سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1981ع (3)

 

صفحو :6

ڪهاڻيون

 

رزاق مهر

 

فيصلو

 

”دريءَ پٺيان بيهي هن چيو: ”نيٺ ڪهڙو فيصلو ڪيئي؟“

”ڇا جي باري ۾؟“

”منهنجي باري ۾، چئو ڇا ٿو چوين؟“ پڇيائين.

مان هن جي سوال لاءِ قطعي تيار نه هئس، سندس منهن ڏانهن وائڙن وانگر ڏسندو رهجي ويس.

”ٻڌاءِ، مون کي موت جي منهن ۾ ڏسڻ پسند ڪندين، يا پنهنجي قدمن ۾ جاءِ ڏيندين؟“

”مان توکي ٻنهي روپن ۾ ڏسي نٿو سگهان. فهميده! مون توکي پوڄيو آهي.“ چيم: ”تون منهنجي لاءِ مقدس آهين، منهنجي اتاولي روح جي عبادتگاهه آهين. مان تنهنجي پوڄا ڪرڻ ٿو چاهيان.“

هن وراڻيو: ”پر تون منهنجي سوال کي لنوائي، مون کي جنهن عذاب ۾ مبتلا ڪري رهيو آهين، اهو منهنجي سهڻ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي _ مون کي ٻڌاءِ، تون مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهين يا نه؟“

مان پاڻ کي صدين جو ذهني مريض سمجهڻ لڳس. مان محسوس ڪري رهيو هوس ته ڪا شيءِ منهنجي دماغ جي رڳن کي نپوڙي رهي هئي، ٽوڙي رهي هئي؛ ۽ مان چاهڻ جي باوجود به ڪو جواب ڏيڻ کان لاچار ٿي پيو هوس.

ڪيتري دير ٻئي چُپ رهياسين. نيٺ هن ڳالهايو: ”ٻڌاءِ، نيٺ ڇا ٿو چوين؟“

”فهميده، چيم: جڏهن مان مري ويندس ته منهنجو روح تنهنجي قدمن ۾ جهڪيل هوندو. ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ تنهنجي سجدي کان خالي نه ڇڏيندو.“

”اهو منهنجي سوال جو جواب ناهي.“ فهميده چيو: ”تون هاڻي ڇا ٿو چوين. ٻڌاءِ، مون وٽ وقت تمام ٿورو آهي، ۽ مان انهيءَ ٿوري وقت ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ ٿي چاهيان.“

هن جي هٿ کي زور ڏنم. چيم: ”تون منهنجي اندر جو آواز آهين. مون توکي ڪڏهن به پاڻ کان ڌار نه سمجهيو آهي.“

”تون مون سان شادي ڪرڻ نٿو چاهين؟“ هن پنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان کسڪائي ورتو.

”مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، فهميده!“

سندس چهري تي پريشانيءَ جون انيڪ ليڪون اڀري آيون. هن ڪجهه نه ڪڇيو.

مون ڳالهايو: ”فهميده، ڪي ماڻهو ظاهري طرح پنهنجي اندر کان مختلف هوندا آهن. ضروري ناهي ته هر ماڻهوءَ جو ٻاهريون ڏيک ان جي اندر جو آئينو هجي، جڏهن به انهن جو اندر جاچيو ويندو آهي ته اهي چڪناچور هوندا آهن. کنڊرن جيان ويران هوندا آهن. اهڙن ماڻهن مان هڪ مان به آهيان. مان مجبورين جي صليب تي ٽنگيل هر دؤر ۾ خود غرض نظر ايندو آهيان. منهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏس فهميده! منهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڪو فيصلو ڪر.“

هن جي چهرين تي خزان جي پهرين پهر جهڙي اداسي پکڙي ويئي. منهنجي مٿان هڪ ڀرپور نظر وجهي، پٺي ڏيئي بيهي رهي. چيائين: ”مان سمجهنديس ته مون جنهن کي چاهيو هو، اهو فقط خواب هو، سندر سپنو هو، جيڪو اوچتو ٽُٽي پيو.“ هوءَ اڳتي وڌي ويئي.

”فهميده!“ سڏ ڪيومانس، پر هوءَ نه بيٺي.

