ڀائيبندن ۾ ايتريون گهڻيون ذاتيون ۽ آڪهيون آهن،
جو انهن جو حساب ڪرڻ ڏکيو آهي. هر شخص پنهنجي وڏي
ڏاڏي جي نالي سان پاڻ کي سڏائيندو آهي. تاراچند جو
اولاد خود کي تاراچنداڻي ۽ ٽوپڻ مل جو اولاد خود
کي ٽوپڻملاڻي سڏائيندو آهي. هنن ۾ به چند حيدرآباد
جا ڀائيبند پاڻ کي اُتم سمجهندا آهن، ٻين کي هن
قسم جي نالن سان سڏيندا آهن: مثلا گهچيرائي
ڀائيبند يا ميرپوري ڀائيبند وغيره.
ڀائيبندن کان پوءِ حيدرآباد جي هندن ۾ ”وانهن“ جو نالو آهي.
وانهان به دڪانداري ڪندا هئا، ليڪن هو غريباڻا
ڌنڌا ڪندا هئا. جهڙوڪ ڏوڌيءَ جو يا ڀڳڙن وڪڻڻ جو
ڌنڌو ڪن. هي البته گهٽ مهذب ۽ سنسائي قوم آهي. هنن
جو عقيدو ماڻهن ۾ جنن وغيره جي واسي ۾ ڏاڍو مضبوط
هوندو آهي. عام هندو چرچي ۾ وانهن کي ”جتن جو
اولاد“ ڪري سڏيندا آهن
سنڌي هندن ۾ ٻيون به قومون آهن، جهڙوڪ: سونارا، هنن جي باري ۾
خود هندو چوندا آهن ته ”شودر“ آهن، ”وئش“ نه آهن.
هندن ۾ سڀ کان اُتم، سندن عقيدي موجب برهمڻ يا ٻانڀڻ آهن. هنن
کي هندو ڏاڍي عزت ڏيندا آهن. واضح هجي ته حيدرآباد
جي برهمڻن ۾ به ٻه مکيه ٽولا آهن: هڪڙا نج سنڌي ۽
ٻيا اهي، جي هندستان کان آيا هئا. نج سنڌي برهمڻن
کي ”سارسوت“، ۽ غير سنڌي برهمڻن کي ”پشرڪرڻا“ ڪري
سڏيندا آهن. پشر ڪرڻا يا پوڪرڻا، اڪثر ڪري ماروڙا
۽ راجسٿان جي ٻين خطن مان آيا هئا. سنڌ ۾ رهڻ ڪري
۽ سنڌين سان لهه وچڙ ڪري، اهي به خود کي سنڌي
سڏائيندا هئا؛ ليڪن اها ڳالهه سندن کاڌي وغيره مان
ظاهر ٿيندي هئي. مثلاً سارسوت برهمڻ ماس مڇي به
کائيندا هئا، پر پشڪرڻا فقط دال ڀاڄيءَ تي گذران
ڪندا هئا. سارسوت برهمڻن ۾ ٿوريون نکون يا پاڙا
آهن . ”سيت پال“ سڀني نکن ۾ برک آهي. پُشڪرڻن ۾
انيڪ نکون آهن. مثال طور: اوجها، پڻيا، ٻوڏا،
جوشي، ڪيوليا ۽ ماپارا.
مٿي ذڪر ڪيل سنڌي هندن جون قومون پاڻ کي اوچ يا مٿاهون تصور
ڪنديون آهن. پهرين برهمڻ ۽ پوءِ عامل، جن جو ڪم
ڌرم ۽ تعليم سان آهي ۽ بعد ۾ ڀائيبند آهن. ان کان
پوءِ وانهان ۽ سونارا. سواءِ پُشڪرڻن جي، ٻيا سڀ
نج سنڌي آهن.
اُهي هندو، جي سنڌ ۾ هندستان کان آيا هئا، اهي به هن شهر ۾ ڪافي
تعداد ۾ هئا، انهن ۾ ڪولهي، ڀيل، سوچي، مينگهواڙ
سوايا آهن. انهن جون ٻوليون به پنهنجيون آهن، تاهم
سنڌي به ڳالهائيندا آهن. حيدرآباد ۾ هڪ غريب هندو
قوم رهندي آهي، جي ٻڙها يا گوگلا سڏجن ٿا. هي به
اصل ۾ غير سنڌي آهن. مسڪين ماڻهو آهن.
