آسڪر وائيلڊ
مترجم: ڄام وقار حسين قادري
گل ۽ بـلبـل
”هن چيو آهي ته جيڪڏهن مان هن کي ڳاڙهو گلاب آڻي ڏيندس
ته هوءَ مون سان ناچ ڪندي.“ نوجوان شاگرد ٿڌو ساهه
کڻندي چيو، ”پر منهنجي باغ ۾ هڪ به ڳاڙهو گلاب
ڪونهي.“
بڙ جي پراڻي وڻ ۾ ٺهيل آکيري ۾ بلبل هن جا لفظ ٻڌا ۽ بڙ جي پنن
مان منهن ٻاهر ڪڍي نهاريو ۽ حيرت ۾ پئجي وئي.
”منهنجي باغ ۾ هڪ به ڳاڙهو گلاب ڪونهي.“ هن ڏک ڀري لهجي ۾ چيو ۽
هن جي سهڻين اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ”آه، ڪهڙين نه
ننڍين ننڍين شين تي خوشين جو مدا آهي! مون اهو سڀ
پڙهيو آهي جيڪو سياڻن لکيو آهي، مان فلسفي جي
سمورن رازن کي ڄاڻان ٿو، پر هڪڙي ڳاڙهي گلاب جي
ڪري منهنجي زندگي ڏکويل آهي.“
”آخر هتي سچو عاشق ڏٺو اٿم،“ بلبل چيو. جيتوڻيڪ مان هن کي
ڄاڻندي نه هيس پر مون راتين جون راتيون هن جا گيت
ڳايا آهن. راتين جون راتيون مون هن جون ڪهاڻيون
ستارن کي ٻڌايون آهن ۽ هاڻي مان هن کي ڏسي رهي
آهيان. هن جا وار مشق جهڙا ڪارا ۽ هن جا چپ هن جي
اميدن واري گلاب جهڙا ڳاڙها آهن، پر محبت هن جي
مهانڊي کي عاج جهڙو زرد ڪري ڇڏيو آهي، غم هن جي
نرڙ تي پنهنجي مهر هڻي ڇڏي آهي.“
”شهزادو سڀاڻي رات دعوت ۾ ناچ جو انتظام ڪري رهيو آهي.“ نوجوان
شاگرد هيڻي آواز ۾ چيو. ”منهنجي محبوبه به اتي
ايندي. جيڪڏهن مان ڳاڙهو گلاب هن کي ڏيندس ته هوءَ
پره تائين مون سان ناچ ڪندي. جيڪڏهن مان هن کي
ڳاڙهو گلاب ڏيندس ته مان هن کي پنهنجي ٻانهن ۾
جڪڙيندس ۽ هوءَ پنهنجو مٿو منهنجي ڪلهن تي ڪيرائي
ڇڏيندي ۽ هن جون آڱريون منهنجن آڱرين ۾ جڙيل
هونديون، پر منهنجي باغ ۾ هڪ به ڳاڙهو گلاب ڪونه
آهي. هاءِ، مان ڪنڊ ۾ ويٺو هوندس ۽ هوءَ مون وٽان
بي خياليءَ مان لنگهي ويندي. هوءَ مون ڏانهن نماڻا
نيڻ کڻي نهاريندي به نه، هاءِ منهنجي دل ٽڪر ٽڪر
ٿي پوندي.“
”سچ پچ، هي سچو عاشق آهي،“ بلبل ڀڻڪيو، ”جن ڏکن جو مان ذڪر ڪندي
آهيان اهي هن ۾ ڏسڻ ۾ ٿا اچن؛ جيڪا مون لاءِ مسرت
آهي سان هن لاءِ سور آهي. اهو موتين جو مهانگو ۽
سون کان سوايو آهي. هيرا ۽ لعل ان کي ڳنهي نٿا
سگهن نه ئي اهو هٽن تي وڪامي ٿو، نه ئي ان کي
واپاري ويچين ٿا نه ئي ان جي تور سون ۽ چاندي سان
ٿي سگهي ٿي.“
”سازن وارا پنهنجين جاين تي اچي ويهندا.“ شاگرد چيو، ”۽ سازن جي
تارن کي ڇيڙيندا ۽ اهڙي انداز سان نچندي جو هن جا
پير پٽ تي نه پوندا ۽ دعوت ۾ شريڪ امير هن جي
چوگرد اچي مڙندا؛ پر مون سان هوءَ نه نچندي، ڇاڪاڻ
ته مون وٽ ڳاڙهو گلاب ڪين آهي جو هن کي ڏيان.“ هو
ڇٻر تي ليٽي پيو، پنهنجو منهن ٻنهي هٿن ۾ جهلي
روئڻ لڳو.
”هي ڇو روئي رهيو آهي؟“ ڪنهن هن وٽان لنگهندي پڇيو.
”ڇو؟“ پوپٽ سج جي ڪرڻن ۾ ڦيرا ڏيندي چيو.
”ڇو؟“ لاله جي گل پنهنجي پاڙيسري نرگس جي گل کان پڇيو.
”هو ڳاڙهي گلاب لاءِ ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي“، بلبل چيو.
”ڳاڙهي گلاب لاءِ؟“ سڀني کان رڙ نڪري وئي.