ڏڪندڙ هٿن سان دري بند ڪري، ٿڪل ٽٽل قدم کڻي ڪوٺيءَ ۾ آيس.منهنجو ننڍڙو پٽ رانديڪن سان کيڏي رهيو هو. اڳتي وڌي سامهون وارو ڪٻٽ کولي، فهميده جو فوٽو ڪڍيم، پوءِ پاڻ کي ڪرسي تي ڇڏي ڏنم. مان پريشانيءَ جي اهڙي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو هوس، جنهن مان جيئن جيئن پاڻ ڪڍڻ جي ڪوش ٿي ڪيم، اڃا به اونهاين ۾ لهندو ٿي ويس. منهنجي ذهن ۾ مانڌاڻ متل هو. ڪيتري دير ڪنڌ جهڪائي فوٽوءَ ڏانهن ڏسندو رهيس. پوءِ جڏهن ڪنڌ مٿي کنيم ته منهنجي مٿان منهنجي زال شڪيلا بيٺي هئي. هن هڪدم فوٽو منهنجي هٿن مان ڦُري ذرا ذرا ڪري ڇڏيو. ڦاٽل فوٽوءَ جي ٽڪرن ڏانهن ڏٺم ۽ وري شڪيلا جي اکين جي بٺيءَ ۾ ڏٺم، جن ۾ نفرت جون ڄڀيون ڀڙڪي رهيون هيون. سندس اکين مان نظرون ڪڍي ڦاٽل فوٽوءَ جي ٽڪرن ڏانهن ڏٺم. پوءِ محسوس ڪيم ته مون غلط فيصلو نه ڪيو هو. اوچتو ذهن ۾ متل سانڌاڻ، طوفان کان پوءِ وسيل مينهن جيان بلڪل صاف لڳو، ۽ مان محسوس ڪري رهيو هوس ته ڪا شيءِ منهنجي سيني کان آهستي آهستي لهي رهي هئي.


 

ملڪ آگاڻي

 

چري چاهت چت جي

 

        فلم جي آخري شو تان موٽندي به هن کي جاڳندو ڏسندو هوس. قدمن جي اوچتي آهٽ تي هن جي خيالي دريائن کي ٻنڊو اچي ويندو هو، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن بغير ٺڪ ٺڪ ڪرڻ جي به دروازو کولي ايندو. مک تي منجهيل مرڪ پکڙيل. جهريل لفظن ۾ پڇندو:

”پارٽنر آئين؟ ڪيئن پڪچر پسند آئي؟“

جواب ڏنو نه ڏني جهڙو، پنهنجن ئي سوالن جي مٿس بارش ”ڇا يار، پنهنجا حال قال ته ڪيا اٿئي. مَرُ مرندن لاءِ، واٽا واهن لاءِ ڇا مرجي. هن کي تنهنجي پڄرجڻ جي سُڌ ئي ڪانه ۽ تون...“

”اڙي بابا، خدا ڏي ڏس، توکي هروڀرو انهن ڳالهين ۾ وڌو ڪنهن آ _ مان پڇان ڇا ٿو.“

”ڏسيان ڇا، بس فلم ڏٺم ٻيو....“

”اڙي بابا، تون آخر چِڙيو ڇا تي آن_ ٻڌائين ڇو نه...؟

 ”ٻڌايان ڇا، ڌوڙ وجهينس _ تو واري ڇوري آ، جا ناز نخرن ۽ فلم ڏسڻ ۾ پوري ۽ تون...“

”اڙي ٻڌاءِ، ٻيو ڪير؟“

”نه بابا نه، هروڀرو مون کي ننڊ ناهي ڦٽائڻي.“

”ميان هاڻ کڻي خدا ڏي ڏس.“

”هيس ٻه _ چار ڇوريون ساڻ. اسان جي پٺيان ويٺيون هيون. دل ۾ آيو ته ڪجهه ٻڌايائين، پر وري سوچي ٽري ويومانس. تون به ڪهڙي نه ڇسي سيٺڻ سان ڦاٿو آهين.“

”ڳهلو به ڪو حد جو آهين. ٺهيو، ماٺڙي ڪري آرام ڪر.“

”پر تون سوچين ڇو نٿو. اجايو خوابي پارس جي ڪڍ ڇو پيو آهين. اهي حال رهيا ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن هڪ ڏينهن سماجي نفرت، ذات پات ۽ اوچ نيچ جي ديوار هيٺان چيڀاٽجي چٿجي نه وڃين.“

