ظفر عباسي
آزاديءَ کان قيد ڀلو
”ايڏانهن نه وڃ، گهڻا ڪڻا خطري جو نشان اٿئي پياري!“
جهرڪ ڪڏ ڏئي گدري جي وَل جي هڪ ٽاريءَ تان ٻيءَ
ٽاريءَ تي ويهندي چيو.
”کاري جي ٻاهران ئي ٿي ٻه _ ٽي ڪڻا چڳان، ڀلا بُک به ته ڪجهه
ڪرڻ تي مجبور ٿي ڪري نه!“ جهرڪيءَ ڪڻو چڳندي چيو.
”بُک لهي ٿي سگهي، جان ڦاٿي ته ڇٽي ڪونه ٿي سگهي چري!“ جهرڪ
سمجهائيندي چيس.
”جان ته سڀ ڪنهن کي پياري آ.“
”ته به احتياط ضروري آ، منهنجي جان!“ جهرڪ چيو
”انڌي ڪانه آهيان، احتياط ڪيان پئي، کاري جي اوسي پاسي کان ئي
کوڙ ڪڻا پيا آهن. هلي آ تون به اچي کاءُ!“ جهرڪيءَ
چيو.
”آهي ته ڳوهه وانگر شڪاريءَ جو گهر ڳولهڻو، پر تون چئين، مان نه
اچان!“ جهرڪ وَل ۾ چڪ وجهي، پَن ٽُڪي، ان کي
ڪتريندي چيو ۽ ٽپ ڏيئي اچي کاري جي ڀرسان ويٺو.
ڪجهه گهڙيءَ تائين هو چڳندا رهيا، ٻاهريان ڪڻا پورا ٿي ويا، پر
هنن جو پيٽ اڃان پورو پُرِ ڪونه ٿيو هو، ته جهرڪ
چيو:
”اٿي هل ته هلي ڪو ٻيو چارو ڳولهيون.“
”هيڏي هوڏي ڏس! ڪو بني بشر نظر اچئي ٿو. اجايو پيو وهم گمان
ڪرين. خبر ٿئي ته هيءُ ايٽمي دؤر آ، هتي ’وهم
گمان‘ بُري بلڪ تمام بُري ڳالهه سمجهي ويندي آهي.
انسان به واندا آهن ڇا؟ جهرڪين ڦاسائڻ لاءِ، جو
کارا اڏيون ويٺا انتظار ڪندا. هو چاهين ته سيڪنڊ ۾
سڄي دنيا تباهه ڪري سگهن ٿا، اسان کي ڪونه ڦاسائي
سگهندا.“ جهرڪيءَ طويل سمجهائي ڏيندي جهرڪ کي چيو.
”ڦاسائي ته سگهن ٿا، پر....“ جهرڪ سوچيندي چيو ”هل ڀلا... پر
پوءِ متان هٿ نه مهٽڻا پون!“
”توکي ٿوري ٿي چوان ته کڻي اچي وات ۾ وجهه! مان پنهنجو خيال
پاڻهي ڪنديس!“ جهرڪيءَ طعنو ڏيندي جهرڪ کي چيو.
”ترس، مان ڏسان ته کارو فريبي ته ڪونهي.“ جهرڪ چيو.
”مان پاڻهي ٿي ڏسان.“ چوندي جهرڪي ٽپ ڏيئي کاري تي چڙهي ويٺي ته
من کارو ڪِري، پر کارو ڪونه ڪِريو. ٻه _ ٽي ٺينگ
ٽپا ڏنائين، پر پوءِ به ڪجهه نه وريو ته ٺينگ ڏئي
کاري کي اٽڪائيندڙ تيليءَ کي پرن جو ’ٽيڙو‘ ڏئي ڌڪ
هنيو، ته به نه ڪِرڻ کان پوءِ کيس يقين ٿي ويو ته
کارو ساڪن آ اصل کان اتي.
هن کاري جي وٽ وٽان داڻو کڻي، ٽپ ڏئي پوئتي وڃي پئي کاڌو. هاڻي
جهرڪ به ائين ڪرڻ لڳو هو. ڪجهه ڪڻن کائڻ کان پوءِ
جڏهن ماحول ۾ ڪا به ڦير گهير ڪونه نظر آين، تڏهن
کين پڪ ٿي وئي ته ’هيرا ڦيريءَ جا ڪا ڳالهه
ڪانهي.‘ هاڻي ٻنهي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ کاري
اندران کائڻ لڳا. اوچتو کاري سان اٽڪيل تيليءَ ۾
ٻڌل سنهڙيءَ ڏور کي ڇِڪَ آئي، تيلي کاري کي اڌ ۾
سهارو ڏيڻ ڇڏي ڏنو ۽ کارو اچي زمين سان مليو.
جهرڪ ۽ جهرڪي ڇرڪجي ويا ۽ وائڙا ٿي هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا.
مايوسيءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جي ڪا واهه
ڳولهڻ لڳا، پر نراسائي سندن مقدر بنجي چڪي هئي.
کانئن ان جا ٻه _ ٽي ڪڻا به کائڻ وسري ويا، جن جي
باقي ’گُجيءَ‘ ۾ قِلت هئي.
جهرڪ همت ڪندي جهرڪيءَ کي چيو:
”آيس ته مان تنهنجي ڪري، پر پوءِ به چڱو، جو آهيون ته گڏ! توکي
ڪُٺائين ته مان به قربان توتان.“
”ههڙي ويل به ٽوڪن کان نٿو مُڙين.“ جهرڪيءَ روئڻهارڪو ٿي چيو.
