(3)
’آرڊر! آرڊر!
سسئي، اڄ جي ايجنڊا تي آهي:
اسين سڀ پنهنجا نالا بدلايون.
چاهيندي، نه چاهيندي آهن وابسته
نالن سان
پراڻيون ڳالهيون
قصا ڪهاڻيون
ارٿ، انرٿ
چتر وچتر
ديش وديش
مومل سان ڪاڪ، مارئي سان ملير
ليلا سان ديول ڪوٽ، سسئي سان ڀنڀور…
اسانجي نئين واقفيت آهي
سچ پچ نئين سڃاڻپ آهي،
اسين شاه جون اُهي نايڪائون نه آهيون،
اچو ته پنهنجا نالا بدلايون.‘
’ليڪن ليلا، ٿوري دير ترس
مونکي ٻڌاءِ، نالن ۾ نوان ارٿ نه ٿا ڀرجن؟
ڏياٽن ۾ نوان تيل نه ٿا اوتجن؟
نالن جا نوان نوان ويس
ارٿ سنڪوچ، ارٿ وستار، ارٿ آديش
معنائن ۾ ڦير گهير.
مان به چوان ٿي، اسان جن نالن جي
نئين سڃاڻپ آهي، نئين واقفيت آهي.
ان سنڌي ڀاشا جا ڪلاسڪس مون به پڙهيا آهن.
اسين اُهي سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ
سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، ڄام تماچي نه آهيون
پوءِ پنهنجا نالا ڇو بدلايون؟
هوُ جو سامهون ڪنڊ ۾ ويٺو آهي
سو نئين يگ جو نئون شاعر آهي
’مِٿ ميڪر‘
۽ اسين – ڪافي هائوس جي زماني جي ’نئين مِٿالاجي.‘
ونڊ پاڇيءَ جي
وقت وڌي پويس
ته هوُ مون وٽ اچي
مون سان گڏ رهي،
مان به هاڻ هن کان
الڳ الڳ رهڻ لڳو آهيان.
وقت نه وقت جي بچت
زندگي نه،
زندگيءَ جي جوٺ
اسين پاڻ ۾ ونڊيندا آهيون.
اِها ونڊ
مول رقم جي نه،
پر
ونڊ پاڇيءَ جي آهي.
واسديو نرمل (1936)
غزل
هجي ها رنج معمولي، رئڻ دشوار ڇو ٿئي ها؟
ڳڙن ها ڇو نه ڳوڙها، ڳورو دل جو بار ڇو ٿئي ها؟
مون ڪنهن سان ڪين اوريو آهه پنهنجو داستان غم جو
بدن منهنجو سڪي نه ته هيئن مثل خار ڇو ٿئي ها؟
ڏسي هڪ موهڻي مورت، وڃائي ويٺي دل سڀ ڪجهه
نه جي مونکي هجن ها نيڻ، ڪنهن سان پيار ڇو ٿئي ها؟
اِنهي ۾ دل يا اک جو ڇا؟ - محبت ٿي ئي ويندي آ
هجي ها زور اُلفت تي، ته ڪو لاچار ڇو ٿئي ها؟
منهنجي تيمارداريءَ جي ٻڌي هئي ساک هن شايد
مونکي ايندو ڏسي، نه ته مکر ۾ بيمار ڇو ٿئي ها؟
ڏسو گردش! اڳي جو يار هو سو هاڻ دشمن آ!
هجي ها جي نه ڪوئي يار، ڪو اغيار ڇو ٿئي ها؟
اي نرمل غم کي ڏي شاباس جنهن توکي ڏنو همدرد
نه جي غمگين هجين ها تون، ته ڪو غمخوار ڇو ٿئي ها؟
هيُ به زمانو آيو
مکڙين جي منهن تي تالا ۽ قيد گلن جو واس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
ڀلجي ويا گجگوڙ شينهن ۽ گدڙن کي پيو قياس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
ڪوئل جي گيتن کان وڻندڙ ڪانءَ جي ٿي بڪواس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
’گانڌي‘، ’لمبا‘ جي رت ۾ ڏس، ٻڏي ويو اِتهاس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
لٽين ٿا بم ڀوُنءِ جي عصمت، ته به آ چپ آڪاس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
دين ڌرم جي اوٽ ۾ وَهسي وحشاني راڪاس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
ڇني پٽي پيو ڪئن هڪ ماڻهو، ٻئي ماڻهوءَ جو ماس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
هڪڙو ٻئي جي ناس ٿيڻ لءِ، باسي پيو ٿو باس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
تنهنجي منهنجي، هر دل تي اڄ، حاوي آهه هراس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
جن سنڌين لءِ دنيا گهر، اڄ ڳولن نئون نواس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
نرمل ڪهڙي دل آ، جنهن ۾ لڇي نه ٿي ڪا آس،
اَلاڙي هيءُ به زمانو آيو!
