ڳوٺ ۾ روزانو شام جو ٽپال ايندي هئي. ”الوحيد“ ۽
”زميندار“ اخبارن کي وڏي چاهه سان پڙهيو ويندو هو
۽ حڪيم وريل اسپتال ۾ ٻين مهاڀاري لڙائي، خاڪسار
تحريڪ ۽ مسلم ليگ تحريڪ تي هرشام خيالن جي ڏي _ وٺ
ٿيندي هئي. ان کان اڳ ”خلافت تحريڪ“ ۾ ٽکڙ جا
ماڻهو، علامه اسدالله شاهه ”فدا“ جي سرواڻيءَ ۾
ڀرپور علمي بهرو وٺي چڪا هئا. سائين ميران محمد
شاهه به انهيءَ دؤر ۾ سياسي ڪاميابيون حاصل ڪري
رهيو هو. اهڙي ئي ادبي، سياسي ۽ ثقافتي پس منظر ۾
ڊاڪٽر اسد الله شاهه ”بيخود“ حسيني پليو نپنيو،
وڌيو ۽ ويجهو.
ڊاڪٽر اسد الله شاهه ”بيخود“ حسينيءَ جو جنم 12 اپريل 1931ع ۾
سيد الله بخش شاهه جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم
پاڻ ٽکڙ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين (هاڻ ته اهو
اسڪول کنڊر آهي، پر ڪڏهن ان جو اوج هو.) ميٽرڪ نور
محمد هاءِ اسڪول مان 1953ع ۾ ڪيائين. مون کي ياد
آهي ته پاڻ جڏهن موڪلن ۾ ڳوٺ ايندو هو، تڏهن سندن
گهر جي ٻجري وٽان لنگهندي ڪڏهن کيس ڀرت ڀريندي،
ڪڏهن ڪارچوپ تي اڳٺ اڻندي ڏسندي هوس. ائين ثانوي
تعليم پاڻ هٿ جا پورهيا ڪري پڙهيو. پڙهڻ جي ڏس ۾
مائٽ اسان کي سدائين ڀائو قاضيءَ جو مثال ڏيندا
هئا. 1957ع ۾ بي. اي. ڪيائين. ساڳي سال لنڊن
يونيورسٽيءَ جي ”اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن
اسٽڊيز“ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ سنڌي مقرر ٿيو، ۽ ان سان
گڏوگڏ ڪلاسيڪي فارسيءَ ۾ بي. اي. آنرز پڻ ڪيائين.
ائين ڊاڪٽر صاحب خاندان جو پهريون شخص هو، جنهن
يورپ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ان ريسرچ بابت پاڻ
ٻڌايائين ته، ٻِٽن سنڌي لفظن تي، جيئن ”کِٽ _ پِٽ“
آهي، جنهن جي الڳ الڳ ڪابه معنيٰ نه آهي، مسٽر مچل
جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو هئائين. ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري
ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان ورتائين، ڊاڪٽوريٽ لاءِ
سندس مقالي جو عنوان هو: ”ايران ۾ تيموري دؤر ۾
مذهبي طبقن جو معاشري ۽ سياست تي اثر.“
ڀائو قاضيءَ هن قسم جي ليک لکندي، دل دک سان ڀريل آهي ۽ يادن جو
هڪ سلسلو آهي، جيڪو ڪٿي به نٿو ڪپجي. مخدوم صاحب
سان رس رهاڻيون، گرامي صاحب جون ڳڻن ڀريون
ڳالهيون، سائين ميران محمد شاهه جون صحبتون، احسن
الهاشمي، رباني، محبوب سروري، ڀائو حافظ شاهه
(ٻيون)، شبير، سوز، عارف، نورل شاهه، ڀائو قمر،
پيرل شاهه، ادي گل بي بي، ادي مهتاب، ادي شمس
النهار، عيني، طوطي، ادي بي بي، چاچا الهه بخش
شاهه، چاچي آ گل، ناني حاجياڻي، ادا امير،
منظور.... انيڪ چهرا، ڪردار، شهر، ڪهاڻيون، مشاعرا
راڳ روپ... حسين بخش، مصري فقير... ڀٽ شاهه، هالا،
ٽکڙ، ڄام ڏاتار، جهول، جيڪب آباد، حيدرآباد... راڄ
جا فنڪشن ۽ چپٽ جي مياڻ تي پَلن جون دعوتون (اهڙي
ئي هڪ دعوت (18 جون 1953ع) ۾ سائين ميران محمد
شاهه ڊاڪٽر صاحب کي ”تذڪره شعراء ٽکڙ“ لکڻ تي
آڀاريو هو).