”تنهنجو عقل آ سيبتي! نه ته اچي ها ههڙي ويل!“
”آهي ته صحيح، پر هاڻي ڇا ٿيندو؟ امان ۽ بابي کي ڪير ٻڌائيندو!“
”اِجهو ڪي مُئينءَ! ماڻهين پڻهين کي ٻڌائي ڇا ڪبو؟“
”ائين نه چئه، وائي ته ڪا سڻائي وار.“
”الله بچاوئي، باقي وايون سڀ سڻايون اٿئي.“
ٻئي ٽپڪين ڪڏڪين سان گڏ سُسڪا پُسڪا به هڻي رهيا هئا. اوچتو هڪ
پاسي ڏانهن کارو مٿي ٿيو، هنن ٻنهي هڪ ٻئي پويان
وٺي اوڏانهن ڇال ڏنو. ٻئي لمحي هو ڪپڙي جي هڪ ٿلهي
ڳوٿريءَ ۾ ڦاسي چڪا هئا.
ٿلهي ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ هنن جو ساهه گهٽجڻ لڳو، ٽپڪيون ڪڏڪيون
وسري وين، سسڪا پسڪا الائي ڪيڏانهن هليا وين. هاڻي
هو پنهنجي بدقسمتيءَ تي روئيندي موت جو انتظار ڪرڻ
لڳا.
انساني هٿ ڳوٿريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ جهرڪ ۽ جهرڪيءَ کي ڄنگهن کان
وٺي ٻاهر ڪڍيائون. هاڻي هو انسان جي هٿ ۾ هوندي،
موت جو انتظار ڪندي، بچائڻ جون التجائون وري خدا
کان گهري رهيا هئا.
انسان خلاف توقع هنن کي پهريائين گلابڙي رنگ ڏنو ۽ پوءِ اچي کين
سهڻي پڃري ۾ بند ڪيو ۽ هر ويلي تي کين سٺو سٺو
کاڌو کارائيندو رهيو! جهرڪ ۽ جهرڪيءَ ان انسان جو
جائزو وٺڻ شروع ڪيو. هنن ڏٺو ته:
انسان هن هيڏي ساري جڳهه ۾ اڪيلو رهندو هو، تنهائي کيس ڏاڍي
تڙپائيندي هئي ۽ پوءِ هو اتي ايندو هو، اڌ اڌ رات
هنن وٽ اچي هنن سان دل وندرائيندو هو. هنن کيس
ڪڏهن ڪڏهن اونڌي منهن کٽ تي ڪِرئي پئي، رئندي به
ڏٺو.
”اسان کي ته موت جو خطرو هو! پر هتي ته مزو لڳو پيو آ.“ جهرڪيءَ
چيو.
”ٻاهر پڻهين ماڻهين ۽ مائٽ مٽ تو وارا، ڳالهائڻ به نه ڏيندا هئا
۽ هتي ته ڏس پيار جي هن پڃري ۾ محبت ڪندي ڪوبه
روڪي نٿو، ڪوبه ٽوڪي نٿو. ائين چئي جهرڪ جهرڪيءَ
جي ڳچيءَ تي ڳچي رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
اوچتي پڃري جي در کلڻ جي کڙڪي تي جهرڪ ۽ جهرڪيءَ اکيون پٽيون، ۽
هو اهو ڏسي دنگ رهجي ويا ته اڄ ان انسان جي هٿ ۾
هنن لاءِ کاڌو ڪونه هو. هٿ پڃري ۾ داخل ٿيو ۽ ٻئي
لمحي ۾ جهرڪ ۽ جهرڪي ان انساني هٿ ۾ هئا. انسان هٿ
کي ڏاڍيان لوڏو ڏيئي کڻي اڇل ڏني، جهرڪ ۽ جهرڪي
اڏامي وڃي سامهون واري وڻ تي ويٺا.
انسان جو جهرڪ ۽ جهرڪي اڏائڻ کان پوءِ نيڻن جو نير ڇلڪي پيو،
روئيندي چوڻ لڳو:
”وڃو! اي معصوم پکيئو! وڃو. جتي انسان کي انسان کان جدا ڪيو ٿو
وڃي ته هو ماندو ٿي ٿو پوي، اتي اوهان به ضرور
ماندا ٿيا هوندئو. مون رڳو اهو ئي سوچيو هو ته
اوهان منهنجي تنهائي دور ڪري سگهو ٿا، پر مون اهو
ڪونه سوچيو هو ته منهنجي تنهائي دور ڪرڻ لاءِ
اوهان کي مائٽن جي وڇوڙي جو منهن ڏسڻو پوندو. پر
جڏهن مون اوهان جي حالت ڏٺي ته مون اوهان کي ڇڏي
ڏنو. ها! مان انسان ئي تنهائيءَ مان تنگ ٿي پيو
آهيان اوهان ته پکي آهيو. وڃو! وڃو اي پکيئو! وڃي
پنهنجي وڇڙيل ولر سان ملو. منهنجو ڀاڳ مون سان!“ ۽
ائين چئي انسان سڏڪو ڀري اونڌي مُنهن وڃي وڇايل
هنڌ تي ڪِريو ۽ روئندو رهيو.
”اسان کي ڇو ڪڍيائين؟“ جهرڪ نهايت آهستگيءَ سان جهرڪيءَ کان
پڇيو.
”سوچيو هوندائين ته هنن کي به ڪي ماءُ _ پيءُ هوندا، مٽ مائٽ
هوندا، وڃي انهن سان ملن.“ جهرڪيءَ چيو.
”سچ ٻڌاٰ! تنهائيءَ ۾ محبت ونڊيني ڪڏهن ماءُ _ پيءُ ياد به
ايئه؟“
”نه“ جهرڪيءَ چيو.
”ته پوءِ، هل ته هلي ٿا چئونس ته اسان کي پڃري ۾ وجهي ڇڏ!“ جهرڪ
وڻ تان اٿندي چيو!“
”اٿ“ جهرڪيءَ به چوندي اٿي ۽ هو ٻئي اچي ان اونڌي مُنهن ستل
انسان جي کٽ تي ويٺا ۽ چين چين ڪرڻ لڳا.
