ميان غلام شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان
سرفراز خان سنڌ جو حاڪم ٿيو. سندس ناعاقبت انديشيءَ
ڪري سنڌ جي سرزمين جي مٿان ڏاڍيون آفتون آيون ۽
سنڌڙيءَ پنهنجن جي هٿان ڪافي تڪليفون ۽ مشڪلاتون
سٺيون. ميان صاحب پنهنجن نا اهل مشيرن ۽ صلاحڪارن
جي چوڻ تي وقت جي با اثر مير بهرام خان سان چڱا
پير نه کنيا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ خود زماني جي
نيرانگين ۽ ستم ظريفين جو شڪار ٿي، قيدي بڻيو ۽
ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي هٿان پاڻ حيدرآباد جي
قلعي ۾ قتل ٿيو. اهڙيءَ طرح سان ميان عبدالنبي
ڪلهوڙي تخت ۽ تاج جي هَوَس ۾ پنهنجن جي خون سان هٿ
ڳاڙها ڪيا، پر ميان صاحب کي به سنڌ جو تخت گهڻو
وقت نصيب نه ٿيو. پاڻ هڪ عياش ۽ عيار حاڪم هو.
سندس غلط سياسي سوچ سبب ئي سنڌ کي هڪ ظالم، بيرحم
۽ ڪٺور دل انسان جي ظلم جو شڪار ٿيڻو پيو. سن
1781ع ۾ قنڌار مان مدد خان پٺاڻ کي سنڌ مٿان چاڙهي
آيو. مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ ڦر لٽ، باهين ۽ غارت گريءَ
جي بازار گرم ڪري ڇڏي. شهر، ڳوٺ، واهڻ، وٿاڻ ۽
وستيون سڀ اُجاڙي، برباد ۽ تباهه ڪري ڇڏيائين.
ساهتيءَ جو سمورو وسندڙ علائقو سندس ظلمن جو شڪار
بڻيو. ساهتيءَ جي وسندڙ ۽ علمي شهرن جي سونهن ۽
سوڀيا لُٽجي ۽ اُجهامي وئي. شهرن جا شهر ۽ انهن جي
آسپاس بُٺ ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويا. هڪ شاعر اِن واقعي جو
اظهار هن طرح ڪيو آهي: ”اي داد از ظام بي داديءَ
منحوس“ (سن 1141هه).
محراب خان جتوئي، ساهتيءَ ۾ جتوئي قبيلي جو سردار
هو. سن 1189هه ۾ ميان سرفراز خان کان پوءِ بادشاهه
گرديءَ جو دؤر شروع ٿيو. اُن وقت مير فتح علي خان
ميان صاحب جي ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو.
محراب خان جتوئي، محمود خان جو وزير بڻيو. محراب
خان جتوئيءَ کي ساهتيءَ جو پرڳڻو جاگير ۾ ڏنو ويو
۽ هُن هالاڻيءَ کي ساهتيءَ علائقي جو صدر مقام
مقرر ڪيو. هالاڻي کان اڀرندي طرف محراب خان جتوئيءَ
هڪ ٻيو نئون ڳوٺ ٻڌايو، جو محرابپور جي نالي سان
سڏجي ٿو(29). محراب خان جتوئي ميرن سان وڙهيو ۽
لانياريءَ جي ويڙهه ۾ شڪست کاڌائين. مدد خان پٺاڻ
جي حملي وقت چالڪ جي پل وٽا لڙائيءَ ۾ قتل ٿي ويو.
انهيءَ وقت هالاڻيءَ ۾ ڌڱاڻو جتوئي سندس پاران
نائب هو(30).
ڪلهوڙن جي حاڪمن جي خانه جنگيءَ ۽ اڍنگيءَ هلت ڪري،
ٽالپرن ۽ سندن وچ ۾ سن 1782ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان
تي جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو شڪست
کائي ڀڄي ويو ۽ سنڌ، ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ آئي.