هتي هڪ حيرت جهڙي ۽ ساڳئي وقت ڏکوئيندڙ ڳالهه ڪري ڇڏيان ته جڏهن
ڊاڪٽر حسينيءَ جي سوانح جي ڳولا ڪيم، تڏهن معلوم
ٿيو ته پرشن ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي (جتي هو 15
آگسٽ 1960ع کان استاد هو)، ۽ سنڌ ٽڪيسٽ بوڪ بورڊ
(جتي هو اعزازي سيڪريٽري ۽ ميمبر رهيو هو) ۽ سنڌ
ٽڪيست بڪ بورڊ (جتي هو 20_10_1972ع کان
27_10_1975ع تائين چيئرمين رهيو هو) ۾، ڪٿي به
سندس بايو _ ڊيٽا نه هئي.
سيد ملوڪ شاهه جي وفات کان پوءِ (تڏهن پاڪستان ٺهي چڪو هو)، سيد
عبدالحڪيم شاهه جو ننڍو پٽ سيد حاجي فتح علي شاهه
پڳدار ٿيو ۽ جيڪو کانئس به وڌيڪ ٿڌو ۽ رحمدل ثابت
ٿيو. هتي هڪ ڳالهه اڳواٽ ئي اڪلائي ڇڏيان ته ٽکڙ ۽
ڊاڪٽر حسينيءَ جو ذڪر گڏوگڏ کڻڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته
ٻنهي کي الڳ الڳ اسين سمجهي نه سگهنداسين. اهو
انهيءَ ڪري به ضروري آهي، جو ڊاڪٽر صاحب، سائين
ميران محمد شاهه کان پوءِ ٽکڙ جي اتهاس جو آخري
نمائندو هو.
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ئي سندن گهر حيدرآباد لڏي آيو:
”... گهڻا سيد ۽ ٻيا سرند ماڻهو ڳوٺ ڇڏي، پنهنجي لاڳاپي وارن
هنڌن، جهڙوڪ: حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان وغيره وڃي
ويٺا. ڪيترا هاري ناري، ٻني ٻاري جي تلاش ۾ ٻين
پاسن وڃي نڪتا.“([1])
ائين ٽکڙ پنهنجي مڪمل زوال کي ويجهو پوندي ويئي. سيدن (جن ۾
ڀائو قاضيءَ جن جو گهر به اچي وڃي ٿو) ۽ ٻين سرند
ماڻهن جي ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جا ڪارڻ بدامني، ڳوٺ جي
لوپ ۾ اچڻ، ٻوڏ جي خطري سان گڏ هڪ ٻيو به ڪارڻ هو.
ٿيو هيئن جو پاڙي ۾ سومرن جو ڳوٺ هو، اتي ڦُل
ماڇيءَ ڌاڙو هنيو. سومرن جي واهر لاءِ ڳوٺ جا
ماڻهو چاچا الهه بخش شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ نڪري پيا.
ڦُل، چاچا کي سڃاڻي ورتو ۽ واڪو ڪيائين: ”سائين
الهه بخش شاهه، مون تنهنجو ليمڪ پاڻي کاڌو آهي،
تون ڪُرن جي جهيڙي مان نڪري وڃ.“ پر چاچا ائين نه
ڪيو، نيٺ ڦُل ڌاڙي هڻڻ کان سواءِ موٽي ويو. ان
مامري ۾ سيدن جي ڌر جو هڪ ماڻهو (ليار) به مارجي
ويو هو. ان کان پوءِ ڦُل وري اسان جي ڳوٺ جي
لاريءَ کي ڦريو، ان ڦر ۾ ٻن پوليس وارن جو خون ٿيو
هو. ان صورتحال کان پوءِ ئي چاچا الهه بخش شاهه،
چاچي اشرف شاهه، چاچي اڪرم شاهه، چاچي روشن شاهه،
ناني وڏي ۽ سڪندر شاهه ۽ مامي حاجي فتح علي شاهه
وارا حيدرآباد لڏي آيا. رڳو ماما حاجي فتح علي
شاهه ئي پوءِ ڳوٺ واپس موٽي آيو.
