سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1981ع (3)

 

صفحو :2

 

گــذارش

 

سيرت نمبر جي آجيان:

        اسان لاءِ خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه آهي، ته مهراڻ جي پڙهندڙن، سنڌي عالمن ۽ اديبن، نون توڙي پراڻن سنڌين ۽ سرڪاري ۽ عوامي حلقن مهراڻ ”سيرت نمبر“ کي پسند ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، اسان سنڌ ۽ پاڪستان جي معزز شخصيتن جا ڪي خط ۽ اخبارن جا تبصرا هن پرچي ۾ شايع ڪيا آهن.

        اسان رب العزت جي بارگاهه ۾ سربسجود آهيون، جنهن ذات پاڪ اسان کي ايتري توفيق عطا ڪئي، جو رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جن جي حيات طيبه جي اشاعت بابت پنهنجي طرفان ڪجهه نه ڪجهه خدمت ڪري سگهياسين.

اسان جي ڌڻيءَ در دعا آهي ته شال اسان کي اڃا به وڌيڪ توفيق عطا ٿئي، جيئن سنڌي ادبي بورڊ عالم سنڌي ادب سان گڏ ديني ادب جي اشاعت ۾ به اهلِ سنڌ جي خذمت ڪري سگهي. ان سلسلي ۾، هن موقعي تي، قارئين ڪرام کي اهو ٻڌائڻ مناسب ٿيندو ته مخدوم نوح سرور رحه واري قرآن شريف (ترجمه فارسي) جي ڇپائيءَ جو ڪم آخرين مرحلي ۾ آهي ۽ انشاء الله عنقريب اهو تاريخي نسخو قارئين جي هٿن ۾ پهچي ويندو.

سيرت نمبر کان پوءِ رسالي جو جيڪو دستوري پرچو (مهران 1_2_1981ع) شايع ٿيو، ان کي پڻ قارئين ڪرام پسند ڪري، اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي. خاص ڪري نون لکندڙن ان کي گهڻو پسند ڪيو آهي. پڙهندڙن کي شعر ۽ افسانا وڌيڪ پسند آهن. اميد آهي ته ان ڏس ۾ اسان پنهنجن مهربان ڪهاڻيڪارن وٽان گهڻي کان گهڻو ۽ سٺو مواد ملڻ تي پڙهندڙن جي اِها خواهش به پوري ڪري سگهنداسين.

 

جشن نزول قرآن:

سنڌي ادبي بورڊ، جمعته الوداع 28_رمضان 1401هه (مطابق 31_ جولاءِ 1981ع) تي ريڊ ڪراس هال ۾ ”جشن نزول قرآن“ جي تقريب منعقد ڪئي، جنهن جي صدارت، نامور عالم جناب سيد وصي مظهر ندوي، ميئر حيدرآباد، ڪئي. جناب مسيح الدين احمد صديقي ڊئريڪٽر جنرل پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جناب علامه قاسمي صاحب، جناب غلام رباني صاحب جناب ڊاڪٽر محمد علي قاضي صاحب، سامعين کي خطاب ڪيو ۽ قرآن ڪريم جي فضيلت بيان ڪئي.

ان موقعي تي قرآن مجيد جي ڪن نادر، قيمتي ۽ تواريخي قلمي نسخن جي نمائش پڻ ڪيئي ويئي. نمائش جو افتتاح جناب مسيح الدين احمد صديقي ڪيو.

 

سنڌي ادبي بورڊ پرنٽنگ پريس:

7_سيپٽمبر 1981ع تي (7_ذوالقعدا 1401هه) جسٽس سيد غوث علي شاهه صاحب وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ، بورڊ جي پرنٽنگ پريس ۽ مسجد شريف جو سنگ بنياد رکيو. تقريب ۾ دانشورن، اديبن ۽ شاعرن، صحافين ۽ شاگردن، تعليمي ماهرن ۽ اعليٰ عملدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ جناب قاسمي صاحب جن سنڌي زبان جي علمي ۽ ادبي سرمايي بابت عالمانه تقرير ڪئي، جنهن کان پوءِ بورڊ جي سيڪريٽري جناب غلام رباني صاحب بورڊ جي علمي پروگرام بابت رپورٽ پيش ڪئي.

