خط
هيءُ خط
جيڪو هاڻ ڀڄي ڀري پيو آهي
ڪاغذ جو رنگ به اڏامي ويو آهي
ته مس جو پڻ
ٺيڪ اِئين جئن منهنجن جذبن جو
توهان شايد هاڻ پڙهي به نه سگهندا هيءُ خط
پڙهي ويندا به، ته سمجهي نه سگهندا
وقت سان گڏ ڀاشا جو ملهه ۽ ماڻ به ته بدليو آهي!
پنهنجي ويرانين جو بيان ڪيو آهه هن
۽ مون تي بيوفائي جو اِلزام مڙهيو اٿس
اِن الزام تي زندگيءَ جي آخرين گهڙيءَ تائين
ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ئي
سانڍيو آهي مون هيءُ خط!
ڪنهن جڳهه جو ذڪر ڪندي لکيو اَٿائين
ته اُتي پهچي اسان جي به ياد ته آئي هوندءِ؟
منهنجي يادگيرين ۾ ته اُن جڳهه جي ڪا سڃاڻپ به نه آهي
پيار شايد ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ ئي پاڻ پسندو ۽ پرکيندو آهي
منهنجو ساڻس پيار رهيو به آهي يا نه
هن ته مونکي ههڙي خط لکڻ جي قابل سمجهيو آهي!
هن خط جو هڪ هڪ لفظ ياد آهي مونکي
ايترا دفعا پڙهيو آهي مون هيءُ خط
اڄ منهنجي وڏي پوٽي جي هٿ ۾ آهي
ڪٿان ملي ويو هوندو کيس –
مان نشچنت آهيان
هوُ پڙهي نه سگهندو!
موهن ڪلپنا (1930)
اجنتا
پهاڙن ۾ غفائون هي اَجنتا جون
ورق اتهاس جا آهن،
ڪلا جي روپ ريکا ۾
ڊٺل ۽ ڪجهه سلامت ڪي
زماني جون ڪلاميه سوکڙيون آهن!
زمانو ٻڌ ۽ انجي فيلسوفيءَ جو
کڻي اکڙيون تڪي پربت جي آنچل مان
سڏي ٿو اَچ – سڏي ٿو اَچ
ته توکي مان پسايان ”وقت“ جو چهرو
جو گذريل حال لءِ آهي
ڪتابن لئه ۽ دنيا لئه
مگر جو اڄ به زنده آ
اجنتا جي غفائن ۾
چمڪ جنهنجي آ اکڙين ۾
چپن ۾ مشڪ گوتم جي
نرڙ ۽ آزمودي جون
تجربي جون پيل ليڪون
سلن ٿيون راز جيوت جا
منش جي ساڌنا تپ جا
ڏين سنڌيش ٿيون نرموه
۽ نشڪا منا جا جي!
ملائي اک پهاڙ سان…
غفائن سان…
اجنتا سان،
ڏسان ٿو ”وقت“ جو چهرو
اَٽل، مضبوط، سانتيڪو!
ڏسي جنهنکي ٿو ڀٽڪي من
اگم گمنام راهن تي
بغاوت جو اُٿي طوفان ٿو سيني ۾
اسين تڇ لئه لڙڻ وارا
اسين تڇ لئه مرڻ وارا
اسين ئي پاڻ لئه سڀ ڪجهه
ٻين لئه ڀي اسين سڀ ڪجهه
اسان کي شخصيت جو آ نشو چڙهيل
وشال آ تڇ اسان لئه
۽
هي تڇ ئي بس وشال آهي…
هتي هڪ ٻڌ کڙو آهي…
ستنتر موه ٻنڌن کان!
وشو جي شانتيءَ جو هڪ وڏو اِنسان…
هي چت رنجن ۽ من رنجن ۽ من ڀاون!
لکيل جنهن تي سوين آهن
ڪهاڻيون سنگتراشيءَ ۾
سوين چترن جي ڀاشا ۾
مٽائي جنهنکي هرگز وقت جو طوفان نه سگهيو آ
بڻيو جو وقت آ سونو
ڇهي جو ٻڌ جي چرنن کي
وٺي جو روپ گوتم جو
کڙو آهي اکين آڏو!
جو پٿر ۾ به زنده آ!
وڏا ٿيا ڀاڳ پٿر جا!