ان انسان ڪنڌ مٿي ڪري منهن ورائي جهرڪ ۽ جهرڪيءَ کي ڏٺو پوءِ
اٿيو، ۽ اندران پڃرو کڻي آيو ۽ اوچتو ئي اوچتو سِر
جو اڌڙ کڻي هڪ _ ٻن ڌڪن سان پڃرو صفا چٻو ڪري جهرڪ
۽ جهرڪيءَ کي چوڻ لڳو:
”قسم آ مون کي پنهنجي انسانيت جو ته اي جهرڪ ۽ جهرڪيو! اڳتي مان
ڪڏهن به ڪنهن پکيءَ کي ڪونه ڦاسائيندس. اوهان مون
۾ اعتماد رکو، ڀلي هاڻي وڃو. ڏسو اوهان جي سامهون
ئي پڃرو ڀڃي ڇڏيم، هاڻي ڦاسائيندس ته ڇا ۾!“
جهرڪ ۽ جهرڪيءَ هڪٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ مايوس ٿي اڇل ڏيئي وٺي
اڏاڻا.
انسان کين گڏ ويندي، پويان ڏسي چيو:
”شل! اوهان جي جوڙي سلامت رهي!“
۽ وري اهو انسان اونڌي منهن وڃي ان گهنجيل هنڌ تي سڏڪا ڀريندي
ڪِريو!
آزاد جتوئي
تصوير اڻ پوري
سانوڻ! الا مون کي فوٽوءَ جو ڏاڍو شوق آ. ڪڍ نه...؟ ڏس. مان
ڪيڏو هار سينگار ڪري آئي آهيان. ڀلا مان توکي ڪونه
ٿي وڻان.“
”نه سوني اهڙي ڳالهه ڪانهي، هونئن به توکي فوٽوءَ جي ڪهڙي
ضرورت. توکي ڏسڻ سان ته...“
”ته ته... اهو تو ڇا چيو...؟ الا مون کي ٻڌ! ڏس سانوڻ، سونيءَ
جي ته ڄڻ زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خواهش ئي اها هئي
ته هوءَ پنهنجي تصوير ڪڍرائي.“
ڪڏهن ڪڏهن اوچتو منهنجي ڪمري ۾ ايندي هئي، اچڻ سان ڪمري ۾ لڳل
فوٽو ڏسڻ لڳي ويندي هئي. هڪ دفعي اوچتو نظر البم
تي پئجي ويئي هئس، جهٽ هڻي کڻي ورتو هئائين.
”سانوڻ تو واري ڪتاب (البم) ۾ کوڙ تشويرون (تصويرون) هِن،“ کلي
چيو هئائين: ”تون ته وڏو ڪو شودو آهيان.“
هن جي سادگيءَ تي مون کي به ڏاڍي کل آئي هئي. ڀلا ان ۾ شودي هئڻ
جي ڪهڙي ڳالهه آ...؟ پر توکي فوٽوءَ جو شوق آ.
پوءِ....!
خبردار! جي مون کي ڪو لفظ ڳالهايو اٿئي.
هون! واه واه! وڏي غيرتمند آهين، ته پوءِ روز مٿو نه کائيندي ڪر
فوٽو ڪڍڻ لاءِ.
ڏس سانوڻ. تون ته ڪاوڙيو ٿو وڃين... مون ته توسان ڀوڳ ڪرايو
نه...
ان ڏينهن ڪتاب پڙهي رهيو هئس، ڇپندي ڇپندي کڻي اکيون بند
ڪيائون. ڏاڍي ڪاوڙ آئي.
ڏس سوني تون هروڀرو ويجهي ٿيندي وڃين ٿي. مون کي اهي ڳالهيون
ڪونه وڻنديون آهن. سندس معصوم صورت ساري ڪاوڙ ختم
ڪري ڇڏي هئي. ٿورو مشڪي ڏنو هوم. ايتري ۾ هن ايترو
ته زور سان ڀاڪر پاتو هو جو سندس شعور جي حد ٽٽي
ويئي هئي. اها گهڙي هن جي اٿاهه پيار جو ثبوت هئي،
جنهن جي پهريان ڪابه سڌ ڪانه هئي.
هوءَ جڏهن به ايندي هئي تصوير ڪڍڻ لاءِ زور ڀري ڏيندي هئي،
گهڙيءَ گهڙيءَ گلي جو هار بنجي ويندي هئي. ڪڏهن ته
قميص کي وٺي ڇڪ ڏيئي ڌونڌاڙيندي هئي.
ڪراچي ويندو هوس ته ڏاڍي اداس ٿيندي هئي. سندن مرڪندڙ ۽ کلندڙ
چهرو کن پل ۾ مکڙيءَ وانگر بند ٿي ويندو هوس.
تنهن ڏينهن پري کان مون کي ايندو ڏسي در وٽ اچي بيٺي، پهچڻ شرط
بيگ ۾ کڻي هٿ وڌائين، صفا ويهڻ ئي ڪونه ڏنائين.
الا مون کي هر هر تنهنجي ياد ستائيندي هئي. خدا جو قسم! هوءَ
ائين چئي ويندي هئي جو سندس هر هڪ لفظ ان جي سچائي
جو ثبوت ڏيندو هو.
سوني خبر اٿئي. اڄ مون وٽ ڇا آهي؟
مون کي ڪهڙي خبر؟ بيزاريءَ مان ڄڻ ته چيو هئائين.
اڇا توکي خبر ناهي؟ چڱو ان کي ڇڏيون ٿا، پوءِ ته ڄڻ هن کي اڻ تڻ
ٿي پيئي هئي. نيٺ ٻڌايو هومانس، اڄ مان تنهنجو
فوٽو ڪڍندس.