جيسين پوشاڪ يا خوراڪ جو تعلق آهي، ته مان چوندس ته حيدرآباد جا
عامل ڪپڙي لٽي ۽ خوراڪ ۾ بلڪل انگريز آهن. گوشت
وغيره خوب کائين. ٻين هندن جي برعڪس، ڌوتي کي نفرت
سان ڏسن. سچ ته عامل ماڻهوءَ کي ڌوتي ٻڌڻ به نه
ايندي آهي. وڏيءَ عمر وارا عامل سلوار،. مٿي تي
مِيراڻي ٽوپي وغيره ڍڪيندا هئا.
ڀائيبند گهڻو ڪري ڌوتي، ڊگهو ڪوٽ، مٿي تي پڳ رکن. سندن کاڌو
سواءِ وڏي گوشت جي ساڳيو مسلمانڪو هوندو آهي. انهن
جي برعڪس برهمڻ ۽ ٻيون ڪي هندون قومون، مثلاً
ڀاٽيا، گوشت وغيره کي هٿ به ڪين لائيندا آهن،
ويشنو ماڻهو هوندا آهن. برهمڻ مٿي تي ڳاڙهي رنگ جي
پڳ ۽ پيشانيءَ تي سنڌور جو تلڪ هڻي، پوءِ ٻاهر
نڪرندا آهن. نوجوان يا پڙهيل برهمڻ انگريزي ڪپڙا
به ڍڪين.
مذهب جي لحاظ کان مٿيان سڀ فرقا هندو آهن، ليڪن حيدرآباد جا
عامل نه ته هندن جي مندرن ۾ وڃن، نه وري ڪي سنسا
رکن. عامل عموماً صوفي هوندا آهن. هو الله تعاليٰ
جي هيڪڙائي ۾ يقين رکندا آهن. البت سِک ڌرم جو مٿن
گهڻو اثر پيل آهي. عاملن جا نالا به مسلمانن جي
نالن جهڙا يا انهن جي نالن جي ويجهو هوندا آهن.
مثلاً ولي رام، عالم چند، حشمت راءِ وغيره. بعضي
ڀائيبندن جا به اهڙا نالا هوند آهن، مگر هنن جي
نالن پويان هميشه ”مل“ يا ”داس“ لکيون ويندو آهي.
مثال طور: رامو مل، ڌرم داس وغيره. هي ماڻهو مندرن
۽ ٽڪاڻن ۾ مٿو ٽيڪين. منجهن ٻيون رسمون به آهن،
مثلاً اکو پائڻ وغيره. منهنجيءَ راءِ ۾ سواءِ
رامائڻ يا مهاڀارت جي علم جي، پنهنجي ڌرم جي ٻي
معلومات عام هندن ۾ خير ڪا هوندي آهي.
جيسين برهمڻن جو تعلق آهي، ته انهن جو ته ڌنڌو ئي آهي ڌرم جي
معلومات حاصل ڪري ٻين تائين پهچائڻ، سي ڌرم مان
بخوبي واقف هوندا آهن. هنن کي هندو ڌرم جا ٿنڀا
ڪوٺي سگهجي ٿو. برهمڻ لوڪ عام طرح سان هندن جي
ٽڪاڻن ۾ نه ويندا آهن، انهن جا مندر آهن جي الڳ
ٿين ٿا، البت هاڻي آهستي آهستي ٽڪاڻن ۾ به مندرن
وارا بت اچي ويا آهن، جنهن ڪري هندن جي پوڄا جي
جاين ۾ هرقسم جا بت ڏسبا آهن.
عام طرح سان هندن جي مندرن ۾ هيٺيان بت هوندا آهن:
رام جندر جو بت يا مورتي، ان سان گڏ سيتا ماتا ۽ لڇمڻ جي مورتي.
ڪرشن مهراج جي مورتي، اڪيلو ۽ هٿ ۾ بنسري يا گوپين سان گڏ.
رامچندر جي مورتيءَ سان گڏ بعضي هنومان جي مورتي به هوندي آهي.
بعضي هنومان اڪيلو هوندو آهي. ان کان سواءِ مهاديو
يعني شِوَ مهاراج جي مورتي ۽ شوَ جو لنگ هوندو
آهي. بعضي گڻيش ماهراج جي مورتي به رکيل هوندي
آهي.