دراصل ڳوٺ ڦٽڻ جي شاخ، حافظ حامد جي ڳوٺ ڇڏڻ سان پئجي چڪي هئي؛
جڏهن سيد غلام محمد شاهه (هُن پاڙي وارو) جي ملڪيت
ڦٻائي وئي هئي ۽ معاملو وڃي ڪورٽ ۾ پهتو هو. اهو
نانا عبدالحڪيم شاهه جي دؤر جو واقعو هو. حافظ
حامد ڦريل ڌر جو پاسو کنيو. ان مامري کان پوءِ ئي
حافظ حامد وطن جا وڻ ڇڏيا. اهو بلڪل غلط آهي، ته
ٽکڙ کي حافظ حامد جي پٽ لڳل آهي؛ ڇاڪاڻ ته حافظ
حامد ”پٽ پاراتي“ کان مٿاهون هو؛ ائين چوڻ وڌيڪ
صحيح ٿيندو ته حافظ حامد ڳوٺ مان ڏکوئجي ويو هو.
ناني عبدالحڪيم شاهه جي دؤر جي پڇاڙيءَ جو ئي هڪ
واقعو آهي، ته سيدن جو ماڻهو گلاب خاصخيلي واڻين
جي گهر ۾ ٽپي پيو هو. واڻيا دانهن کڻي سيد وڏي وٽ
آيا. سندس ڀائٽيي سيد قنبر علي شاهه سندس فيصلي کي
مانُ نه ڏنو ۽ اوطاق مان اٿي هليو ويو. تڏهن سيد
وڏي وائين کي چيو: ”بابا، هاڻ توهان جي حفاظت جو
بار مون کان نه کڄندو!“ واڻين جا گهڻا گهر تڏهن ئي
ڳوٺ مان لڏي ويا هئا.
جنوري 1953ع ۾ ڊاڪٽر حسينيءَ جي والد وفات ڪئي ۽ ان جي وڇوڙي
جي ورلاين شاعريءَ جو روپ ورتو، ۽ جڏهن سائين
ميران محمد شاهه سندس ڪلام ڏٺو، (جنهن کي ڊاڪٽر
صاحب به ’انڌيون منڊيون ڪافيون‘ ٿو سڏي)، تڏهن
چيائين: ”شعر ٺاهڻ وڏي ڳالهه آهي، تون ته بلڪل
ڪونه ٿو ڄاڻين“([2]).
ان کان پوءِ ئي پاڻ محمد خان ”غني“ صاحب کي استاد ورتائين. تن
ڏينهن ۾ ”هاشمي پرنٽنگ پريس اسٽيشن روڊ حيدرآباد
سنڌ“ ۾ ادبي ڪچهريون اڪثر متل رهنديون هيون.
سنڌيءَ جي هڪ معياري ۽ سهڻي رسالي ”روح ادب“ جو
اجراءُ به انهن ڏينهن ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب
”غني“ صاحب جو ٻانهن ٻيلي هوندو هو. ان ئي عرصي
۾”شبير“ ۽ ”سوز“ به شاعري ڪرڻ لڳا هئا. شعر ته آءُ
به چوندو هوس، پر سرن تي آڌارڪ. بحر وزن جي ڄاڻ
خبر ڪا هيم. تڏهن آءُ پڦي ننڍيءَ جي گهر رهندو هوس
۽ اها جاءِ (اِي19، گهٽي نمر 3 پڪو قلعو) ڀائو
قاضيءَ جن جي گهر (اِي 25) جي سامهون هئي. هو جيئن
چوندا آهن ته ”ياران چڻ ڀڻ لائي، ميڏا روح به نه
رهيا“ سو مونکي به مشاعرن ۾ پڙهڻ جو چاهه جاڳيو.