فوٽو...!؟ اڄ هن فوٽوءَ کي غير ضروري سمجهيو هو، ڪوبه جواب ڪونه
ڏنو هئائين ”سوني! او سوني مان تنهنجو فوٽو ٿو
ڪڍان، تون ان ۾ خوش ناهين ڇا؟ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو
هئائين. سندس مهڪندڙ ۽ چهڪندڙ صورت موهن جي دڙو
وانگر بلڪل خاموش ٿي ويئي هئي. کن پلڪ ۾ پنهنجو
مٿو سيني تي رکي اکيون پوري ڇڏيون هئائين. سندس
ڇوليون هڻندڙ مست الست جواني جي ڪوساڻ پوري جسم کي
گرم ڪري ڇڏيو هو. آهستي چيو هئائين: سانوڻ هاڻ مون
کي تصوير جي ڪابه ضرورت ڪانهي.
پر سوني!
جي!
پر مون کي ته تنهنجي تصوير جي ضرورت آهي.
تون هاڻي وڃ تيار ٿي اچ ته مان تصوير ڪڍان.
پوءِ تيل ڦليل ڪري ۽ ڪجل پائي، سهڻو گلابي چولو ۽ ليڪڙن تي
سوسيءَ سان سينگارجي آئي هئي. ڪارا ڪارا وار
سنواري گلابي سڳين سان ٻه ڳتون ٺاهي وچان سينڌ ڪڍي
آئي هئي. جيئن سنڌو درياء پنهنجي موج ۾ ڪشمور کان
ڪيٽي بندر تائين، تيز وهڪري سان ساوا ساوا کيت ۽
سونا سونا سنگ پيدا ڪندو آهي، تيئن سندس مست
جوانيءَ جا سونا سنگ جهولي رهيا هئس.
ڪيمرا کان اڳ سندس تصوير دل تي عڪس ٿي ويئي هئي. هوءَ ڳل ۾ چگهه
ٺاهيو مرڪي رهي هئي،۽ پوءِ ڪيمرا جي فش پليٽ تي هن
جي تصوير هيشه لاءِ محفوظ ٿي ويئي هئي.
رات جا ٻه ٿيا هئا، ٽرين پنهنجي رفتار سان ڪراچيءَ کي ويجهو
ٿيندي پئي ويئي، گاڏيءَ جي تيز کڙڪي ۽ دل جي تيز
تيز دڙڪڻ ۾ به هن جو وجود سامهون هو.
ڪراچي ڪينٽ تي گاڏيءَ جو اسٽاپ ٿيو.
ماڻهن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ، کچاکچ، ساز ۽ آواز واري زندگي،
رنگين ۽ پرڪشش ٽريفڪ جا رنگين سگنل، تيز تيز ڊوڙ،
ڊگها ويڪرا ڪارا ڏامر جا رستا، زندگي ۽ موت جو
سلسلو، انساني ڊوڙ، گاڏين جي زرڙاٽ ۽ چرڙاٽ، پر
ڪشش چهرا، خوبصورت زندگيءَ جي پياري پياري جهلڪ،
ميڪپ واري زندگيءَ جو رڪارڊ ٽوڙ ڏيک. ۽ پوءَ....!
هن جو وجود سامهون هر ڪنڊ ۽ پاسي ۾... هر چهري
۾... سنڌي گج ۾ ڍڪيل ۽ مضبوط جسم، گول ۽ سڊول
ڇاتيون، منهن تي خوبصورت مرڪ، مرڪ مان ٺهندڙ ڳل تي
چگهه.
وڏو قدآوار فوٽو ٺهرائي فريم ڪرائي اچي روم تي رکيو هوم، ۽ وقت
جو انتظار ڪرڻ لڳو هوس.
اڄ آفيس ۾ تمام گهڻو ڪم هو. هيڊ آفيسر جي غير موجودگيءَ ۾ تمام
ڪم اچي مٿان پيو، مس وڃي شام جو واندڪائي ٿي. روم
تي پهتس، ٿڪاوٽ ٿي پيئي، ڪم جي ڪري چاهيم ته ماني
به ڪونه کائيندس. ان ارادي سان هٿ منهن ڌوئي اڃان
بيڊ تي مس آيس ته ٽيليفون جي رنگ ٿي، جنهن کي ٻڌو
اڻ ٻڌو ڪري اکيون پوري ڇڏيم. مون واري پارٽنر پري
کان ئي هڪل ڪئي: ”يار ڪمال ٿو ڪرين! ڏسين به ٿو ته
ڪم اسان آهيان پوءِ به ٽيليفون نٿو کڻين....؟“
يار ننڊ ٿي اچي، ٿڪ به ڏاڍو ٿي پيو آ، تون ئي کڻ.
ڪجهه گهڙيون ٽيليفون ڄڻ چيڪات ڪندي رهي پر ڪنهن به ڌيان ڪونه
ڏنو آخر مون واري پارٽنر وڃي کنئين. هلو هلو! ڪير
سائين؟
يار ڪمال ٿو ڪرين ٽيليفون به تنهنجي، کڻين به ڪونه ٿو. پارٽنر
اکيون ڪُرڙيون ڪري ڄڻ ته ڌمڪي ڏني.
هان وٺ! سنڀال پنهنجي ٽيليفون کي!
هلو! هلو سائين!.....!
؟............!
زندگيءَ جا حسين لمحا کن پل ۾ زهر بنجي ويا. ذهن ڪنهن وڏي پهاڙ
۾ دٻجي ويو. سامهون ٽيبل تي قدآور تصوير ڀڳل ۽ ٽٽل
محسوس ٿي. مرڪندڙ ۽ ڇرڪندڙ چهرو خون ۾ ٻڏندو محسوس
ڪيم، ساهه گهٽجڻ لڳو. ذهن جهٽ ۾ گهر جي ان جاءِ وٽ
پهتو، جتي هن جو وجود ختم ٿي چڪو هو. سوني ڪوٺي
تان ڪِري هميشه لاءِ پنهنجي ڪوٺيءَ کي ڇڏي ويئِي
هئي. هوءَ هر ڪنهن کي ڇڏي ويئي، خود پنهنجي تصوير
کي به.