هندن جا ڪي مندر الڳ به هوندا آهن. مثلاً ڪالي ديويءَ جو مندر،
ان ۾ فقط ڪاليءَ جو مجسمو بيٺل هوندو آهي. شوالي،
يعني شو جي مندر جي اڳيان در وٽ، عموماً گانءِ جو
بت ويٺل رکيو ويندو آهي. هاڻي ته شوالن ۾ شوَ جي
مورتيءَ کان سواءِ ٻيا بت به رکيا ٿا وڃن.
هندن جي عبادت جو طريقو اهو آهي جو هر بت يا مورتيءَ جي اڳيان
بيهي مٿو ٽيڪيندا آهن. بعضي اتي بيهي ڀڄن به
ڳائيندا آهن. يا ته فقط ”جئي، جئي“ چوندا آهن. هڪ
مورتيءَ جي ان طرح پوڄا ڪري، پوءِ ٻئي بت يا
مورتيءَ جي اڳيان نمن. هندو پنهنجن بتن کي ڀڳوان
چون، يا ٺڪر ڪري سڏيندا آهن. انهن جي اڳيان روئين،
اکيون اگهن ۽ پنهنجيون مرادون پيش ڪن.
سک پنٿ جي اثر هيٺ هندن پاٺ پوڄا لاءِ مندرن کان علاوه درٻاريون
به قائم ڪيون هيون. درٻار ۾ فقط گرنٿ صاحب جو
اُچاوڻ ٿيندو آهي. گرنٿ صاحب تي ٽيڪا ٿيندي آهي.
اهڙين درٻارن ۾، حيدرآباد جي مشهور درٻار گروننگر
آهي. نالي مان ئي ظاهر آهي ته اتي گرونانڪ بابا
صاحب جي تعليم جو ئي پرچار ٿيندو هوندو. ان ۾ ڪو
شڪ ناهي ته ائين به ٿيندو آهي، پر بعضي هن ساڳئي
درٻار ۾ يو پي ۽ ٻين هندستان جي علائقن جا پنڊت
رامائڻ به پڙهندا هئا، ڪُجا درٻار، ڪُجا رامائڻ؟
مندرن، ٽڪاڻن، شوالن وغيره ۾ جيترو تعداد هندو مردن جو ويندو
آهي، اوترو بلڪ وڌيڪ تعداد هندو ماين جو به ويندو
آهي. هندو مايون ڏاڍيون ڌر ماتما هونديون آهن. ڪي
هندو ماڻهو پنهنجيءَ پوڄا پاٺ ۾ ڏاڍا پابند هوندا
آهن. پير نوجوان طبقو ۽ انگريزي تعليم يافته جوان
مندرن ۾ گهٽ ويندا آهن. جيئن مسلمانن جا نوجوان
مسجدن ۾ وڃڻ کان نٽائيندا آهن، تيئن انهن جو نوعمر
طبقو به عموماً مندرن ۽ درٻارن ۾ وڃڻ کان نٽائيندو
آهي.
حيدرآباد جي هندن ۾ مختلف پنٿ ۽ ڪي تحريڪون.
سواءِ برهمڻن جي باقي عام هندن عاملن، ڀائيبندن وغيره ۾ ”سک
پنٿ“ جو اثر ڪافي معلوم ٿيندو آهي. ڪيترا هندو قسم
کڻڻ مهل ڀڳوان جو قسم نه، پر گروءَ جو سنهن، ڪري
چوندا هئا. سڄي سنڌ جي هندن تي عام طرح ۽ حيدرآباد
جي هندن تي خاص طرح گرو صاحب جي سکيا جو اثر هوندو
هو. ڪيترائي هندو سک ٿيا هئا. ٻيا جي سک نه ٿيا
هئا، ته به سندن نالن وغيره مان پتو پوندو هو، ته
مٿن ان پنٿ جو اثر هو. اسان جي اسڪول جي پرنسپال
مسٽر رام سنگهه هڪ آڏواڻي عامل هو، پر سندس نالو
خواه عقيدو مکن وارو هو. منسُکاڻين جي سڄي آڪهه سک
پنٿ جي پيرو هئي. شهاڻي عاملن جا به نالا اهڙا هئا
جهڙا سکن جا هوندا آهن. مثلاً صاحب سنگهه، چندا
سنگهه.