هالاڻيءَ جي لڙائيءَ کان پوءِ ٽالپرن سنڌ پاڻ ۾
ورهائي حصا ڪري کنئي. اتر سنڌ جو وسيع علائقو
خيرپور جي مير سهراب خان حصي ۾ آيو، جنهن ۾ ساهتيءَ
جو پرڳڻو نوشهري فيروز تائين اچي ٿي ويو. مير
سهراب خان (المتوفي سن 1246هه) جي وفات کان پوءِ
سندس خاندان ۾ تخت لاءِ ويڙهه لڳي، جنهن ۾ مير علي
مراد خان انگريزن جي شهه تي ڪامياب ٿيو. مير صاحب
جي دؤر ۾ به ساهتيءَ جو ڪافي حصو سندس رياست ۾
شامل هو.
انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ جڏهن برٽش سرڪار رياست مان
ريلوي لائين وڇائي تڏهن ڪن شرطن تحت ساهتيءَ وارو
اهو ساڳيو علائقو برٽش سرڪار جي حوالي ڪيو ويو.
سنڌ جي سرزمين جو هي پرڳڻو ڪيترين ئي خاصيتن ۽
خوبين سان مالا مال آهي، مگر هن خطي جون اُهي
خوبيون ۽ خاصيتون هميشه لڪل ۽ پوشيده رهيون آهن.
ساهتيءَ ۾ ڪيتريون قومون آباد آهن، جي هن وقت ٻين
نالن سان سڏجن ٿيون. سنڌ جي ٻين علائقن کان هيءُ
ساهتيءَ جو خطو گهاٽو وسايل آهي. هتان جي ماڻهن جا
رسم و رواج، رهڻ ڪرڻ جا طور طريقا ۽ ڳالهائڻ جو
لهجو هڪ مخصوص نوعيت وارا آهن.
ساهتي پرڳڻي جا رهاڪو قديم دؤر کان وٺي علم ۽ فضل
جي عظيم دولت سان سرفراز رهيا آهن. ساهتيءَ جو اهو
علائقو، جتي عربن جا قديم عربي فتوحات وقت پهتا ۽
ان کان پوءِ هن ساري علائقي ۾ وک وک تي درسگاهون ۽
خانقاهون هيون، جن جو علمي فيض ڪيترين صدين تائين
روان دوان رهيو.
انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌي نثر جي باقاعدي
شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي نثر لاءِ ”ساهتي پرڳڻي“
جي ”سنڌي لهجي“ کي سرڪاري طرح ”معياري لهجو“ مقرر
ڪيو ويو؛ جو اڄ سوڌو نصابي ڪتابن ۾ رائج آهي ۽ اهو
ئي لهجو ”ادبي ٻوليءَ“ جو درجو رکي ٿو.
اشارا ۽ واڌارا
(1) مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام ج 3 (سنڌي
ترجمو) فوٽ نوٽ.
(2) اهو ”گهلپور“ جو شهر اڄ تائين تعلقي گمبٽ،
ضلعي خيرپور ۾ واقع آهي.
(3) سيد مدد علي شاهه، مضمون ”هالاڻي“ رسالو نئين
زندگي ڪراچي، ماهه فيبروري 1957ع ص 17.
(4) ميان نيڪ محمد سهتي جي ”تاريخ قوم سهتا“
فارسيءَ ۾ قلمي صورت ۾ مرحوم قاضي نور الله
بهلاڻيءَ واري جي ڪتبخاني ۾ ڏسڻ ۾ آئي. هن جو نقل
ڪندڙ به قاضي صاحب خود آهي. ڪتابت جو سن وغيره
ڄاڻايل نه آهي. ان ساڳيءَ تواريخ جو حوالو جناب
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پڻ هڪ مضمون ۾ ڏنو آهي.