ان موقعي تي حيدرآاد ڊويزن جي هر دلعزيز ۽ علم دوست ڪمشنر جناب عبدالله ميمڻ صاحب پڻ سامعين کي خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي ممتاز علمي ادارن: پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، پشتو اڪيڊمي پشاور، بلوچي اڪيڊمي ڪوٽيا ۽ انجمن ترقي اردو ڪراچي وٽان نيڪ تمنائن جا پهتل پيغام پڙهي ٻڌايا ويا.

آخر ۾ مجلس جي مير، وزير تعليم سنڌ، صدارتي تقرير ڪئي، جا هن پرچي جي مُهڙ ۾ شايع ڪئي ويئي آهي.

 

آديسي اٿي ويا:

24_جولاءِ 1981ع تي، سنڌي زبان جي نامور اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه ”بيخود“ حسينيءَ جي افسوسناڪ رحلت جي خبر، سنڌ جي سمورن علمي ۽ ادبي حلقن ۾ نهايت ڏک سان ٻڌي ويئي!

ڊاڪٽر حسيني ڪهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر جي حيثيت ۾ پڻ باغ و بهار نثر نويس جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۾ يادگار شخصيت جو مالڪ رهندو. ”تذڪره شعراء ٽکڙ“ سندس سڀ کان وڌيڪ معياري ۽ شهرت يافته تحقيقي تصنيف آهي. سندس گوناگون علمي ۽ ثقافتي، تعليمي ۽ ادبي خدمتون سدائين ياد رهنديون. بورڊ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان، ”مهراڻ“ سان ورهين جا ورهيه سندس انتظامي ناتو رهيو.

ڊاڪٽر حسيني جي وفات تي ادارو گهري رنج و غم جو اظهار ڪندي سندس پوين سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو. شال رب کيس مرهي. آمين.

سکر جو پراڻو صحافي حڪيم عطا محمد ۽ حضرت سچل جو عاشق صادق قاضي علي اڪبر درازي پڻ تازو گذر ڪري ويا آهن. رب سائين کين جنت ۾ جايون ڏئي.

درستي: مهراڻ جي ”سيرت نمبر“ ۾ صفحي 371 تي مضمون نگار جو نالو ”غلام حسين ڀنڀرو“ بدران ”خادم حسين ڀنڀرو“ ڇپجي ويو آهي. مهربان قارئين اها درستي نوٽ ڪرڻ فرمائين.

_نفيس احمد شيخ

شاعري

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

 

ڪافي

 

اسان وٽ نه آهي محبت مهانگي،

هـلـي آءُ ساجن، سڄڻ يار ســانگي.

 

وري ڪونه ورئين، ويا ورهه گذري،

متان مورهئون مان ويس توکي وسري،

سڄڻ تو وٽان ڪو وريو ڪونه وانگي.

 

جنب توسان گهارڻ جو پهه مون پچايو،

هميشه انهيءَ لاءِ مون حيلو هلايو،

قبوليم اها رمز آخر اڙانگي.

 

پرين! توکي شايد ويا وهم ويڙهي،

وري آ اي جاني، وري منهنجي ويڙهي،

يقين ڪر، هتي آهه صحبت سهانگي.

 

اها ڪيئن گذاري، لڳل جنهن کي لوري،

سا ڦٿڪي ۽ سٿڪي، رڳي جنهن ۾ جهوري،

جا دلڙي ڪري تو ڇڏي نينهن نانگي.

 

سڄڻ طالب الموليٰ توکي پُڪاري،

وٺيو واٽ تنهنجي ٿو هر هر نهاري.

سندءِ نام نرمل جهونگاري ٿو جهانگي.

 

 

منهنجا گلرخ گل گلزار هجين،

منهنجا ڍولڻ باغ بهار هجين.

 

توکي مولا هميشه پناهه ڏئي،

تنهنجو هرڪو لايو سجايو ٿئي،

توکان سڀ ڪو آب حيات پئي،

ساري دلين جو دلدار هجين.

       

تنهنجا دائم دشمن دفع ٿين،

تنهنجا ٻيڙا ٻهڳڻ پار هجن،

تنهنجي آڏو مخالف روز نَمن،

غمگينن جو غمخوار هجين.

