ڊافن ڊوماريئر
مترجم: غلام نبي ميمڻ
رابيـڪــا
ڪلهه رات مون خواب ۾ ڏٺو ته مان مانڊرلي پهچي وئي آهيان ۽
انهيءَ رستي تي لوهه جي شاهي دروازي جي سامهون
بيٺي آهيان؛ جيڪو مانڊرلي ڏانهن وڃي ٿو. مان
هزارين جتن ڪندي به اڳتي وڌي نه سگهيس، ڇو ته
منهنجي راهه ۾ هڪ اجگر لوهي دروازو وات بند ڪري
بيٺو آهي، ان تي زنجير چڙهيل آهي ۽ هڪڙو بڇڙو ڪلف
زنجير ۾ جڪڙيل گهوري رهيو آهي. مون خواب ۾ چوڪيدار
کي سڏ ڪيا، پر منهنجو آواز سندس ڪنن تائين پهچڻ
کان سواءِ مايوس ٿي موٽي آيو. مون لوهي دروازي جي
ڪَٽ چڙهيل شيخن مان نهارڻ جي ڪوشش ڪئي. مون محسوس
ڪيو ته هاڻي مانڊرلي ۽ اڳئين جهڙي رونق ۽ چهچٽو نه
آهي ۽ نه وري سڄي زندگي رعناين ۽ زيبائشن سان رونق
افروز آهي.
اوچتو ئي اوچتو مون کي انهيءَ ڀرپور احساس ڇرڪائي ڇڏيو، ته مون
۾ مافوق الفطرت قوت پيدا ٿي وئي آهي ۽ مان تيز هوا
وانگر سوساٽ ڪري شيخن جي وچ مان نڪري ويس. منهنجي
سامهون اهو رستو هو، جنهن تي اسان اڪثر ڪري سير ۽
تفريح ڪندا رهندا هئاسون. رستو اڳئين وانگر ور وڪڙ
هڻندو مانڊرلي طرف وڃي رهيو هو، پر هي رستو هاڻي
اڳئين وانگر ڪشادو ۽ صاف سٺو نه هو. جڏهن مون هڪ
وڻ جي لٽڪيل ٽارين کان بچڻ لاءِ ڪنڌ هيٺ ڪيو ته
مون محسوس ڪيو ته سڄي ماحول ۾ تمام گهڻي تبديلي
اچي وئي آهي. قدرت جو هٿ پنهنجي پوري بيباڪيءَ
سان، ماحول جي المناڪين ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ مصروف
عمل آهي. اهو رستو اڳيون رستو نه آهي، بلڪه هاڻي
اهو هڪ بيوه جي سنڌ وانگر اجڙي ويو آهي. اڳ ۾ به
وڻ ۽ خودرو گل ۽ ٻوٽا انهيءَ رستي لاءِ خطرو هوندا
هئا، پر ان وقت ان جي سنڀال جنهن ذوق ۽ شوق سان
ڪئي ويندي هئي، انهيءَ سبب ڪري هي وڻ ۽ خودرو گل
ٻوٽا ان رستي جي دلڪشي ۽ نظر فريبيءَ تي اثر انداز
نٿي ٿي سگهيا؛ پر اڄ وڻن ۽ گلن ٻوٽن جون ڊگهيون
ڊگهيون ٽاريون، چهنبدار ننهن وانگر انهيءَ رستي جي
منهن ۾ لڳل هيون ۽ هنڌان هنڌان رت جا ڦوهارا وهي
رهيا هئا. رستي جي ٻنهي ڪنارن تي وڻ ڪلها ڪلهن سان
ملائي بيٺا هئا. سندن شاخون هڪٻئي سان ائين مليل
هيون جيئن مدت جي انتظار کان پوءِ ڪو عاشق پنهنجي
محبوب سان ملي ۽ پنهنجون ٻانهون سندس ڳچيءَ ۾ هار
ڪري ڇڏي. وڻن جي انهيءَ ميلاپ سان چڱا خاصا بنجي
ويا هئا. انهن وڻن ۾ ڪيترا وڻ اهڙا به هئا، جي مون
اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. ڪي ننڍا ننڍا وڻ ٽارين
مان منهن ڪڍي حسرت مان زماني جي رنگ ۽ ڍنگ جو
مشاهدو ڪري رهيا هئا.