(5) شورا قوم اڄ به موجود آهي، ۽ ”ڄامشورو“ سندن
يادگار آهي.
(6) پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڀائرن کانئس سموري زمين
پيءُ واري کسي ورتي، ان تي هڪ سگهڙ چيو آهي ته:
اُڄڻ ٿيو اڻڄاڻ، جو ڀُونءَ نه آيس هٿ ۾.
(7) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي، تحفة الڪرام، جلد 3
(سنڌي ترجمو) ص 147.
(8) مرزا قليچ بيگ، ”سنڌ جا قديم ماڻهو ۽ شهر“،
سنڌي ادبي بورڊ، ص 394.
(9) مرحوم علي محمد سيال، ”سماٽ قوم جو اصل نسل“،
سماهي مهراڻ1_2، سال 1966ع.
(10) ميان رحمة الله سهتو، ويجهڙائيءَ جي دؤر ۾ هڪ
بلند پايه شاعر ۽ ذهين طبع شخص ٿي گذريو آهي. هن
سهتا قوم تي ڪافي ڪجهه لکيو آهي. سهتا قوم کي
ساهتيءَ طرح ونڊير، سڌو پوٽا ۽ مُلان فقير به
چوندا آهن. مڱڻيجا قوم، سهتن جي شاخ آهي. هن قوم
جو چڱو مڙس ماڻهن کان ونڊيون (مقرر حصو) وٺندو هو،
ان ڪري ونڊير سڏبا آهن. انهيءَ قوم مان ڄام آهيو
هڪ جاگيردار ٿي گذريو آهي. سندس ٺهرايل مسجد اڄ به
هنڱورجن ۾ قائم آهي. ساهتيءَ ۾ پهاڪو ڏيندا آهن ته
”ائين ويو ڄڻ ڄام آهيو ويو.“
(11) موجوده نوابشاهه ضلعي جا ٽي تعلقا: ڪنڊيارو،
نوشهروفيروز ۽ مورو ساهتيءَ ۾ هئا. لاکاٽ ۾ هالا ۽
حيدرآباد تعلقن جا ڪجهه حصا اچي ٿي ويا. لوهاڻي ۾
شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقي جي ايراضي شامل هئي
(12) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چچنامو، تعليقات ص
402.
(13) مولائي شيدائي صاحب ”هاڪڙي“ جي باري ۾ لکي ٿو
ته ”سري ۾ الور به هاڪڙي جي شاخ تي الهندي ڪپ تي
واقع هو هتان هاڪڙو ٿر ڏي ويندي، ڪيترن ئي شاخن ۾
ورهائجي ويندو هو. ڪي شاخون هاڻوڪي مهراڻ ۾ اچي
وڃي پونديون هيون. هالڪنڊي، برهمڻ آباد، نيرون ڪوٽ
۽ منصوره جا قديم شهر ان تي آباد هئا. (”هاڪڙو ۽
ان جو وهڪرو“ مهراڻ اخبار جو خاص نمبر نومبر 1958ع
ص 20)، هن وقت سم جي پيدا ٿيڻ ڪري انهيءَ درياهه
جا ڦٽل نشان ظاهر ٿي پيا آهن.
(14) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، چچنامو ص 335. اعجاز
الحق قدوسي، ”تواريخ سنڌ“ (اردو) جلد اول ص 26.
(15) چچنامو (سنڌي( ص 55.
(16) ناصر الدين قباچه جي دؤر ۾ سنڌ جون ست
رياستون هن ريت هيون: 1. درٻيلو، 2. روپاهه، 3.
ماڻڪ تارو، 4. سيوي، 5. ڀاڳناڙي، 6. همه ڪوٽ ۽ 7.
برهمڻ آباد (مولائي شيدائي ”جنة السنڌ“ ص 252).
(17) اوائلي زماني ۾ ”ڊڀري“ کي ”ديرو“ به ڪري
چوندا هئا (”لُب تواريخ سنڌ“ فارسي ص 36).