”اڄ جي جيٽ دؤر ۾ اهڙين ڳالهين کي ڪهڙي اهميت؟“

”پر هن کي ته تنهنجي سورن جي سڌ ئي ڪانه ۽ تون آهين جو اجايو پيو غمن جي گهراين ۾ تڙڳي تڙڳي زندگيءَ جو انت آڻين.“

”مان پنهنجو پاڻ ملهائي، اوجاڳن جي اُڃ لاهيندس پوءِ...“

ائين ئي هو اوجاڳا ڪاٽي ننڍڙي تلڦڙي ٻارڙي جيان لڇي ڦٿڪي گذاريندو رهيو. عاشيه جي ملڻ جي آنڌ مانڌ، هن جي اندر ۾ ولوڙ پيدا ڪندي رهي. پهرن جا پهر، راتين جون راتيون وياڪل وياڪل، اُٻاڻڪو اٻاڻڪو ٿي گذارڻ لڳو. هن جي منهن تي سدائين ڳڻتي ۽ تڪليف جا آثار. هن جي خيالن ئي خيالن ۾ عاشيه جون ڪيئي سندر سندر مکڙيءَ جهڙيون مورتون، ڪَرَ موڙي اُٿنديون هيون، جن جي مڌر مڌر نيڻن مان امرت جا ڍُڪ پي، اندر جي ڪڙاڻ وڃائيندو هو. آواز ۽ آلاپ به سريلو هوس. ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائپ کان ڪڪ ٿي، تن جي تندن کي ڇيڙي ويهندو هو، تڏهن آواز هاسٽل جي ڪمرن مان پڙاڏا ڪندا پولار ۾ ائين اُڏري ويندا هئا جهڙا ڏوٽيون ڏيندڙ ڪبوتر، ڀڙڪا ڏيندڙ تتر يا پاڻيءَ جي مٿاڇري تي قطاريل هَنجهن ۽ بدڪن جا وَلرَ.

 هو، هڪ سنگتراش جيان خيالن ئي خيالن ۾ عاشيه جي جڙيل مجسمي ۾ ڪيئي رنگ اوتيندو ۽ ڪيئي روپ ڀريندو هو، جيڪي کن پل ۾ مکڻ جي ماڙيءَ جيان رجي ويندا هئا. وقت جون ويرون ڪيتريون آيون ڪيتريون ويون، جن ۾ هڪ نه پر سوين ڀيرا نثار ٻڏيو ۽ تريو.  آخر هڪ ڏينهن جڏهن پيار گونجاري جيان گونجي اٿيو، تڏهن عاشيه جي امن ۽ شانتيءَ ۾ نفرت جو تيز ڇوهو ڇوليون هڻڻ لڳو:

”توکي ڪيترا ڀيرا روڪيو اٿم، اشراف ٿيءُ، ڇڏي وڃ منهنجي پچر.“

”مار! ايڏو غصو...“

”سٺو ٿي ته منهنجي راهن تي اکيون وڇائڻ بند ڪر، پر جي نه ته پوءِ اجايو ڏٺو ٿيندين. تون پاڻ سنڀال...“

”مون پاڻ سنڀالڻ جي طاقت نه ساريندي ته توکي سهارو...“

”او مسٽر، توکي خبر هئڻ گهرجي ته دٻي جي مڇي سمنڊ جو ترو ڇاڇولي نٿي سگهي. تون هروڀرو...“

”ان معاملي ۾ آءُ تمام سخت آهيان. ٻيهر جيڪڏهن...“

”تون هروڀرو ايترو پري ڇو ٿي وڃين. اڄ جي دؤر ۾ ڌرتي ۽ آسمان جون....“

”ٺيڪ آ ٺيڪ، پر مان نٿي چاهيان ته ماڻهو مون تي توجهڙي خسيس جي مَهڻن جي مَرُ لائن.“

”هُون _ ! سوچيو هيم...“

”تنهنجي سوچ هروڀرو اڙي به مون ۾ آ_ ٻيو گهڻو ملڪ پڪو پيو اٿئي، آخر هيءَ ڦَشري مون لاءِ ڇو؟“