مان جذبات جي شدت کان انهيءَ رستي تي ڊوڙڻ لڳس. ڪٿي ڪٿي رستو
نظرن کان يڪدم غائب ٿي ويو ۽ مون ائين محسوس ٿي
ڪيو ته ويچارو رستو شايد وڻن ۽ ٽارين جي هجوم ۾ گم
ٿي ويو آهي، پر جڏهن مان ويجهو ٿي ويس ته ڪنهن
ڪريل يا ڀڳل وڻ جي ٿلهي ٿڙ يا منجهيل ٽارين جي
هيٺان رستو سڏڪا ڀريندي يا بارش سبب پيدا ٿيل
گهارن جي ڪنارن تي مرڻينگ حالت ۾ نظر ٿي آيو. مون
کي پهريون دفعو اهو احساس ٿيو ته هي رستو نهايت
طويل آهي يا ممڪن آهي ته وقت سان گڏوگڏ پيمائش جا
انداز به بدلجي ويا هجن. اڳ ۾ اهو رستو تمام ننڍو
هوندو هو، جڏهن اسان ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي رستي تي
چهل قدمي ڪندا هئاسون. انهيءَ وقت اسان جي خواهش
هوندي هئي ته هي رستو ايترو ته ڊگهو ٿي پوي جو
اسان سڄي زندگي ان تي هلندا رهون ۽ هو ختم ٿيڻ جو
ته ڀلجي به نه نالو وٺي. ليڪن اسان جي انهيءَ
خواهش هوندي به رستو اک ڇنڀ ۾ پورو ٿي ويندو هو. ۽
اڄ اها حالت هئي جو مان چاهيان پئي ته رستو هڪ ئي
ڇلانگ ۾ پورو ٿي وڃي، پر ستو هو جو شبِ انتظار
وانگر وڌندو ئي پئي رهيو. منهنجون اکيون انهن نظر
نواز نظارن ۽ دلفريب جلون کي ڳولڻ لاءِ بيقرار
هيون، جن جا دامن حَسين يادن جي ناياب موتين سان
ڀريل هئا. پر جيئن جيئن مان اکيون ڦاڙي انهن نظارن
کي پئي تلاش ڪريان، تيئن تيئن منهنجي دل ۾ هڪ سوٽ
پيدا ٿي ٿي. هر طرف وحشت ناڪ بربادي ۽ المناڪ
اداسي ڇانيل هئي. وڻ ۽ ٽاريون ايترا ته وڌي ويا
هئا، جو انهن جي حسرتناڪ بربادين ۾ مانڊرلي ڏسڻ ۾
به نٿي آيو. منهنجي نگاهِه شوق انهن ٽارين ۽ وڻن
جي غلاف کي چيري اڳتي وڌي وڃڻ چاهيو ٿي ته جيئن
هوءَ يڪدم مانڊرلي جي نظر نواز نظارن کي دامنِ
نگاهه ۾ سمائي سگهي. ها، انهيءَ منڊرلي جي نظارن
کي، جتي منهنجي جواني شباب جي حدن کان نڪري بلوغت
جي سرحدن کي ڇُهيو هو، ليڪن هر دفعي وڻن جون شاخون
۽ گلن ٻوٽن جا پن منهنجي اڳيان اچي ٿي ويا.
اوچتو ئي اوچتو گلن ٻوٽن ۽ وڻن جي جهڳٽن جي اوٽ ۾ مون کي ناڪام
قسمت ۽ بدنصيب مانڊرلي نظر آيو. ۽ مانڊرلي منهنجو
گهر جو خيالات غم ۽ افڪارِ الم ٻُڏل بي رونق ۽
اُداس بيٺل _ زبانِ حال سان پنهنجي اقبال مندي ۽
رعنائي ۽ ريبائيءَ جا قديم داستان ٻڌائي رهيو هو.