”ڪهڙي کل جهڙي ڳالهه!“
پر بلبل شاگرد جي سور کي سمجهي سگهي ٿي. هوءَ ماٺ ڪري بڙ تي
ويٺي رهي ۽ عشق جي اسرارن تي سوچڻ لڳي.
اوچتو هن پنهنجا پر پکڙيا ۽ آسمان ۾ اڏامڻ لڳي. هو وڻن جي مٿان
پاڇي مثل اڏامندي رهي. باغ جي وچ ۾ گلاب جو ٻوٽو
بيٺو هو، جڏهن هن ان کي ڏٺو ته هوءَ ان وٽ هلي
آئي.
”مون کي ڳاڙهو گلاب ڏي.“ هن چيو، ”مان توکي پنهنجو مٺي ۾ مٺو
گيت ٻڌائينديس.“
پر ٻوٽي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو، ”منهنجا گل سفيد آهن.“ ان وراڻيو.
”اهڙا سفيد جهڙي سمنڊ جي گج، اهڙا سفيد جهڙي جبلن
جي چوٽين تي پوندڙ برف.“
”پر تون منهنجي ڀاءُ ڏانهن وڃ جيڪر رابيل جي ويجهو بيٺو آهي،
شايد هو توکي اهو گل ڏئي جيڪو توکي کپي.“
بلبل گلاب جي ان ٻوٽي وٽ اڏامي آئي، جيڪو رابيل جي ويجهو بيٺو
هو.
”مون کي ڳاڙهو گلاب ڏي ۽ مان توکي پنهنجي مٺي ۾ مٺو گيت
ٻڌائينديس.“ بلبل چيو.
گلاب جي ٻوٽي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو.
”منهنجا گل پيلا آهن،“ هن جواب ڏنو، ”اهڙا پيلا جهڙا سامونڊي
پري جا وار، جيڪا عاج جي تخت تي ويهندي آهي؛ ۽
سورج مکي کان وڌيڪ پيلا، جيڪا سڄو ڏينهن سج ڏانهن
ڏسندي رهندي آهي.“
پر منهنجي ڀاءُ ڏانهن وڃ جيڪو شاگرد جي دريءَ جي ويجهو بيٺو
آهي. شايد تون اتان من جي مراد ماڻين.“
پوءِ بلبل اڏامي گلاب جي ٻوٽي وٽ آئي جيڪو شاگرد جي دريءَ جي
ويجهو بيٺو هو.
”مون کي ڳاڙهو گلاب ڏي،“ بلبل چيو، ”مان توکي پنهنجو مٺي کان
مٺو گيت ٻڌائينديس.“ پر ٻوٽي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو.
”منهنجا گل ڳاڙها آهن،“ هن وراڻيو ”اهڙا ڳاڙها جهڙا يمن جي
کاڻين مان نڪرندڙ ياقوت ۽ مرجان کان وڌيڪ ڳاڙها
آهن جيڪا سمنڊ جي تري ۾ لهرن ۾ لڏندي رهندي آهي.
پر سرديءَ منهنجي رڳن کي ٺاري، پاري منهنجي مکڙين
کي ساڙي ۽ طوفانن منهنجي ٽارين کي ٽوڙي ڇڏيو آهي،
هن سال منهنجي شاخن تي گل نه ٽڙندا.“
”مون کي ته صرف هڪ ڳاڙهو گلاب کپي“ بلبل اداس لهجي ۾ چيو، ”صرف
هڪ ڳاڙهو گلاب! ڇا ڪو اهڙو طريقو نه آهي جو مان هڪ
ڳاڙهو گلاب حاصل ڪري سگهان؟“
”هڪ طريقو آهي،“ ٻوٽي جواب ڏنو، ”پر اهو اهڙو ته ڀوائتو آهي جو
منهنجي همت نٿي ٿئي ته توکي ٻڌايان.“
”مون کي ٻڌاءِ“، بلبل منت ڪندي چيو، ”مون کي خوف نه ٿيندو.“
”جيڪڏهن توکي ڳاڙهو گلاب کپي،“ ٻوٽي چيو، ”ته توکي اهو رات جي
چنڊ جي چانڊاڻ ۾ پنهنجي گيتن سان پيدا ڪرڻو ۽
پنهنجي دل جي خون سان ان ۾ رنگ ڀرڻو پوندو. تون
پنهنجي ڇاتي کي منهنجي ڪنڊي تي رکي مون کي گيت
ٻڌائيندي رهندينءَ، سڄي رات تنهنجا گيت جاري
رهندا، ڪنڊو، تنهنجي دل ۾ نشتر جان کتو رهندو،
تنهنجو حياتي ڏيندڙ رت منهنجي رڳن ۾ دورو ڪندو
رهندو ۽ منهنجو ٿي ويندي.“
”هڪ ڳاڙهي گل لاءِ ساهه جو سودو ڏاڍو ڳرو آهي.“ بلبل رڙ ڪئي، ”۽
ساهه سڀ کي پيارو آهي. گهاٽي جهنگ جي وڏن وڻن ۾
ويهي سج کي سوني رٿ ۽ چنڊ کي ڪرڻن جي ڏوليءَ ۾
ويندو ڏسڻ ڪيڏو نه من موهيندڙ آهي. ماٿري جي سبز
مخملي زمين تي ٽڙيل رنگ به رنگي گلن مان ايندڙ
هٻڪار ڪيڏي نه روح کي راحت ڏيندڙ آهي، صبح ويل گلن
جي نرم ۽ نازڪ چپن تي مرڪندڙ ماڪ ڪيڏي نه دل فريب
آهي، ان هوندي به عشق حياتي کان افضل آهي ۽ هڪ
پکيءَ جي دل هڪ انسان جي دل جي ڀيٽ ۾ ڪهڙي حيثيت
ٿي رکي؟“
پوءِ هن اڏامڻ لاءِ پنهنجا پر پکيڙيا ۽ آڪاس ڏانهن اُڏامڻ لڳي.