عاجز عبدالغني پنهور
درد ۽ وڇوڙو
سج پنهنجو سفر مڪمل ڪري وڃي آرامي ٿيو! اوندهه پنهنجا پَرَ
پکيڙي رهي هئي. انهيءَ رات مون کي ريحانه سان ملڻو
هو. جيئن ته اها اسان جي پهرين ملاقات هئي. منهنجي
کيسي ۾ ٽي روپيا پيل هئا. ريحانه کي نشاني طور ڏيڻ
لاءِ هڪ عدد مُنڊي خريد ڪيم. آءُ بيروزگار هئس ۽
نوڪريءَ لاءِ تمام گهڻو رليو هئس. شام جو ماني به
ڪونه کاڌم. ڪجهه دير روڊن تي ڦرندو رهيس. آخرڪار
خيال آيو ته پهرين مامي جي گهر وڃجي. ماما جو گهر
به انهيءَ شهر ۾ آهي. سڌو اوڏانهن روانو ٿيس ۽ وڃي
ماما ۽ سندس گهر جي ڀاتين سان مليس.
ماما پڇيو ”ڪيئن آيو آهين؟ رول.“
مون جواب ڏنو ”پنڌ هليو آيو آهيان، ماما.“
پڇيائين ”آيو ته پنڌ آهي، پر خير ته آهي؟“
وراڻيم، ”بس، خير لڳو پيو آهي.“
ماما پڇيو، ”ڇا، اڃا نوڪريءَ لاءِ ڌڪا کائيندو وتين؟“
”ها، ماما.“
چيائين، ”پوءِ آهي ڪو آسرو؟“
مون چيو، ”ماما، الله تعاليٰ مان آسرو ۽ اميد ڪنهن لاٿي آهي.“
”منهنجي مل ۾ ٻوريون کڻين ته هل، آءُ توکي نوڪري وٺرائي ڏيان.“
ماما صلاح ڏيندي چيو.
آءُ ڪياڙي کنهي ڪجهه سوچڻ لڳس. ماما ڪجهه عجيب نموني مسڪرايو،
جنهن ۾ شايد طنز هئي.
ماما چوڻ لڳو، ”پٽ، محنت مزدوريءَ ۾ ڪوبه عيب ڪونهي. جيستائين
توکي ڪا نوڪري ملي، تيستائين هلي مون سان گڏ ڪم
ڪر.“
آءُ بيزار ٿيڻ لڳس. ماما سمجهي ويو ته سندس نصيحت مون کي پريشان
پئي ڪري. چوڻ لڳو، ”خير، ڇڏ انهن ڳالهين کي، ماني
کائيندين؟“
مون سوچيو ته اڄ آءُ ريحانه جي هٿ جي ماني کائيندس، انهيءَ ڪري
ڪوڙ ڳالهائيندي چيم، ”نه ماما، آءُ هڪڙي دوست وٽان
ماني کائي آيو آهيان.“
ماما چيو، ”تنهنجي مرضي.“
ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ماما جي
ننڍي ڇوڪريءَ بانوءَ مون کي مخاطب ٿي چيو، ”سڪو،
مون تنهنجي لاءِ بسترو وڇائي ڇڏيو آهي، ٿڪجي پيو
هجين ته سمهي رهه.“
(اصل ۾ منهنجو نالو بابي سڪندر اعظم جي نالي کان متاثر ٿي،
سڪندر علي رکيو هو، پر هاڻي آءُ صرف سِڪُو رهجي
ويو آهيان).
سوچيم، جيڪڏهن سمهي رهيس ته پوءِ ريحانه سان ملي ڪونه سگهندس.
وراڻيم، ”بانو، ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ رات مون کي
اوجاڳو ڪرڻو آهي!“
”ڇو؟“ ماما تعجب مان پڇيو.
مون چيو، ”انهيءَ ڪري ماما، جو سيد خاڪ شاهه بادشاهه جي گادي
نشين فقير ملنگ بابا مون کي هڪ عدد تعويذ لکي ڏنو
آهي ۽ چيو اٿس ته اڄوڪي رات اوجاڳو ڪري گذارجانءِ،
سڀاڻي توکي گهر ويٺي نوڪري ملي ويندي.“
مان سمجهيو ته آءُ سيد خاڪ شاهه بادشاهه ۽ سندس فقير جي شان ۾
گستاخي ڪري رهيو آهيان. مون کي چيائين، ”سيدن ۽
پيرن سان مٿو اٽڪائيندي ته سڄي عمر نوڪري ڪونه
ملنديئي!“
مون چيو، ”نه ماما، منهنجي توبهه! سيدن سان مٿو اٽڪائي، مون کي
پنهنجي نوڪري وڃائڻي ڪونهي.“
چيائين، ”خاموش بي ادب، سمهي رهه يا ويهي اوجاڳو ڪر.“
ماما وڃي سمهي رهيو، ٻيا به گهر جا ڀاتي آهستي آهستي اٿي وڃي
سمهي رهيا، پر بانو سمهڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئي.
چيائين، ”آءُ به توسان اوجاڳو ڪنديس.“
مون پڇيو، ”ڇو بانو، توکي به نوڪريءَ جو آسرو آهي ڇا؟“
چوڻ لڳي، ”آءُ تنهنجي نوڪري ڪنديس.“
مون چيو، ”بانو، آءُ پاڻ بي روزگار آهيان، توکي پگهار ڪٿان
ڏيندس.“
”آءُ مفت جي نوڪري ڪنديس.“ بانو جواب ڏنو.
مون کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ٿوري دير چپ رهڻ کان پوءِ
چيائين، ”ماني کائين ته پچائي ڏيانءِ.“
مون جواب ڏنو، ”نه بانو، آءُ بلڪل ڍوَ تي آهيان.“
منهن تي ڪاوڙ آڻيندي چيائين، ”تون اسان غريبن جي ماني ڪٿي ٿو
کائين! تون ته ريحانه جي ماني کائيندين!“
مون چيو، ”اهڙي ته ڪابه ڳالهه ناهي.“
منهنجي ۽ ريحانه جي محبت جي خبر صرف بانوءَ کي هئي.