نيتر دان
مرڻ کان اڳ
مان
وصيت ڪندس
ته
دنيا مان جڏهين
مان ساسين سکالو ٿيان
تڏهن منهنجون اکڙيون ڪڍي
ڪنهن به نابينا کي
ڪجو دان،
جئن
منهنجين اکڙين ذريعي
ڏسي هيءُ جهان
هن جهان جا
هي رنگين نظارا
هي ساگر جون لهرون
هي لهرن جون ڇيڄوُن
هي مڇلين جون جهمروُن
هي رنگين پرندا
هي معصوم پوپٽ
هي ڦولن جي رنگت
هي شبنم جا موتي
هي تارن جي جهرمر
هي چانڊوڪي امرت
هي برساتي بادل
هي حسين انڊلٺ
آبشارن جو ناچ
۽ ٻيا حسن جا معجزا.
۽ هوُ به جڏهن
هن جهان مان هلي،
منهنجون اکڙيون
ٻئي نابينا کي ڏيئي وڃي.
۽ اِهو سلسلو
قائم رهي
جئن منهنجون اکيون
ڏسنديون رهن
اِيئن منهنجو شوق نظارا
جڳن تائين قائم رهي
اِيئن ڪاش
مان امر ٿي وڃان.
سوڪ ستايل
بس اِسٽاپ تي بيٺو هئس.
سوڪ ستايل، هڪڙي مائيءَ
جهوُر ٻڍيءَ، -
جنهنجي منهن ۾ گهنج هزارين
اِيئن بکيا پئي
ڦاٽ پيا هئا ڄڻ ڪنهن ٺوٺ زمين جي اندر، -
پنهنجو ڏڪندڙ هٿ ڦهلائي
بيک مڱي پئي
ٽئڪسيءَ جي اوسيئڙي ۾ بيٺل
چٽيل ڏکيل
هڪ عورت کان، -
جنهنجي
چهري تي
ميڪ اَپ
اَيئن جرڪي رهيو هو
گويا چمڪي رهي هئي پالش
نئين نڪوري بوٽ مٿان!
پر، اُن عورت
اُن ٻڍڙيءَ کي بيک ڏيڻ لاءِ
هرگز پنهنجو پرس نه کوليو
پنهنجو منهن ئي ڦيري ڇڏيائين
نراس ٿي
ٻڍڙي مائي
وڌي آئي ڪجهه مون ڏانهن
ازخود منهنجو هٿ
منهنجي کيسي جي اندر گهسي ويو
پر… پر…
منهنجي کيسي اندر
ريزو ته نه… مليو هڪ سوراخ.
رات تارن ڀري
رات تارن ڀري، سهڻي ڪيڏي نه آ!
لائي جهرمر اِئين تارا آهن اُڀا
ڄڻ ته اوندهه سندي ڍنڍ ۾
روشنيءَ جا ڪنول پيا کڙي گم ٿين!
رات تارن ڀري، آهه ڪيڏي حسين!
ڄڻ ستارا پيا ڪن اشارا
ته هيڏي اچو
هيءَ دلاويز دنيا اسانجي ڏسو
آهه ڪيڏي حسين، خود چئو
ٿيو خود ئي اَمين!
رات تارن ڀري، آهه ڪيڏي نه ممتا ڀريل!
ڄڻ ته سرمي ڀري پوتي پائي ڪري
رات راڻي حسين تر ٿي وئي آ
ڄڻ ته ڪا کير ڌارا ٿي آنچل سندس مان وَهي
ڪهڙي ٻالڪ کي ٿي کير پياري
ڍڪي کيس تارن ڀري پوتيءَ سان!
رات تارن ڀري، ڪيڏي نوراني آ!
ڄڻ گگن جي پرڻ مان ڇڻي نور پيو
نور جو ڄڻ وَسي مينهن پيو
مينهن، جنهن سان زمين وهنجي پئي!
رات تارن ڀري، ڪيڏي آ جرڪندڙ!
اِئن لڳي ٿو ته ڄڻ کڙکٻيتا هزارين ٿا چمڪن
گگن جي چمن ۾!
رات تارن ڀري، ڪيڏي نه خوش آ!
اِئن لڳي ٿو ته ڄڻ رات راڻي
تارن جا ٻاري ڏيا
آسمان ۾ سجائي
ڏياري پئي ملهائي
ڪنهن ڪنهن وقت
ڪو ڏيو ڪري ٿو پوي
۽ ڏسندي ڏسندي
گم ٿي وڃي!
آهه ڪيڏي غمگين، تارن ڀري رات!
هي ستارا نه آهن، زخم آهن
جي، مون وانگي
غمگين ماڻهن جي آهُن سان آهن ٿيا
عرش جي سيني تي
عرش، جو ڄاڻي سگهي ٿو ٻين جو درد
جو ڏسندو رهيو آ صدين کان ظلم ۽ ستم
جيڪي اِنسان تي ٿيا ۽ پيا ٿيندا رهن!. |