(18) مولائي شيدائي، ”تواريخ تمدن سنڌ“، ص 220.
(19) لب تواريخ سنڌ، ص 67_66.
(20) قاضي عبدالخالق، ”ساهتيءَ جا قديم علمي مرڪز“
(قلمي) سال 148ع.
(21) لب تواريخ سنڌ (ف) ص 65.
تواريخ طاهريءَ جو مصنف مير طاهر محمد بن سيد حسين
ٺٽوي هو. ’لب تواريخ سنڌ‘ جي مصنف ارباب دائود بن
عمر شاهه سهتو ڪري ڄاڻايو آهي. اصل ۾ اهي ٻئي جدا
شخصيتون آهن. ارباب دائود سهتو آهي ۽ عمر شاهه
سندس پيءُ ٿئي. ارباب دائود سهتو، تواريخ طاهريءَ
جي مصنف جو مامو ۽ عمر شاهه نانو ٿئي. تواريخ
طاهري ۽ سندس مصنف جي باري ۾ سر ايلئٽ لکي ٿو ته
”تواريخ طاهريءَ جو مصنف مير طاهر محمد ولد سيد
حسين اصل ننگر ٺٽي جو رهاڪو هو. ارغونن ۽ ترخانن
جي دؤر ۾ سندس خاندان هلنديءَ وارو هو. ننگر ٺٽي ۾
اچي، مولانا اسحاق وٽ تعليم ورتي هئائين. طاهر
محمد جو نانو عمر شاهه ۽ سندس مامو دائود سهتو،
درٻيلي جي پرڳڻي جا وڏا ناليرا سردار هئا. همايون
جڏهن هندستان مان تڙجي، سنڌ ۾ آيو هو، ته درٻيلي ۾
قيام وقت عمر شاهه سهتي سندس گهڻي مدد ڪئي. همايون
خوش ٿي، کيس پروانو لکي ڏنو ته جڏهن آءٌ وري
بادشاهه ٿيس ته درٻيلي جو سارو علائقو تنهنجي
حوالي ڪندس. بکر جي نواب محمد خان ان تان ناراض ٿي،
ٻنهي سهتن سردارن کي مارائي ڇڏيو. عمر شاهه کي
جيئرو کل ۾ سبائي، بکر جي قلعي تان درياهه ۾
اڇلارايو، ۽ دائود جي کل لهرائي بُهه سان ڀرائي
مرزا شاهه حسن ارغون ڏانهن ٺٽي موڪلي. اهڙي ظلم
سبب سهتن جو باقي خاندان، پنهنجي وطن سنڌ مان لڏي،
احمدآباد وڃي مقيم ٿيو. طاهر محمد پنهجيءَ تواريخ
۾ عمر شاهه کي ”ڄام“ جي لقب سان ياد ڪيو آهي. ڪڇ
وارا ڄام اُنهن سهتن جو اولاد آهن. طاهر محمد،
پنهنجي حياتيءَ جو ڪافي وقت پنهنجي ناناڻي ملڪ
ساهتيءَ جي شهر درٻيلي ۾ گذاريو. کيس سنڌ جو ”حاجي
بابا“ ڪري چوندا هئا. پاڻ ”نسياني“ جي نالي سان
سڏبو آهي. هن سنڌ جي ”قصن ۽ ڪهاڻين“ کي ڪتابي صورت
۾ ”نسياني“ جي نالي سان لکيو آهي، ۽ سمورو ڪتاب
نظم ۾ آهي، ۽ ڪتاب ۾ 254صفحا آهن.
(22) تواريخ معصومي (فارسي) ص 226.
(23) تواريخ معصومي (فارسي) ص 250.
(24) سيد حسام الدين راشدي، تذڪره امير خاني، صفحو
21.
(25) علامه ابو الفضل، آئين اڪبري، جلد اول (اردو)
مولوي فدا علي طالب ص 1045 حيدرآباد دکن 1357هه /
1939ع.