باغ جي مٿان پاڇي وانگر اڏامندي وئي.
نوجوان شاگرد اڃا تائين اتي ڇٻر تي ليٽيو پيو هو، جتي هوءَ هن
کي ڇڏي وئي هئي، ۽ هن جي سهڻين اکين ۾ ڳوڙها جهرڪي
رهيا هئا.“
”من کي مونجهو نه ڪر.“ بلبل چيو، ”سرهو ٿيءُ، توکي تنهنجو ڳاڙهو
گلاب ملندو. مان سڄي رات گيت ڳائي ان کي تنهنجي
لاءِ پيدا ڪنديس ۽ پنهنجي دل جي خون سان ان کي
ڳاڙهو بنائينديس. مان ان جي موٽ ۾ صرف اهو
چاهينديس ته تون پاڻ کي هڪ سچو عاشق ثابت ڪندين،
ڇاڪاڻ ته فلاسافي جيتوڻيڪ نسوري سمجهه آهي پر عشق
ان کان وڌيڪ عاقل آهي، ۽ قوت جيتوڻيڪ سموري سگهه
آهي پر عشق ان کان وڌيڪ طاقت ور آهي. ان جا پر
اُلن جهڙا ۽ ان جو جسم باه مثل آهي. ان جا چپ ماکي
کان مٺا ۽ ان جو هر دم مشڪ ۽ عنبر کان وڌيڪ سرهو
آهي.“
ڇوڪري ڪنڌ کڻي بلبل ڏانهن نهاريو ۽ جيڪي بلبل چئي رهي هئي سو
ٻڌو، هو اهو سمجهي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته هو اهي ئي
ڳالهيون سمجهي ٿي سگهيو جيڪي ڪتابن ۾ لکيل هيون.
پر بڙ جو پوڙهو وڻ هڪ هڪ لفظ سمجهي ٿي سگهيو ۽ هن جو هنيون بلبل
لاءِ اداس هو، جنهن پنهنجو آکيرو ان جي ٽارين ۾
بنايو هو.
”مون کي هڪڙو آخري گيت ٻڌاءِ.“ بڙ بلبل کي ڏک ڀري آواز ۾ چيو،
”ڇاڪاڻ ته جڏهن تون هلي ويندينءَ تڏهن مان ڏاڍو
اڪيلو ٿي پوندس.“ پوءِ بلبل بڙ کي هڪ گيت ٻڌايو،
هن جو آواز چشمن جي چاندي جهڙي پاڻيءَ ۾ پيدا
ٿيندڙ لهرين جي سرن جهڙو هو.
جڏهن بلبل پنهنجو گيت پورو ڪيو، شاگرد ڇٻر تان اٿيو ۽ پنهنجي
کيسي مان پينسل ۽ نوٽبڪ ڪڍيائين.
”هن کي سونهن نه آهي.“ هو ”ڀڻڪيو، ان کان ته انڪار نٿو ڪري
سگهجي، پر هن ۾ سچائي ڪانهي، اها حقيقت آهي ته
هوءَ انهن فنڪارن مثل آهي جن جو ٻاهر من موهيندڙ ۽
اندر وفا کان خالي هوندو آهي. هوءَ ٻئي ڪنهن لاءِ
پاڻ قربان ڪري نٿي سگهي. هن کي صرف موسيقي سان چاه
آهي، هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته سمورا فن خود غرض آهن،
پر اهو مڃڻو پوندو ته ان هوندي به هن جي آواز ۾
ڪجهه ميٺاج ڀري موسيقي آهي. ڪهڙي نه ڏک جهڙي ڳالهه
آهي جو انهن ۾ ڪابه صداقت ۽ ڪنهن جي لاءِ ڪو لاڀ
ڪونهي.“ هو پنهنجي ڪمري ۾ هليٿو ويو ۽ پنهنجي نرم
بستري تي ليٽي پنهنجي محبوب بابت سوچڻ لڳو، ٿوري
وقت کان پوءِ هن کي ننڊ اچي وئي.
جڏهن آسمان ۾ چنڊ کڙيو، بلبل اُڏامي گلاب جي ٻوٽي وٽ آئي ۽
پنهنجي سيني ۾ ڪنڊي کي چڀايائين. هوءَ سڄي رات
ڳائيندي رهي، چنڊ ۽ ستارا هن ڏانهن منهن ڪري هن جا
گيت ٻڌندا رهيا. سڄي رات هوءَ ڳائيندي رهي، ڪنڊو
هوريان هوريان هن جي سيني ۾ گڙهندو ويو ۽ هن جي
حياتي وارو رت ٻوٽي ۾ داخل ٿيندو رهيو.
