پئي اچرج ۾،
نانگ ڪکيو هو ماڻهوءَ کي،
يا ماڻهوءَ نانگ ڪکيو هو! |