(26) مرزا قليچ بيگ، ”قديم سنڌ“ ص 383.
(27) غلام رسول مهر، تواريخ سنڌ ڪلهورا دؤر جلد
اول (سنڌي ترجمو) ص 484.
*تواريخ ۾ اچي ٿو ته ميان يار محمد جي زماني ۾
ڪنڊيارو پرڳڻو ۽ ڪچره (گچيرو مورو تعلقو) دائود
پوٽن جي قبضي ۾ اچي ويا هئا، جن کي ميان صاحب وري
ٻيهر پنهنجي قبضي ۾ آندو.
(28) مرآة عباسيه ص 107، بحواله تواريخ ڪلهوڙا،
جلد اول.
(29) سال 973 هجري مطابق 1565ع ۾ مرزا عيسيٰ ترخان
پنهنجي پٽ مرزا محمد باقي سان گڏجي بکر ڏانهن
روانو ٿيو. ان زماني ۾ درٻيلو (ساهتي پرڳڻو) بکر
سرڪار جي علائقي ۾ شامل هو. مرزا عيسيٰ جڏهن
درٻيلي پهتو تڏهن بکر جي حاڪم محمد خان پنهنجن
سڀني قلعن ۾ لشڪر موڪلي، مضبوط مورچا ٻڌا. مرزا
عيسيٰ ساهتي پرڳڻي جي سرسبزي ۽ شادابي ڏسي ارادو
ڪيو ته درٻيلي شهر کي فتح ڪري، سيوهڻ جي علائقي
سان ملائي ڇڏيان.
** محرابپور شهر عام طرح مير محراب جي نالي سان
منسوب آهي، پر اُهو محراب خان جتوئيءَ جو ٻڌايل
آهي.
(30) قريشي حامد علي خانائي، مضمون ”درٻيلو“ سماهي
مهراڻ 4/1970ع. ص 131.
اياز قادري
نئون سنڌي غزل
(هي مقالو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ
طرفان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ سنڌي ثقافتي
سنگت جي سهڪار سان سنڌي ساهت سال جي سلسلي ۾ 18
مئي 1981ع تي ’سنڌي ادب ڪلهه ۽ اڄ‘ جي موضوع تي
ڪوٺايل سيمينار ۾ پڙهيو ويو.)
ورهاڱي بعد سنڌي شاعري جي تفصيلي مطالعي ڪرڻ کان
پوءِ، انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته سنڌي شاعري جون
نيون باکون ڦٽي چڪيون آهن. سنڌي شاعريءَ جو سج
پراڻين روايتن جي ڪارن ڪڪرن مان ڪني ڪڍي هن ڌرتيءَ
تي نئين روشني واڌائي ڏئي رهيو آهي. اسان جي سنڌ ۾
پراڻين روايتن جي مرجهايل مکڙين جي پنن تي نئين ۽
عالمي قدرن تي جنهن لاءِ ائين چئي نٿو سگهجي ته
معراج تي پهچي چڪي آهي پر ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي
ته اها ڪمال جي منزل ڏانهن وک وڌائي رهي آهي، جنهن
جي وکر ۾ نون خيالن جي کستوري ۽ نئين شعور جو مشڪ
عنبر آهي، جهڙيءَ طرح هيءَ راءِ سنڌي شاعريءَ جي
ٻين صنفن جهڙوڪ وائي، ڪافي، بيت، نظم وغيره لاءِ
چئي سگهجي ٿي اهڙيءَ طرح اها راءِ غزل لاءِ به
درست آهي.