هندو ڀائيبندن ۾ هڪ فرقو اهڙو به هو، جي پاڻ کي گرونانڪ جي
درٻار جا ٻاوا سڏائيندا هئا. هي ماڻهو درٻار جي
خدمت ۾ رڌل رهندا هئا. حيدرآباد جي مشهور ٻائو،
پهلاج به هڪ درٻار هلائيندو هو، اها درٻار ڦليلي
روڊ تي هئي. ان کي سڏائيندا ئي هئا پهلاج پوري.
پهلاج ٻائي جي ساک گهڻن هندن ۾ تعصب پيدا ڪيو هو.
حيدرآباد جي هندن ۾ هڪ ڳالهه بلڪل نمايان هئي ته ڪوبه سنڌي
هندو، ڪنهن به مندر، شوالي وغيره جو سرڪردو يا
پوڄاري نه هوندو هو. هائو، نذرانو ڏيڻ لاءِ يا مٿو
ٽيڪڻ لاءِ هو ضرور ويندا هئا، مگر انهن مندرن
وغيره جي هلائڻ وارا هو نه هوندا هئا. اهو ڪم يو
پي، سي پي يا هندوستان جي ڪنهن ٻائي جو هوندو هو.
ان مان اهو مطلب به ٿو نڪري ته ”سنڌ جي هندن کي
اها شيءِ هندستان وارن سيکاري.“ جي ائين آهي ته
پوءِ اصل سنڌي هندو ڇا ڪندا هئا؟ سو معلوم ڪرڻ
گهرجي. مون سنڌ جي ڳوٺن ۾ به وڃي ڏٺو هو، جتي به
ڪو مندر هو، ته ان جا پوڄاري يا هلائڻ وارو غير
سنڌي هندو ئي هو. ڪي مندر ته ماڳهين غير سنڌين جا
هئا، جهڙوڪ ڪالي ديويءَ جو مندر.
مان هن موضوع تي ڪا اٿارٽي نه آهيان، تاهم مون جيئن ڏٺو هو، سو
ائين ته انگريزن جي دؤر ۾، جڏهن سنڌ ۽ هندوستان جي
وچ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ وڌي وئي هئي، تڏهن هندوستان
جي ڪن خطن، مثلا بمبئي ۽ يوپي وغيره جا هندو، جي
ظاهراً هتي روزگار لاءِ ايندا هئا ۽ هندن کي عرض
ڪندا هئا ته کين مندر ٺهرائي ڏين، ته هو اُتي
ڀڳوان جو نالو وٺن. سنڌ جا ماڻهو عموماً يوپيءَ جي
هر فرد کي، ڀلي ته هو ڪير به هجي، مهراج ڪي سڏيندا
هئا. ائين ڇو هو؟ سا خبر ناهي، پر سچ ته ائين
هوندو هو. جنهن سبب انهن هندوستاني ماڻهن، خود کي
سچ پچ مهراج سڏائي، تلڪ لائي، ڪو مندر يا شوالو
ٺهرائي، ان کي هلائڻ جو خيال ڪيو هجي ته به عجب
ناهي. اسان جي اڳيان، شهر جي ڦليليءَ جي علائقي ۾
ائين مندر پيا ٺهندا هئا ۽ غير سنڌين کي انهن ۾
پيا آباد ڪندا هئا. هڪ راجسٿاني ماڻهوءَ ته اصل
ڪمال ڪري ڇڏيو. ڳچيءَ ۾ هڪ گهنڊ وجهي، شهر مان
ڪجهه چوندو ويندو هو. ماڻهو ڳالهيون ڪندا هئا ته
ويچارو برهمڻ، ائين ان لاءِ ٿو ڪري ته ڪو ڌر ماتما
کيس مندر ٺهرائي ڏئي ته هو ان ۾ ويهي ۽ ڌڻيءَ جا
ڳڻ ڳائي.