خبر ٿي مون تولاءِ ڇا نه سوچيو...“

”پر مان توسان تن جون تندون ڳنڍي اجائي سجائي زندگيءَ ۾ زهر اوتڻ نٿي چاهيان.“

”خير! تون کڻي ڇا به چوين پر پوءِ به...“

تون آخر چاهين ڇا ٿو؟ اهو ئي ته مان به توسان گڏ جان ٻوهي ۾ ڏيئي زندگيءَ ۾ پنهنجن هٿن سان پاڻ زهر اوتيان! جي اهو ٿو سوچين ته پوءِ تون ڀليل آهين. مان ايتري اياڻي ئي ناهيان جو پاڻ تي تنهنجي محبت جو چُٽو هڻي پنهنجو پاڻ کي ڪارنهه جي ڪُن ۾ ٻوڙيان.“

”تون کڻي ڇا به چوين پر مون کي تنهنجو پيار گهرجي، پوءِ ڇو نه کڻي اهو هزارين پردن پٺيان ئي هجي.“

”تون آخر ڪيستائين... او مسٽر مان چوانءِ ٿي ڪن کولي ٻڌ، اهو ياد رک ته تنهنجي زندگيءَ ۾ منهنجو اچڻ ناممڪن آهي، مان پنهنجو پاڻ کي سٺي نموني سڃاڻان ٿي. ان ڳالهه جو خواب خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏ ته ڪو مان به تنهنجي ٿي سگهنديس.“

لفظ زهر ۾ ٻڏل تير مثل هئا پر پوءِ به آواز ۾ مٺڙا مٺڙا سر هئا، جيڪي سنگيت جي لهرن جيان ماحول ۾ ڊوڙي ويا. ٻنهي جو بحث هو ڄڻ طوفان ۽ لهرن جي ويڙهاند، زندگي  ۽ مون جي جنگ، هن جو منهن پيلو ٿي ويو، هن هڪ عورت کان هار کاڌي هئي، لفظن ۾، جملن ۾ ۽ پيار ۾.

”ها! منهنجو ۽ تنهنجو ميلاپ سچ به مشڪل آهي. اها خبر مون کي اڄ پيئي آهي. هونءَ به سکئي مان سڪ جي اُميد رکڻ... تون منهنجي زندگيءَ ۾ جهڙيءَ طرح گهڙي آئي آهين، ڪوشش ڪندس ته جيئن اڳ لاءِ تنهنجي وَرِ نه چڙهان!“

”ڏاهو ٿيءُ، هروڀرو مون کي بدنام...“

جملي کي اڌورو ڇڏي هڪ جيڏين ۾ بي عزتيءَ جي ڊپ کان ڊڄي نثار کي پيار جي پڄرندڙ باهه ۾ ڌڪو ڏيئي اها جو ويندي رهي.

وقت گذرندو رهيو، اڳين ڳالهين جون وٿيون ويڪريون ٿينديون رهيون. نين ڳالهين، نين باتين، نين چميوگوين ڳٿن مان منهن ٻاهر ڪڍيا. وڏي جنگاڻ ۽ وڏي ڏي _ وٺ ٿي. پهرن جا پهر پچارون ٿيون، وقت جي وٿيءَ هڪ پاسي نثار جي تڙپ ۾ واڌارو ڪيو ته ٻئي طرف عاشيه جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪئي. نثار جي ڳالهين عاشيه جي چت تي اهڙا نقش چِٽي ڇڏيا جن جون يادگيريون اڃان سوڌو تازيون هيون. بي رخي آهستي آهستي ختم ٿيندي ويئي، جنهن سان گڏ عاشيه جي من ۾ نثار جي پيار جو پکيئڙو پرڙا ساهڻ لڳو. هن ڏانهن بغير خواهش جي به ڇڪجڻ لڳي.

”مون کان چُڪ ٿي آهي، جو توسان سٺو ورتاءُ ڪين ڪيو اٿم، مان بي خبريءَ ۾ توکي رنج رسايو، تنهن جي معافي ٿي گهران.“

نثار هڪ ڀيرو عاشيه ڏانهن ڏٺو جنهن جي ماٺائپ، معصوميت ۽ گهري خاموشي سمونڊ جيان هئي، جنهن ۾ هن پاڻ کي وساريندي ۽ غرق ٿيندي محسوس ڪيو. هن جي بدن ۾ هڪ قسم جي ڪتڪتائي ڊوڙي ويئي. شڪست جو سيئانڊو هن جي جسم مان نڪرندو رهيو. هن جو ڏک ۽ ڳڻتي کن پل لاءِ ڪافور ٿي ويو. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ عاشيه سان سوين سالن کان سندس سڱ هجي، جنم جنم گڏ گذاريو هجائون، جڳن کان واقف ۽ سڃا پرا هجن.