جيتوڻيڪ غزل ۾ شروع کان وٺي عشق ۽ محبت جي مختلف
وارداتن ۽ ڪيفيتن جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ وصل
۽ هجر جي معاملن جي ناز و ادا ۽ ظلم ۽ جفا جي قصن
کي وڌائي بيان ڪيو ويو آهي، مگر نئين غزل ۾ پراڻي
روايت جي انڌي تقليد ڏسڻ ۾ نٿي اچي. نئين غزل جي
اسلوب ۾ گهڻو ڦيرو اچي چڪو آهي. نئون غزل پنهنجي
دامن تان پراڻين تشبيهن، استعارن ڪناين جي دز ڇنڊي
ڦوڪي ڇڏي آهي. اڄ ان ۾ نه بلبل ۽ شمع و پرواني جا
روايتي عشق ۽ محبت جا داستان دهرايا وڃن ٿا، نه ان
۾ اسان کي ساقي جام بدست ۽ مينا به دوش ڏسڻ ۾ ٿو
اچي، نه ئي اسان کي ان ۾ اهڙا ميڪش ۽ ميخوار ڏسڻ ۾
ٿا اچن جي پنهنجي زندگيءَ ۽ سماج جي معاملن کان بي
خبر هر وقت نشي ۾ ٻڏل رهن ٿا. اسان کي موجوده غزل
۽ سروَ ۽ طوبيٰ قد سهڻا به ڏسڻ ۾ نٿا اچن، جن جا
زلف سنبل ۽ سوسن آهن، جن جون اکيون نرگس ۽ ڳل گلاب
جا گل آهن. نه وري نئين غزل ۾ اهڙن عاشقن جو ذڪر
آهي جي گهر ٻار ڇڏيون، ڪپڙا ڦاڙيون، مٽي مٿي ۾
وجهيون، چريا ٿيو دشت و صحرا ۾ مجنون مثل سرگردان
آهن.
انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ڪيترن نئين غزل جو پايو
وجهندڙن شاعرن شمع پرواني گل و بلبل، مي ۽ مينا جي
اهڃاڻن کي اڃا به قائم رکيو آهي، مگر هنن پراڻن
سمبلس
(Symbols)
کي نئين معنيٰ ۽ مطلب ڏنو آهي ۽ انهن کي نئين
ماحول ۾ بيان ڪيو آهي. ايئن کڻي چئجي ته انهن کي
غمِ جانان نه پر غمِ دؤران کي بيان ڪرڻ لاءِ
استعمال ڪيو آهي. مثال طور شيخ عبدالحليم ’جوش‘ جو
هي شعر ملاحظه ڪريو.
قفس جو خون، نشيمن جو غم، خزان جو خيال،
فضا چمن جي ڪٿي آه سازگار اڃا.
هن شعر ۾ گل ۽ بلبل سان واسطو رکندڙ سمورو ماحول
يعني، قفس، نشيمن، چمن، خزان ۽ بهار کي بيان ڪيو
ويو آهي، مگر پراڻو رومانوي ماحول نه آهي؛ ان جي
بجاءِ غزل جي هن شعر پڙهڻ سان اهڙي ماحول جي تصوير
اکين آڏو اچي ٿي وڃي جنهن ۾ نه صرف ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ،
قيد و بند ۽ ٻيون مصيبتون عوام جي چوديواري جو
تقدس جو لحاظ ڪونهي، جنهن ۾ خوشيون نه پر مايوسي
ڇانيل آهي.
عبدالحليم ’جوش‘ جو هڪ ٻيو شعر آهي.
اسان جو ميڪده، ساقي به پنهنجو،
اسان ئي نٿا پڇون ڪو جام آهي.
هن شعر ۾ ميڪده جا سڀ اهڃاڻ: ميڪده، ساقي، جام ۽
پياڪ سڀ موجود آهن پر اهو پراڻو خم ۽ خمار وارو
انداز نه آهي. هن شعر پڙهڻ سان ذهن يڪدم هن ملڪ جي
انهن مايوس ماڻهن ۽ قومن ڏانهن وڃي ٿو، جن کي هن
ملڪ جي نعمتن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن ڪري
هنن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ
احساس جو اظهار هو ڪجهه تعجب ۽ ڪجهه احتجاج جي
انداز ۾ ڪن ٿا.