مانڊرلي جي بي رونق، زرد ۽ بي نور خدوخال ڏسي سازِ
دل جون تارون هڪدم وڄڻ لڳيون. جيرا بُڪيون سڙي ويا
۽ ڳوڙها اکين ۾ اچي ڇلڪي پيا.
اڪيلائيءَ جي حسرتناڪ سناٽي ۾ مانڊرلي بيٺو هو. ها اسان جو
مانڊرلي چپ چاپ گم سم ۽ اداس، منهنجي خواب جي
چانڊوڪيءَ ۾ ان جون سفيد پٿريليون ديوارون چانديءَ
وانگر چمڪي ويون. گردش زمانه مانڊرلي جي منهن تان
سونهن ۽ سوڀيا شان ۽ مان سمورا چٽ ميساري ڇڏيا
هئا. پر اهو ان جي متوازي ۽ متناسب ديوارن جو حسن
کسي نه سگهيا، اڄ به مانڊرلي انهيءَ پر عظمت
اداسي، بي رونق تنهائي ۽ حسرتناڪ برباديءَ ۾ ائين
نطر ۾ اچي رهيو هو جيئن ڪنهن کاڻيون کوٽيندڙ جي
ميرن هٿن هيرو چمڪي رهيو هجي.
مون پنهنجي دل تي مانڊرلي جو سير ڪيو. ليڪن افسوس اڄ ماندرلي
اسان جو نه هو. انهيءَ ڀرپور احساس سان گڏ منهنجي
دل ۾ ارمان پيدا ٿيو ته هاڻي اسان ان جي نظر نواز
نظارن سان پنهنجي نگاهن کي ڪڏهن به ڀري نه سگهون.
زماني جو هٿ وقت جي مرده لاشي کي کڻي ماضيءَ جي
قبرستان ۾ دفن ڪري چڪو آهي. افسوس جو اهي محفلون
ويران ٿي ويون جن جون ناقابل فراموش يادگيريون
خانه دل ۾ وقت جي اونهن تهن جي هيٺان دٻجي ياس ۽
الم جي بار کان گهٽجي مري رهيون آهن.
هو به حيران ڪن حد تائين صابر ۽ شاڪر هو. هن ڪڏهن به زبان تي ڪا
شڪايت نه آندي. اگر ڪڏهن ڀلجي سلجي زماني جي ياد
کي اچي ستايو به کڻي ته به شڪايت جو حرف دل زبان
تي نه آيو.
ها ائين اڪثر ٿيو ته ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪڏهن مانڊرلي جي ياد دل
۾ اڀري آئي ته ان جو شبستانِ وجود ان جي ياد نور
سان چمڪي ويندو هو. ۽ هو ماضيءَ جي ڌنڌيل يادن ۾
نقشِ پا جي تلاش ۾ گم ٿي ويندو هو. سندس تازي
وڻندڙ ۽ خوشنما منهن تان رونق ۽ تازگيءَ جا اثرات
آهستي آهستي گم ٿي ويندا هئا. مون کي ائين محسوس
ٿيندو هو ته ڪا غيبي قوت پنهنجي هٿن سان سندس منهن
تان خوشي ۽ مسرت جا مڙئي خدوخال مٽائي رهي آهي.