ڊاڪٽر صاحب، تڏهن مون کي بحر وزن جو پهريون سبق
ڏنو. اهو سبق ايڏو ته منجهائيندڙ لڳو، جو ان چاهه
تان ئي هٿ کڻي ويس. ان عرصي ۾ سندس ملاقات گرامي
صاحب سان ٿي ۽ پاڻ سندس آڏو ”زانوئي تلمذ“ تهه
ڪيائين. انهيءَ ئي عرصي ۾ ڊاڪٽر حسينيءَ جو قبله
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائينءَ سان ناتو
جڙيو، جيڪو آخر تائين جڙيو رهيو:
”آڪٽوبر 1953ع ۾ حضرت ”طالب الموليٰ“ قبله جن سان ملاقات ٿي،
انهيءَ کان پوءِ رفته رفته سندن ويجهڙائي نصيب
ٿيندي ويئي. سندن الفت ۽ شفقت، محبت ۽ صحبت سندن
مست ڪن مجلسن ۽ محفلن، راڳ ۽ رهاڻ جي رس ۽
چس، حرص ۽ هوس جي بينادن کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو.“([3])
تڏهن اهي مست ڪن محفلون امين منزل هيرآباد ۾ ٿينديون هيون ۽
ڀائو قاضيءَ سان ”شبير“، ”سوز“، ”عارف“، (”فٽبال“
ٽکڙائي)، انهن محفلن ۾ باقاعدگيءَ سان شريڪ ٿيندا
هئا. اتان موٽي اچي مون سان انهن مجلسن ۾ رنگ _ رس
جو ذڪر ڪندا هئا، ۽ آئون هڪ ڀيرو وري ويڳاڻو ٿي
پوندو هوس. انهن محفلن ۾ آئون گهڻو پوءِ شريڪ ٿيس،
جڏهن اهي محفلون 3_ سول لائينز ۾، ۽ پوءِ امين
منزل گاڏي کاتي ۾ ٿينديون هيون. اهي ئي محفلون
هيون، جتان مون گهڻو ڪجهه پرايو، ۽ سکيا جا اهي
ڏاڪا طيءِ ڪيم جيڪي پنهنجي ٻولي، ادب، شعر، راڳ،
سنگيت ۽ مجموعي طور تي پوري اتهاس کي سمجهڻ لاءِ ۽
ان تي فخر ڪرڻ لاءِ پيڙهه جي حيثيت رکن ٿا. سو
ڊاڪٽر صاحب اهڙين ئي محفلن سان رچي راس ٿيو. طرحي
مشاعرا، موضوعي مشاعرا في البديهه مشاعرا ۽ راڳ _
رنگ. پر پوءِ اهي محفلون اُجڙي ويون. هرڪو ٽڙي
پکڙي ويو. اهڙو واءُ وريو جو ميز تي رکيل پنا
اڏامي ويا. هاڻ ته انهن کي ميڙڻ ۾ به وقت لڳندو.
شبير شعر چوڻ ڇڏي ڏنو، ”سوز“ ڳوٺ ٻنين تي هليو
ويو، گرامي صاحب نوڪريءَ ۾ ڦاسي ويو، ڀائو قاضيءَ
۽ شبير کي آئون اڪثر چوندو هوس ته ”توهان مون کان
اڳي شاعري ڪئي، ۽ اڳي ئي ان عذاب مان جان ڇڏائي
ويا ۽ مون توهان کان پوءِ شاعري شروع ڪئي ۽ اڃا
تائين پيو ڀوڳيان.“
بابا ۽ چاچا جن سڱن پنڌن تان جهڙوڪر ڇڄي ويا هئا، پر پوءِ ڪو
وقت اهِو آيو، جو اسين سؤٽ وري هڪٻئي جي ويجهو اچي
وياسين. اهو اسان جي ننڍي ڀاڀي (ڀاڀي ثمر) جي
ڪوششن سان ٿيو. ڀائو حافظ شاهه جيتوڻيڪ اسان کان
وڏو هو، پر پوءِ دوستن وانگر ٿي رهياسين، وير به
ويساند نه پوندي هئي، پر ڀائو قاضيءَ سان اهو
دوستيءَ وارو دم نه، پر وڏان وارو احترام ۽ تقدس
رهيو.