هن پهريان نوجوان ڇوڪر ۽ نوجوان ڇوڪريءَ جي دل ۾ محبت جي جنم جا
گيت ڳاتا. گلاب جي ٻوٽي جي چوٽيءَ تي هڪ سهڻو گلاب
ٽڙڻ لڳو، جيئن هوءَ گيت پٺيان گيت ڳائيندي وئي
تيئن، گلاب جو چهرو زرد هئو، اهڙو جهڙو نديءَ جي
مٿان ڌنڌ ۽ جهڙا صبح جا نوان ڪرڻا.
ان وقت ٻوٽي رڙ ڪري بلبل کي چيو، ”دل کي وڌيڪ ويجهو ڪر نه ته ان
کان اول جو گل خوبصورت رنگ ۽ روپ اختيار ڪري، سج
اڀري پوندو.“
بلبل پنهنجي ڇاتيءَ کي اڃا به زور سان ڪنڊي ڏانهن ڇڪيو ۽ هن جي
گيتن جو آواز جيئن پوءِ تيئن بلند ٿيندو ويو،
ڇاڪاڻ ته هوءَ عشق جي بلنديءَ بابت ڳائي رهي هئي.
گلاب جي پنکڙين ۾ هلڪي ۽ نزاڪت ڀري سرخي پيدا ٿي
وئي، اهڙي سرخي جهڙي گهوٽ جي ڳلي تي وهانوَ جي
پهرين رات ونيءَ جي چپن کي چمندي پيدا ٿيندي آهي،
پر ڪنڊو اڃا هن جي دل تائين ڪين پهتو هو، ان ڪري
گلاب جي دل وارو حصو اڃا سفيد هو، ڇاڪاڻ ته بلبل
جو درد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. هن جي گيتن ۾
جيئن پوءِ تيئن بي خودي ۽ مستي وڌندي وئي، هاڻي
هوءَ انهي عشق جو ذڪر ڪري رهي هئي جنهن کي موت
معراج بخشي ٿو ۽ انهن عاشقن جو بيان ڪري رهي هئي
جيڪي مقبرن ۾ دفن ڪين آهين.
هاڻي سهڻو گلاب سرخ ٿي ويو، اهڙو سرخ جهڙو شام ويل شفق، گلاب جو
دامن سندور جهڙو سرخ ۽ دل ياقوت وانگر لال هئي.
بلبل جو آواز هيڻو ٿيندو ويو، هن جون کنڀڙاٽيون ڦڙڪڻ لڳيون،
اونده ڇانئجي وئي. هن جو آواز جيئن پوءِ تيئن هيڻو
پوندو ويو ۽ هن محسوس ڪيو ته ڪا شيءَ هن جي نڙيءَ
۾ ڇپي رهي هئي.
پوءِ هن هڪ آخري گيت ڳايو. زرد چنڊ ٻڌو، ان کان پرهه وسري وئي ۽
آسمان ۾ هلندو رهيو، ڳاڙهي گلاب ٻڌو هن جو جسم وجد
۾ جهومڻ لڳو ۽ هن پنهنجون پنکڙيون صبح جي ٿڌڙي هير
۾ کولي ڇڏيون. بلبل جي گيت جو پڙلاءُ هوريان
هوريان پهاڙن کي پار ڪري ويو ۽ ننڊ ۾ ستل ٻڪرارن
کي سجاڳ ڪري ڇڏيو. پڙلاءُ تلائن ۾ بيٺل ڪنول جي
گلن جي پاسي کان ترندو ۽ ندي ڪنارن تي سَرن ان جي
سُر کي ٻڌو ۽ اهو پيغام نديءَ جي وهندڙ پاڻيءَ کي
پهچايو.
”ڏس! ڏس!“ وڻ رڙ ڪئي، ”گلاب مڪمل ٿي ويو.“ بلبل ڪجهه نه
ڪڇيو، ڇاڪاڻ ته هوءَ گلاب جي ٻوٽي جي پيرن ۾ مئي
پئي هئي. هڪ وڏو خار هن جي دل ۾ کتل هو.
شام وقت شاگرد پنهنجي دري کولي ۽ ٻاهر نهاريو. ”ڪهڙي نه خوش
نصيبي آهي!“ هن کان دانهن نڪري وئي، ”گلاب جو گل
بيٺو آهي! مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو گلاب ڪين ڏٺو
آهي. اهو اهڙو ته سهڻو گلاب آهي جو لاطيني ڪتابن ۾
ضرور ان جو ڪو نالو هوندو.“ هن ٿورو جهڪريو ۽ ان
کي پٽي ورتائين.
پوءِ هن پنهنجي مٿي تي ٽوپي رکي ۽ هٿ ۾ گلاب جهلي پروفيسر جي
گهر ڏانهن ڊوڙيو.
پروفيسر جي ڌيءَ در جي ويجهو ويٺي هئي ۽ آسماني پٽ کي چرخي تي
ڦيرائي رهي هئي ۽ هن جو ننڍڙو ڪتو هن جي قدمن
ويجهو ڪنڌ جهڪايو اهليو پيو هو.