نئين غزل ۾ بي مطلب نعريبازي ۽ هنگامه آرائي ڏسڻ ۾
نٿي اچي. نئين غزل جي شاعر وٽ مقصد ۽ منزل واضح
آهي، هن وٽ واضح پيغام آهي، جيڪو واضح لفظن ۾
ٻڌائي ٿو. تنوير عباسي جي هڪ غزل جا ٽي شعر ملاحظه
ڪريو.
پاڻ جلائي لاٽ ڏبي، هن جڳ کي هڪڙي واٽ ڏبي،
اوندهه کي چيري، تارن وانگر کڙندا هلنداسين.
ڪر موڙيندا آهن ڪانئر، ڪر کڻندا آهن دل وارا،
هلندي هلندي جي ٿڪباسين، رڙهندا رڙهندا هلنداسين.
آزادي ۽ موت ٻنهي مان هڪڙو ماڳ اسان جو آ،
جنهن به ڏنو آواز انهيءَ ڏي کلندا کلندا هلنداسين.
نئين غزل ۾ نه صرف سوچ ويچار ۽ فڪر جي گهرائي
موجود آهي پر ان ۾ پنهنجي سماج ۽ معاشري جي منفي
عڪاسي ٿيل آهي. نئين غزل ۾ نه صرف اسان جي سماج جي
خرابين جي، جن ان جي جسم جي ماس کي ناسور وانگر
ساڙي ڇڏيو آهي، جو عڪس نظر اچي ٿو پر انهن کي اهڙي
انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي جو پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ
۾ انهن لاءِ نه صرف ڌڪار پيدا ٿئي ٿي پر انهن کي
ختم ڪرڻ لاءِ اتساهه ۽ ارادو به پيدا ٿئي ٿو.
عبدالڪريم گدائي جي غزل جا ڪجهه شعر ملاحظه ڪريو.
هر عيش ۽ آرام اميرن کي ميسر،
محروم سدا محنتي محنت جي ثمر کان.
سڪن تي سدائين جتي انسان وڪامي،
نادار اتي ڪيئن بچي ظلم و جبر کان.
لڄ قوم جي ٿي سرِ بازار وڪامي،
ٿا نير ندامت جا وهن ديدهء تر کان.
هڪ طرف نئون غزل معاشري جي منفي عڪاسي ڪري ٿو ته
ٻئي طرف معاشري جي مثبت تصوير پڻ پيش ڪري ٿو، اسان
جي معاشري ۾ جي غلاظتون ۽ خرابيون آهن، انهن کي
دؤر ڪري معاشري کي ڪهڙي صورت ڏيڻي آهي، تنهن بابت
گدائي چئي ٿو.
سمون ڪو اهڙو اچي، اهڙو اهتمام ٿئي،
الاهي رسمِ محبت جهان ۾ عام ٿئي.
نه ڏاڍو ڪونه ڪري ظلم و ڏاڍ هيڻن تي،
جهان ۾ جلد ڪو جاري اهو نظام ٿئي.
سڪر سڻايون ٿين ديس ۾ گدائي شل،
اَجهو، لٽو ۽ اٽو اَن جال جام ٿئي.
نئين سنڌي غزل جو جي اڃان به غور سان مطالعو ڪبو
ته اسان کي ان ۾ انساني ڀائيچاري جي عالمي شعور جي
ترجماني نظر ايندي ۽ ان ۾ انسان جي عالمي قدرن،
مطالبن ۽ سماجي مسئلن جا نقش ملندا ۽ اهو ڏسڻ ۾
ايندو ته سنڌي نئون غزل زلفن جي تاريڪ راتين مان
نڪري مقصديت ۽ افاديت جون نيون شمعون روشن ڪيون
آهن. |