 

تون هر دم دلبر شاد رهين،

تون شاد رهين آباد رهين،

تون صاحبُ هر امداد رهين،

تون سهڻا سراپا پيار هجين.

 

تنهنجو طالب المولا دعائون ڪري،

پنهنجي مولا جي درسر کي ڌري،

منهنجو ٻول پيارا جلد پري،

سدا جاني جَلويدار هجين.

 

عطا محمد ”حامي“

سلام

 

داخل رهيو نه جنهن ۾ درود ۽ سلام آ،

الله جو قسم سا عبادت حرام آ.

جنهن خلق سان مڃائي ڇڏي خَلق عام آ،

       هر ڪنهن جي ڳل ۾ جنهن جي محبت جو دام آ.

والشمس جنهن جي عارض اَطهر جي صُبح آ،

والليل جنهن جي زلف معبر جي شام آ.

جبريل جنهن جي در تي اچي ٿو گهڙي گهڙي،

جنهن جي زبان جو قول خدا جو ڪلام آ.

يٰس جنهن جي سيرتِ طيبيٰ جي ڳالهه،

طهٰ ۾ جنهن جي صورتِ معنيٰ جي مام آ.

خود لاشريڪ جنهن کي سڏي ٿو ڪري شريڪ،

جنهن جو خطاب خلق ۾ خير الانام آ.

جنهن جي هٿن ۾ آهي شفا ڪائنات جي،

سو آخري رسول عليه السلام آ.

پهتو اتي جتي نه فرشتا پڄي سگهيا،

والله هي حبيبِ خدا جو مقام آ.

دل جو قرار، روح جي راحت، سُڪونِ قلب،

                مولائي ڪائنات محمد صه جو نام آ.

ظاهر ظهور جڳ جو آيو يتيم ٿي،

باطن جي اک ڏسي ٿي ته ڄامن جو ڄام آ.

آهي هي آرزو ته چون حشر ۾ حضور صه،

دامن لڳي اسان جو هي ’حامي‘ غلام آ.

محبوب سروري

نعت

 

وصف ان جي لکڻ وقت ٿا هٿ ڏڪن،

لفظ تعريف جي لئه ڪٿان آڻجن،

استعاره ۽ تشبيهون ناقص لڳن،

ڳالهه يڪراءِ ڪئي ٿي سڀ شاعرن،

ان جي تعريف مشڪل کان مشڪل آ فن؛

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

 

ان کي محبوب ٿو ڊڄندي ڊڄندي چوان،

مرڳو گستاخي مون کا نه ٿي پئي متان،

هن جو درجو ڪٿي ۽ ڪٿي آهيان مان،

عاشقن جي مگر لسٽ ۾ شل هجان،

من غلامن سان گڏ منهنجو نالو لکن؛

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

 

جنهن جي قدمن ۾ ’اقبال‘ جي آ خودي،

جيڪو ’حالي‘ جو آ محورِ عاشقي،

جنهن تان قربان ’رومي‘ سندي مثنوي،

صدقي صدقي مٿس ’شاهه‘ جي شاعري،

جنهن کي نذري عقيدت ٿا سڀ پيش ڪن؛

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

 

منهنجو محبوب موليٰ جو راز آشنا،

هن جي هرڪا ادا آ، ادائي خدا،

هر ادائي خدا آهي ان جي ادا،

منهنجو محبوب آئينهءِ حق نما،

جيڪي ان کي ڏسن سي خدا کي ڏسن؛

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

 

منهنجو محبوب سائين وفادار آ،

منهنجي محبوب وٽ پيار ئي پيار آ،

منهنجو محبوب سهڻن جو سردار آ،

منهنجو محبوب رحمت ۾ سرشار آ،

ان جي در تان سوالي نه خالي وڃن؛

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

 

ان جي تعريف ۾ آهه حمدِ خدا،

ان جي تعظيم ۾ آهه حق جي ثنا،

ان سان آهي وفا ڄڻ خدا سان وفا،

ان جي آهه رضا ۾ خدا جي رضا،

ههڙا محبوب ڪنهن کي نه ڳوليا لڀن؛

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

 