”تو چيو هو ته جيڪڏهن مون توکي ڳاڙهو گلاب جو گل آڻي ڏنو ته مون
سان رقص ڪندينءَ. اِجهو، مون تنهنجي لاءِ اهڙو
ڳاڙهو گلاب آندو آهي، جنهن جهڙو ٻيو دنيا ۾ اڻ لڀ
آهي. اڄ رات هن کي پنهنجي دل جي ويجهو لڳائجانءِ ۽
جڏهن اسان رقص ڪنداسين تڏهن توکي اهو گل ٻڌائيندو
ته منهنجو توسان ڪيترو پيار آهي.“
ڇوڪريءَ منهن گهنجائي هن ڏانهن ڏٺو، مان سمجهان ٿي ته اهو
منهنجي لباس سان ڪين ٺهڪندو.“ هن جواب ڏنو، ”ان
کان سواءِ نواب جي ڀائٽي مون ڏانهن ڪجهه سچا هيرا
موڪليا آهن، هر ڪنهن کي پتو آهي ته گلن کان هيرن
تي وڌيڪ ناڻو خرچ ٿو ٿئي.“
”ها، مان قسم سان چوان ٿو ته تون نهايت بي قدر آهين،“ شاگرد
ڪاوڙ مان چيو؛ ۽ هن گلاب جي گل کي گهٽيءَ ۾ کڻي
ڦٽو ڪيو، جتي اهو گندي پاڻيءَ جي دٻي ۾ وڃي ڪِريو
۽ هڪڙي گاڏيءَ جو ڦيٿو ان جي مٿان وهي ويو.
ڇوڪريءَ وراڻيو، ”مان توکي ٻڌايان ٿي ته تون نهايت بي لحاظ
آهين؛ پر تون آهين ڇا؟ هڪڙو شاگرد، مان ڄاڻان ٿي
ته تنهنجي بوٽن تي نواب جي بوٽن وانگر چانديءَ جا
بَڪل به ڪين آهن.“ هوءَ يڪدم پنهنجي جاءِ تان اٿي
۽ گهر ۾ اندر هلي وئي.
”عشق! ڪهڙي نه بي وقوفي جي ڳالهه آهي.“ جيئن هو اتان هلڻ لڳو
شاگرد چيو، ”اهو منطق جي آءُ برابر به نه آهي،
ڇاڪاڻ ته اهو ڪنهن ڳالهه کي ثابت نٿو ڪري سگهي،
وڏي ڳالهه ته اهو هميشه اهڙيون ڳالهيون ٻڏائي ٿو
جيڪي ٿيڻيون ناهن ۽ اسان کي انهن ڳاليهن جو يقين
ڏياري ٿو، جيڪي ڪوڙيون آهن، حقيقت ۾ ان تي عمل ٿي
نٿو سگهي ۽ هن زماني ۾ باعمل ٿيڻ ئي سڀ ڪجهه آهي.
مون کي فلاسافي ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ زندگيءَ
جي حقيقت کي معلوم ڪرڻ گهرجي.“
هو پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽي آيو ۽ هڪڙو دز سان ڀريل ٿلهو ڪتاب
ڪڍيائين ۽ ان کي پڙهڻ شروع ڪيائين.
بانو قدسيه
مترجم: عبدالقادر جوڻيجو
ڪُـنجـي
هونئن ته گهر ۾ اهڙا ڪُلف هئا، جن جون ڪُنجيون وڃائجي ويون
هُيون ۽ ڪجهه اهڙيون ڪُنجيون هيون، جن جا ڳچ وقت
کان وٺي ڪُلف نٿي مليا، پر چانديءَ وانگر چمڪندڙ
ڇلي ۾، ڪنهن اٽيچي ڪيس جي هڪڙي پوريل مُنهن واري
ڪُنجي به هئي، جيڪا وڏين وڏين ڪُنجين جي وچ ۾ ائين
ئي کِسڪندي، لڏندي وڄندي پئي آئي ۽ سلميٰ کان
سواءِ ٻيو ڪوبه نه ڄاڻندو هو ته ننڍڙي ڪنجي ڇَلي ۾
آئي ته ڪيئن آئي؟
خود سلميٰ کي ڳچ وقت تائين اها کڙڪ نه پئجي سگهي ته منظور جي
اچڻ سان سڄي گهر جو وايومنڊل ڪيئن بدلجي ويو؟
ساڳيو ئي ادو نصير هو، کيس اهڙو ئي سمارٽ، سهڻو،
پيارو لڳندو هو ۽ اهو ئي ادو نصير هو، جو مينهن ۾
ڀِنل بازاري ڪتي وانگر سندس سڄي شخصيت ڪَنَ ويڙهي
هلڻ لڳي هئي. ٻيا ته ڇُٽا، پر سلميٰ کي ته ائين
محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ گهر جون سڀ ڀِتيون تِهائين
ڊگهيون ٿي پيون آهن، ڪمرا پکڙجي ويا آهن ۽ ڇِت جون
ڪنڌيون هيٺ لڙڪي پيون آهن.
منظُر جي اچڻ کان اڳ سلميٰ هن ٻه _ ماڙ واري گهر جي شهزادي هئي.