مون ڪن جي ڀاڳ ۾ پٿر ڏنا آهن
ڏسان ٿو ڀاڳ پٿر جا اجنتا ۾!
جو پٿر آهه پارس ٿيو
منش جي موڪش مڪتيءَ لئه
بڻائي ٿو سگهي سونو
منش جي آتما کي جو
کڙو خاموش جو آهي
اجنتا جي غفائن ۾
ڪلا جي روپ – ريکا ۾
تپسوي ٻڌ جي ڪايا ۾!
ڇهي مان تنهنجي قدمن کي
اڙي پٿر، مان ٻڌندس وقت جي ڌڙڪن
بڻي هئي تيز جا گوتم جي آهٽ تي
ٻڌي ڌڙڪن ڪندس محسوس
مان موجودگي ٻڌ جي!
هوُ يوگي آ ۽ سنياسي
تپسوي ۽ مها ساڌڪ
۽ گهري فڪر جو مالڪ!
پدم آسڻ لڳائي هوُ
سماڌيءَ ۾ جو ويٺو آ!
اَلا، هي مشڪ گوتم جي
ٿي من کي موه ۾ گهيري
جا گهري گهري ساگر جيان
مٺي امرت کان جا آهي
مٺي گنگا جي جل کان ڀي
مٺي ڄڻ ڀاڳوت جي کير ساگر واري امرت کان
(لڳو جنهن تي هو ٽڪر ديوتائن ۽ دئيتن ۾)
لڳي ٿو مشڪ ڄڻ مونالزا جي ڪنهن
هتائين بس چورائي آ!
هي گوتم آهه نرموهي
مگر ڪيڏو نه موهيندڙ!
هي ڪيڏو ڏس تضاد آهي:
جو نرموهي، سو موهيندڙ!
ڇا سچ پچ هي تضاد آهي؟
مڃيندو ڪير!
يگن کان جن ڏنو آهي،
اُهي ئي اڄ امر آهن!
رهندا سي ئي موهيندڙ
جي نرموهي رهيا آهن!
امرتا جو هي رهسيه آ
وڏائيءَ جو هي سچ آهي
اجنتا سچ جو گهر آهي
وڏائيءَ جو،
ڪلا ۽ سنگتراشيءَ جو!
هتي ٻڌ جو الڳ آهي جهان هڪڙو
ڇپيل پربت جي سيني ۾،
جهان کان دور برپٽ ۾ جهان آهي
رچيل جنهن ۾ ڪٿائون سيڪڙو آهن
ڪٿائون يکش گنڌرون
رتي ۽ ڪام، ديون جون
۽ هڪ اُن مست هاٿيءَ جون،
ڏسي جنهن طعام راجا وٽ
رکيو هو حوصلو قائم!
نه جنهن کاڌو نه جنهن چکيو
تڪيو جنهن هو نه طعامن کي
بکايل هو
مگر هڪ پٽ اول ۾ هو!
بکايل هو پتا هنجو،
بکايل ماءُ هئي هنجي
اکين سڄرا پريشان دور جهنگل ۾
نه پٽ کي ۽ نه کاڌي کي لهڻ قابل!
مگر هن پٽ نه ڪجهه کاڌو نه پيتو ڪجهه
تڪيو جنهن هو نه طعامن کي!
ڪٿا هيءَ آهه چترن ۾
ڪٿا ٻڌ جي جنم جي
۽
ڪٿا نرواڻ مڪتيءَ جي
ڪٿا پتني۽ پٽ اڳيان
کڙو ٿي دان چاهڻ جي
ڪٿا ڳل تي رکي هٿڙو
يا ليٽي گهرو سوچڻ جي
ڪٿا ساڌن ۽ سنتن جي
ڪٿا ٻوڌين ۽ بکشن جي
ڪٿا لوڪن جي جيوت جي
ڪٿا هن جي ڪٿا هن جي
ڪٿائن ۾ ڪٿا آهي
فقط هڪ ٻڌ جي آ ليڪن!
پدم آسڻ لڳائي جو
سماڌيءَ ۾ جو ويٺو آ
سماڌيءَ ۾ جو ويٺو آ
ڏسون ساڄي ته مشڪي ٻڌ
ڏسون کاٻي ته ڀوڳي ٻڌ
۽ سامهون شانت چت آهي!
ڪلا جو شاهڪار آهي
اجنتا جو ٽروُپو ٻڌ!