زندگي ۽ زنده دليءَ هوندي به هو بي جان نظر ايندو
هو. اهڙيءَ حالت ۾ سگريٽ مٿان سگريٽ پيئڻ شروع
ڪندو هو. پوءِ سگريٽ وسائڻ جي تڪليف ڪرڻ کان سواءِ
ئي ڦٽي ڪندو ويندو هو. سندس چوڌاري اڌ سڙيل سگريٽن
جا ٽڪرا ائين ٽکڙيا پکڙيا پيا هوندا هئا جيئن خزان
رسيده گل جا پن گل جي ڏانڊيءَ جي چوڌاري پکڙيا پيا
هجن. مانڊرلي سندس باغ و بهار زندگيءَ کي اندروني
طور خزان آلود بنائي ڇڏيو هو. ليڪن هاڻي سندس
زندگي ۾ بهار ئي بهار هئي. هو جڏهن مون کي ڏسندو
هو ته سندس اکيون مسرت جي نور سان چمڪي وينديون
هيون. انهي جو سبب شايد اهو هو ته سندس اعتماد مون
تي پختو ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ اعتماد مون کي به
حوصلو ڏنو آهي ۽ پُر اعتماد بنائي ڇڏيو آهي. هاڻي
مان اڳين پريشان ۽ مايوس ڇوڪري نه آهيان، جا چند
سال اڳ ۾ خوف ۽ دهشت ۾ ويڙهيل مانڊرلي ۾ داخل ٿي
هئس، بلڪه هاڻي مان حوصله مند ۽ بهادر عورت بنجي
چڪي آهيان.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته مان مسز وان هوپر سان گڏ مونٽ
ڪارنو جي هوٽل ۾ رهيو هئس ته هڪڙي ڏينهن مانيءَ جي
ڪمري ۾ منهنجي ان سان ملاقات ٿي. اها ملاقات مسز
وان هوپر جي ذريعي ٿي هئي. منهنجي ته اهو وهم گمان
۾ به نه هو ته اها ملاقات اڳتي هلي هڪ دوستيءَ ۾
تبديل ٿي ويندي.
هڪڙي ڏينهن مسز وان هوپر بيمار ٿي پئي ۽ ڊاڪٽرن کيس صلاح ڏني ته
هوءَ بستري تي آرام ڪري. مان جيئن ته سندس پرگهور
لهي نٿي سگهيس انهيءَ ڪري هڪ نرس جو انتظام ڪيو
ويو. نرس جي اچڻ تائين مون کي صرف اهو ڪم ڪرڻو هو
ته انهيءَ دعوت جي التوا جو اطلاع سڀني مهمانن کي
ڏيان جن کي رات جي مانيءَ تي مدعو ڪيو ويو هو. مون
ٽيليفون تي سڀني دعوتين کي اطلاع ڏئي ڇڏيو. جڏهن
ٽيليفون ڪري مئنيجر جي ڪمري مان ٻاهر نڪتيس ته
انهيءَ وقت ٻارهن لڳي چڪا هئا. مون دل ۾ خيال ڪيو
ته منجهند جي مانيءَ مان به يڪدم فارغ ٿيڻ گهرجي،
ڇو ته هڪ بجي مانيءَ جي ڪمري ۾ ايڏي ته رش ٿيندي
آهي جو مون جهڙي شرميلي ڇوڪريءَ جو اتي اڪيلي سر
ماني کائڻ مشڪل ٿي پوندو.
مان جڏهن هوٽل جي مانيءَ واري ڪمري ۾ داخل ٿيس ته اهو ڏسي
منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي ته مسٽر ڊي ونٽر
اسان جي مخصوص ميز کان اڳين ميز تي ويٺو آهي. اها
هڪ اهڙي صورت حال هئي جنهن مان جان بچائڻ جي مون
جهڙي شرميلي ڇوڪريءَ ۾ صلاحيت نه هئي. انهيءَ جو
سبب شايد اهو هو ته منهنجو شعور اڃان پختگيءَ جي
انهيءَ سرحد تي نه پهتو هو، جتي قدم رکڻ کان پوءِ
انسان ۾ خود اعتمادي پيدا ٿي ويندي آهي. مان سندس
نظرن کان بچڻ لاءِ سامهون نهاريندي پنهنجي ميز
ڏانهن وڌيس ۽ يڪدم ڪرسي تي ويهي نيپڪن کڻڻ لاءِ هٿ
وڌايم. بي احتياطيءَ کان منهنجو هٿ گلدان سان وڃي
لڳو ۽ اهو اونڌو ٿي ڪِري پيو. پاڻي سڄي ميز تي
پکڙجي ويو. هوٽل جو ملازم ڪمري جي ٻئي حصي ۾ برتن
رکي رهيو هو، انهيءَ ڪري هن گلدان کي ڪرندي ڪونه
ڏٺو هو. انهيءَ حادثي کانپوءِ ته منهنجا رهيل کهيل
حواس به خطا ٿي ويا. مان اڃان انهيءَ صدمي کان پاڻ
سنڀاليو به نه هو ته ڇا ڏسان ته مسٽر ڊي ونٽر
منهنجي ڀرسان هڪ ميز پوش کڻي بيٺو آهي.