منهنجو محبوب ملڪن ۾ مشهور آ،

منهنجو محبوب هر عيب کان دور آ،

منهنجو محبوب ئي جلوهِء طور آ،

منهنجو محبوب ”نورُ عليٰ نور“ آ،

ههڙا محبوب ڪنهن کي ڪٿان هٿ اچن؛

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

 

جنهن جي الفت آ سرمايئهِ زندگي،

جنهن جي خوشنودي افضل ترين بندگي،

جنهن جي آهي خوشي ۾ خدا جي خوشي،

جنهن جي سڪ ۾ ئي سڏجان پيو ’سروري‘،

شال محشر ۾ مون کي هو پنهنجو چون؛

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

 

 

اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني

 

بيت

 

منهنجو جيءُ جڏو ڪيو، مٺن محبوبن

اڻ سڃاتل سپرين، ڳولهي ڪيئن سگهجن

اکيون آئڙيو تن کي، مايوس ٿيو موٽن

آس نه لاهيان ان مان، سِڪون سرس سندن

جڏهن ڪڏهن جيئري، ملي مانَ وڃن

هِنيون هيريو جن، سي ڏٺم ڪڏهن ڪين ڪي.

جي ڏٺا ڪڏهن ڪين ڪي، تن سان لنئون لڳي

آسونهين انهن لاءِ ، ڀِٽون، بَرَ ڀڳي

سَڱُ نه ڳنڍي سُپريين، ڪانهي سيڻ سڳي

پر سڳي يا اڳي، ويٺي نهاري واٽڙيون.

ويٺي واٽ نهاري، ڳچيءَ وجهيو پاند

هر ڪنهن کي هوتن لاءِ، پکيڙي پاند

هيڪر ٿي هيڪاند، پوءِ مرڻ ناهي ميهڻو.

مرڻ ناهي ميهڻو، جيئري جڙن شال

ويچاريءَ جا وصال لئي، هيڻا ٿيئڙا حال

نه ڪا ڏيٺ نه ويٺ ٿي، نڪي محبن ساڻ مقال

هئي هئي حال ۽ قال، حبيبن هٿ ڪيا.

حبيبن هٿ ڪيا، چريءَ جا چارا

ڇڏي وئي ڇرڪ ۾، انگل ۽ آرا

ڳڻتيون ۽ ڳارا، محبت ڏنس مفت ۾.

محبن ڏنس مفت ۾، فڪر ۽ فراق

جئن ٿي چڪي چاهه ۾، تئن ٿي ٿئي چاق

جڏهن اوٺين ڪئي عاق، تڏهن پرين ڪئي پنهنجي.

 

سڃاڻي نه سڄڻ کي، مُٺي ڪري نه ماٺ

ويٺي ڪري واٽ تي، رڳي پوڄا پاٺ

ڪاهي پيئي ڪاٺِ، اڻ ڏٺي عجيب لئه.

 

اڻ ڏٺي عجيب لئه، ڪئن ٿي ڪيهه ڪري

مٺن محبوبن ري، مادي ٿيو مري

آئي عشق اري، ڳالهيون ڪري نه ڳوٺ مان.

 

بي سمجهه بَرن ۾، رُلي ڪري ريهون

مٿو وهاري مونن ۾، ڪوڪون ڪري ڪيهون

ڇوري ٿي ڇيهون، سڄڻ ڏٺئين نه ساهه ۾.

 

سڄڻ ساهه پَساهه ۾، هيءَ جهوتون ٻَهر جهلي

وهاري وجود ۾، هاڙهي ڏانهن هلي

جي روح سان روح رلي ته بچي پئي بَرن کان.

 

بچي پئي بَرن کان، ووڙي جي وجود

اندر ساز سرود ٿيو، اندر آهنگ عود

هئي هئي هست ۽ بود، ويچاري وِلهي ڪئي.

 

شڪين سُڃاپن نه سپرين، پڪين ملن پرين

’ها‘ ۽ ’لا‘ جي وچ ۾، منهنجو پئي مرين

ڇوري! ڇو نه ڪرين، دل ۾ دَور دليل جا.

 

رقت راحت روح جي، رقت ’رياء الناس‘

هڪ پَسائي پرين کي، ٻئي نيئي ڪري ناس

جنهن کي ترس تپاس، سا روئي نه راڄن وچ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com