ڪلا جو شاهڪار آهن
سوين سينگار جون وستون
اجنتا ۾
پيل نارين جي انگ انگ ۾
عجب ڪپڙا
عجب زيور
عجب ڪيسن جا پيچ و خم
عجب موتين جا داڻا هيءُ
بتيءَ جي سرخ ڪرڻن ۾
سچا ڀاسن ٿا اکڙين کي!
اکين جي ڀرم اهڙي تان
سوين موتي ڪجن قربان
گهوري سڀ ڏجي تن تي
هنن رنگن جي موتين تان
جي رنگ ڄڻ خود ٺهيل آهن
سچن موتين جي داڻن مان!
عجب اهڙيءَ فضا ۾ هوُ
اڃا ڀي آهه نرموهي
جو ڀڳوان ٻڌ جي نالي سان
ڪشش ۽ موه جو آ اصل ۾ مرڪز!
ٻڌم شرنم گڇامي جو امر منتر
سڏي ٿو ٻڌ جي چرنن ۾
جهڪي مان تنهنجي قدمن ۾
ڪيان پرڻام ٿو توکي
وڏا ماڻهو – ڀلا ماڻهو
ستيه انصاف جا مالڪ
ڪيان پرڻام ٿو توکي!
اکين آڏو تون تڇ لئه هڪ وشال آهين
وراٽ آهن، ڇُپيل پربت جي سيني ۾
ڪلا ۽ سنگتراشيءَ ۾،
اجنتا جي غفائن ۾،
ستيه ۽ حق جي ڪٽيا ۾!
جهاز جي ڊيڪ تي
(ورهاڱي بعد پنهنجو وطن ڇڏيندي)
مونکي پنهنجي ملڪ مان
اڄ آهه نيڪالي ملي،
ڇو جو منهنجيءَ آتما کي
ڪوڙهه جو ڪو روڳ ناهي –
ڇو جو منهنجي ٻانهن کان
منهنجي ٽنگن، ساهه کان
آهه پيارو لوهه ٽڪر –
جنهن تي ٿوري ڪٽ چڙهيل آ
جنهن ۾ ٿورو زهر آهي!
هي برابر زهر يگ آ
زهر يگ آ
زهر يگ آ
ڀت ۽ ڀت ۾
سر ۽ سر ۾،
ٽونگڙن
چيرن
ٻرن ۾،
نانگ
نانگن جا اَڏا،
کاهيون،
قلعا
۽ ڇانوڻيون آهن!
اڄ حياتيءَ زهر ڍڪ تي
پنهنجو ست آهي وڪيو
اڄ وڇن جو فلسفو ئي زندگيءَ جو فلسفو آ
موت ٿو اڄ زندگي جا حج ڪري!
اڄ آ ڇاتيءَ تي زيارت
چڪ ۽ چنبي
ڪپ ڇري جي!
هي برابر زهر يگ آ
زهر يگ آ زهر يگ آ
هيٺ پاڻي ۽ مٿي آڪاش آهي!
وچ ۾ منهنجو لاش آهي – لاش آهي!
نئون اتهاس
هڪ ڪتو رستي تي ڊڪندو ٿو وڃي!
ڄڀ ڪڍي ۽ سهڪندو - !
گهٻرائجي!
ڇا هوُ مرندو؟
يا هوُ بچندو؟
ڪير ڄاڻي!
لال پيليون موٽرون ڪجهه تيز آهن
هر کي پنهنجو طرف ۽ رفتار آهي
پر ڪتي ۾ ساهه آهي
هرڪو بيوگل ٿو وڄائي
بچ ڪتا او بچ ڪتا
ڇا جپان تي بم ڪريو؟
ڳالهه ڪائي خاص ناهي
هڪ ڪتو آهي ڪتو
هن جو پيءُ ڏاڏو به هو ڪوئي
ڪتو
آهه جنهنجو موت لعنت ۾ لکيل!
وڌ ۾ وڌ هوُ ڀونڪندو –
پر ڪتي جي ڀونڪ ڪا اِتهاس جو سنگيت ناهي
ڀل ته يوُ . اين . او . هجي
يا هجي ديوار برلن جي…
آهه ٻن طرفن جي آمد
۽ ڪتو وچ۾ هراسيل
پڇ کي ٽنگن ۾ لڪائي
ڄڀ ڪڍي رستي تي ڊڪندو ٿو وڃي… |