بانو مون سان مخاطب ٿيندي چيو، ”سِڪُو، جيڪڏهن ناراض نه ٿين ته
هڪڙي ڳالهه چوان.“
”چئو بانو، ڇا ڳاله آهي؟“
چوڻ لڳي، ”تنهنجي شادي ريحانه سان بلڪل نٿي ٿي سگهي.“
”ڇو؟“ مون تعجب مان پڇيو.
چوڻ لڳي، ”انهيءَ ڪري جو ريحانه جا مائٽ هُن جي شادي هُن جي سوٽ
سان طئي ڪري چڪا آهن ۽ هو هڪ امير جو پٽ آهي ۽
تون...!“
”بُکيو آهين؟“ مون جملو ڪٽيندي چيو.
”آءُ اهو نٿي چئي سگهان.“
مون چيو، ”ڪجهه به هجي بانو، ريحانه مون سان ڪڏهن به بيوفائي نه
ڪندي. مون کي هن جي محبت تي ناز آهي.“
ريحانه کي آءُ ننڍپڻ کان سڃاڻان. هنن جو گهر، ماما جي گهر کان
اڌ فرلانگ کن پري آهي. آءُ جڏهن به ماما جي گهر
گهمڻ ويندو هئس ته ريحانه مون سان گڏ راند ڪندي
هئي. ننڍپڻ مان گذري، جڏهن اسان جوانيءَ ۾ پير
رکيو ته اسان جي محبت به جوان ٿي پئي. ريحانه جو
گهر مان نڪرڻ بند ٿي ويو ۽ پوءِ اسين صرف هڪ ٻئي
کي خط لکي محبت جو اظهار ڪندا هئاسين.
ريحانه جو پيءُ هڪ معمولي ڊرائيور هو، پر هن جو چاچو هڪ دولتمند
ماڻهو هو. انهيءَ رات هن جي ماءُ سندس چاچي جي گهر
ڪراچي ويل هئي ۽ پڻس ڪيڏانهن ٻاهر ويل هو، تنهن
ڪري هن پاڻ سان ملڻ لاءِ مون کي گهرايو هو. آءُ
اوجاڳو ڪاٽي رهيو هئس ۽ وقت گذرئي نٿي گذريو.
مون کي سوچ ۾ ٻڏل ڏسي، بانو پڇيو، ”ڇا پيو سوچين؟“
آءٌ دماغ تي زور ڏئي، ڪنهن فلم جو ڊائيلاگ ياد ڪرڻ لڳس. جذباتي
ٿيندي چيم، ”بانو، محبت دولت جي ساهمي ۾ توري نٿي
سگهجي! توهان جي دنيا جا سڀ دولتمند گڏجي به اسان
۾ وڇوڙو وجهي نه سگهندا. تون پنهنجي دولتمند پيءُ
کي سمجهائي ڇڏ ته ضد تان لهي وڃي!“
”اسان جي دنيا! دولتمند پيءُ!“ بانو تعجب مان مون ڏانهن ڏٺو ۽
چوڻ لڳي، ”سرڪار، توهان جو دماغ ته صحيح آهي؟“
آئون خاموش رهيس، ڇو ته مون ڊائلاگ ۾ ڪابه ڦير گهير نه ڪئي هئي
۽ خبر ناهي ڇا جو ڇا چئي ويس! انهيءَ ڪري مون کي
شرمنده ٿيڻو پيو.
لڄي ٿيندي چيم: ”معاف ڪجان بانو، ٿورو آئون جذباتي ٿي پيو هوس.“
چيائين: ”سڪو، مون کي هاڻي ننڊ ٿي اچي، مان وڃان ٿي.“
مون چيو: ”خدا حافظ“.
بانو ويئي هلي. آئون وري سوچ ۾ پئجي ويس. ڪٿي هن جو به نصيب ڦٽو
ته ناهي، جو مون سان محبت ڪندي هجي. آئون ته بکيو،
بيڪار ۽ آواره آهيان. تنهن کان سواءِ ريحانه سان
به محبت ڪندو آهيان. ٻنهي سان ته محبت نٿو ڪري
سگهان! اتي مون کي منهنجو جاني، دلبر، همدرد ۽
همراز دوست انور ياد آيو، جيڪو هڪ ئي وقت ٽن
ڇوڪرين سان محبت ڪندو آهي. ٽنهي کي خط به لکندو
آهي ۽ ٽنهي کي شادي جو آسرو به ڏنو اٿس. ان وقت
آئون انور جي عظمت جو قائل ٿي پيس. هڪ آئون،
آهيان، جيڪو صرف ريحانه سان محبت ڪندو آهيان. باقي
رهي بانو تنهن کي ڏين لاءِ مون وٽ ڪجهه به ناهي!
آئون پنهنجي سڄي دل جي دنيا! سڄي دل جي پونجي!
پنهنجو سڀڪجهه ريحانه تي لٽائي چڪو آهيان.
ايتري ۾ ماما جو آواز ڏنڊي وانگر مٿي ۾ لڳو. هو چئي رهيو هو:
”رول، اڃان جاڳين پيو يا سمهين رهين!“
ماما گهڻو ڪري مون کي رول چوندو آهي.
مون چيو: ”اڃان سجاڳ آهيان ماما.“
چيائين: ”ٺيڪ آهي، ويٺو هج، آئون ڏسان پيو ته تنهنجي نوڪري به
سڌو تنهنجي گهر ڏانهن پيئي وڃي.“
آئون چپ رهيس. سوچيم ته ماما به ديوانن سان چرچا ٿو ڪري! هو وري
به خاموش ٿي سمهي رهيو. مون ٽائيم ڏٺو، مون کي اڌ
ڪلاڪ دير ٿي چڪي هئي. آهستگي سان بستري تان اٿيس ۽
ريحانه جي گهر ڏانهن روانو ٿيس. مون وڃي دروازو
کُڙڪايو. ريحانه اچي دروازو کوليو. مون کي ڏسي
خزان جي سُڪايل وڻ ۾ بهار اچي ويئي هجي! منهنجي به
دل جي ڪومايل مُکڙي ٽِڙي گل ٿي پيئي!