”ميز پوش پسي ويو ڇا؟ ڪا ڳالهه نه آهي.“ مسٽر ڊي ونٽر چيو ۽ آلي
ميز پوش کي ويڙهڻ لڳو.
”توهان تڪليف نه ڪيو. مان هتي اڪيلي ئي کائيندس. جيڪڏهن ميز پوش
آلو ٿي به پيو ته ڇا ٿي پيو.“ مون دل ئي دل ۾
شرمسار ٿي جواب ڏنو.
هوٽل جي ملازم جي نظر اسان تي پئي ۽ هو سڀ ڪم ڦٽو ڪري آيو. ان
کي ڏسندي ئي مسٽر ڊي ونٽر چيو.
”ڪا ڳالهه نه آهي. منهنجي ميز تي هڪ ٻي به ماني کڻي اچ. هي
محترمه مون سان گڏجي ماني کائيندي.“
اهو پهريون موقعو هو جو مون ان سان گڏجي هڪ ئي ميز تي ويهي ماني
کاڌي. هن ماني کائيندي مون کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽
مان پنهنجي سمجهه مطابق جواب ڏيندي رهيس. جڏهن مون
کيس ٻڌايو ته مسز وان هوپر سان منهنجي مائٽي نه
آهي بلڪه مان ته ان جي ملازم آهيان ۽ سير و سياحت
۾ سندس سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان گڏ هوندي آهيان ته
ان کي ڏاڍي حيرت لڳي.
مون کي انهيءَ زماني جي ڪابه ڳالهه ياد نه آهي. مونٽ ڪارلو ۾
اسان جو وقت ڪيئن گذريو. ڪيترا ڀيرا اسان سير ۽
تفريح لاءِ گڏجي وياسون ۽ انهيءَ وچ ۾ ڪهڙيون
ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. مون ڇا چيو ۽ هن ڇا سمجهيو.
مون کي ته اهو ياد نه رهيو ته ڪهڙيءَ طرح مان ان
سان ملڻ لاءِ بيقرار هوندي هئس ۽ پوءِ انهي
بيقراريءَ ۾ ڪهڙيءَ طرح لفٽ جو انتظار ڪرڻ کان
سواءِ ئي ڏاڪڻ تان چڙهي پهچندي هئس. ۽ پوءِ هوٽل
جي آداب جو خيال رکڻ کانسواءِ ئي اطمينان سان وکون
کڻندي دروازو کولي ٻاهر نڪري ويندي هئس. ٻاهر هو
پنهنجي موٽرڪار ۾ ڊرائيور جي سيٽ تي ويهي اخبار
پڙهندو رهندو هو. مون کي ڏسندي ئي خوشيءَ جو عڪس
سندس چهري تي اڀري ايندو هو. ۽ هو اخبار پوئين سيٽ
تي ڦٽي ڪري مرڪندي موٽرڪار جو دروازو کوليندو هو ۽
مان يڪدم سندس ڀرسان وڃي ويهي رهندي هئس.
مون کي جيڪڏهن ياد آهي ته صاف ايترو ته مان چمڙي جي گدي تي ويٺي
هئس ۽ مونٽ ڪارلو جو نقشو منهنجي هنج ۾ کليو پيو
هو. سير دوران جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪنڊي وانگر چڀندي
هئي ته اها واچ هوندي هئي جا ڊيش بورڊ ۾ ٽڪ ٽڪ
ڪندي رهندي هئي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هڪڙي
دفعي مون انهيءَ واچ ڏانهن نهاريو ۽ يڪدم منهنجي
دل ۾ خيال آيو.