”تو جيڪي ڪجهه ڪيو سو درست ڪيو ۽ وڌيڪ اڃان جيڪو ڪجهه ڪرين ها، سو به واجبي هجي ها. ڇو ته ان ۾ تنهنجو نه پر قصور حالتن جو هو. تو جيڪو هيءُ مون تي وڙ ڪيو آهي، تنهن جي قيمت زندگي ڀر ادا ڪري ڪين سگهندس.“

عاشيه کي هن جي لفظن مان سچائي جهلڪندي نظر آئي، هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن مقناطيسي اثر سبب نثار  ڏانهن ڇڪجي رهي هجي. پر پوءِ به پڪ ڪرڻ خاطر پڇيائين:

”سچ پچ ٻڌاءِ تون ائين سدائين پاڇولي وانگر منهنجي ڪڍ ڇو پيو آهين؟ ڀلا ان طرح مون کي شرمندي ڪرڻ مان توکي آخر هٿ ڇا ٿو اچي؟ توکي ٻيون به ته ڇوڪريون آهن پوءِ....؟“

هن جيڪا نثار ۾ هلڪي ڪشش محسوس ڪئي، تنهن جو اڻ چٽو احساس نثار کي به ٿيڻ لڳو.

”عاشيه، تون منهنجي زندگيءَ جي ميراث آهين، اهڙي ميراث جنهن کي وڃائڻ جو سچي به نٿو سگهجي. ٻيون کڻي اڏامنديون اچن پر لطيف جيان منهنجي پرينءَ جي قدم برابر ناهن.“

هن اکيون زمين ۾ کپائي ڇڏيون، ائين ڄڻ ڪجهه سوچيندي هجي، ائين ڄڻ ڪجهه ڳوليندي هجي، لڄ هن جي اکين مان ليئا پائي رهي هئي، چوري پڪڙجي پيئي، چوري پيار جي چوري، چوري نينهن جي چوري، چوري دل جي چوري.

”ڊڄان ٿي متان سماج ڪا سيکت نه ڏئي، ڊڄان ٿي متان تنهنجي پياس اجهائيندي اجهائيندي ڪٿي پاڻ نه پياسي رهجي وڃان!“

هڪ ڳالهه ٻڌ، مون سان پيار ڪرڻ تو لاءِ ايڏي اهميت کڻي نه به رکي پر مون لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي، تون ڪيترو به ڪيٻائين پر توکي مون سان ساٿ ڏيڻو ئي پوندو.“

هيڏي وڇوٽي، هيڏي وٿيءَ کان پوءِ جڏهن نثار ۽ عاشيه کي ڪٿي ڏٺو ويو، تڏهن ڪيترائي لفظ مٿن ميڙا ڪري ڪِريا، ڪيتريون ئي نظرون کين ورائي ويون. عاشيه هڪ ڀيرو وري ڇرڪي ويئي. هن کي اوچتو پنهنجو وجود ياد اچي ويو. هن وري هڪ ڀيرو پنهنجي چُڪ تي پڇتايو. پوتيءَ جو پلاند ٺيڪ ڪندي گهيري مان نڪري ويئي.

ائين ئي ڪيترائي ايڪسيڊنٽ ٿيا، ڪيترائي ڀيرا ڄاڻي واڻي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. نيٺ ٽڪر ٽٽي پيا. آڏو آيل پهاڙ پرزا ٿي پيا، دريائن جا بند ڀڄي پيا، پوءِ ڪيتريون ئي ڇوليون آيون، ڪيتريون ئي ڇوليون ويون. جن ٻن دلين کي ٻهڪائي رکيو.