درحقيقت هندوستان ۾ روزگار جو مسئلو ڏکيو هوندو هو، تڏهن به اتي
ماڻهو ڏاڍو سکيو وقت گذاريندا هئا. ويچارن کي هر
قسم جي حرفت هلائڻي پوندي هئي. سنڌ جا سچار ۽
رحمدل هندو، انهن کي نيڪ سمجهي وڏيون رقمون خرچي،
کين مندر ۽ شوالا ٺهرائي ڏيندا هئا. هاڻي جڏهن
مندر به ٺهيو۽ پوڄاري به مقرر ٿيو، تڏهن ڪونه ڪو
ماڻهو يا مائي مٿو ٽيڪڻ لاءِ اچي نڪرندو. اهڙيءَ
طرح پوڄاريءَ کي روٽي به ملي ۽ رهڻ لاءِ جڳهه به.
انگريزن جي دؤر ۾ رشي گهاٽ وٽ، رستي جي بنهه ڀر ۾، هندوستان جو
هڪ ڀئيو جُڳهي هڻي اچي ويٺو. اسين هر روز شام جو
ڦليليءَ ڏانهن گهمڻ لاءِ ويندا هئاسين ۽ روز ان
جُهڳيءَ وٽان لنگهندا هئاسين. هن شخص ڇا ڪيو جو
پنهنجي جهڳيءَ جي ڀر ۾ هڪ ننڍي ڀِت کنئي ۽ جڏهن
ڀِت سُڪي تيار ٿي، تڏهن مٽيءَ سان اتي هنومان جي
مورت ٺاهيائين ۽ ڪيترا ڏينهن ائين پئي ڪيائين،
جڏهن مورتي مڪمل ٿي، تڏهن ان کي سنڌور جو رنگ
هنيائين. اهو سڀڪجهه اسان جي اڳيان ڪندو رهيو.
آخرڪار ان کي باقاعدي هڪ ننڍو مندر بنائي، پاڻ
پوڄاري ٿي ويٺو ۽ اهي سنڌي هندو، جن کيس روز ائين
ڪندي ڏٺو هو، سي ان مندر ۾ اچي، مٿو ٽيڪي، ڀيٽا
رکي ويندا هئا.
هاڻي سوال آهي ته ڇا، سڀ هندو اهڙا موڙهل هئا، جن کي هي
هندستاني ٻاوا ٺڳيندا هئا؟ نه. انهن ۾ هڪ ٽولو
اهڙو به هو، جو کليو کلايو بُت پرستيءَ کي ننديندا
هئا. اهي حيدرآباد جا عامل هئا. ڀلا اهي ڪهڙي پوڄا
ڪندا هئا؟
ان جي جواب ڏيڻ کان اڳ، مان ٿورو عرض ڪندس: مون
هنن ٻنهي فرقن سان گڏ وقت گذاريو هو. منهنجا سڀ
اُستاد ۽ ماستر صاحب، هندو ئي هوندا هئا. اهي ته
اهڙا هوندا هئا،. جو مان ڇا چوان. ڪيترا انهن مان
”ذڪر قلبي“ به ڪندا هئا. اهي عامل، گهڻو ڪري صوفي
منش هوندا هئا. انهن جا مرشد به نيڪ ۽ الله وارا
ماڻهو هئا، جن جي اثر انهن کي روحاني پرواز عطا
ڪيو. ڪي ته ڪلمي طيبه جو به ذڪر ڪندا هئا، يا جهڙو
ذڪر کين سندن مرشد ڏنو هجي. ڪي هندو صوفي منش ته
وڏي منزل جا مالڪ هئا. اسان جو سائين ماستر هري
رام ائين چونود هو ”منهنجي اڳيان منهنجي مرشد جي
تصوير ان طرح آهي، جو جيڏانهن به نهاريان ٿو ته
مون کي منهنجو مرشد ڏيڻ ۾ ٿو اچي.“ سچ ته هيءَ وڏي
منزل آهي، جنهن کي ”فنا في شيخ“ ڪري چوندا آهن.
حيدرآباد جو مشهور وڪيل دادا تيرٿداس، هوتچند
واڌواڻي جو انگريزن جي زماني ۾ مختيارڪار به هو،
چوندو هو ”ادا، ماڻهن جا مرشد وڏا وڏا رئيس ۽
زميندار آهن، منهنجو مرشد ڏاڙهون فقير آهي.“
ڏاڙهون فقيو جو فوٽو اسان به ڏٺو، هو هڪ صحيح الله
وارو هو. اهي صوفي ماڻهو سڀ پڙهيل ۽ عامل قوم مان
هئا. |