هي وقت _ يارهن لڳي ويهه منٽ ڄمي وڃي. مون پنهنجون اکيون بند
ڪيون. منهنجو خيال هو ته اکيون بند ڪرڻ شرط وقت جي
رفتار بيهي ويندي ۽ اها حسين گهڙي منهنجي حافظي ۾
محفوظ ٿي ويندي. پر جڏهن مون اکيون کوليون ظالم
گهڙي بدستور ٽڪ ٽڪ ڪري رهي هئي. انهيءَ وقت اسان
هڪ موڙ وٽان لنگهي رهيا هئاسون. رستي جي پاسي کان
آباد ٻنيءَ ۾ هڪ ڳوٺاڻي دوشيزه ميرن ڪپڙن سان اسان
کي ڏسي رهي هئي. اسان ٻنهي کي ڏسي هڪ دلفريب سندس
چپن تي بجليءَ وانگر ڦري وئي ۽ سندس اکيون خوشيءَ
جي نور سان چمڪي ويون.
اسان موڙ گذري چڪا هئاسون ۽ انهيءَ سان گڏ اها حسين دوشيزه به
نظرن کان غائب ٿي چڪي هئي. انهيءَ وقت منهنجي دل
چاهيو ٿي ته مان ڊوڙ پائي ماضيءَ جي ڌنڌليل يادن ۾
پهچي وڃان ۽ انهيءَ خوشيءَ ڀري گهڙيءَ کي مضبوطيءَ
سان پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيان. يڪدم مون کي
خيال آيو ته جيڪڏهن مون اها نادر گهڙي پڪڙي به
ورتي، پوءِ به مان ان کي ابديت ڏئي نه سگهنديس. ڇو
ته وقت جي تيز ڌارا کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي ۽ وري
انسان _ ان جو مثال ته ڪک جهڙو آهي، جو وقت جي تيز
وهڪري ۾ ائين وهي ويندو آهي، جيئن تيز گهوڙي تي ڪو
اهڙو سوار ويٺل هجي، جنهن جو هٿ نه واڳ ۾ هجي ۽ نه
وري پير رڪاب ۾.
”ڪاش، ڪا اهڙي ايجاد هجي ها، جو اسان پنهنجي يادگيرين کي پنهنجي
حفاظي جي شيشي ۾ عطر وانگر محفوظ ڪري سگهون ها ۽
پوءِ يادگيريون هميشه هميشه لاءِ زنده رهن ها.“
غير ارادي طور اها ڳالهه منهنجي زبان مان نڪري
وئي.
هن جون نظرون رستي تي ڄميل هيون ۽ هٿ اسٽيئرنگ تي.
”محترمه! توهان زندگيءَ جي ڪهڙي ياد کي پنهنجي حافظي جي شيشيءَ
۾ عطر وانگر محفوظ ڪرڻ چاهيو ٿيون؟“ مسٽر ڊي ونٽر
پڇيو.
مان اهو اندازو لڳائڻ کان قاصر هيس ته هن اهو سوال مون سان چٿر
ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي يا واقعي ڪجهه معلوم ڪرڻ
گهريائين ٿي. انهيءَ ڪري مون بنا ڪنهن سوچڻ سمجهڻ
جي جواب ڏنو:
”مان چاهيان ٿي ته زندگيءَ جي هنن حسين گهڙين کي پنهنجي ذهن ۾
هميشه جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيان.“
”ڇا، توهان موسم جي تعريف ڪري رهيون آهيو يا مون کي سٺي
ڊرائيونگ ڪرڻ تي خراج تحسين ادا ڪري رهيون آهيو؟“
هن ائين چيو ۽ سندس چپن تي هڪ پياري مُرڪ پکڙجي
وئي، جا ڏسندي ئي ڏسندي هڪ وڏي ٽهڪ ۾ تبديل ٿي
وئي.
ٻئي ڏينهن مسز وان هوپر ٻئي ڏينهن تي شام واري گاڏيءَ ۾ پئرس
وڃڻ جو پروگرام بنايو. سندس ڌيءَ نيويارڪ وڃڻ لاءِ
پئرس پهچي رهي هئي. انهيءَ ڪري هن مون کي يڪدم سفر
جو سامان ٻڌڻ ۽ هوٽل جو حساب چڪتو ڪرڻ لاءِ ضروري
هدايتون ڏنيون ۽ تاڪيد ڪيو ته مان اڄ ئي هلڻ جون
تياريون مڪمل ڪري ڇڏيان.