پاڻ منهنجو پهرين سنڌي ادبي بورڊ، جتي آءٌ لائبررين هوس ۽ پاڻ
اعزازي سيڪريٽري هو؛ ان کان پوءِ سنڌ ٽڪيسٽ بڪ
بورڊ، جتي آءُ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ هوس ۽ پاڻ چيئرمن
هو، باس رهيو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيرو، ادبي
بورڊ واري دؤر ۾ منهنجي هڪ نظم تي ڳالهائڻ لاءِ
مون کي گهرايائين. مون ته ان کي ڏاڍو ايزي ڪري
ورتو؛ پر مون ڏٺو ته پاڻ ڏاڍي پيڙا ڀوڳي رهيو هو؛
ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته هڪ شاعر جي حيثيت ۾
منهنجون ذميواريون ڪهڙيون هيون! ۽ اهو به ته نوڪري
۽ شاعري ٻه الڳ الڳ راهون آهن؛ پر هتي اسان وٽ
سلهاڙيون پيون آهن! مون کي ياد آهي ته جڏهن منهنجي
هاڻوڪي سروس لاءِ انٽرويو ڪال ٿيو، تڏهن پاڻ
چيائين: ”آءُ توهان جي انٽرويو ۾ ڪابه مدد نه ڪري
سگهندس، ڇو ته توهين منهنجا سوٽ آهيو!“ سنڌ ٽيڪسٽ
بڪ بورڊ جي آفيس به سندس ئي دؤر ۾ ڄامشوري شفٽ ٿي
۽ ٽڪيسٽ بڪ بورڊ جي جديد پريس به سندس ئي ڪوششن جو
نتيجو هئي. هتي شايد چوڻ اهي پئي چاهيم ته پاڻ
ڪڏهن به ”ٽپيڪل باس“ نه رهيو هو.
انهيءَ کان اڳ مون ساڻس ”ڊڪشنري آفيس“ ۾ ”لوڪ ادب رٿا“ هيٺ پڻ
ڪم ڪيو هو، جتي شيخ محمد اسماعيل، ممتاز مرزا ۽
ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان پڻ ڪچهري ٿي
ويندي هئي. سائين ميران محمد شاهه وٽ ته هونئن به
روز شام جو حاضري ڀربي هئي؛ ۽ ”ڪليات ميران“ کي
سهيڙڻ ۾ به ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو وجهه مليو. قبله
”طالب الموليٰ“ سائينءَ جن جون مجلسون ته هيون ئي
علم ادب، شعر، راڳ ۽ رنگ ۾ رتل. انهن ئي محفلن ۾
مجلسن، صحبتن ۽ سنگتن مان ماڻهو پرائي ٿو.
اهو هڪ اتفاق چئجي يا قدرت جي رمز، ته اسان جو ڏاڏو علامه اسد
الله شاهه ”فدا“ ٻه گهر پرڻيو؛ پهرين گهر مان کيس
پٽ ڄائو، جنهن جو نالو پيءُ جي نالي پٺيان الهه
بخش شاهه رکيائين. اهو اڃا تنجڻن ۾ ئي هو ته سندس
ماءُ گذاري ويئي ۽ سار سنڀال سندس سڳي ماسيءَ جي
بلي ٿي؛ جنهن سان پوءِ ڏاڏي جي شادي ٿي. ان گهر
مان کيس ٻه سندس نياڻيون هڪ پٽ سيد فضل محمد شاهه
(منهنجو پيءُ) ڄائو، ته ڏاڏا وفات ڪئي. ڀائو
قاضيءَ کي به پهرين گهر (ادي شمس النهار) مان سِڪي
پني پٽ ڄائو، ته سندس نالو پنهنجي پيءُ جي نالي
پٺيان سيد الهه بخش شاهه رکيائين. هو اڃا سال جو
مس هو، ته ادي شمس النهار وفات ڪئي ۽ سار سنڀال
سندس سڳي ماسيءَ (ادي بي بي) جي بلي ٿي، جنهن سان
پوءِ ڀائو قاضيءَ لائون لڌيون؛ گهر مان جڏهن کيس
ٻن نياڻين کان پوءِ پٽ ڄائو ته پان وفات ڪيائين:
لَڏيو لطيفن، پَلائي پنڌ پيا،
هٿان حبيبن، ڪونه ڏکوئيو ڪڏهين
ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني صحيح معنيٰ ۾ هڪ عالم هو.