هوءَ ڪنگروءَ جي دادلي ٻچي وانگر هئي، جنهن کي گهر
جا سڀ ماڻهو وس آهر پنهنجين پنهنجين ڪَڇُن ۾ لڪائي
هلندا هئا. امان ابي جي ته خير هوءَ دادلي هئي ئي،
پر سوٽ جي اک جو تارو ٿيڻ جهڙو تهڙو ڪم نه هو. ادو
نصير ته وري اهڙو ڪوُار ڪڍندڙ هو، جو صاف سٺيءَ
پليٽ ۾ آڱري ڦيري، ڪٿان نه ڪٿان مٽيءَ جو ذرو ڪڍي
وٺندو هو. حيرت جي ڳالهه آهي جو عمر سان گڏ هوءَ
ادي نصير کي ڀانئيتي ٿي ويئي هئي. هاڻ ته نه کيس
ميرن پيرن تي اعتراض رهيو هو ۽ نه ڊگهي کڙيءَ واري
جتي پائڻ تي. ايڏي وڏيءَ کَٽَ کان پوءِ جڏهن منظور
هن گهر ۾ آيو ته سلميٰ کي محسوس ٿيو ته ڄڻ سڄي
ڪائنات پيئي گُهمي ۽ گهمريون کائيندي صابڻ جي
بوڙين وانگر ڦاٽي پوندي!
منظور صاحب هِن گهر ۾ ڇو آيو؟ ان جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. هڪڙو ته
ادي نصير جو سنگتي هو، ٻيو ته وڏن شهرن ۾ هن لاءِ
سولائيءَ سان جڳهه نٿي ملي. ان کانسواءِ منظور
صاحب ماڻس سان پري جي مائٽيءَ ۾ به ٻڌل هو ۽ ڳڻپ
ڪرڻ کانپوءِ سلميٰ اندازو لڳايو ته هو هڪڙي ڍنگ
کان ذري گهٽ سندس نانو هو!
سلميٰ کي انهيءَ مائٽيءَ تي اعتراض ڪونه هو. پر ڏکيائي اها هئي
ته منظور صاحب ننڍيءَ ڄمار ۾ هوبهو نانن واريون
حرڪتون ڪندو هو. سندس اچڻ کان اڳ سلميٰ جو خيال هو
ته هن گهر ۾ کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن کي خود پسند ٿيڻ
جو حق نه آهي. سندس هر راءِ اصول آهي ۽ هر خواهش
حڪم! پر جڏهن منظور صاحب پير ڀريا ته سلميٰ کي خبر
پيئي ته هن ننڍيءَ ڍنڍ ۾ سمنڊ جو ڏيڏر اچي ڪِريو
آهي. هر ڳالهه تي ٽوڪ هاڻي مُرڪ، هر پل مٿي ۾
سَرَ.
ڀلا اهو به ڪڏهن ڪنهن ٻڌو هو ته سلميٰ نيرو سوٽ پاتو هجي، گهر
جا ڀاتي ماشاالله ماشا الله ڪندا وتن. ادو نصير
سهڪي سهڪي ڳالهيون ڪري ۽ منظور صاحب اخبار ۾ ڇپيل
شڪلين تي مڇون ٺاهيندو وتي. انهيءَ ڏينهن ته اڃا
به حشر متو جڏهن نيري سوٽ سان گڏ ڪاريون چوڙيون
پاتيون هُئائين، پر ايڏي ڇمڪي تي به منظور ڏانهنس
ڪونه ڏٺو. جڏهين هوءَ ماني کائڻ کان پوءِ هٿ ڌئڻ
لاءِ گينڊيءَ تي جهڪي بيٺي هئي ته منظور صاحب ڀر ۾
بيٺو هٿن تي صابڻ ملي رهيو هو. سلميٰ پسيل آڱرين
سان چولي جي ٻانهن اڃا به مٿي ڪري ڇڏي هئي، ٻانهن
۾ ڇڻڪاٽ ڪندڙ ڪاريون چوڙيون هڪ ٻئي پويان ڪرائيءَ
تي لهي آيون هُيون. پر نانو سَرَ وجهي صابڻ جي
گجيءَ جو گولو ٺاهڻ ۾ پورو هو جهڙوڪر اهو گولو
ٺاهڻ ايتروئي ضروري هو. ان ڪري ئي ته سلميٰ هٿ ڌئڻ
سان پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي. کيس احساس ٿيو ته
سندس گهر جو ماحول هيڪاري بدلجي ويو آهي.
ماحول جي تبديل ٿيڻ جي ڪري هوءَ ايتري قدر پريشان نه هُئي، هوءَ
ته صرف ان ڳالهه جي گهوري هئي ته ڪنهن نه ڪنهن
نموني هڪ ڀيرو نانو به ادو نصير بنجي وڃي ۽ ان ئي
وانگر رُٺلن کي پرچائيندو رهي. هن هر ممڪن جتن ڪري
ڏٺو پر نانو پنهنجيون رنگين ٽائيون ۽ آمريڪن بشرٽ
پائي لاڳيتو سَرَ چاڙهيو پنهنجي ڌنڌي تي ويندو
رهيو. نيٺ جڏهين سلميٰ جا سڀ نيرا پيلا سوٽ پنهنجي
رنگيني وڃائي ويٺا ۽ ڍنڍ جي مڇي سامونڊي ڏيڏر جي
سامهون آڻ مڃي ويٺي ته هڪ ڏينهن سلميٰ کي ماڻس
ٽئين منزل تي جڳهه جي ڇنڊ ڦوڪ لاءِ موڪليو. ادي
نصير جي ڪمري مان آواز اچي رهيا هئا. نانو ۽ پاڻ
وساڻل نموني ڪنهن جو ذڪر ڪري رهيا هئا. سلميٰ
دروازي جي آڏو بيهي رهي. ادي نصير پئي چيو؛
”تعجب آهي ته هوءَ توکان ايتري قدر مختلف آهي.“
پوءِ ناني ڳالهايو؛ ”ها، سڀ ٿا چون. هن جو رنگ ڀلو آهي ۽ آئون
ته تنهنجي سامهون آهيان. هونئن ٿوري ٿلهيرڙي آهي.“
”ڪاش، مون کي سندس ڪو فوٽو ڏيکاري سگهين؟“ نصير چيو.