مان پنهنجي ڪمري ۾ اچي، پنهنجو سامان سوڙهو ڪرڻ لڳس. انهيءَ وچ
۾ مون کي رکي مسٽر ڊي ونٽر جو خيال اچي رهيو هو ۽
مان سوچي رهي هيس ته جڏهن مان ان کي پنهنجي وڃڻ جو
اطلاع ڏينديس ته ان جو ردِ عمل ڇا ٿيندو. مان
خيالي پلاءَ پچائڻ ۾ مشغول هئس ته مون کي خيال آيو
ته جڏهن مان ان کي چونديس ته اسان سڀاڻي شام واري
گاڏيءَ ۾ پئرس وڃي رهيا آهيون ته سندس چپن تي
دلفريب مُرڪ پکڙجي ويندي، جا ڏسندي ئي ڏسندي ان
فقري ۾ سمائي جي ويندي، ”تون خط ضرور لکجانءِ“. ۽
مان مسٽر ڊي ونٽر جي احسان نوازيءَ جو شڪريو ادا
ڪندي چونديس، ”مسٽر ڊي ونٽر، مان توهان جي دل جي
گهراين سان شڪر گذار آهيان. توهان مونٽ ڪارلو ۾
رهڻ دوران مون سان ڏاڍو همدردانه سلوڪ ڪيو. مون وٽ
توهان جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ موزون لفظ ئي نه
آهن.“ هو انهن شڪرادائيءَ جي لفظن کي نظرانداز
ڪندي پڇندو، ”توهان پنهنجي ائڊريس ته ڏيندا وڃو.“
۽ مان يڪدم جواب ڏينديس، ”توهان خاطري ڪيو، مان
توهان کي پنهنجي ائڊريس موڪلينديس.“
انهيءَ مختصر ملاقات کان پوءِ مسٽر ڊي ونٽر سگريٽ ڪڍي، چپن تي
رکندو ۽ پوءِ ڪنهن ويٽر کي چوندو، ”ميان تو وٽ
ماچيس جي تيلي آهي؟“ انهيءَ وقت مان سوچي رهي
هونديس ته موڪلائن ۾ باقي چار _ پنج منٽ وڃي بچيا
آهن ۽ انهيءَ کان پوءِ مان هن کي ڪڏهن به ڏسي نه
سگهنديس، جيئن ته مون کي وڃڻ جي تڪڙ هوندي، انهيءَ
ڪري انهيءَ مختصر گفتگوءَ کان پوءِ مان کانئس
موڪلائڻ جي اجازت گهرنديس.
دروازي جي کڙڪڻ تي منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو، مون اٿي
دروازو کوليو. ڏٺم ته مسز وان هوپر در تي بيٺي
آهي. هن مون کي ڏسندي ئي رڙ ڪئي، ”تون ته هٿ تي هٿ
رکي ويٺي آهين، جلدي ڪر.“
”معاف ڪجو مسز وان هوپر، مون کي دير ٿي ويئي، مان اجهو ٿي
اچان.“ مون جواب ڏنو.
ان جي وڃڻ کان پوءِ مان وري به خيالن جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس. مون کي
خيال آيو ته چند هفتن کان پوءِ هو به مانڊرلي هليو
ويندو، اتي ميز تي ٽپال جو ڍير ٿي ويو هوندو، اتي
منهنجا اهي خط به هوندا، جي مان کيس عرشه جهاز تي
ويهي ڏاڍي ذوق ۽ شوق سان لکنديس.