هُن مون کي وٺي وڃي اندر ڪمري ۾ ويهاريو. مون کيسي مان منڊي ڪڍي
ريحانه جي چيچ ۾ پارائي!
پڇيائين: ”ڪيئن آهين سڪندر؟“
”اڄ بلڪل خوش آهيان ريحانه.“ مون پنهنجن ڊائيلاگن جو سلسلو جاري
ڪري ڇڏيو.
”تو سان ملي ائين ٿو لڳي؛ ڄڻ مون تنهنجي لاءِ ئي جنم ورتو آهي!“
چوڻ لڳي: سڪندر مون تنهنجي محبت ۾ جيڪي خواب ڏٺا آهن انهن جي
تعبير اڌوري ته نه رهندي! مون کي ڌوڪو ڏيئي هميشه
لاءِ رُئندو ته نه ڇڏي ويندين؟“
مون چيو: ”ريحانه، آئون پنهنجو پاڻ سان ته ڌوڪو ڪري سگهان ٿو،
پنهنجي وجود سان به فريب ڪري سگهان ٿو، پر توکي
ڌوڪو نٿو ڏيئي سگهان. زمين ڦاٽي پوي، آسمان اونڌو
ٿي وڃي! پر آئون تنهنجو رهندس.“
هن هلڪو ٽهڪ ڏنو. چيائين: ”آسمان اونڌو ڪيئن ٿيندو؟“
مون هن ڏانهن نهاريو، مُسڪرايم ۽ چپ رهيس.
وري پڇيائين: ”ڀلا ڪا نوڪري ملي يا نه؟“
”سائين، توهان کي منهنجي نوڪريءَ جو ڪهڙو فڪر آهي؟“
چوڻ لڳي: ”پڙهيل لکيل بيروزگار، دوستن ۽ مائٽن لاءِ بيزاري جو
باعث هوندو آهي.“
مون چيو: ”ته پوءِ آئون تنهنجي لاءِ به...!“
جملو ڪٽيندي چيائين: ”سڪندر، تون منهنجي زندگي آهين. تو مان
بيزادي جو آئون تصور به نٿي ڪري سگهان.“
مون پڇيو: ”ريحانه، مون ٻڌو آهي ته تنهنجي شادي تنهنجي سؤٽ سان
طئي ٿي چڪي آهي؟“
چيائين: ”سڪندر آئون انهيءَ شادي مان راضي نه آهيان. آئون مري
ته سگهان ٿي، پر شادي نه ڪنديس.
اهو ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيس. سوچيم ته مون کي به ڪو چاهي ٿو ۽
منهنجي لاءِ به ڪو مري سگهي ٿو!
هُن جي ڪينجهر ڍنڍ جهڙيل گَهرين اکين مان لڙڪ اٿلي پيا. خوبصورت
۽ گلابي چهري تان لڙڪ اُگهي چيم:
”تون عظيم آهين ريحانه، تو مون جهڙي بيڪار انسان سان محبت ڪري،
دنيا ۾ زندهه رهڻ جو ڍنگ سيکاريو آهي.!“
ٿوري دير چپ رهي پوءِ چيائين: ”سڪندر، مون تو لاءِ کير وٺي رکيو
آهي، تون ويهه ته آئون بورچيخاني مان گرم ڪري
اچان.“
هو ٻاهر نڪري ويئي. منهنجي پيٽ ۾ بک جي ڪري گهوڙا ڊوڙي رهيا
هئا، سوچيم ته دنيا ۾ اهڙو ڪو عاشق ٿي گذريو آهي!
جنهن بک ۽ بيروزگاري ۾ عشق ڪيو هجي؟ ڪٿي پڙهيو هئم
ته محبت ڪرڻ سولي نه آهي. محبت ڪرڻ وارن کي بک ۽
ڏک سهڻا پوندا آهن. جنهن محبت جو ٻوٽو درد مان
اڀري پيدا ٿئي ٿو، تنهن کي دنيا وارن جي ڪابه خزان
نقصان نٿي پهچائي سگهي!
ايتري ۾ ريحانه ڪمري ۾ داخل ٿي. کير جو گلاس ڏيندي چيائون:
”جيڪڏهن مِٺو گهٽ هجي ته ٻڌائجان؟“
مون کير پي مُڇن تي هٿ ڦيرائيندي چيو: ”هي زندگي جو سفر ڪيترو
نه حسين ۽ خوبصورت آهي، بلڪل تو وانگر. ڪاش! اڄ جي
رات ڪڏهن به ختم نه ٿئي. وقت اتي ئي بيهي رهي، ۽
پنهنجي محبت امر ٿي وڃي.“
پڇيائين، ”شاعري به ڪندو آهين ڇا؟“
مون چيو، ”ريحانه، جيڪڏهن آءٌ شاعر هجان ها ته صرف تنهنجا گيت
ڳايان ها. منهنجن شعرن ۾ تنهنجيون ڪينجهر ڍنڍ
جهڙيون اکيون هجن ها، گلاب جي پنکڙين جهڙا تنهنجا
چَپَ هجن ها ۽ تنهنجا.....“
”بس، بس! تون ته واقعي شاعري ڪرڻ لڳي وئين.“ وري پڇيائين،
”سڪندر، جيڪڏهن پاڻ جدا ٿي وڃون ته پوءِ؟“
مون چيو، ”ريحانه، جيڪڏهن مون خودڪشي نه ڪئي ته، چريو ضرور ٿي
پوندس.“
مون ڏانهن نهاري کِلي چيائين، ”ته پوءِ گِدوبندر هتان بلڪل
ويجهو آهي، توکي اتي ڇڏي اينداسين.“
مون چيو، ”ريحانه، جهڙيءَ طرح روح کان سواءِ جسم ڪابه حيثيت نٿو
رکي، اهڙيءَ طرح توکان سواءِ منهنجي وجود جي ڪابه
حقيقت نه آهي.“
وقت اڏامندڙ پکيءَ وانگر اڏامندو رهيو. موڪلائڻ مهل مون چيو،
”ريحانه، آءٌ پنهنجي محبت جا ڏينهن ۽ هيءَ ملاقات،
زندگي ڀر وساري نه سگهندس.“
هُن به اِهي ساڳيا جملا ورجايا. آءُ واپس موٽي آيس. اهڙيءَ طرح
محبت جا ڏينهن گذرندا رهيا. هڪ ڏينهن مون کي
ريحانه جو خط مليو. لکيل هو:
سڪندر!