”منهنجي اٽيچي ڪيس ۾ آهي. شام جو ڏيکاريندوسانءِ.“
اتي ادي نصير ڊگهو شوڪارو ڀريو ۽ وڏي افسوس مان چيائين؛ ”آئون
ته حيران آهيان ته تون جيئرو ڪيئن آهين؟“
ناني ڳچ دير تائين ڳالهه جو جواب ڪونه ڏنو ۽ پوءِ تقريباً
پنهنجو پاڻ کي چيائين؛ ”جڏهن پاڻي مٿي مٿان مٽيو
وڃي ته پوءِ ماڻهو جيئرو رهڻ تي مجبور ٿي پوندو
آهي.“ سلميٰ کي ان ڳالهه جي قطعي اميد ڪانه هئي.
سڄو ڏينهن هنڌ ئي پئي رُئندي رهي. هيستائين ته
ڪڏهين ڪڏهين آسرو ٿي پوندو هُئس؛ اجهوڪي اجهو ناني
هٿيار ڦِٽا ڪيا، پر صبح واري ڳالهه ٻڌي بلڪل مايوس
ٿي چڪي هئي. هاڻ سندس دل ۾ اٽيچي کولڻ ۽ تصوير ڏسڻ
جي تمنا کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهيو هو ۽ ڪڏهن
اٽيچيءَ جي ڪُنجي نٿي ملي ته ڪڏهين منظور ڪمري ۾
موجود هو.
ان شام جو ڪڪر ڇانيل هئا. نصير ۽ منظور سئنيما ڏسڻ لاءِ وڃي چڪا
هئا. اڄ سلميٰ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته نصير سان
ضرور ملبو ۽ کيس پڪ ڏبي ته پاڻ ساڻس شادي ڪرڻ جو
فيصلو ڪري ڇڏيو اٿس. ايڏو وڏو فيصلو ڪرڻ جي باوجود
سندس سڄو ڌيان ان اٽيچي ڪيس ڏانهن هئو، جنهن ۾
ڳوريءَ ۽ ٿلهيرڙي ڇوڪريءَ جي تصوير پيل هئي. جڏهن
چڱي اوندهه ٿي ويئي ۽ شين جا دُڦڪ لٽجي ويا تڏهن
هوءَ مٿينءَ منزل ۾ آئي. هن منظور جي وهاڻي هيٺان،
ڪتابن جي ميز تي، سينگار جي ميز جي خانن ۾ هر جڳهه
اٽيچي ڪيس جي ڪُنجي ڳولا ڪئي، پر ان اڌوري اوندهه
۾ کيس ڪُنجي ڪانه ملي. هار کائي جڏهين اٽيچي ڪيس
وٽ پهتي تڏهين کيس محسوس ٿيو ته جهڙوڪر سڄو ڏينهن
غوطا پئي کاڌائين ۽ هڪڙي به سپ هٿ ڪانه آيس ۽ هاڻ
ڪا پنهنجي مرضيءَ واري اٿل پاڻيهي ئي پاڻيهي سندس
قدمن ۾ سپن جا ڍير ڇڏي وئي. اٽيچي ڪيس جي ڪلف ۾
بند مکڙيءَ جهڙي ڪنجي لڳل هئي.
سلميٰ اٽيچي کولي _ اندر ڪيتريون ئي ٽڙ پکڙ ٽائيون، رنگين ريشمي
رومال، رسالا، خط ۽ اونڌيون سونڌيون شيون پاڻ ۾
هيٺ مٿي ٿيون پيون هيون. سلميٰ کي انهي اٽيچي ڪيس
جي شين کي سنوارڻ جو ڪيڏو نه ارمان هو. اِن پوري
نه ٿيندڙ تمنا کي ياد ڪري سندس اکيون ڀڄي پيون. هن
اٽيچي هيٺان وڇايل اخبار کي دونهاٽيل نظرن سان ڏٺو
ته کيس هٿن ۾ هڪ تصوير اچي ويئي. شام جي اونداهيءَ
۾ کيس اها ڇوڪري اڃا به وڌيڪ پراسرار ۽ خوبصورت
ڏسڻ ۾ آئي.