ٻئي ڏينهن مسز وان هوپر صبح جو سويل ئي نيرن ڪري منهنجي مٿان
اچي نازل ٿي ۽ روانگيءَ جي انتظامن جي نگراني ڪرڻ
لڳي. مون سڄو سامان ٻڌي ڇڏيو هو، باقي صرف هوٽل جو
بل چڪتو ڪرڻ رهيل هو. مون سوچيو ته هوٽل جو بل ادا
ڪرڻ کان اڳ ۾ مسٽر ڊي ونٽر کي سندس ڪمري ۾ وڃي
الوداع چئي اچان. مان پنهنجي ڪمري مان نڪري ۽ لفٽ
جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ئي مٿي چڙهڻ لڳيس. هڪ هڪ
ڏاڪو چڙهڻ بجاءِ ٽي ٽي ڏاڪا ٽپندي، ٽينءَ منزل تي
وڃي پهتيس. مون کي سندس ڪمري جو نمبر ياد هو،
انهيءَ ڪري مون وڃڻ شرط وڃي سندس در کڙڪايو.
اندران آواز آيو، ”ڪير؟ اندر هليا اچو.“
مان در کولي اندر داخل ٿيس. انهيءَ وقت مسٽر ڊي ونٽر دريءَ جي
ڀرسان ويهي ڏاڙهي لاهي رهيو هو، مون کي ڏسندي ئي
سندس وات مان نڪتو، ”ڏيو خبر محترمه، ڪهڙي ڳالهه
آهي؟“
”مان توهان کي الوداع ڪرڻ آئي آهيان. اسان اڄ صبح جو گاڏيءَ ۾
پئرس وڃي رهيا آهيون.“ مون مشڪل سان اهو جملو مڪمل
ڪيو.
هن جلدي جلدي پنهنجي شيوَ بنائي ۽ يڪدم پنهنجا ڪپڙا پائي تيار
ٿي ويو ۽ ٽيرس تي وڃي ويهي رهيو. منهنجي پريشاني
وڌي رهي هئي، ڇو ته گاڏي ڇٽڻ ۾ باقي صرف ڏيڍ ڪلاڪ
وڃي بچيو هو ۽ مون کي اڃان گهڻا ڪم ڪرڻا هئا.
هن ميز تان نيپڪن کڻي پنهنجي گوڏن تي وڇائيندي پڇيو، ”توهان
نيرن ۾ ڇا کائيندؤ؟“
”مان نيرن ڪري آئي آهيان ۽ وڌ ۾ وڌ مان چار _ پنج منٽ توهان وٽ
ويهي سگهان ٿي.“ مون جواب ڏنو.
هن ويٽر کي نيرن جو آرڊر ڏنو ۽ ان کان پوءِ منهنجي منهن تي
پنهنجون نظرون ڄمائي ڇڏيائين ۽ چيائين، ”انهيءَ جو
مطلب اهو ٿيو ته مسز هوپر جي مونٽ ڪارلو مان دل
ڀرجي وئي آهي ۽ هاڻي پنهنجي گهر وڃي رهي آهي. مان
به وڃي رهيو آهيان. هوءَ نيويارڪ ويندي ۽ مان
مانڊرلي ويندس. تون ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿي، نيويارڪ
يا مانڊرلي؟
”خدا جي واسطي مون تي چٿرون نه ڪريو، مون کي ڏاڍي تڪڙ آهي،
توهان مون کي اجازت ڏيو.“ مون وراڻيو.
مان انهن ماڻهن مان نه آهيان، جي صبح جو سويل ئي مذاق شروع ڪن.
مان جيڪي چئي رهيو آهيان، سو پوري سنجيدگيءَ سان
چئي رهيو آهيان. مان پنهنجي پيشڪش وري به ورجايان
ٿو. فيصلو ڪرڻ توهان جو ڪم آهي. ٻڌايو نيويارڪ
ويندينءَ يا مون سان گڏ مانڊرلي؟ هن سوال ڪيو.
”ڇا مطلب آهي توهان جو؟ توهان کي سيڪريٽريءَ جي ضرورت آهي ڇا؟“
”جي نه، منهنجو مطلب آهي ته توهان مون سان شادي ڪريو.“
ايتري ۾ ويٽر نيرن کڻي اچي ويو ۽ مان بت بنجي ويهي رهيس.
* * * |