مون کي افسوس آهي جو توسان محبت ڪري، مون تمام وڏي غلطي
ڪئي. هي منهنجو آخري خط آهي، پوءِ ائين سمجهه ته
ريحانه مري ويئي. آئندي چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي
منهنجي سوٽ سان منهنجي شادي ٿي رهي آهي. مون کي
معاف ڪجانءِ، جو آءُ تنهنجي دل ٽوڙي رهي آهيان.
وقت ۽ حالتن جي اهائي تقاضا هئي، جو آءُ تنهنجي نه
ٿي سگهيس. توکي پنهنجي محبت جو قسم آهي، مون کي
بيوفا نه چئجان. مشرق جي عورت، زبان هوندي به
گونگي ٿيندي آهي. عورت جي مجبوري تون نٿو سمجهي
سگهين. آءُ تنهنجي لاءِ صرف دعا ڏئي سگهان ٿي. مون
کي وساري ڇڏجان. منهنجي هڪڙي ڳالهه هميشه دل سان
سانڍي رکجان، ته زنده رهڻ لاءِ انسان کي دولت جي
سخت ضرورت پوندي آهي.
فقط
ريحانه
مون پنهنجو پاڻ کي صليب تي لٽڪيل محسوس ڪيو. مون کان
اڳين ڪنهن ناڪام محبت ڪندڙ صليب کان پڇيو هو ته ڇا
واقعي اهو وڇوڙو آهي؟
صليب چيو هو ته آءُ صرف ڏک ۽ درد ڄاڻان ٿو، پر مون وٽ ڏک ۽ درد
جي دوا نه آهي.
اکين مان ڪجهه لُڙڪ وهي هليا. مون لُڙڪن کي وهائي ڇڏيو. مون کي
ائين لڳو ڄڻ سڄي ڌرتي ۽ سڄي ڪائنات مون تي ٽهڪ ڏئي
رهي هجي. مون خط کي وري وري پڙهيو. آءُ هن کي
بيوفا نه چئي سگهيس. سوچيم ته دولت اڳيان انسان جا
جذبا ۽ محبت ڪابه حيثيت نه ٿا رکن.
پنهنجو پاڻ کان پڇيم ته ڇا دنيا جي اسٽيج تي اهو به ڊائيلاگ
ڳالهائي انسان کي بيوقوف بنائي سگهجي ٿو:
”ته توکان سواءِ آءُ زنده نه رهنديس. مري وينديس، پر ٻئي سان
شادي نه ڪنديس.“
وقت گذري ويندو آهي، صرف يادون رهجي وينديون آهن. ڪيترا ڏينهن
گذري ويا، مون ماما جي گهر وڃڻ ڇڏي ڏنو. مون کي
بانوءَ جون ڳالهيون وري ياد آيون. چيو هئائين ته
”سڪو، ريحانه جي شادي سندس دولتمند سؤٽ سان
ٿيندي.“، تڏهن مون کي بانوءَ تي ڪاوڙ آئي هئي، پر
هاڻي منهنجي دل ۾ بانوءَ لاءِ محبت پيدا ٿي چڪي
هئي.
هڪ ڏينهن ماما پنهنجي ٻارن سان گڏ اسان وٽ گهمڻ آيو. آءُ ڏاڍو
خوش ٿيس، ڇو ته بانوءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار
ڪري ٿي سگهيس.
مون ڪمري ۾ ويٺي ڪتاب پڙهيو، ٻيا سڀ گهر جا ڀاتي ٻاهر ويٺا هئا.
بانو اچي اتي بيهي رهي، مون کيس ويهڻ جو اشارو
ڪيو، هوءَ ويهي رهي.
مون چيو، ”توکي ياد آهي بانو، تو چيو هو ته آءُ تنهنجي نوڪري
ڪنديس.“
ڪنڌ ڌوڻي چيائين، ”ها، پر هاڻي مون کي پنهنجو آئيڊيل ملي چڪو
آهي.“
منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي وئي. گهوري ڏٺومانس. پڇيم، ”اهو خوش
نصيب ڪير آهي بانو، جنهن کي تو پنهنجي زندگيءَ جو
ساٿي چونڊيو آهي؟“
هُن سڏ ڪري چيو، ”اڪرم!“ هو اندر هليو آيو. بانو چيو، ”مون
توکان پان آڻايا هئا، سي آندا اٿئي؟“
”ها!“ هن پان ڪڍي بانوءَ کي ڏنا. پان کولي هڪڙو پاڻ کاڌائين ۽
ٻيو پانَ مون ڏانهن وڏايائين. مون انڪار ڪندي چيو،
”آءُ پان نه کائيندو آهيان.“
”هيءُ هن وقت بجري کائيندو آهي.“ اڪرم چيو.
بانوءَ ٽهڪ ڏنو ۽ ٻيئي ڄڻا کِلندا، ڪمري مان ٻاهر نڪري ويا.
اڪرم مون کان وڏو منهنجو سڳو ڀاءُ آهي. |