عاشيه، نثار جي پلاند سان پنهنجو پلئه ڪيترن پهرن جي پڪارن کان پوءِ اٽڪايو. جيتوڻيڪ هن کي سُڌ هئي ته مائٽن جي ناءَ ناموس کي پُڻائي، پاڻ لاءِ پاراتو کڻڻو آهي، پر پوءِ به سڀ لڳ لاڳاپا ۽ ڳنڍيون ڳانڍاپا ٽوڙي، نثار کي محبت جو ديوتا سمجهي عمر ڀر، پوڄڻ جا پهه پچايا ۽ ساڻس گڏ سيج ماڻڻ جا سپنا سهيڙيا. هن وقت جي ويل ٽرڻ نه ڏني، سِر جا سانگالاهي، وڃي نثار جي اُڃ لاٿي.

گذريل رات جوت جلي سنجها ٽري، تنهن ٽاڻي هوءَ سهي سنبري نثار جي موهه ۾ نڪتي. اڄ پهريون ڀيرو ٻن دلين پريت جا پيالا وڏي پاٻوهه مان هڪ ٻئي کي پيارا. پهريون ڀيرو دلين دوريءَ کي ڌڪي وِهه جي وَٽڻ ۽ زهر جي ڍُڪن ڀرڻ جا ڪيترائي قسم ورجايا. اهڙي سمي روح ريجهائڻ لاءِ ساهه جي سازن تي ڪيئي سُرَ ڇڙيا، ڪيئي جلترنگ ٻُريا، ڪيئي قربن جا ڪُٽ اڏيا ۽ ڪيئي من مندر ۾ محبت جون مورتون سجيون.

اڄ ٻن دلين سپنن ۾ نه، پر ساڀيان پنهنجي اُڌمن، اميدن، خواهشن ۽ تمنائن جا ڪيئي حسين تاج محل جوڙيا. اهڙي سمي عاشيه جي سونهن، سندرتا، جوڀن ۽ جوانيءَ رات جي سانت کي پيار جي پڙلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

رات جون رمزون به پيار ڀريون، دل کي پرڀائڻ جهڙيون. هوا ۾ گلڙن جي سرهاڻ. بجليءَ جي تيز روشني، رات جي وجود کي لٽي ڇڏيو هو. آسمان تي تارا چمنيءَ جي ٽمڪي جيان ٽمڪي رهيا هئا. چنڊ جي سهائي مرڪيوري بلبن جي روشنيءَ سان وچڙيل. اهڙي سمي چنڊ کي چمڻ لاءِ ڪيترائي چڪور اُڏاڻا، ڪيترن جا پَرَ پرزا پرزا ٿيا، ڪيترن جا ڳاٽا ٽُٽا ۽ ڪيئي ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿيا، پر پوءَ به بي خيالو، بي فلڪو ٻه دليون پيار جي منزلن ڏانهن وڌنديون رهيون. اهڙي سمي مهون مڇر ماٺ، نه ڏاڍ نه ڏاٺ، پوءِ رهچون ڪير ڏي روح کي. خاموشيءَ جا بند ڀڃي نثار پنهنجون سِڪ ٻڏل اکيون عاشيه جي خماريل اکين ۾ اٽڪائيندي چيو هو:

”عاشيه، ڄاڻين ٿي زندگيءَ جو فلسفو ڇا آهي!؟“

”زندگي!؟ زندگي حقيقت آهي، زندگي سچ آهي، زندگي پيار آهي، محبت آهي ۽ زندگي؟ زندگي تون آهين مان آهيان.“

”تون ۽ مان، مان ۽ تون! انهن ٻنهي لفظن ۾ ڪيڏي نه ردم آهي، ڪيڏي نه آسيس آهي، ڄڻ جوانيءَ جي نشو هجي، زندگيءَ جو نچوڙ هجي ۽ سنسار جو سارو سک هجي!!“ کن پل لاءِ خاموش پولار ۾ نظرن جي گُهت.