اڃا تصوير کي چڱيءَ طرح ڏٺو به نه هئائين ته چاڙهين تان قدمن جو
گوڙ ٻڌڻ ۾ آيس. هن جلديءَ ۾ تصوير اخبار هيٺان
رکي، گڏ وچڙ ٽائيون ۽ رومال اندر ڦُسيا ۽ اٽيچي جو
ڍڪ بند ڪري ڇڏيو. پر اٽيچيءَ جي ڪُنجي سندس ڀنل
تريءَ تي رهجي ويئي. جڏهين منظور ۽ نصير اچي ويا
تڏهن هوءَ سيگهه ۾ اٿي کڙي ٿي ۽ مٺ پوري چيائين:
”توهان امان جون ڪنجيون ته ڪونه ڏٺيون؟“
منظور ڪمري جي بتي کُڙڪي سان ٻاري ۽ پوءِ تعجب مان چيائين، ”جي،
امان جون ڪنجيون؟“
”شام کان وٺي نٿيون ملن، امان پئي چيو ته پاڻ صبح جو هيڏانهن به
آئي هئي.“
”ڏسي وٺوس، متان هتي ڪٿي هجن.“
پر هوءَ ڪنجين ڳولڻ بدران مُٺ ۾ موتي لڪائي هيٺ لهي آئي. سلميٰ
کي ڪڏهين به اهو خيال نه آيو هو ته عين ان ڏينهن
منظور سندن گهر ڇڏي هليو ويندو. جڏهين هوءَ ڪمري ۾
وڃي ويٺي ته منظور بنا ڪڙو کڙڪائڻ جي اندر هليو
آيو، صفا وائڙو پئي لڳو ۽ ادي نصير وانگر سهڪيو
پئي.
”لک لک مبارڪون هجن سلميٰ“ هن چيو، ”افسوس جو رات جي گڏجاڻيءَ ۾
ڪونه هوندس نه ته....“
”توهان وڃو پيا؟“ سلميٰ حيرانيءَ مان پڇيو.
”جي!“
”ڇو؟“
”ان ڪري جو ڀئي آءُ ته ٿيس تنهنجو نانو ۽ نانا اهڙين گڏجاڻين ۾
لڙڪن هارا ٿي ويندا آهن_ ۽ ها سلميٰ، تو منهنجي
اٽيچيءَ جي ڪنجي ته ڪانه ڏٺي؟“
سندس دل گهريو ته وهاڻي هيٺان ڪُنجي ڪڍي سندس سامهون اڇلائي، پر
هن ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيو، ”نه! من ته ڪانه ڏٺي.
وڃائجي ويئي ڇا؟“
منظور جي نرڙ جا سڀ سَرَ ڄڻ لُڙڪ بنجي اکين ۾ پکڙجي ويا ۽ آهستي
چيائين، ”اوهان ڪُنجيءِ جو ٿيون پڇو، هت خبر نه
آهي ته ڇا ڇا وڃائجي ويو آهي!“
سمجهه ڀري سامونڊي ڏيڏر کي ائين ڳالهيون ڪندو ڏسي سلميٰ جو
هينئون ڌڪ هڻڻ لڳو.
”۽ ها نصير خبر نه آهي ته ڪڏهين ايندو. کيس منهنجا سلام ۽
مبارڪون ڏجو. هيءَ تصوير آهي، هن جي پويان مون سڀ
تفصيل لکي ڇڏيا آهن، نصير کي تاڪيد ڪجو ته ضرور هن
جي خبر ڪڍي.“
سلميٰ وڌي تصوير هٿ ۾ کنئي ۽ سندس چهرو سوال بڻجي ويو. منظور
ڊگهو ساهه کينو ۽ آهستي چيائين:
”هڪڙو اِهو ڏک گهٽ هو جو پنهنجيءَ ڀيڻ کي فسادن ۾ ڪٿي وڃائي
آيس، هاڻ نيرا سوٽ ۽ ڪاريون چوڙيون به ڇڏڻيون
پيون.“
سلميٰ جي چپن جا ڪنارا ٿڙڪڻ لڳا ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيائين؛
”هيءَ توهان جي ڀيڻ جي تصوير آهي؟“
منظور ڪلها لوڏيا ۽ ڀُڻڪي ۾ مڃيائين ”جي!“ پوءِ جهڙوڪر پنهنجو
پاڻ کي چوڻ لڳو؛ پاڻي مٿي مٿان مَٽي وڃي ته انسان
زندهه رهڻ تي مجبور هوندو آهي.“
اهڙا ڪئين واقعا هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ مان مَٽيا آهن. انهن
ننڍين ننڍين اٿل ڀرين وارداتن جا گهاءَ پاڻيهي
ڇٽيو وڃن، پر اهو ڪير ٿو ڄاڻي ته چانديءَ جي
چمڪندڙ ڇلي ۾ بند ٿيل وات واري ڪُنجي به آهي، جنهن
کي آڱريءَ جي چوڌاري گهمائيندي سلميٰ ڊگهي پنڌ ۾
پئي ويندي آهي ۽ سندس ننڍڙو ٻارڙو ڄاڙيءَ هيٺان هٿ
ڏيئي پڇندو اٿس، ”ڇا ڳالهه آهي امان؟“
۽ هوءَ ڪُنجيءَ کي مُٺ ۾ ڀيڙي چوندي آهي، ”ڪجهه به نه آهي، ڪجهه
به نه آهي، منهنجا ٻچا.“ |