لسانيات، اسلامي تواريخ، تصوف ۽ لاکيڻي لطيف تي
سندس ڪافي مطالعو هو. مون کي ياد آهي ته ڀٽ شاهه
تي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي جڏهن پاڻ پهريون ڀيرو
ايڏي وڏي اسٽيج (تڏهن ادبي ڪانفرنس آڊيٽوريم ۾
ٿيندي هئي) تي آيو ۽ ”شاهه جي سسئي“ جي عنوان سان
مضمون پڙهيائين،
تڏهن کيس ائين داد مليو هو، جيئن شعر تي داد ملندو آهي. ڊاڪٽر
حسينيءَ ”پيام غمگسار عرف حافظ شاهه جو ڪلام،
”تذڪره شعراء ٽکڙ“، ”ڪليات دلگير“ جهڙيون تصنيفون
سنڌي ادب کي ڏنيون آهن، جن جي ڪري ’ادبي تواريخ‘ ۾
کيس سدائين ياد رکيو ويندو. شاهه تي لکيل مضمون ۽
ساٿري اديبن تي لکيل خاڪا، سندس نثر جا شاهڪار
آهن. شاعريءَ ۾ پاڻ بيت، غزل، ڪافي، نظم ۽ آزاد
نظم جي صنفن تي لکيو اٿس. پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر
اسد الله شاهه ”بيخود“ حسيني، خانداني شجري جي
فارسي متن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر
حسيني، نه رڳو اسان جي خاندان جي، بلڪ ٽکڙ جي
عالمن جي به جهڙوڪر آخري نشاني هو_ ۽ سندس وفات
سان ان سلسلي جي پُڄاڻي ٿئي ٿي. هاڻي اسان جي
خاندان ۾ اهڙي ڪابه هستي ڪانهي، جنهن سان ادب،
ٻوليءَ ۽ ثقافت جي موضوع تي ڪا ڳالهه ڪري سگهجي!
24 جولاءِ 1981ع جي صحيح ساجهر پاڻ هي فاني جهان ڇڏيائين. اهو
جمعي جو ڏينهن هو ۽ 21 رمضان 1401هه هئي ۽ حضرت
علي عليه السلام جي شهادت جو ڏينهن هو. مقبري
تائين سڄي واٽ مينهن پئي پيو، آخري رسمن ادا ڪرڻ
کان پوءِ واپس ورندي به مينهن پئجي رهيو هو ۽ مون
سوچيو: ’هي ڪهڙو مينهن آهي، جيڪو اسان تي وسي رهيو
آهي!‘ ۽ مون بس ۾ ويٺل چهرن ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺم ته
هڪ چهرو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ روشن هو، هاڻ اسان ۾
نه رهيو هو، پر ان چهري جي ياد ذهن مان ڪڏهن به نه
اجهامندي! مون بس جي دريءَ کان ٻاهر نهاريو ۽
سوچيو: ’ڪڏهن هن ئي گنجي ٽڪر تي سارنگ رُت ۾ ڀائو
قاضي جيڏهن سرتن سان پڪنڪ تي آيو هوندو ۽ ڳاڱيون ۽
مُنگها چونڊيا هوندئين_پلر جو پاڪ پاڻي پيتو
هوندئين.....!‘
مون کي ڀائو قاضيءَ سان آخري ملاقات ياد اچي وئي. مون کيس ٻڌائڻ
ٿي چاهيو ته ٽکڙ تي هڪ طويل نظم شروع ڪيو اٿم ۽
ٽکڙ تي ناول به لکڻ ٿو چاهيان! ان ڏس ۾ سندس راءِ
وٺڻ ٿي گهريم؛ هونئن به ادب توڙي ذاتي مسئلن ۾ به
سندس راءِ مون لاءِ سدائين اهم پئي رهي آهي؛
”تذڪره شعراء ٽکڙ“ جي نئين ايڊيشن بابت به
ڳالهائڻو هو؛ پر آءُ کيس ئي ٻڌندو رهيس.... پاڻ
چيو هئائين؛ ”توهان تنقيد ۾ وچٿرو لهجو ڪتب آڻيو،
جيئن ’منهنجي خيال ۾‘... يا ... آءٌ سمجهان
ٿو‘...!“ بس لطيف آباد ڏانهن مڙڻ لڳي هئي ۽ مون
سوچيو: ’اڃا هفتو کن اڳي ئي ته اسين ساڳئي گهر
ڀائو قاضيءَ کي پٽ (سيد عون محمد شاهه) ڄائي جون
مبارڪون ڏيڻ ويا هئاسين. ۽ هاڻ...!‘:
وشال آهه نيلاڻ آڪاش جي،
نه پڃرو نه پڃري ۾ آهي پکي!
(
)
تذڪره شعراء ٽکڙ ص 17.
()
تذڪره شعراءِ ٽکڙ ص 212 ۽ 213.
()
ٽماهي ”مهراڻ“ (شاعر نمبر) ص 34_35.
|