”پيارا، ڇا ٿو سوچين!؟“

”سوچان ٿو ته انسان ڪيڏا نه سهڻا سپنا سهيڙي ٿو، ڪيڏا نه پهه پچائي ٿو ۽ آخر ۾ انهن جو ڇيهه... ڀائين ٿي تولاءِ آسن ۽ اميدن جا ڪيڏا نه حسين ڪوٽ اڏيا اٿم، پر... متان... ڊڄان ٿو ته تون...!“

”مان!؟ پرين، مان رات جي تاريڪين ۾ غوطا کائڻ کان جرڪندڙ سوجهري کي وڌيڪ پسند ڪريان ٿي_ پرين! ٿون ئي ته منهنجو سوجهرو آهين، تون ئي ته منهنجي زندگي آهين ۽ تون ئي ته منهنجي هستي ۽ مستي آهين.“

”عاشيه، فطرت جو اٽل قانون آهي. اڳتي اڳتي، تمام اڳتي پوءِ....“

”ها، پر مان اڳتي تهان اڳتي نڪري آئي آهيان، دنيا جي ڪابه طاقت واپس ڪري نٿي سگهي.“

”مون ڀانيو هو... خير....“

”نثار! مان سڪ کي پڪ ۾ بدلجڻ جو ڪڏهن سوچيو به ڪين آهي، تڏهن ته سڀ ليڪا لتاڙي تو تائين پهتي آهيان. تون هروڀرو نه ڇرڪ. مان ڄاڻان ٿي ته تون چوڻ ڇا ٿو چاهين. پر ٻڌ، منهنجي پلئه تي ڪڏهن به ٻئي جي پاپ جو پاڇو ڪين پوندو_ نثار، مان تنهنجي آهيان ۽ تنهنجي ٿي رهنديس. مون کي سنهن آهي تنهنجي سر جو، جيئري جدا ٿيڻ کان ڏاگهه تي چڙهي سَتي ٿيڻ جي رسم کي جيارينديس.“

”مٺي، مون کي مونجهه هڪڙي آهي ۽ سا تنهنجي، باقي هي ويرانيءَ جا پوڄاري پنهنجو ڇا ٿا بگاڙي سگهن.“

نثار جي سيني ۾ منهن ساڍيندي سرگوشيءَ واري اندار ۾ چيو هئائين ”نثار، مان تنهنجي آهيان، تنهنجي ٿي رهنديس ۽ تون منهنجو...“

”مٺي مان تولاءِ سڀ ڪجهه سهسائي سگهان ٿو، پر آءُ....!“

”جاني، تنهنجو سڪ سواد مون کي دنيا جي مڙني نعمتن کان وڌيڪ پيارو آهي. جيون جٽا ڪئي ته هڪ ڏينهن... ها، هڪ ڏينهن... اسان ٻئي... ها اسان ٻئي...“

ٻيءَ گهڙيءَ ٻئي دليون ڪي گهڙيون محبت ۾ محو، پريت جا پيالا پيئڻ لڳيون. هنن کي ڪا، ڪَلَ جي خبر ئي ڪانه ته ڪو گهڙي گهڙي به گهاءَ هڻندي ۽ پل پل به پڇتاءُ ڪرائيندو.

ائين اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ازدها جو وات ڦاٽو. موت جي تيز تيزابي ڦوڪ، هوا ۾ گهن گهن ٺا _ گهن گهن ٺا!! ٻه سنهڙا سنهڙا آواز اڀري، فطرت جي آغوش ۾ هميشه هميشه لاءِ دفن ٿي ويا. آسون نراسن ۾ تبديل ٿي ويون، پيار پڙاڏي جي صورت ۾ گهايل ڪبوتر جيان پرڙا هڻي هڻي ساڻو ٿي ويو، ساهن جي ڇڙيل سازن جون تارون کن پل ۾ ٽٽي پيون. دور پري دور ڄڻ ڪنهن نم جي ٽاريءَ تي ٻه سڪايل ساهه، ڪوئل جيان ڪوڪي اٿيا هجن. جوانيءَ جي جوت اجهاڻي، محبت جا اڏيل محلات کن پل ۾ ڊهي، ڌو اچي پٽ پيا. چنڊ تلڦڙي ٻارڙي جيان چَپڙا ڪڍي رت روئي ڏنو، ايستائين جو سندس ڳوڙها لالاڻ جي صورت ۾ پرهه جي پاڇولن پٺيان گم ٿي ويا. ويري وقت وار ڪري ٻن دلين کي ٻهڪڻ کان اڳ ٻوهي ۾ ڏيئي، ڏينهن اچڻ جون ڏياٽيون روشن ڪيون. سوجهري تي اکين ڏٺو، هڪ طرف رت ۾ ليٿڙيل ٻه مئل مڙدا ۽ ٻئي طرف.........!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com